92- سنتوکي، براهمڻو سـُکي (هندي، چوڻي)
هندن ۾ چار قومي تصور آهي. چار ئي قومون، چئن طبقن ۾ ورهايل آهن. 1. برهمڻ، 2.کتري، 3. وئش ۽ 4. شودر. مڙني مان مٿانھون درجو برهمڻ کي مليل آهي. جڏهن ته نيچ ۽ ڪريل درجو شودر کي مليل آهي. وڏي درجي ملڻ سبب برهمڻ اوچي ذات آهي. ايستائين جو سنتو کي/ سنت ٿيڻ/بزرگ ٿيڻ/مھراج ٿيڻ به کين ئي جڳائي. هندن جي عقيدي مطابق، مھراج ٿيڻ/بزرگي حاصل ڪرڻ، برهمڻ کانسواءِ ڪنھن قوم واري کي نه جڳائي.
93- سنپت، آهي برڪت (هندي، ٿر، چوڻي)
جيڪڏهن ڪنھن گهر جا ڀاتي پاڻ ۾ سنپت/ مٺ محبت سان رهندا ته ان گهر ۾ تمام گهني برڪت پوندي. مٺ محبت وري گهر ۾ ڪٿان به کاٽ نه لڳندو آهي. جنھن ڪري ٿوري کٽئي، گهني برڪت هوندي آهي.