2. انڌو، بي ايمان (ساهتي، چوڻي)
انڌو؛ اکين کان وڏو/ نابين هئڻ سبب، هر معاملي ۾ ڏکيائي محسوس ڪندو آهي. اکين ۽ هٿن جا اشارا ڏسي نه سگهندو آهي. ان ڪري شڪي مزاج هوندو آهي. هر ڳالهه ۾ شڪ ڪرڻ وارو، نه ڪنھن تي اعتبار/ پت ڪندو آهي ۽ نه ئي ڪنھن کي سڄڻ سمجهندو آهي. هر ڪنھن کي دشمن سمجهي، نه مٿس ويساه رکندو آهي ۽ نه ئي ايمان رکندو آهي. ڪيڏو به مٽ مائٽ سچو ۽ سڄڻ هجيس، پر پنھنجي شڪي مزاج سبب، کيس دشمن پيو ڄاڻندو آهي ۽ ڪنھن به ڳالهه تي اعتبار گهٽ ايندو اٿس.
انڌو، چاهي ظاهري اک جي لحاظ کان انڌو هجي يا باطني اک جي لحاظ کان، ٻنھي طرح سان شڪي مزاج، بدگمان ۽ بي ايمان هوندو آهي. ٻين ۾ شڪ ڪرڻ سبب، ساڻن ڪيل ورتا/ معاملي/ واسطيداريءَ ۾ بدگمانيءَ/ بي ايمانيءَ ۾ وڌي وڻ ٿي ويندو آهي ۽ هرڪو کيس بي ايمان پيو سڏيندو آهي.
مطلب:
1-2 انڌو، اونڌو.
2-2 انڌو، انوماني
3-2 انڌو، بدگمان