مختلف موضوع

درياءُ: منھنجو مُرشد (نوٽس)

ھن ڪتاب ۾ سنڌو درياءَ، سنڌ جي ڊيلٽا، سنڌ جي جر جي پاڻيءَ ۽ ايشيا کنڊ جي مٺي پاڻيءَ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر سميت سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس پيش ڪيل آھي. منظور ٿھيم جا لکيل ھي نوٽس رڳو تحريرون ناھن، پر اصل ۾ احتجاج، دانھون ۽ آھون آھن. ھن سڀني نوٽس ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ جو ڪيس لڙيو آھي. ھن دليلن سان لکيو آھي. اسان سڀني کي نہ رڳو ھي ڪتاب پڙھڻ گهرجي، پر سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳل ڌاڙي، درياءَ ۽ منڇر سان زھريلي پاڻيءَ جي ڪيل ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي.

Title Cover of book درياءُ: منھنجو مُرشد (نوٽس)

درياءُ، منھنجو مرشد-13

مرشد، اوھان کي ائين لڳندو ھوندو تہ مون قديميت جو سھارو ورتو آھي، اوھان کي ائين محسوس ٿيندو ھوندو تہ جديد نظريي ۽ فلسفي ۾ ھي لفظ ڪنھن عقيدي جو ڏيک ڏئي ٿو يا اھو لفظ جنھن ۾ نواڻ پسندي ڪانھي جيڪو ھميشہ عظمت جي بلندين تي رھي ٿو جنھن جو زمين جي مخلوق سان ڪو تعلق يا واسطو ناھي، آزاد طبع ۽ آزاد خيال انسان لاءِ ان لفظ جي ڪا معنيٰٰ ڪانھي.خاص طرح مُھذب دنيا ۾ ھن مقام کي قبول نہ ٿو ڪري سگهجي. ڪجهہ تہ ان کي ڪنھن مذھب ۽ فرقي سان بہ جوڙيندا ھوندا، ڪجهہ تہ ائين بہ سوچيندا ھوندا تہ مرشد ھي رشتو ھڪ انسان جي حيثيت ۽ اھميت کي ادنيٰ کان ادنيٰ ڪري ٿو جنھن سان انسان جي پوشيدہ صلاحيتن جو انت ٿي وڃي ٿو. انسان کي دوست ھجڻ گهرجي مرشد يا مريد نہ.
ھي اھي سوال آھن جيڪي مرشد لفظ جي استعمال ڪرڻ سان اوھانجي ذھن ۾ ايندا ھوندا. مون لاءِ ھن لفظ جي معنيٰٰ بلڪل مختلف آھي، مون لاءِ ھي رشتو جامد يا ٺوس نہ پر تخليقي آھي، مان ھتي ڪنھن پير مريد جي ڳولا يا ان مان ڪنھن عقيدي جي ترجماني نہ پيو ڪيان ۽ نہ مان ڪنھن علم معرفت جي دعوا ڪيان ٿو، ھي بلڪل ھڪ علحدہ رشتو آھي، مريد اھو ٿي ئي نہ ٿو سگهي جيڪو مرشد جي ھر ڳالھہ سان متفق يا سھمت ھجي ۽ مرشد بہ مريد لاءِ نون رستن ۽ نون خيالن جي ڳولا ۾ مدد ڪري، گوتم ٻڌ پنھنجن مريدن کي چوندو ھو (منھنجي نقش قدم تي نہ ھلجو مان جيڪو چوان ائين نہ ڪجو، اوھان پنھنجي سمجهہ سان فيصلو ڪجو.) لفظ مرشد جي معنيٰ آھي استاد يا رھنما جنھن جي معنيٰ اھا آھي تہ ڪنھن جي پرواھ ڪرڻ کانسواءِ رھنمائي ڪرڻ، ھڪ استاد جيان، سچ اھو آھي تہ اسان مان ھر ماڻھوءَ کي ھڪ لمحي تي استاد گهرجي ٿو جيڪو غير معمولي ھجي، ٻاجهارو ھجي، جنھن کي دل سان قبول ڪيو ويو ھجي، جيڪو جاڳيل ۽ سجاڳ ھجي، اھڙو ھجي جنھن مان مرشد ۽ مريد ختم ٿيندي نظر اچي، لفظ مريد بنيادي طور سِکڻ ۽ نظم ضبط مان نڪتل آھي، اھڙو محور جيڪو ھر وقت پنھنجي اندر کان پاڻ کي سِکڻ لاءِ تيار ڪري. مريد ۽ پيروڪار ۾ اھو ئي تہ فرق ھوندو آھي. پيرو ڪار پاڻ کي پنھنجي اندر کان بند ڪري ٿو، پنھنجي اندر کي روشني ۽ تازي ھوا کان بند ڪري ٿو، پيروڪار ھر طرح سان متفق ھجي ٿو، جڏھن مرشد ۽ مريد جي وچ ۾ متفق ھجڻ جو سوال نہ پر سمجهن جو رشتو ھجي ٿو، متفق ٿيڻ جو مطلب ھاڻ اڳتي ڪجهہ بہ ناھي ڪرڻو، ان کان اڳتي ڪجهہ بہ ناھي، جيڪا ڳالھہ انساني جستجو ۽ تبديل ٿيندڙ پورھئي ۽ صلاحيت جي خلاف آھي، ھڪ مرشد ۽ مريد پنھنجي انا ختم ڪري ٿو، مرشد تہ ھڪ رستو آھي مريد ان جو مسافر، منھنجو مرشد منھنجو سنڌو درياءُ آھي. اوھان سوچيندا ھوندا تہ درياءُ مرشد ٿيندو آھي ڇا؟ اھو ختم بہ ٿي سگهي ٿو. اھا ڳالھہ اوھان کي سمجهايان ٿو. ھي ڪنھن کي حقير نہ ٿو سمجهي، سڀ انسان ھن جي اولاد آھن، جيڪو ٻاجهارو آھي ۽ سچار بہ. جنھن جي رواني ۾ ڪلام آھي، سُر آھي، راڳ آھي، ھن جي پيرن ۾ ناچ آھي، پنڌ آھي سفر آھي، ھن جي خيالن ۾ وسعت آھي، گَھرائي آھي، ھن جو ڪو ڌرم ڪونھي، ڪو نسل ڪونھي، ھي ڏئي ٿو ڪو حساب نہ ٿو رکي، ھن جي خاموشيءَ جا سوين رنگ آھن. ھن جي پڙلاءَ ۾ آزاديءَ جو ترنم آھي، جيڪو زمين، آسمان ۽ انسان جي رڳن ۾ ھڪ ئي وقت روان رھي ٿو، ھي سخا جو در آھي جيڪو دوست آھي، گَھرو ۽ مٺو آھي، ھي زمين مٿان راڄ ڪري ٿو ۽ پنھنجي اولاد جي حفاظت ڪري ٿو، سندس عظمت جا قصا سمورين تھذيبن جي ڪتابن ۾ درج آھن، جيڪوتعليم يافتہ نہ ھجڻ جي باوجود عظيم استاد آھي، ھيءَ ئي وصف آھي جنھن مونکي اندر کان ٺھراءَ ڏنو ۽ وچ درياءَ جو ڪنارو ڏنو. ھي منھنجو مرشد آھي. جنھن کي مون دل سان قبول ڪيو، ھي آھن اھي سموريون خوبيون جيڪي منھنجي استاد ۾ آھن، ڇاڪاڻ تہ مان ھڪ فرد نہ پر سنڌ آھيان. مان جڏھن ائين سوچيان ٿو تڏھن ھن جي آڏو گوڏن ڀر جهڪي وڃان ٿو، انجي سريلي آواز ۾ جذب ٿي وڃان ٿو، ھن جي مٺيالي پاڻيءَ مان پاڻ کي تخليق ٿيندي ڏسان ٿو، جيڪو منھنجي روح کي سانت ۾ رکي ٿو، مون لاءِ ميوا، فصل، ٻيلا اپائي ٿو ۽ پکين جي سرن کي جاوداني ڏئي ٿو تہ جيئن مان بھتر ۽ آزاد انسان ٿي سگهان. مون لاءِ ھن جي اھميت ائين آھي تہ مان ھن کانسواءِ ڪجهہ بہ ناھيان، ھن جي ڪارڻ آھيان جي ھي ناھي تہ مان ناھيان.