لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

ڪتاب ”ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ ۽ سهيڙيندڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتو آهي.
Title Cover of book ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

73. لاڙ، ساڙ (چوڻي، لاڙ)

73. لاڙ، ساڙ (چوڻي، لاڙ)
لاڙ ۾، پاڻيءَ جي لاٿ سبب، کڏن، کوٻن ۾ پاڻي رنڊجي بيهي رهي، جنهن تي مڇر جام ٿين. ماڻهو مال کي مڇرن کان بچائڻ لاءِ دونهيون ڪن. جنهن ڪري ماحول تي دونهين جي گهُٽ ۽ اثر ٿئي. پاڻي به، ماڻهن سان گڏ مال پئي ۽ گندو ڪري. هوائن تي ڪک ڪاڄر به اڏامي اچي بيٺل پاڻيءَ ۾ پون. مڇرن سبب، پاڻي پيئڻ جي ڪري، پيٽ جون بيماريون ٿين. سرءَ جي هوا منهن ساڙ، مٿان مڇرن جي مار، دونهون ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف. انهن جملي تڪليفن سبب لاڙ کي ساڙ سڏيو ويندو آهي.
o لاڙ آهي ساڙ، ٻيو مڇرن جو آزار.
اندر منگهڻ ڪارڙا، ٽيون ٻاهر ماڪ ماري.
o لاڙ آھي ساڙ، تنھنجو ڪيان ڪھڙو وستار،
پاڻيءَ ۾ آھن پونئرا، جو پيئي سو بيمار،
بديڻو آھي بڇڙو، رکي رب ستار،
ٻيئڙ ٽيئڙ جو ڦھڪو ڏاڍو، ھيانچي جو آزار،
ٽنڊو باگو بڇڙو، آھي بديڻي جو يار،
ڪن کي سور لڱن ۾، ڪن جو ڪڙھي ڪاپار.
(ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، سنڌ جو سيلاني، ص 114 تان کنيل)