سُهڻي ٻُڏي سيرَ ۾...!
طارق اشرف هڪ سچو، کهرو ۽ منهن تي چئي ڏيندڙ شخص هو، اهو ئي سبب هو، جو طارق اشرف گهڻن کي نه وڻندو هو. طارق اشرف جي وفات 14 اپريل 1992ع تي دل جي ڌڙڪن بند ٿيڻ سبب ٿي، طارق اشرف بنيادي طرح ڪهاڻيڪار هو، هن نه رڳو پاڻ سنڌي ادب کي سُٺيون ڪهاڻيون ڏنيون، پر هن سنڌي ادب کي سٺا ڪهاڻيڪار به ڏنا، جن مان ڪيترا ته اڄ جي ڪهاڻي کيتر جا اهم ۽ وڏا نالا آهن. نه رڳو اهو، پر ڪيترن ئي ليکڪن کي صحيح معنيٰ ۾ طارق اشرف جي محنت ئي ليکڪ بڻايو. طارق اشرف وٽ هڪ اهڙي اک هوندي هئي، جيڪا هڪدم تاڻي وٺندي هئي ته همراهه ۾ داڻا آهن ۽ پوءِ هو انهيءَ جي پويان لڳي ويندو هو ۽ نيٺ انهيءَ کي ليکڪ بڻائي ئي ساهي پٽيندو هو، تنهنڪري دوست طارق اشرف لاءِ چوندا هئا ته، ”طارق اشرف سدائين پيٽ سان هوندو آهي ۽ ليکڪ ڄڻيندو رهندو هو.“ طارق اشرف کي جيترو عشق ”سهڻي“ رسالي سان هو، ايترو شايد ئي ڪنهن ٻي شئي سان هجي، پر افسوس جو سندس وفات کانپوءِ، ٻيو ته ٺهيو، پر اسان سندس ڇڏيل ورثو، ”سهڻي“ پڻ سنڀالي نه سگهياسين ۽ ماهوار سهڻي به ڄڻ طارق اشرف سان گڏ ئي فوت ٿي وئي، ’سهڻي‘ هڪ رسالو ڪونه هو، پر سهڻي هڪ تحريڪ هئي، سهڻي هڪ تحرڪ هو، هڪ ڇاڻي هئي، جيڪا سٺا اديب ڇاڻي سنڌي ٻوليءَ جي ٿالهه ۾ وجهندي هئي.
”سهڻي“ رسالي جا ٻه دور هئا، هڪ ستر وارو ڏهاڪو، جنهن ۾ ’سهڻي‘ ڊائجسٽ سائيز ۾ ڇپجندي هئي. انهيءَ دور ۾ سهڻي جو نالو نه رڳو پنهنجي معيار جي ڪري مٿانهون هوندو هو، پر انهيءَ جا ايڊيٽوريل ”سهڻي“ جي جان هوندا هئا. بي باڪ ٿيڻ جي ڏوهه ۾ طارق اشرف کي جيل ۾ وڌو ويو ۽ سهڻي تي پابندي هنئي وئي. طارق اشرف جو جيل جو اهو عرصو ٻاويهه مهينا رهيو، جنهن ۾ هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾: ”ٻاويهه مهينا جيل ۾“ (ٻه ڀاڱا) اڌ ملاقات (خط) جيل گهاريم جن سين (جيل جي ساٿين تي خاڪا) ۽ ميرو ڌاڙيل (سوانحي ناول) شامل آهن.
طارق اشرف، ضياالحق جي آپي شاهيءَ جي دور ۾ 1983ع ۾ به جيل ويو، اُن جو سبب 1973ع ۾، سهڻي پريس مان رسول بخش پليجي جو ڪتاب ”صبح ٿيندو“ ڇپجڻ هو. طارق اشرف جو جيل جو اهو عرصو ٽي مهينا رهيو، جنهن دوران پاڻ ”هٿين هٿ ڪڙول“ جي نالي سان جيل جي ڊائري لکيائين، اهو دور ايم آر ڊي جي تحريڪ جو دور هو ۽ جيلن ۾ ڪيترائي سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن موجود هئا. جن مان ڪيترن جو ذڪر طارق اشرف جي ان ڪتاب ۾ ملي ٿو. سهڻيءَ جي انهيءَ پهرينءَ دور ۾ طارق اشرف هڪ نئين روايت کي جنم ڏنو، يعني جيئرن اديبن تي مڃتا طور نمبر ڪڍڻ جي روايت وڌي. پاڻ سهڻيءَ جا ٻه شاندار نمبر ”امر جليل نمبر“ ۽ ”نسيم کرل“ نمبر ڪڍيائين. سهڻي جو ٻيو دور 1988ع کانپوءِ شروع ٿيو، جڏهن محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿي. ان وقت نهايت سهڻي گيٽ اپ ۽ ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿي ڇپجندي هئي ۽ طارق اشرف سهڻيءَ جي اڳوڻي روايت برقرار رکندي شيخ اياز تي ”سهڻي“ جا ٻه شاندار نمبر ڪڍيا، سهڻي جهڙا نمبر اڄ تائين سنڌي جي ڪنهن به اديب تي نڪري نه سگهيا آهن.
طارق، اشرف سان منهنجو رشتو سدائين محبت ۽ دوستيءَ وارو رهيو ۽ آئون سندس سهڻي پريس مان ڪتاب به ڇپرائيندو هئس، پوءِ جڏهن محترم غلام حسين رنگريز ’سنڌي ادبي سنگت سنڌ‘ جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو ته ’سنگت پبليڪيشن‘ شايع جو فيصلو ڪيوسين، جنهن جا پهريان ٽي پرچا سهڻي پريس ۾ منهنجي نگرانيءَ ۾ طارق اشرف ئي ڇپيا، جن جو ذڪر غلام حسين رنگريز ”سنڌي ادبي سنگت، ٻه ساله رپورٽ 89-1988ع“ ۾ هنن لفظن ۾ ڪيو آهي. ”آئون يوسف سنڌيءَ جو خصوصي طرح شڪريو مڃان ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جي ڪوشش سان ئي پرچو پريس ۾ پهتو ٿي ۽ ڇپجي پڌرو ٿيو ٿي. محترم طارق اشرف پهرين ٽن پرچن جي ڇپائي ۾ ساراهه جوڳو ”سهڪار“ ڪيو ۽ سنگت جي ڪتابن کي پنهنجائپ جي نظرن سان ڏٺو ٿي.“
مون طارق اشرف کان سهڻي پريس مان جيڪو پهريون ڪتاب ڇپرايو، اهو پروفيسر عزيز الدين احمد جي ڪتاب ”ڪيا هم اڪٺي رهه سڪتي هين“ جي هڪ باب جو ترجمو هو، جيڪو ”سنڌ-پاڪستان کانپوءِ“ جي نالي سان ترجمو ڪيو هئم، اڳتي هلي کانئس ٻيا ڪتاب به ڇپرايم. ان وقت يارهن سالن جي ڊگهي ضياالحقي آمريت، گُهٽ ۽ ٻوسٽ واري دور کانپوءِ جمهوريت بحال ٿي هئي، محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿي، ڪجهه آزاديون مليون ۽ ساهه کڻڻ جيتري وٿي ملي، انهيءَ موقعي جو فائدو وٺي طارق اشرف پنهنجي جيل جي ساٿين شاهنواز جوڻيجي، جيڪو محترمه بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ وزير هو ۽ بابو غلام حسين وغيره کي خط لکي کين سهڻي جو ڊڪليئريشن ٻيهر ڏيارڻ ۽ سندس ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ لکيو.
طارق اشرف سان اڪثر سنڌي اديبن، انهن جي قول ۽ فعل، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي آئيندي بابت ڊگهيون ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون هيون، تنهن کانسواءِ ان وقت ٿيندڙ لساني فسادن جي باري ۾ به ڊگها ڊگها بحث مباحثا ٿيندا هئا، انهن بحثن مان مون طارق اشرف کان گهڻو ڪجهه سکيو ۽ سمجهيو. انهن ڪچهرين دوران طارق اشرف ڪڏهن ڪڏهن ناميارن سنڌي اديبن بابت عجيب ۽ دلچسپ ڳالهيون ٻُڌائيندو هو، جو حيران ٿي ويندو هئس، پر مون اها ڳالهه شدت سان محسوس ڪئي ته اختلافن هوندي به طارق اشرف ذاتي حوالن سان اهڙن اديبن کي سدائين مڃتا ڏني، جيئن شيخ اياز سان اختلافن هوندي به مٿس ٻه شاندار نمبر ڪڍيائين ۽ انهن جي مهورت پڻ ڪرايائين. اهڙو ئي اعلان هن امر جليل لاءِ به ڪيو هو، ته مٿس ٻيو نمبر ڪڍيو ويندو، پر حياتيءَ ساڻس وفا نه ڪئي.
طارق اشرف کي ”سهڻي“ سان عشق ته هو، پر ان عشق ۾ پاڻ ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪيائين. 1977ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ طارق اشرف 22 مهينا جيل ڪاٽڻ کانپوءِ ٻاهر نڪتو ته ان وقت سندس حالتون گهڻيون خراب هُيون، ايڪڙ ٻيڪڙ دوستن کي ڇڏي باقي ٻيا ڳولهيا به نٿي لڀيا، تڏهن مارشلا اختياريءَ وارن کيس ٽي وي پروگرام ”ظلم ڪي داستان“ ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ساڻس ٿيل زيادتين جي باري ۾ ڳالهائڻ جي لاءِ چيو، گڏوگڏ کيس ”سهڻي“ جو ڊڪليئريشن ڏيڻ سان گڏ، سهڻيءَ جي ڇپائي واسطي، اشتهارن جي صورت ۾ هزارين روپيا اڳواٽ ڏيڻ ۽ زمين ڏيڻ جي آڇ ڪئي. پر پاڻ اها آڇ قبول نه ڪيائين. مون کانئس اها آڇ قبول نه ڪرڻ جو سبب پڇيو، ڇو ته ان پروگرام ۾ ڪيترائي ڏسڻا واسڻا دوست شريڪ ٿي فائدا حاصل ڪري چڪا هئا، پاڻ وراڻيائين، ”مان ڀٽي صاحب جو مداح رهيو آهيان، ڀٽو چونڊيل وزيراعظم هو، ڀٽي صاحب کي جنهن طريقي سان هٽايو ويو، ان کي آئون ناجائز ٿو سمجهان ۽ ان وقت ڀُٽي صاحب جي مخالفت ۾ ڳالهائڻ معنيٰ مارشلا ۽ ضياالحق جي حمايت ڪرڻ هو، جيڪا ڳالهه منهنجي ضمير گوارا نه ٿي ڪئي.“
طارق اشرف سان اڪثر حجتون به پيو ڪندو هئس، هڪ ڀيري کيس هري موٽواڻيءَ جو ڪتاب ”جڙيل جن سان جند“ ڏيڻ جي لاءِ چيم، جيڪو پاڻ ”سهڻي پبليڪيشن“ پاران ڇپرايو هئائين، سندس لنوائڻ تي اُٿي ڪتابن مان هڪ ڪاپي کڻي ٿيلهي ۾ وڌم ۽ چيم، ”ٺيڪ آهي، اوهين نه ڏيو، مون کڻي ورتي آهي.“ اهو ڏسي مُرڪي چيائين، ”کڻي ته زوري ٿو، پر ڏي ته لکي ڏيانوَ.“ پوءِ انهيءَ ڪتاب تي لکيائين، ”يوسف سنڌيءَ لاءِ، جيڪو زوري ڦريو پيو وڃي.“
هڪ ڀيري، طارق اشرف جي پريس جي اندر سندس هڪ غير سنڌي مشين مين پاران الطاف حسين جي هنيل فوٽوءَ تي جذباتي ٿي ٽنڊي محمد خان جي هڪ دوست سارنگ شاهه، طارق اشرف جي خلاف بيان ڪڍيو، مون اهو پڙهيو ته پنهنجي هڪ اخباري دوست فدا حسين شاهه کي ٻُڌايم ته ”اڄ اخبار ۾ طارق اشرف جي خلاف بيان لڳو پيو آهي.“ ان دوست ڳالهه سمجهڻ کانسواءِ وڃي طارق اشرف کي ٻڌايو ته ”اڄوڪي اخبار ۾ يوسف توهانجي خلاف بيان ڏنو آهي.“ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ساڻس ملاقات ٿي ته کلندي چيائين، ”تنهنجو بيان، جيڪو تو منهنجي خلاف ڏنو آهي، پڙهيو ته ڪونه اٿم، پر ٻُڌو اٿم.“ اهو ٻُڌي مونکي حيرت سان گڏ ٿوري پريشاني به ٿي ۽ مون کيس ٻڌايو ته ”اهو بيان منهنجو نه، پر فلاڻي دوست جو آهي، مون پڻ اخبار ۾ ئي پڙهيو هو.“ اهو ٻُڌي پاڻ مُرڪي پيو هو ۽ چيائين، ”مونکي پاڻ اها ڳالهه سمجهه ۾ نه پي آئي ته تون منهنجي خلاف بيان ڪيئن ڏيندين، ڇو ته تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ پريس ۾ لڳل الطاف حسين جي فوٽوءَ بابت ڪيترائي ڀيرا ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي هئي.“
طارق اشرف سان اڪثر مختلف موضوعن تي ڪچهريون پيون ٿينديون هيون ۽ هي ڪجهه ڳالهيون فقط سندس ساهه سڌير ياد کي تازو ڪرڻ جي لاءِ لکيون اٿم، اهو ان ڪري ته طارق اشرف نالي شخص کي ته وساري سگهجي ٿو، پر اهو طارق اشرف جيڪو ”سهڻي“ جي روپ ۾ هڪ ادارو هو، هڪ تحريڪ هو، هڪ تحرڪ هو، انهيءَ طارق اشرف کي وسارڻ ممڪن ڪونهي.