1. اتاولو، باولو. )اردو، چوڻي(
2. اٺو، مٺو. )ھندي، چوڻي(
اَٺو: اٺون مھينو پيٽ.
مَٺو: ڏکيو، اھنجو، نڀاڳو
ھندن منجھ، ڪنوار جو پھريون سوانجو يا ويم ھميشھ پيڪا ڪرائيندا آھن. سندس کاڌِ خوراڪ جو خرچ ڀريندا آھن. باقي ٻيو خرچ ساھرا ڀريندا آھن.
ٿري ھندن ۾، ھريجنن وٽ به ڪنوار کي پھرئين پيٽ تي مائٽ گھر وٺي ايندا آھن. جڏھن ستون مھينو ھلندو آھي، تڏھن ڪنوار جو ڀا، ساھرن کان موڪل وٺي، کيس گھر وٺي ايندو آھي. اٺين )۽ ڪن جاين تي ڇھين( ۾ ڪونه ڪوٺين. ڇو ته اٺون )۽ ڇھون( مھينو نڀاڳو سمجھن ۽ چون؛ “اٺو، مٺو” يا چون؛ “اٺو ۽ ڇٺو، آھن مٺو.” پو وري نائين مھيني ۾ وٺي ويندا آھن. جيڪڏھن گھڻو وقت ٽڪائڻو ھوندو اٿن ته پنجين مھيني تي به وٺي ويندا آھن.
)ڏسو؛ بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر؛ رسمون رواج ۽ سوڻ ساٺ، ص ٩، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ، سال ٢٠٠٣ ڇاپو ٻيو.(