18- ڏُهجي، نه ڪھجي. (واپاري، پھاڪو)
کير ڏيندڙ مينھن/ گانءِ مان اصل فائدو وٺڻ آهي، کيس ڏهڻ، ڏهبو رهبو ته ڏيھاڙي پيو فائدو پوندو. سال تي ڦر ڦروٽو ان کان علاوه پيو ملندو. ڏهاڙيءَ جو خرچ نڪرندو ۽ سال جي آخر ۾ درپيش وڏو خرچ، ڦر مان پيو ٿيندو.
ان جي برعڪس، ڪھبو ته گوشت هڪ ڏينھن ۾ کائي کپائي ڇڏبو. پوءِ فقط هٿ پيا هڻبا. دڪان/ زمين به ائين آهن. محنت ڪري گهر جو خرچ ڪڍبو ته سدائين لاءِ. جيڪڏهن جهاٽڪو ڪبو ته هڪ دفعو ڪري سگهبو.
دوست يار، مٽ مائٽ جو معاملو به ائين آهي. سپت ڪري ساڻن ڏيتي ليتي ڪبي ته سدائين پيو منجهانئن کائبو. ڪُپت يا کوٽ ڪري هڪ ئي ڏينھن، خيانت سان کين ٺڳبو ته اهو هڪ دفعو ئي ڦري سگهبو. اڳتي لاءِ، اڳلا به هوشيار ٿي ويندا. آئنده لاءِ منجهن، ٽڪي جي به اميد نه رکي سگهبي.
سڄڻ ڏئي سڄي ٻانھن ته سڄي نه ڳھجي. منجهانئس ضرورت آهر، اهڙي نموني فائدو وڄجي جو کيس نقصان به نه پوي ۽ پنھنجو به ڪم ٿي وڃي.
مطلب:
1-18 واپار ۾ نفعو ٿورو ٿورو ڪري کائجي.
2-18 کير ڏيندڙ گانءِ کي ڪير ذبح ڪندو؟
3-18 ڪـُھڻ کان ڏحڻ چڱو
4-18 ڪـُھڻ آهي هڪ دفعو، ڏهڻ آهي سدائين.
5-18 ڪـُھبو هڪ دفعو، ڏهبو ڏهاڙي.
6-18 ڏهبو ڏهاڙي آ، ڪُھبو هڪ ڏينھن آهي.
7-18 چور، هڪ ڏينھن کائيندو آهي.
8-18 سچڻ ڏئي سڄي ٻانھن، سڄي نه ڳھجي.