مختلف موضوع

درياءُ: منھنجو مُرشد (نوٽس)

ھن ڪتاب ۾ سنڌو درياءَ، سنڌ جي ڊيلٽا، سنڌ جي جر جي پاڻيءَ ۽ ايشيا کنڊ جي مٺي پاڻيءَ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر سميت سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس پيش ڪيل آھي. منظور ٿھيم جا لکيل ھي نوٽس رڳو تحريرون ناھن، پر اصل ۾ احتجاج، دانھون ۽ آھون آھن. ھن سڀني نوٽس ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ جو ڪيس لڙيو آھي. ھن دليلن سان لکيو آھي. اسان سڀني کي نہ رڳو ھي ڪتاب پڙھڻ گهرجي، پر سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳل ڌاڙي، درياءَ ۽ منڇر سان زھريلي پاڻيءَ جي ڪيل ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي.

Title Cover of book درياءُ: منھنجو مُرشد (نوٽس)

درياءُ، منھنجو مرشد-51

ھي ڪيڏو نہ عجيب آھي تہ ھڪ ماءُ پنھنجي معصوم ٻار کي صندوق ۾ بند ڪري سنڌو نديءَ ۾ لوڙھي (سسئي. ڏند ڪٿا). ھتي مان ان سموري پس منظر کي روايتي ڏند ڪٿا کان ھٽي ڪري ھڪ ماءُ پنھنجي ٻار کي سنڌو حوالي ڪرڻ واري چونڊ تي ڳالھائيندس. ھڪ ماءُ پنھنجي معصوم ٻار کي آخر ڪھڙي ڀروسي تي سنڌو درياءَ حوالي ڪري ٿي. ھي بيحد شاندار تصور آھي، جنھن سان سنڌو درياءَ جي ابي ۽ امڙ وارو تصور وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو. ظاھر آھي تہ ھڪ ماءُ اھو فيصلو ڪرڻ وقت ڪيتري دٻاءُ ۾ ھوندي ۽ ھڪ ئي وقت ڪيترن وسوسن، انومان ۽ خوف ۾ مبتلا ٿي ھوندي. ھڪ ٻار جي زندگيءَ جيڪو ان جي ئي وجود جو حصو آھي کي لوڙھڻ ائين جيئن خدا ۽ ڀڳوان کي لوڙھڻ يا ٻوڙڻ جي برابر آھي. ھڪ ماءُ کي ان مان ڪھڙو ڇوٽڪارو ملڻو ھو ڪنھن کي ڪھڙي خبر ! اھا پنجين صديءَ جي سنڌ ھئي راجا دلوراءِ جو راڄ ھو. ھڪ روايت مطابق ھڪ ٻانڀڻ نانيا نالي پنھنجي گهر واري منڌر سان سنڌو نديءَ ڪناري رھندو ھو (نانيا ٻانڀڻ جو تعلق سنڌ جي شھر سيوھڻ سان ٻڌايو وڃي ٿو، جتان سنڌوندي جو ھڪ ڇوڙ ڀنڀور جي ڪنارن کان ٿيندو سمنڊ ۾ ڪرندو ھو). نانيا جي گهر واري منڌر ڪنھن ذھني دٻاءُ ڪارڻ پنھنجي ڌيءُ صندوق ۾ بند ڪري سنڌونديءَ ۾ لوڙھي، جيڪا پوءِ لڙھندي ڀنڀور جي ھڪ ڌوٻي محمد کي ملي جنھن ھن ملوڪ نياڻيءَ جو نالو سسئي رکيو، ان کي پالي نپائي وڏو ڪيو، جنھن جو اڳتي ھلي پيچ ڪيچ مڪران جي شھزادي پنھونءَ سان ٿيو. جي ڏسجي تہ ھيءَ ھڪ روايت ۽ لوڪ ادب سان منسلڪ داستان آھي جيڪا نسل در نسل منتقل ٿيندي آئي آھي. مان ھن قصي جي روايت کان ھٽي ڪري تہ واقعي بہ ھڪ ماءُ پنھنجو ٻار سنڌو نديءَ ۾ لوڙھيو ھو؟ يا ھن جي ائين ڪيو تہ ڪھڙي ڀروسي تي؟ ڇا ھن جو سنڌو نديءَ مٿان ڀروسو ھو تہ ھن کانپوءِ اھا ئي آھي جيڪا ھن جي اولاد کي سنڀاليندي. سنڌ جا ماڻھو ھاڻ بہ سنڌو درياءَ کي پنھنجو ابو امان سمجهن ٿا. ھن قصي مان ھڪ ماءُ جو سنڌو نديءَ سان رشتو ان مٿان ڀروسو، ويساھہ ۽ ھڪ يقين ڏسجي ٿو جنھن کي ڪڏھن بہ بيان ناھي ڪيو ويو، ھڪ اھڙي روايت جنھن سان انسان ۽ سنڌوندي جو موازنو ٿيل آھي تہ انسان ڪيڏو ڪٺور ۽ سنڌو ندي ڪنھن قدر رحم ۽ ديا واري آھي. سسئي ۽ سنڌونديءَ ۾ ڪھڙي ھڪجھڙائي آھي، ھي قصو محض ھڪ ڏند ڪٿا آھي يا ھن مان اھو اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ سنڌوندي زندگيءَ سان گڏ ھڪ فرض بہ آھي جيڪا صدين کان نڀائيندي اچي. ھن جي فطري ماحول ۾ ھڪ ماءُ پوشيدہ آھي. ماءُ جو ڪنھن ٻئي سان موازنو نہ ٿو ڪري سگهجي سواءِ سنڌونديءَ جي، جنھن ھڪ ٻار کي حفاظت سان ڀنڀور جي ڪناري پھچايو ۽ ھڪ ڌوٻي محمد جي حوالي ڪيو. ھي اھو فرض پنھنجي جنم کان نڀائندي اچي، بلڪہ اسان کي ياد ڏياريندي رھي ٿي تہ ھيءَ ئي آھي جيڪا اوھانجي پيشانيءَ کان اوھانجي روح تائين ڌوٻيءَ جو ڪم ڪري ٿي. ھيءَ ئي آھي جنھن سان سنڌ ھڪ بھشت جي روپ ۾ آھي. ھن جي سخا جي ڪا حد ڪانھي، ھن زندگيءَ جي معنيٰ ڏني، جيئڻ سيکاريو ۽ ان کان بہ وڌيڪ سسئيءَ جي روپ ۾ ھمت، جرئت ۽ نڀاءَ جي معنيٰ سمجهائي. سنڌو ندي سنڌين جي ڪل موڙي آھي جنھن سان اسانجو رشتو ويساھ وارو آھي تہ اھا ئي آھي جنھن اسان کي سنڀالي رکيو آھي، جديد دنيا جو ماڻھو شايد ان ويساھہ کي نہ سمجهي سگهي. پنجين صدي ! ھي اھا صدي ھئي جنھن ۾ قدرت ۽ فطرت کي ماءُ جي حيثيت مليل ھئي. اڄ جي انسان جو رويو دشمنيءَ وارو آھي. مان ھتي اھا ڳالھہ سمجهائڻ چاھيان ٿو تہ سنڌو درياءُ سڀ جو امڙ ابو آھي. سنڌو نديءَ کان لاتعلقيءَ جو نتيجو ائين آھي تہ پوءِ ھيءَ حفاظت سان ڀنڀور رسائي نہ سگهندي ۽ نہ جيئڻ جي سگهہ ڏيندي.