مختلف موضوع

درياءُ: منھنجو مُرشد (نوٽس)

ھن ڪتاب ۾ سنڌو درياءَ، سنڌ جي ڊيلٽا، سنڌ جي جر جي پاڻيءَ ۽ ايشيا کنڊ جي مٺي پاڻيءَ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر سميت سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس پيش ڪيل آھي. منظور ٿھيم جا لکيل ھي نوٽس رڳو تحريرون ناھن، پر اصل ۾ احتجاج، دانھون ۽ آھون آھن. ھن سڀني نوٽس ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ جو ڪيس لڙيو آھي. ھن دليلن سان لکيو آھي. اسان سڀني کي نہ رڳو ھي ڪتاب پڙھڻ گهرجي، پر سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳل ڌاڙي، درياءَ ۽ منڇر سان زھريلي پاڻيءَ جي ڪيل ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي.

Title Cover of book درياءُ: منھنجو مُرشد (نوٽس)

درياءُ، منھنجو مرشد-18

اوھان کي تھذيب (سولائيزيشن) جا آثار باقي رھندي نظر اچن ٿا؟ تھذيب ان نالي سان ڪنھن شئي جو وجود آھي؟ پاڪستان ۾تھذيبن جي ارتقا جو ڇا ٿيو؟ اوھان کي ائين محسوس نہ ٿو ٿئي تہ انسان پنھنجي ماضيءَ جي قديم روايتن، دريائن، ٻيلن، سمنڊ، پھاڙن، انساني آزادي، زمين جي زرخيزي، مالڪي، ڍنڍن، ٻولي، انساني رشتن ۽ معصوميت کي وڃائي چڪو آھي، جي ڏسجي تہ سنڌ جي بنيادي معيشت ۽ انجي قديم تھذيب سنڌو درياءَ جي آسري آھي بلڪہ زرعي ترقيءَ جو سمورو انحصار درياءَ جي قدرتي وھڪري تي آھي، جي مان چوان تہ سکر تائين ارسا ۽ واپڊا جا سنڌو درياءَ جي وھڪري متعلق جيڪي انگ اکر آھن، جعلي ۽ فراڊ تي مبني آھن تہ ان جو ثبوت ھي آھي تہ ڪوٽڙيءَ کان انڊس ڊيلٽا تائين پاڻيءَ جو ڇوڙ زيرو آھي. اُھي سمورو ڏينھن ڪوڙ ڳالھائن ٿا ۽ ملڪ سان وفادار ۽ مھذب ھجڻ جو ڏيکاءُ ڪن ٿا. سڀ کان خطرناڪ ڳالھہ ھيءَ آھي تہ ھنن جو ھاڻ ملڪ تي قبضو آھي. انسان جي مھذب ھجڻ جا بنياد ڪھڙا ھجن ٿا؟ جتان پوءِتھذيبن جي شروعات ٿئي ٿي، انسان حقيقي طور تي تڏھن مھذب ٿي سگهي ٿو جڏھن وسيلن جي ورڇ جو بنياد انصاف تي قائم ھجي، ھر انسان کي پنھنجي پورھيي جي آزادي، اجرت جي وقت سر ادائگي، ضرورت ۽ گهرج جو مقرر معيار ۽ پورھيت راڄ. اوھان کي اھو ماضيءَ جو خيال لڳندو ھوندو، پر ھڪ عظيم تھذيب ان کانسواءِ ممڪن ناھي، پاڪستان جھڙو طبقاتي سماج پھرين اوھانجي معصوميت کسي ٿو. پوءِ اوھان کي نسلن، فرقن، مذھبن ۾ تقسيم ڪري ٿو ان کان پوءَ اوھان جا وسيلا درياءُ، سمنڊ. پھاڙ ۽ زمين ۾ پوشيدہ خزانا گيس، پيٽرول، سون، پٿر، ڪوئلو چورائي ٿو، آخر ۾ پورو ديس. جڏھن اوھانجي معصوميت برباد ٿئي ٿي تہ ماڻھو چالاڪ، منافق، لالچي، ڪوڙو، ظالم، موقعي پرست، بيحس ٿي وڃي ٿو، جي ڏسجي تہ ھن وقت اسين وڪرو ٿيل تھذيب جا آثار آھيون جنھنجو ھر فرد قرضي آھي.تھذيبون فطرت جي اصولن آڌار تي قائم ٿين ٿيون، ھي ملڪ فطرت جي قاعدن خلاف آھي، بلڪہ فطرت جو دشمن، اوھان کي ائين نظر نہ ٿو اچي تہ ملڪ ۾ استحصال جو رجحان ان قدر وڌيو آھي جو انسان پنھنجي موڙي تہ پري پنھنجو جسم قائم رکڻ لاءِ مري رھيو آھي، ھڪ ٻيو پاسو جنھن سان سنڌوتھذيب جا بچيل آثار ختم ٿيندي نظر اچن ٿا، سرڪاري سروي مطابق سنڌ جي ڪُل زراعت لاءِ ساليانو گهربل پاڻيءَ جو مقدار آھي، 321 سي ايم جيڪو صرف سنڌ جي اھم فصلن ڪڻڪ، ڪپھہ، چانور، ۽ ڪمند لاءِ گهربل آھي، ان کان علاوہ شھري آبادي ۽ ڊيلٽا لاءِ گهربل پاڻيءَ جا انگ اکر الڳ آھن جيڪي آھن ئي ڪونہ. جڏھن تہ موجود پاڻي 60 کان 70 سي ايم (سينٽي ميٽر) کان وڌيڪ ڪونھي، 18 ترميم کانپوءِ زراعت جو سمورو حق صوبن جي حوالي ڪيو ويو پر درياءَ ۾ پاڻي آھي ئي ڪونہ تہ ترميم جو ڪھڙو فائدو. سنڌ جي درياءَ جي اھڙي حالت ڪري سنڌ جي ڊيموگرافي خطرناڪ حد تائين متاثر ٿي رھي آھي. اسان کي ان نقصان جو ادراڪ ئي ڪونھي. سنڌ جا لڳ ڀڳ ٻہ ھزار ڳوٺ ويران ٿي ويندا يا ماڻھو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيندا، ڪيترا ماڻھو پنھنجون زمينون وڃائي ويھندا يا ملٽي نيشل ادارن کي سيل ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا. سنڌ جا ڪجهہ وڏا شھر بدين، ٺٽو سجاول پاڻيءَ ھيٺ اچي سگهن ٿا، ڪيميائي ڀاڻ ۽ پيسٽيسائيڊ ڪري سمورو قدرتي ماحول تباھہ ٿيندو جنھن ۾ ڪيترا جانور پکي ۽ جيت ختم ٿي ويندا. انسان خود ڪيترين ئي بيمارين جو شڪار ٿيندو، ڪارپوريٽ فارمنگ جي صورت ۾ مقامي ماڻھو بي دخل ٿيندا، ماڻھو عدالتن ۾ ويندا تہ کين چيو ويندو تہ اوھان گهڻي دير ڪري ڇڏي. فوج زمينن تي قبضي ڪرڻ کان اڳ امن امان جي صورتحال پيدا ڪندي، جنھن جي ابتدا ٿي چڪي آھي. سوال ھي آھي تہ تھذيبن جو ابو سنڌو درياءُ جنھن تي سنڌو سڀيتا قائم آھي، اڄ انجو ڪو وارث آھي؟