لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

ڪتاب ”ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ ۽ سهيڙيندڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتو آهي.
Title Cover of book ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

25- طامع، نه قانع (سنڌ، چوڻي)

25- طامع، نه قانع (سنڌ، چوڻي)
دنيا جي طمع ۽ لالچ، حرص ۽ هوس، سَڌَ ۽ تانگهه رکڻ وارو طامع آهي. طامع جي من ۾، دنيا جي محبت جو ڀوت سوار هوندو آهي. لالچ ۽ لوڀ، حاصل ڪرڻ لاءِ هر ڪڌو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. بڇڙائيءَ جو رستو اختيار ڪندي به دير نه ڪندو آهي .
بڇڙائيءَ جي رستي سان آيل مال، وڏي پڪائي ڪرڻ جي باوجود، بري رستي تي بريءَ طرح/ بي تحاشا خرچ ٿي ويندو آهي ۽ وڃي ڪاريءَ وارا ڪک رهندا آهن. وڏيءَ ڪوشش/جدوجھد جي باوجود انھيءَ ڪمائيءَ تي قناعت نه ڪري سگهبي آهي.
قناعت، محنت سان ڪمايل ڪمائيءَ تي، شڪر ۽ صبر ڪرڻ سان ڪري سگهبي آهي. لالچ ۽ حرس سان آندل شيءِ يا ملڪيت، بي برڪتي رهي ٿي. بي صبريءَ يا ناشريءَ سان جلد کپيو وڃي ٿي.
مطلب:
1-25 طمع، آڻي انسان لاءِ برائي ۽ بدي.
2-25 طمع، بڇڙائي ڪري.
3-25 طمع، بڇڙو ٽول .
4-25 طمع، بري بلا .
5-25 طمع ڀريوتس، ڀريو ڀرجي ڪين ڪي.
6-25 طمع کي تاڻي، جنين ڪڍيو جان مان،
تنين کي آڻي، حورون ڏيندا هنج ۾.
7-25 طمع، آبرو وڃائي ٿي.
8-25 طمع ۾ حرف ٽي، ٽئي خالي
9-25 طمع ۽ تڪڙ، ڇا لڳي؟
10-25 لالچ، ڪتن سان گڏ کارائي.