مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي...!
رستن تي رياستي تشدد جي ان مظاهري کانپوءِ پهريون ڀيرو بنگالين، ٻين پاڪستاني شهرين کان ڇڊائپ محسوس ڪرڻ شروع ڪئي، ٻن سالن کانپوءِ صوبائي چونڊن ۾ جگتو فرنٽ 309 سيٽون کڻي صوبي (اوڀر پاڪستان) ۾ مسلم ليگ کي ڌوئي ڇڏيو، 1956ع جي آئين ۾ اردو سان گڏ بنگاليءَ کي به قومي ٻولي قرار ڏنو ويو ۽ بنگال جي عوام کي اندازو ٿيو ته جيڪي معاملا پارليامينٽ ۾ بحث مباحثي سان نبيرجي نٿا سگهن، سي رستن تي نڪري حل ڪرائي سگهجن ٿا.
ٻن ڏينهن جي وٺ پڪڙ ۽ گرفتارين کانپوءِ ڀاشا آندولن (ٻولي تحريڪ) وقتي طور تي دٻجي وئي، پر 23 فيبروري جي رات ”ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج“ جي شاگردن رات وچ ۾ ان هنڌ تي ”شهيدن جو مينار“ جي نالي سان هڪ يادگار قائم ڪري ڇڏيو، جتي شاگرد ”ابو برڪت“ گولي کائي ڪريو هو، اهو يادگار بنگالي قوم پرستيءَ جي علامت بنجي ويو. 1970ع ۾ چونڊن کٽڻ کانپوءِ ’بنگله بنڌو‘ شيخ مجيب الرحمٰن اڌ رات جو جلوس جي شڪل ۾ اُتي پهچي بنگلاديش جي جهنڊي کي سلامي ڏني، ڪجهه وقت کانپوءِ 25 مارچ 1971ع تي ملٽري ڪارروائي جي دوران ”شهيدن جي مينار“ کي ڊاٺو ويو، بنگله ڀاشا آندولن بنگالي زبان ۽ثقافت جي لاءِ مخصوص هئي، پر هوريان هوريان 21 فيبروريءَ وارو واقعو سڄي دنيا ۾ زبان، ثقافت ۽ سُڃاڻپ لاءِ جدوجهد جو استعارو بنجي ويو.
سنڌي ٻولي- قومي ٻولي
گذريل ڪجهه سالن کان اها ڳالهه ڄڻ سنڌي ادبي سنگت جي فرضن ۾ شامل ٿي ويئي آهي ته اها هر سال فيبروريءَ جي مهيني ۾ ”سنڌي ٻولي-قومي ٻوليءَ“ جاڳرتا مهم هلائي، سنڌي ماڻهن ۾ پنهنجي ٻولي جي حوالي سان سجاڳي پيدا ڪري ۽ حڪمرانن جو ڌيان ڇڪرائي ته هن ملڪ جي اصلوڪي ٻولين سان ٿيل زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي ۽ سنڌي ٻوليءَ سميت پاڪستان جي چئني صوبائي ٻولين بلوچي، پنجابي ۽ پشتو کي آئيني ترميم وسيلي ”قومي ٻولين“ جو درجو ڏنو وڃي. سنڌي ادبي سنگت پاران پهريون ڀيرو باقاعده ”سنڌي ٻولي-قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم جي شروعات پهرين آگسٽ 2008ع کان ڪئي وئي، جنهن ۾ سڄو مهينو ”سنڌي ٻولي-قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم هلائي وئي، جنهن ۾ سنگت جي شاخن ۽ مرڪز پاران سڄي سنڌ ۾ پنجاهه کان به وڌيڪ ٻولي ڪانفرنسون ٿيون، جيڪي اڪيڊمڪ قسم جون ڪانفرنسون هيون، انهن ۾ اسڪالرن ۽ اديبن مقالا پڙهيا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ حيثيت جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ويو، تنهن کانسواءِ ڪيترن ئي هنڌن تي ”سنڌي ٻولي-قومي ٻولي“ جاڳرتا ريليون به ڪڍيون ويون هيون، ان وقت آگسٽ جي مهيني کي فوڪس ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته 29 آگسٽ 1857ع تي سنڌ جي تڏهوڪي ڪمشنر ”سربارٽل فريئر“ انگريز سرڪار پاران پڌرنامو جاري ڪري سنڌي ٻوليءَ کي فارسيءَ جي جاءِ تي دفتري زبان طور لاڳو ڪيو هو ۽ 29 آگسٽ کي سنڌي ٻولي جي حوالي سان يادگار ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي، ان کانپوءِ 9 نومبر 2008ع تي سنڌي ادبي سنگت جي ٿيل ڪاروباري ڪميٽي جو گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ سال يعني 2009ع جي پهرينءَ ڏينهن کان وٺي 21 فيبروري تائين سنڌي ٻولي-قومي ٻولي جاڳرتا مهم هلائي ويندي، ان مرحلي ۾ ”سنڌ سنگت“ پاران هڪ پوسٽ ڪارڊ ڇپرايو ويو، جيڪو پاڪستان جي تڏهوڪي صدر ۽ پي پي پي جي شريڪ چيئرپرسن آصف علي زرداريءَ کي روانو ڪيو ويو، ان پوسٽ ڪارڊ ۾ صدر صاحب کي مخاطب ٿي لکيو ويو هو:
”جناب صدر صاحب !سنڌي ٻولي قديم زماني کان وٺي سنڌ جي ماڻهن جي مادري زبان هئڻ سان گڏ، روزمره واپار توڙي عام استعمال جي زبان رهي آهي، 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته هنن به سنڌي ٻوليءَ جي اها حيثيت برقرار رکي ۽ پاڻ سنڌي ٻولي جي رسم الخط کي سڌاري ۽ سنواري، سرڪاري طور هڪ ئي لپي رائج ڪئي ۽ 29 آگسٽ 1857ع تي سنڌ جي ڪمشنر ”سربارٽل فريئر“ هڪ پڌرنامي جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي دفتري زبان قرار ڏنو، پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 1959ع ۾ مارشل لا اختيارين هڪ زباني حڪم جي ذريعي سنڌي ٻولي جي اها حيثيت ختم ڪري ڇڏي . 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌ اسيمبليءَ اڪثريتي راءِ سان ”سنڌي ٻولي“ بل پاس ڪيو، جنهن موجب 12 سالن جي اندر سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي دفتري زبان طور لاڳو ٿيڻون هو، پر مارشل لا لڳڻ سبب ائين ٿي نه سگهيو. جناب صدر! هاڻ جڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سنڌ توڙي وفاق ۾ پ پ پ جي حڪومت قائم ٿي آهي ۽ اوهان مملڪت جون واڳون سنڀاليون آهن ۽ پي پي پي حڪومت کي سنڌ جو عوام پنهنجي حڪومت ٿو سمجهي ته پي پي پي گورنمينٽ مان اها اميد ٿي ڪجي ته اها آئيني ترميم جي ذريعي سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيئي ان جي هزارين سالن جي حيثيت بحال ڪري، نه رڳو سنڌي ٻولي، پر ٻين پاڪستاني ٻولين پشتو، سرائيڪي، بلوچي ۽ پنجابيءَ کي به آئيني ترميم وسيلي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي، اهو قدم نه رڳو ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي، پر ملڪ جي بقا ۽ سلامتيءَ جي لاءِ به اهم قدم هوندو.“
ان مهم دوران اهڙا هزارين ڪارڊ سڄي سنڌ مان نالا لکي، ايوان صدر اسلام آباد موڪليا ويا هئا. سنڌي ادبي سنگت جي پڌرنامي ۾ آهي ته، ”اسان جو اهو ايمان آهي ته پاڪستان گهڻ قومي ۽ گهڻ ثقافتي ملڪ آهي ۽ انهن وحدتن جون زبانون هن ملڪ جون قومي زبانون آهن.“ سنگت جي ان پڌرنامي تي عمل ڪندي سنگت پاران سدائين پاڪستان جي ٻين صوبائي ٻولين کي به قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جي گهر ٿيندي رهي آهي، ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران 15 مارچ 2010ع تي اسلام آباد ۾ چئني صوبن جي ادبي تنظيمن جو هڪ اجلاس ڪوٺايو ويو ، جنهن ۾ گڏيل راءِ سان هڪ پڌرنامون ”اسلام آباد ڊڪليئريشن“ جاري ڪيو ويو، ان ۾ ملڪ جي چئني صوبائي ٻولين کي آئيني ترميم ذريعي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي هئي، ان ۾ آئين ۾ اڳ ۾ ئي موجود اردو جي پاڪستان جي سرڪاري زبان هئڻ جي حيثيت کي تسليم ڪندي، ان کي رابطي جي زبان قرار ڏيندي چيو ويو هو ته ”سنڌي، پنجابي، بلوچ ۽ پشتو زبانن جو اردوءَ سان ڪوبه جڳهڙو ڪونهي.“ ان ڊڪليئريشن تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران تڏهوڪي سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي، بلوچي لٽرري فورم پاران عبدالحڪيم بلوچ، پنجابي نيشنل ڪانفرنس پاران نظير احمد ڪهوٽ، عالمي پشتو ڪانفرنس پاران سليم راز ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان پاران راحت سعيد صحيحون ڪيون هيون. اهو پهريون ڀيرو هو جو ملڪ جي وڏين ادبي تنظيمن گڏيل طور تي پاڪستان جي صوبائي ٻولين جي حوالي سان گڏيل ۽ چٽو موقف اختيار ڪيو. جيڪو ڪريڊٽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ کي وڃي ٿو.
پاڪستان جي بدقسمتي اها آهي ته پاڪستان جي قيام کان پوءِ فوري طور تي هڪ مخصوص ذهنيت جي هندستان مان لڏي آيل ڪامورا شاهي هن ملڪ جي اَڇي ۽ ڪاري جي مالڪ بنجي ويئي، ان کي هن ملڪ ۽ ان جي وحدتن جي ٻولين ۽ ثقافت بابت ڪابه ڄاڻ ۽ دلچسپي نه هئي ۽ نه ئي وري کين زميني حقيقتن جو ڪو ادراڪ هو ۽ هنن حالتن جي جائزي وٺڻ کانسواءِ ئي اردوءَ کي پاڪستان جي قومي زبان جو درجو ڏيئي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 21 فيبروري 1952ع تي ڍاڪا ۾ بنگالي شاگردن پاران بنگالي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ پُرامن مظاهرو ڪيو ويو ۽ جواب ۾ رياست پاران ڀيانڪ تشدد جي ڪارروائي سامهون آئي، جنهن جي نتيجي ۾ پنج شاگرد شهيد ٿي ويا ۽ اها تحريڪ سڄي اوڀر پاڪستان (هاڻوڪو بنگلاديش) ۾ پکڙجي وئي، جنهن جو ذڪر پاڻ مٿي ڪري آيا آهيون ۽ اها ئي تحريڪ اڳتي هلي بنگلاديش جي ٺهڻ جو سبب بڻي .
ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان جي ڀيٽ ۾ هندستان، جتي ٻين ڪيترن ئي اهم مسئلن کي نبيريو ويو، اتي ٻولين جي مسئلي کي به نهايت خوش اسلوبي ۽ بنا تعصب جي نبيريو ويو. پاڪستان جي ڀيٽ ۾ هندستان ۾ لاتعداد ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، انهن مان 22 ٻولين کي هندستان جي آئين جي اٺين شيڊول ۾ جاءِ مليل آهي ۽ اهي وفاقي سرڪار وٽ ”قومي ٻولين“ طور قبول ڪيل آهن. انهن 22 ٻولين ۾: آسامي، بنگالي، بودو، سنسڪرت، هندي، گجراتي، ڪنڙ، ڪشميري، ڪونڪني، مليالم، منيپوري، مراٺي يا مرهٽي، نيپالي، اڙيا، پنجابي، سنڌي، تامل، تيلگو يا ميٿلي، ڊوگري، مليالي ۽ اردو شامل آهن. سنڌي، جنهن کي پنهنجي وطن ۾ ”آئيني طور“ قومي ٻولي جو درجو حاصل نه آهي، ان کي هندستان جي آئين ۾ قومي ٻوليءَ طور تسليم ڪيو ويو آهي ۽ ان درجي ڏيارڻ ۾ هندستان جي سنڌي اديبن، ليکڪن ۽ سياسي ڪارڪنن جي ڊگهي جدوجهد شامل آهي، اهڙي ئي جدوجهد جي تقاضا هينئر سنڌي اديبن، ليکڪن ۽ سياسي ڪارڪنن کان ڪري سگهجي ٿي.