آفريقن-ايشين رائيٽرس يونين
آفريقن- ايشين رائيٽرس ڪانفرنس پاڪستان ۾ هڪ اهڙي موڙ تي ٿي گذري، جڏهن ملڪ سخت ۽ خطرناڪ دهشتگردي جو شڪار آهي ۽ حڪومت نيٺ ٻڏتر مان نڪري دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ وزيرستان ۾ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي ۽ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جي اها حالت هئي جو شهر کي فوج جي حوالي ڪرڻ سبب هنڌ هنڌ تي رڪاوٽن ۽ تلاشي کي منهن ڏيڻون ٿي پيو ۽ هڪ عجيب خوف ۽ عدم تحفظ واري صورتحال پي محسوس ٿي. ڪانفرنس ۾ ڇا وهيو واپريو، ڪهڙا بحث ۽ مباحثا ٿيا، ڪهڙيون قراردادون پاس ڪيون ويون، ان تي لکڻ کان اڳ بهتر آهي ته ”آفريقن ايشين رائيٽرس يونين“ جي باري ۾ ٻه چار لفظ لکجن.
ٻي مهاڀاري لڙائي جي خاتمي کانپوءِ دنيا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي ۽ دنيا واضع طور تي ٻن بلاڪن آمريڪن بلاڪ ۽ سوويت بلاڪ ۾ ورهائجي ويئي. برلن ڀت ٺهڻ سان دنيا ۾ سرد جنگ جي شروعات ٿي ۽ ائين ٿي لڳو ته دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ جي باهه ۾ وڪوڙجڻ واري آهي، ان صورتحال ۾ عالمي سطح تي مڃتا ماڻيندڙ ٽين دنيا جي ڪجهه اڳواڻن جهڙوڪ: سوئيڪارنو، جمال عبدالناصر، ڪوامي نڪروما، جواهر لال نهرو، مارسل ٽيٽو ۽ ٻين اڳواڻن وچين واٽ اختيار ڪرڻ جي لاءِ ٻنهين بلاڪن کان ڌار رهڻ ۽ دنيا مٿان جنگ جا ڪارا ڪڪر ٽارڻ جي لاءِ ”نان الائنس موومينٽ“ (نام) جو بنياد رکيو. اهو هڪ وڏو واقعو هو. ان جي پهرين ڪانفرنس انڊونيشيا جي شهر بنڊونگ ۾ ٿي گذري. ان ڳالهه کان متاثر ٿي ڪهه اديبن جهڙوڪ هندستان مان سجاد ظهير، پاڪستان مان فيض احمد فيض ۽ ٽين دنيا جي ڪجهه ٻين اديبن ٽين دنيا خاص ڪري ايشيا ۽ آفريقا جي اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون. جيئن عالمي امن جي حمايت ۽ جنگ جي خلاف ڪوشش کي هٿي وٺائجي ۽ ترقي پسند ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪوششون ڪري سگهجن. ان سلسلي ۾ کين اڳوڻي سوويت يونين جي قيادت جي آشيرواد به حاصل رهي، ايشيا ۽ آفريقا جي اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جو خواب ته پراڻو هو، ان سلسلي ۾ مشهور روسي اديب مئڪسم گورڪي لکيو هو، شايد اهو ڏينهن پري ڪونهي، جڏهن چين، هندستان ۽ آفريقا جا اديب روس ۾ ڪٿي گڏ ٿي ويهن ۽ هڪٻئي کي پنهنجو ڀاءُ سمجهن، تڏهن ئي هو انسانن کي الڳ ڪندڙ انهن سڀني سببن جي خلاف ڪُلي طور تي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت تي پهچن ۽ اهو ته ماڻهن ۾ ڀائپي جي جذبن کي وڌائڻ تمام ضروري ڳالهه آهي.
مئڪسم گورڪي جي اُن ڏينهن تائين پهچڻ جي سلسلي ۾ ٻنهي کنڊن جي ملڪن جي پهرين ڪانفرنس 1958ع ۾ تاشقند ۾ٿي. ان تاشقند ڪانفرنس جون ساروڻيون فيض احمد فيض پنهنجي ڪتاب ”مه وسال آشنائي“ ۾ ساريون آهن. تاشقند ڪانفرنس جو افتتاح ازبڪستان جي مشهور اديب ۽ سياستدان شرف رشيدوف ڪيو هو. ڪانفرنس جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کانپوءِ پندرهن ملڪن جي سربراهن ۽ ڪيترن ئي بين الاقوامي ادارن جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. 1958ع واري تاشقند جي اديبن جي اها ڪانفرنس”نان الائنس موومينٽ“ جي ڪانفرنس کانپوءِ دنيا جو هڪ وڏو واقعو هو ۽ ڊگهي عرصي تائين عالمي سطح تي ان ڪانفرنس جا پڙاڏا رهيا. ان ڪانفرنس ۾ ڪانفرنس جي عام جلسن کانسواءِ ڪجهه ٻين قائم شعبن جون الڳ گڏجاڻيون پڻ ٿيون. جهڙوڪ: ٻارن جي لاءِ ادب، ادب ۾ عورتن جو ڪردار، ادب ۽ سُڌ سماع جا ذريعا، ٿيٽر ۽ ڊرامه نويسي، ليکڪن جا پاڻ ۾ لڳ لاڳاپا وغيرهه.
اڳتي هلي ”ايفرو ايشين رائيٽرس ايسوسيئشن“ جي پليٽ فارم تان قاهرا، بيروت، تاشقند، الماٽي، دهلي ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ ڪانفرنسون ٿيون. 1958ع جي تاشقند ڪانفرنس هڪ اهم واقعو هو. ڇو ته ان ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو ٻن کنڊن جا ليکڪ پاڻ ۾ گڏيا ۽ اهم مسئلن تي غور ۽ ويچار ڪيائون. انهن پاران پاس ڪيل قراردادن جي نصب العين ۾ بنيادي نقطن جي نشاندهي ڪئي ويئي هئي. جهڙوڪ: ترقي پسند ادب جي ذريعي دنيا جي سموري عوام جي وچ ۾ امن، آزادي ۽ جمهوريت جي خاطر دوستي، ڀائپي ۽ يڪجهتي کي سگهارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسانجي زندگي ۽ پنهنجي عوام جي زندگي جا رشتا پاڻ ۾ لازم ۽ ملزوم آهن، اسين نا انصافي، بيٺڪلي نظام ۽ پرماريت جي خلاف ڀرپور آواز اُٿارينداسين. اسين اديب پنهنجي عوام جو ضمير ۽ ايمان آهيون، اسانجي ذميداري نه رڳو پنهنجي همعصرن جي زندگي، پر ايندڙ نسلن جون تقديرون پڻ آهن. وغيرهه
اڳتي هلي ايسوسيئشن پاران مختلف ٻولين ۾ هڪ رسالو ”لوٽس Lotus“ 1975ع ۾ شروع ڪيو ويو. جنهن ۾ ٽين دنيا جي اديبن جي لکڻين کي ڇپيو ويندو هو. رسالي جو هيڊڪوارٽر ”بيروت“ ۾ رکيو ويو ۽ فيض احمد فيض ان جي انگريزي ايڊيشن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ هن بيروت ۾ ئي رهائش اختيار ڪئي.
گذريل صدي جي نوي واري ڏهاڪي ۾ سويت يونين جي وکرڻ سان گڏ ڪيترائي ادارا غير فعال ٿيو يا ختم ٿي ويا. انهن ۾ ”ايفرو ايشين رائيٽرس ايسوسيئشن“ به شامل هئي. نيٺ گهڻي ڪوششن کانپوءِ 2012ع ۾ تنظيم کي فعال ڪرڻ لاءِ مصر جي گاڌي واري شهر قاهرا ۾ سڄي دنيا جي اديبن جي هڪ ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن ۾ تنظيم کي ٻيهر ”ايفريقن- ايشين رائيٽرس يونين“ جي نالي سان فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ يونين جا چيپٽرس قائم ڪيا ويندا. ان موقعي تي هندستان جي ڊاڪٽر علي جاويد کي يونين جو چيئرمين ۽ مصر جي محمد سلماوي کي ان جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. قاهرا ڪانفرنس ۾ پاڪستان مان راحت سعيد شريڪ ٿيو هو، جنهن کي پاڪستان مان يونين جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. راحت سعيد هڪ متحرڪ ڪردار آهي. جنهن وڏين محنتن ۽ ڪوششن کانپوءِ ”ايفريقن- ايشين رائيٽرس يونين“ جي پاڪستاني چيپٽر جو بنياد رکيو ۽ اهو سڄي دنيا ۾ يونين جو پهريون چيپٽر هو، جنهن جو افتتاح 14-جون تي ڪيو ويو. افتتاحي اجلاس ۾ يونين جي سيڪريٽري جنرل محمد سلماوي اهو به ٻڌايو ته يونين پاران Lotus (لوٽس) رسالي جو ٻيهر اجراع ڪيو پيو وڃي. جيڪو في الحال ٽن ٻولين انگريزي، فرينچ ۽ عربي ۾ ڇپيو ويندو.
ايندر صفحن ۾ ڏنل يوگ پاٺڪ، جندر، طاهر زلاند، ڊاڪٽر تاش مرزا ۽ پرويش شاهين تي لکيل خاڪا ان ئي ڪانفرنس جي ساروڻين تي مشتمل آهن.