ليکڪ پاران
واٽون ويهه ٿيون، ڪُهه ڄاڻان ڪيڏانهن ويا...
هر شئي ايتري ته تيز رفتاريءَ سان بدلجي رهي آهي، جو عقل ئي چرخ ٿيو وڃي. اسانجا قدر، اسانجا رويا، اسانجون وفائون، اسانجون جفائون، سڀ ميريون ٿي ويون آهن.
جنهن منزل ڏانهن اسان سفر شروع ڪيو هو، هاڻ ته لڳي ٿو ڄڻ اسانکي اُن منزل ڏانهن سفر وسري ويو هجي. شارٽ ڪٽ، ٻي جو گلو ڪپڻ، ڪوڙ، فريب، مڪر، چور بازاري، بشني گيري ۽ ڪرپشن جو هڪ اوڙاهه آهي اسانجي چوڌاري.
اهڙي صورتحال ۾ ڀلا هڪ حساس ليکڪ ڪري به ڇا ٿو سگهي؟ سواءِ ان جي ته پنهنجا خيال، پنهنجون سوچون، پنهنجا خدشا، پنهنجا رايا پڙهندڙن سان شيئر ڪري ۽ سندس جيڪو سماجي، ثقافتي ۽ ادبي ڪردار جُڙي ٿو، اهو ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. پر سچ اهو آهي ته ليکڪ ڀلي کڻي ڪيڏو به حساس ڇو نه هجي، پر ڪڏهن ڪڏهن حالتون ان سطح تي اچي وينديون آهن، جو هو پاڻ کي ان اوڙاهه کان بچائيندي، اُن ڌٻڻ کان پري ڀڄندي به ان جي ڇنڊن سان ڀرجي وڃي ٿو.
ليکڪ لکي ٿو، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري ٿو. ان اظهار لاءِ هو جنهن به صنف ۾ پنهنجي خيال کي صحيح نموني اظهار جو ذريعو سمجهي ٿو، ان ۾ اظهار ڪري ٿو. شعر، ڪهاڻي، ناول، ڊرامو، مضمون... يا وري اخباري ڪالم.... سڀ اندر جي اظهار جا ذريعا آهن.
مونکي جڏهن به جنهن به صنف ۾ اظهار جو موقعو مليو آهي، مون اظهاريو آهي، پر سچ اهو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ته اظهار اجايو آهي. يا اظهار ڪنهن جي لاءِ ڪجي... اسين پنهنجي لکڻين ۾ جنهن تبديليءَ جي ڳالهه ٿا ڪريون، اها ڳالهه پڙهن ڪيترا ماڻهو ٿا...؟ پاڻ وٽ پڙهڻ وارا آهن ئي ڪيترا....؟
اهو سڀ سوچڻ جي باوجود به لکڻ جاري رهي ٿو.
هن ڪتاب ”اوٻارا عَبير جا“ ۾ ڪجهه يادون آهن، ڪجهه ڳالهيون آهن، ڪجهه خواب آهن، بي ربط خيال آهن، خواهشون آهن، تاريخ جون جهلڪيون آهن... جيڪي سڀ وقت بوقت اخباري صفحن جي زينت بنجنديون رهيون آهن.... اهڙِين اخباري لکڻين جا ٻه ٽي ٻيا مجموعا به ٿي ويندا....
هن ڪتاب مان جيڪڏهن ڪنهن دوست کي ڪجهه پلئه پيو ته سمجهندس ته لکڻ اجايو نه پر سجايو وڃي ٿو.
يوسف سنڌي
29 نومبر 2015ع- حيدرآباد