مختلف موضوع

درياءُ: منھنجو مُرشد (نوٽس)

ھن ڪتاب ۾ سنڌو درياءَ، سنڌ جي ڊيلٽا، سنڌ جي جر جي پاڻيءَ ۽ ايشيا کنڊ جي مٺي پاڻيءَ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر سميت سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس پيش ڪيل آھي. منظور ٿھيم جا لکيل ھي نوٽس رڳو تحريرون ناھن، پر اصل ۾ احتجاج، دانھون ۽ آھون آھن. ھن سڀني نوٽس ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ جو ڪيس لڙيو آھي. ھن دليلن سان لکيو آھي. اسان سڀني کي نہ رڳو ھي ڪتاب پڙھڻ گهرجي، پر سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳل ڌاڙي، درياءَ ۽ منڇر سان زھريلي پاڻيءَ جي ڪيل ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي.

Title Cover of book درياءُ: منھنجو مُرشد (نوٽس)

درياءُ، منھنجو مرشد-45

(ھي خيال تہ قديميت جي ڪا اھميت ڪانھي انھن جو وجود مٽجي وڃڻو آھي) سموري انساني تاريخ ائين چوي ٿي تہ جديديت جي آڏو قديميت بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي يا ڪنھن ڪنڊ ۾ اڇلائي وڃي ٿي. ھاڻ ڌيان ڏئي ٻڌجو، قديميت ۽ جديديت جو سوال قدرت ۽ انجي وسيلن تي لاڳو ٿي ئي نہ ٿو سگهي. اسانجا درياءَ، ٻيلا، سمنڊ، پھاڙ، ٻوليندڙ پکي، آبشار پنھنجي قديم سڃاڻپ جي باوجود ھر دور ۾ قائم آھن ۽ ماڻھن جي زندگيءَ ۾ اوترا اھم آھن جيترا ڪالھہ ۽ ڪجهہ صديون اڳ ھئا. ڇا ائين ممڪن آھي تہ دنيا جا ملڪ ان قديم ورثي کانسواءِ ھڪ لمحي لاءِ بہ قائم رھي سگهن؟ دنيا جي سڄي آبادي ڪيتري بہ جديد ٿي وڃي ان جي باوجود قديم قدرتي سھارن کانسواءِ زندھہ ھجڻ جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي. اوھان کي ھن جھان ۾ اھڙا ماڻھو بہ ملندا جيڪي قدرت جا سمورا ورثا پنھنجي ملڪيت ۾ آڻڻ چاھيندا ھوندا بلڪہ اسان جھڙن ملڪن پنھنجي عمل مان اھو ظاھر ڪيو آھي تہ درياءَ، ٻيلا، سمنڊ روايتي قديم زرعي جنسون، گل ٻوٽا، ميوا، پکي، جيت، جانور، ڍنڍون، ڳوٺ، ريلوي جو نظام، تعليم، صحت، فن تعميرات، سٽي پلاننگ، ھي انھن لاءِ بي معنيٰ آھي، انھن لاءِ اھم ڳالھہ منافعو آھي. ظاھر آھي اھا ڳالھہ ناقابل تصور ٿيندي تہ جيڪا ڳالھہ انھن لاءِ بي معنيٰ آھي ساڳي ڳالھہ ٻين لاءِ ڪيتري اھم ٿي سگهي ٿي. جديديت جو سوال دراصل قديميت کان بي پرواھيءَ جو سوال ناھي، ان جو ئي تسلسل آھي جنھن کي سرمائيدار رياستون پنھنجي منافعي واسطي استعمال ڪنديون رھن ٿيون. مثلن سنڌين لاءِ سنڌو درياءُ ناقابل يقين حد تائين اھم آھي، وفاق ان کي ڊيمن جي قيد ۾ قابو ڪرڻ چاھي ٿو يا ان ۾ ڊيم تلاش ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ ڊيم توانائي ۽ ڪنسٽرڪشن ڪمپنين لاءِ منافعي بخش ڪاروبار آھي. ھي اھا ڳالھہ بار بار دھرائن ٿا تہ روايتي زرعي جنسن مان ڪو فائدو ڪونھي ۽ جديد تحقيق ھائبرڊ سيڊ (اھو ٻج جيڪو مصنوعي لڳ (آرٽيفيشل پالينيشن) ذريعي ليبارٽيز ۾ تيار ڪيو وڃي ٿو. في ايڪڙ پيداوار تي وڏو منافعو ڏئي ٿو، ھنن پوءِ ائين ڪيو جو ميون، ڀاڄين، ڪڻڪ، چانورن جي ھائبرڊ سيڊ سان پوري مارڪيٽ ڀري ڇڏي. جنھن سان ائين ٿيو جو روايتي ٻج ختم ٿي ويو جنھن کي ٻي فصل تائين اسٽور ڪري سگهبو ھو. اھا پڻ حقيقت آھي تہ ڪي شيون وقت سان گڏو گڏ تبديل ٿين ٿيون جيئن فن تعميرات، صحت ۽ تعليم پر ڪجهہ شيون شاندار دنيا جي سفاڪ حڪمرانن ۽ رياستن سوچي سمجهي ختم ڪيون آھن، جيئن درياءَ، ٻيلا، سمنڊ، پکي، جيت، ڍنڍون. انھن جي بقول اھي ھاڻ ماضيءَ جو حصو بنجي ويا آھن، اھي لمحا جيڪي گذري چڪا، اھي در جيڪي بند ٿي چڪا، اھي رستا جيڪي مٽجي چڪا. انھن جي جاءِ تي نون ڊيمن ۽ ٻيلن جي جاءِ تي غير آباد زرعي زمين ۾ اضافو ۽ واڌو پيداور لاءِ ڪامياب تجربا، پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ واٽر سپلاءِ جون ڪمپنيون آھن، ريلوي جي متبادل روڊ تي ھلندڙ ڊائيوو جون بسون آھن، جن ۾ واءِ فاءِ جي سھولت آھي. بظاھر ھي اھو ڏيک ڏيندا آھن تہ ھي قوم جي ڀلائي لاءِ ڪري رھيا آھن جھڙي طرح ھي آءِ ايم ايف کان قرض وٺي ملڪ بچائڻ جي ڳالھہ ڪن ٿا. ھي پاڪستاني قوم جو نالو بار بار دھرائن ٿا جنھن جو ھنن سڀڪجهہ ڦري ورتو آھي، انھن جو ماضي بہ حال بہ، آزادي ۽ خوشحالي بہ. ھي ائين آھي جيئن سگريٽ جي پاڪيٽ تي سگريٽ نوشي صحت لاءِ مضر آھي لکيل ھجي ۽ منافعي لاءِ ان کي وڪڻڻ جي بہ اجازت ھجي. مان متبادل جي خلاف ناھيان ۽ نہ جديد تحقيق جي ادارن جي خلاف، مان اھا ڳالھہ ڪيان ٿو تہ ڪجهہ يونٽ يونيورسل ھوندا آھن، جيئن درياءُ، سمنڊ، ٻيلا، ڍنڍون، جهنگلي جيوت، انھن کي منافعي واسطي قطب آڻي نہ ٿو سگهجي ۽ نہ انھن جو متبادل ڪري سگهجي ٿو. جديديت پوري طرح قديمت تي نرڀر ھجي ٿو انھن ٻنھي کي الڳ ڪري پيش ڪرڻ جرم آھي جيڪو ھتان جون ملٽي نيشل ڪاروباري ادارا ۽ بين الااقوامي مانيٽري جا ادارا ملڪ جي حاڪمن سان گڏجي ڪري رھيا آھن. سنڌ ۽ سنڌو درياءَ کي ڏسڻ جا مختلف طريقا آھن مون لاءِ اھو سنڌ جو حال بہ آھي تہ ماضي بہ. ملڪ جا حڪمران ان ۾ ڊيم ڏسي رھيا آھن تہ اھو بدديانتيءَ وارو عمل ٿيندو.