لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

ڪتاب ”ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ ۽ سهيڙيندڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتو آهي.
Title Cover of book ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

23- سوالي، نه خالي .(سنڌ، چوڻي)

23- سوالي، نه خالي .(سنڌ، چوڻي)
جھانن جي پالڻھار، مڙني مخلوقاتن کي خلقڻ سان گڏوگڏ، سندن ضروريات جي شين کي به ضرورت آهر خلقيو آهي. هر مخلوق کي گهربل شيءِ، وقت سر هڪي حاضر مليو وڃي. البته ملڻ جو طريقه ڪار، مڙني لاءِ مختلف آهي.
ڪن کي وڏيءَ محنت کانپوءِ، گهربل شيءِ ملي ٿي. ڪن کي دماغ لڙائڻ کان پوءِ هڙ حاصل ٿئي ٿي. ڪنھن کي اشاري سان مليو وڃي. ڪنھن کي سوال ڪرڻو پوي ٿو. ڪن کي کنگهڻ کُڙڪڻ کانپوءِ ملي.
دنيا وارن جي در تي سوال ڪرڻ واري کي ڪڏهن دان ملي ته ڪڏهن ڇڙٻ. مالڪ مھربان جو واحد در آهي، جيڪو سدائين، هر مخلوق لاءِ بنا ڪنھن امتياز جي کليل آهي ۽ هر ڪو منجهانئس مستفيض رهيو آهي.
عاجزي ۽ نئڙت، بندي جو ڪم آهي، خدا ان کان بي نياز آهي. خدا عاجزيءَ کان پاڪ آهي. سندس خزاني ۾، عاجزيءَ کان سواءِ، ڪنھن به شيءِ جي ڪمي/ کوٽ ناهي. نه ڏيندي ٿڪو آهي ۽ نه خزاني ۾ ڪمي آئي اٿس. ازل کان بي حساب/ بي انداز ڏيندو اچي ٿو ۽ ابد تائين ڏيندو رهندو. سندس در تان ڪوبه هٿين خالي نه موٽيو آهي. ڏمربو آهي ته به ڏيندو آهي.
حاتم طائيءَ جي سخاوت مشھور آهي، اڄ سندس سخاوت مان ڪير به مستفيض نه ٿو ٿئي. خدا جي واحد هستي آهي، جيڪو ازل کان ابد تائين آهي ۽ هر گهڙي، هر ساعت، هر مخلوق کي رزق پھچائي رهيو آهي. کانئس ئي سوال ڪرڻ گهرجي .
مطلب:
1-23 پوريل در نه پن متان پنئي ئي پوري نه پوئي،
سو ئي در پِن، جِت پينارا پُر ٿين. (شاهه)
2-23 پوريل در نه پن، متان پنئي پوري نه پوئي،
سو ئي نالو ڳنھه، جيڪو ڏئي نه پچاري.
3-23 رب ڏئي ته ڇپر ڦاڙي ڏئي .
4-23 ڏئي رب، دلو راءِ ڇا ڏيندو؟
5-23 ڏئي مٿئون، ڪنھن جي هٿئون
6-23 نه هڙئون نه هنجئون، رب جي گنجئون
7-23 پرچي ته پل ڀري، ڏمرجي ته به ڏئي. (شاهه)
ڀيٽيو ؛ اشتداقي، نه خالي.