درياءُ، منھنجو مرشد-21
اسين سمورا انسان درياءَ جي مٽي مان تراشيل آھيون (ماس ۽ مٽي). ان قديم رومي قصي جو مفھوم ڪجهہ ائين ٿو بيھي، جي ڏسجي تہ انسان ازل کان پنھنجي زندگيءَ جي شروعات درياءَ جي ڪنارن کان شروع ڪئي آھي، ان ئي ڪناري ھن پنھنجي شناخت ڳولي لڌي. لکڻ ۽ پڙھڻ سکيو، ڪچا پڪا گهر اڏيا، شھر تعمير ڪيا، تھذيبون کڙيون ڪيون، زراعت ۽ چوپائي مال ۾ نوان تجربا ڪيا ۽ وڌيڪ تلاش جي جستجو ۾ دنيا جي ھڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ويو. اُن قديم رومي قصي کي جي اڄ جي انسان سان ڀيٽ ڪجي تہ يقينن ھڪ ڏک ۽ پڇتاءُ واري ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي تہ روبا اھڙي غلطي ڪيئن ڪئي. ھن کي مٽيءَ مان انسان کي تخليق ڪرڻ جو خيال ڇو آيو ۽ ٻيو جرم جيوپيٽر ان ۾روح ڦوڪي ڪيو. جي ڏسجي تہ انسان پنھنجي لاءِ جيڪي بہ شيون تخليق ايجاد يا دريافت ڪري ٿو يا جن جي وچ ۾ رھي ٿو اھي سندس زندگيءَ کي ھڪ ھمہ گير معنيٰ، سڃاڻپ ۽ جياپو ڏين ٿيون، پر ھاڻ ھي مخلوق انھن جي پرواھہ ڪرڻ کانسواءِ اڳتي وڌندو وڃي ٿو. ھي تمام اڳتي وڃڻ چاھي ٿو، زندگي ۽ قدرت جي سمورين شين کي لتاڙيندو بي معنيٰ ڪندو، ھي جنھن درياءَ جي مٽيءَ مان ٺاھيو ويو، ھن ان کي برباد ڪيو، ھن پنھنجي مٽيءَ خلاف ڪيترا محاذ کولي ڇڏيا آھن. روبا تي ڪاوڙ اچي ٿي تہ ھن ڇا ڪيو؟ شايد روبا کي ان ڳالھہ جو ادراڪ نہ ھو تہ ھي صورت جيڪا انسان سان مشابھت رکي ٿي، زمين تي ڪيئن نہ فساد برپا ڪندو ۽ زمين جي سموري مخلوق جانورن، پکين، ٻيلن، پھاڙن، سمنڊ، درياءَ ۽ ڍنڍن کي ختم ڪندو ويندو. اڄ جي انسان جي حقيقت بيحد تلخ ۽ بي رحم آھي. ھي انسان ئي آھي جنھن (آر بي او ڊي) جي زھريلي پاڻيءَ کي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ مھل ھڪ لمحي لاءِ بہ ائين نہ سوچيو تہ ان قدرتي حيات جو ۽ انسانن جو ڇا ٿيندو جيڪي صدين کان منڇر کي پنھنجو گهر سمجهي رھندا اچن ٿا. شايد روبا اھڙي مٽيءَ کي تراشيو ھو جيڪا صاف شفاف ھئي جنھن ۾ درياءُ ھو، درياءَ جي رواني ھئي، انجي ھستي ۽ مستي ھئي، ان ۾ مٺاس ھو ۽ زندگي ھئي. ھاڻ جي درياءَ ۾ سائنائيڊ، سلفيورڪ ايسڊ، زرعي دوائن جو زھر، شھرن جي گٽرن جو آلودہ پاڻي ۽ انسانن جي بيحسي آھي. اڄ جي انسان شايد روبا جو بہ خون ڪري ڇڏيو ھجي.