مختلف موضوع

درياءُ: منھنجو مُرشد (نوٽس)

ھن ڪتاب ۾ سنڌو درياءَ، سنڌ جي ڊيلٽا، سنڌ جي جر جي پاڻيءَ ۽ ايشيا کنڊ جي مٺي پاڻيءَ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر سميت سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس پيش ڪيل آھي. منظور ٿھيم جا لکيل ھي نوٽس رڳو تحريرون ناھن، پر اصل ۾ احتجاج، دانھون ۽ آھون آھن. ھن سڀني نوٽس ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ جو ڪيس لڙيو آھي. ھن دليلن سان لکيو آھي. اسان سڀني کي نہ رڳو ھي ڪتاب پڙھڻ گهرجي، پر سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳل ڌاڙي، درياءَ ۽ منڇر سان زھريلي پاڻيءَ جي ڪيل ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي.

Title Cover of book درياءُ: منھنجو مُرشد (نوٽس)

درياءُ، منھنجو مرشد-39

ڪي فور منصوبو، سفيد هاٿي:
اقوام متحدہ طرفان دنيا ۾ ترقيءَ جي لاءِ سترنھن پائيدار ترقيءَ جا هدف مقرر ڪيل آهن. انھن ۾ ڇھون هدف پاڻيءَ جو آهي. انھيءَ هدف هيٺ دنيا جي هر ماڻھوءَ کي 2030ع تائين صاف ۽ سٿرو پاڻي مھيا ڪرڻ جو چيو ويو آهي. اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ تہ صاف ۽ سٿرو پيئڻ جو پاڻي تہ پري جي ڳالھہ، پر پيئڻ جو پاڻي بہ ميسر نہ آهي. هڪ تحقيق مطابق سنڌ ۾ جر جو پاڻي پيئڻ جي لائق نہ آهي. انھيءِ ڪري سنڌ جي ماڻھن جو پيئڻ جي پاڻيءَ جو دارومدار سنڌو درياءُ ۽ ان مان نڪرندڙ واهن ۽ شاخن تي آهي. انھيءِ پاڻي ۾ گدلاڻ ايتري وڌي وئي آهي جو اهو پڻ استعمال جي لائق نہ رهيو آهي. انھيءَ جو تازو مثال حيدرآباد جي ميئر طرفان آبپاشي کاتي کي لکيل خط آهي. هڪ طرف پيئڻ جي پاڻيءَ جا وسيلا محدود ٿيندا ٿا وڃن تہ ٻئي طرف وري ملڪي آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌارو ٿي رهيو آهي. انھيءِ ڪري پيئڻ جو پاڻي اهم ۽ وڏو مسئلو ٿي ويو آهي. سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ ۾ تہ اهو مسئلو نھايت ڳنڀير صورتحال اختيار ڪري ويو آهي. تازو اخبارن ۾ ڪراچيءَ کي پاڻي پھچائڻ لاءِ حڪومت طرفان اعلانيل ڪي فور منصوبي متعلق حڪومت تي سست روي جو مظاهرو ڪرڻ جو بھتان هنيو ويو آهي. (ڊان ڪراچي، بزنس ۽ فائننس 15 کان 20 اپريل 2024). اچو تہ ڏسون ڪي فور منصوبو ڇا آهي. ڪي فور منصوبو 2012 ۾ ڪراچي واٽر بورڊ طرفان پيش ڪيو ويو هو. انھيءَ منصوبي تحت 1200 ڪيوسڪ پاڻي وڌيڪ گهريو ويو هو. جيڪو 650 ملين گيلن روزانو پاڻي ٿئي ٿو. اهو منصوبو رولڙي جو شڪار رهيو ۽ هاڻي وري هڪ دفعو ٻيھر اهميت اختيار ڪري ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج ٺھڻ وقت ڪراچيءَ لاءِ 500 ڪيوسڪ پاڻي مقرر ڪيو ويو هو. 1988 ۾ جنرل ضياع الحق طرفان ڪراچيءَ لاءِ وڌيڪ 700 ڪيوسڪ پاڻي منظور ڪيو ويو. ڪراچيءَ کي پاڻي ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ واھہ ڪلري بگهاڙ فيڊر ذريعي ڏنو ويندو آهي. انھيءَ واھہ جي وڌ ۾ وڌ پاڻيءَ جي کڻڻ جي سگهہ 9100 ڪيوسڪ آهي ۽ 700 ڪيوسڪ ڪراچيءَ لاءِ منظور ٿيڻ کانپوءِ اها حد 9800 ڪيوسڪ ٿي وئي. جيئن تہ مذڪورہ واھہ ڪڏهن بہ 7500 ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي نہ کنيو هو، انھيءَ ڪري ان جي پاڻي کڻڻ جي سگهہ وڌائڻ لاءِ 1988 ۾ ميڪڊونالڊ ۽ پاٽنرس کان اڀياس ڪرايو ويو. انھيءَ اڀياس جي روشنيءَ ۾ کاتي طرفان 2005 کان 2007 تائين ڪلري بگهاڙ فيڊر ۽ ڪينجهر ڍنڍ تي ٻہ ارب روپين جي لاڳت سان مختلف ڪم ڪرايا ويا. ايڏي وڏي رقم خرچ ڪرڻ باوجود مذڪورہ واھہ جي پاڻي کڻڻ جي سگهہ اها ساڳي رهي. هڪ طرف ڪلري بگهاڙ فيڊر واھہ ۾ پاڻي کڻڻ جي سگهہ نہ وڌي تہ ٻي طرف ڪينجهر مان 1200 ڪيوسڪ جو واھہ ڪڍي، ڪراچيءَ کي پاڻي ڏنو پيو وڃي. اهو پاڻي ٺٽي ضلعي جي زرعي زمين جو پاڻي آهي. پاڻيءَ جي کوٽ ڪري ٺٽو ضلعو جيڪو ڪيلي جي پوک جو بادشاھہ سمجهيو ويندو هو، انھيءَ جي بادشاهت ختم ٿي وئي. شاخن جي پوڇڙين ۾ پاڻي نہ اچڻ ڪري جر جو پاڻي سمنڊ جي پاڻيءَ جي اثر هيٺ کارو ٿي ويو آهي ۽ ساڳئي وقت سم ۽ ڪلر جو آزار پڻ وڌڻ لڳو آهي.

ڪي فور جو پس منظر:
مون مٿي ذڪر ڪيو آهي تہ 2012 ۾ اهو منصوبو ٽن مرحلن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. شروعاتي طور ڪينجهر ڍنڍ مان ڪراچيءَ لاءِ ٺھيل واھہ جي آس پاس هڪ نئون واھ ڪڍڻ ۽ ان کي هڏيرو ڍنڍ ۽ هاليجي ڍنڍ سان ملائڻ کانپوءِ اڳتي کڻي وڃي پمپنگ اسٽيشن ذريعي ڪراچيءَ کي پاڻي پھچائڻ شامل هو. هاڻي اهو منصوبو ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. پھرين مرحلي ۾ 500 ڪيوسڪ پاڻي ڪراچيءَ ۾ بحريا ٽائون ۽ ٻين ٺھندڙ نين رهائشي علائقن کي پھچائڻ لاءِ ڪجهہ سال اڳ ۾ حڪومت طرفان چوويھ ارب روپين جي لاڳت سان ڪينجهر ڍنڍ مان جهمپير ويجهو هڪ واھہ تي ڪم شروع ڪيو ويو. واھہ جو ڪافي حصو ٺھي ويو هو تہ جبلن تي وسندڙ پھرين برسات ۾ ان واھہ جو ڪافي حصو يا تہ لڙهي ويو يا وري لَٽجي ويو. ان وقت تائين سرڪار ان ڪم تي يارهن ارب روپيا خرچ ڪري چڪي هئي. انھي نئين صورت حال ۾ ڪم بند ڪيو ويو. سرڪار اهو منصوبو واپڊا وارن جي حوالي ڪيو. واپڊا وارن ڪم کي نئين سري سان ترتيب ڏئي کليل واھہ جي بجاءِ پائيپن رستي پاڻي کڻڻ جو منصوبو 126 ارب روپين جي لاڳت سان تيار ڪيو آهي. انھي منصوبي تي ايندڙ خرچ جو ويھہ سيڪڙو سنڌ حڪومت، چاليھہ سيڪڙو عالمي بينڪ ۽ چاليھہ سيڪڙو ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ ڀريندي. اهو منصوبو 2027 تائين مڪمل ڪرڻو آهي. انھيءَ منصوبي تحت حاصل ٿيندڙ پاڻيءَ جي ورهاست لاءِ ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ چوهتر ارب روپين جي لاڳت سان هڪ الڳ منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ٻي طرف سنڌ حڪومت پنج سئو ڪيوسڪ پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڪلري بگهاڙ فيڊر کي چاليھہ ارب روپين جي لاڳت سان پڪو ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. انھيءَ منصوبي تي ايندڙ خرچ جو اڌ مرڪزي حڪومت ڀريندي. مرڪزي حڪومت اهو بہ شرط رکيو آهي تہ ڪنھن بہ سبب جي ڪري جيڪڏهن منصوبي جي قيمت ۾ واڌارو ٿيو تہ اها واڌ سنڌ سرڪار ڀريندي. ان سان اهو بہ شرط لاڳو آهي تہ ڪي فور منصوبو مڪمل ٿيڻ تي سنڌ حڪومت پاڻيءَ کي يقيني بنائيندي. ڪي فور جي پھرين مرحلي تي اندازن 240 ارب روپيا خرچ جو ڪاٿو آهي. جيئن تہ سرڪاري منصوبا ڪڏهن بہ شروعاتي ڪاٿي ۽ وقت اندر مڪمل نہ ٿيا آهن. گهڻو ڪري وقت ۾ چاليھہ سيڪڙو ۽ رقم ۾ پنجانوي سيڪڙو واڌ ٿي ويندي آهي. انھيءَ حساب سان هي منصوبو پنجن سالن ۽ اندازن 400 ارب کان مٿي لاڳت سان مڪمل ٿيڻ جو انديشو آهي. ايڏي وڏي لاڳت جي باوجود اهو سوال پنھنجي جاءِ تي اهم آهي تہ ڇا منصوبي لاءِ گهربل واڌو پاڻي، سسٽم مان ملي سگهندو؟ سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي موجودہ صورت حال ۽ ڪوٽڙي بئراج تي گذريل ڪجهہ سالن کان پاڻي آمد جي پيش نظر، اهو ممڪن نٿو لڳي تہ ڪوٽڙي بئراج تي ڪو اضافي پاڻي ايندو، جنھن وسيلي ڪراچيءَ جي پورت ڪئي ويندي. انھيءَ ڪري اهو سڄو بار ڪلري بگهاڙ فيڊر تي پوندو، جيڪو اڳئي گهٽ پاڻيءَ تي هلي رهيو آهي.
ڇا ڪلري بگهاڙ فيڊر کي پڪي ڪرڻ سان اهو پنھنجو منظور ٿيل 9800 ڪيوسڪ پاڻي کڻي سگهندو؟ مون اها ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ڪئي تہ کاتي طرفان ٺاهيل پي سي ون مان ان جو جواب ڳولھجي. پر افسوس اهو ڪتاب نہ ملي سگهيو. اخبار ۾ آيل خبرن مان اهو محسوس ٿئي ٿو تہ چاليھ ارب روپين جي وڏي رقم صرف پنج سو ڪيوسڪ پاڻي بچائڻ لاءِ خرچ ڪئي پئي وڃي.
ڪي فور جي ٻي مرحلي لاءِ وري ڪوٽڙي بئراج جي کاٻي ڪپ تان نڪرندڙ ٻن مک واهن کي پڪو ڪيو ويندو. انھن ٻنھي مک واهن جي پوڇڙ ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ آھي. اها عجيب منطق آھي جو واهن کي پڪو ڪري پوڇڙ ۾ پاڻي پھچائڻ بجاءِ بچايل پاڻي ڪراچيءَ کي ڏنو ويندو. کاتي جي ڪارڪردگيءَ کي ڏسندي، اهو هڪ معجزو هوندو جو مذڪورہ واھہ پنھنجو منظور پاڻي 9800 ڪيوسڪ کڻي. واهن کي پڪي ڪرڻ جي مقصدن ۾ هڪ مقصد غيرقانوني واٽر ڪورسن جو خاتمو آهي. ٺٽي ضلعي ۾ جيڪي بہ شاخون پڪيون ٿيون آهن، انھن ۾ غيرقانوني واٽر ڪورس گهٽجڻ بجاءِ وڌي ويا آهن. اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جلد شاخن جي پوڇڙ ۾ پاڻي کوٽ هڪ ڀيرو ٻيھر ڪر کڻندي. سسٽم مان پاڻي ملي يا نہ، پر هڪ ڳالھہ يقيني آهي تہ ڪي فور جو پھريون مرحلو مڪمل ٿيندو ۽ ڪراچيءَ کي ڪينجهر مان وڌيڪ 500 ڪيوسڪ (270 ملين گيلن روزانو) پاڻي ملندو. اها سڄي کوٽ ٺٽي ضلعي جي آبادگارن /زميندارن کي ڀوڳڻي پوندي. سنڌ آبپاشي کاتي کي انھيءَ ڳالھہ جي وضاحت ڪرڻ گهرجي تہ ڇو ٻہ ارب روپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود ڪلري بگهاڙ فيڊر جي پاڻي کڻڻ جي سگهہ نہ وڌي سگهي. منھنجي نظر ۾ ان جو سبب ڪلري بگهاڙ فيڊر جي آر ڊي نوي تي ٺھيل نئين باراڻ سپر پيسيج ۽ آر ڊي 150 کان 189 تائين ڪم نہ ڪرائڻ آهي. نئين باراڻ جي پاڻيءَ کي سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ، ڪي بي فيڊر ۾ ست وڏا بيرل ٺاهي، انھن جي مٿان نئين باراڻ کي رستو ڏنل آهي. وقت گذرڻ سان گڏ انھن بيرلن ۾ لٽ ڄمي وئي آهي ۽ واھہ مان گهربل 9800 ڪيوسڪ پاڻي نٿو گذري. ائين نہ ٿئي جو چاليھہ ارب روپيا خرچ ڪرڻ کانپوءِ بہ صورتحال ساڳي رهي؟ جنھن جي گهڻي اميد آهي.
ڇا ڪراچيءَ کي پاڻي پھچائڻ جو واحد ذريعو سنڌو درياءَ آهي؟ حقيقت ۾ پاڻي پھچائڻ جا ٻيا بہ ڪيترائي ذريعا / وسيلا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان سنڌو درياءَ تي دٻاءُ گهٽائي سگهجي ٿو. عرب ملڪ جتي مٺي پاڻيءَ جا درياءَ نہ آهن، انھن ڪيئن اهو مسئلو حل ڪيو آهي، اسان کي اوڏانھن بہ ڏسڻ کپي يعني سمنڊ جي پاڻيءَ کي مٺو ڪرڻ جي عمل تي ڌيان ڏيڻ. ان کانسواءِ ڪراچيءَ جي ٻن مک لياري ۽ ملير ندي ۾ ايندڙ برساتي پاڻيءَ کي استعمال ڪرڻ لاءِ جوڳو بندوبست ڪرڻ گهرجي. ڪراچيءَ ۾ هڪ اندازي مطابق 50 ڪروڙ گندو پاڻي روزاني سمنڊ ۾ نيڪال ڪيو وڃي ٿو. انھيءَ گندي پاڻيءَ کي صاف ڪري پيئڻ جي پاڻيءَ کانسواءِ ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. سنڌو درياءَ جي ٻنھي طرف بندن جي وچ ۾ ڪچي واري علائقي ۾ جر جي پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو موجود آھي. اهو ذخيرو درياءَ ۾ اٿل ۽ برسات جو پاڻي سيمي ذريعي جر ۾ جمع آهي. جيڪڏهن انھي ذخيري کي استعمال ڪرڻ لاء اپاءَ ورتا وڃن تہ ھوند ڪافي مسئلا حل ٿي وڃن. اها بہ حقيقت آهي تہ ڪراچيءَ کي هن وقت ملندڙ پاڻيءَ جو چاليھہ سيڪڙو کان مٿي حصو ضايع ٿي وڃي ٿو. انھيءَ ضايع ٿيندڙ پاڻيءَ تي ضابطي آڻڻ سان پڻ صورتحال ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. جيڪڏهن اهو رستي ۾ ذيان نہ روڪيو ويو تہ پوءِ ڪيترا بہ منصوبا ٺھن، ڪراچي جي پاڻيءَ جو مسئلو حل نہ ٿيندو

(انجنيئر اوڀايو خشڪ)