عظيم انقلابي مزدڪ
مزدڪ جو فارسي شاعريءَ ۾ سڀ کان پهرين تذڪرو فردوسيءَ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”شاهنامه“ ۾ ڪيو آهي، جنهن ۾ هن مزدڪ کي ”سخن گوئي با دانش درائي د کام“ (يعني هڪ شخص (مزدڪ) پيدا ٿيو، جيڪو ڏاهپ ڀريون ڳالهيون ڪندو هو) جي لقب سان ياد ڪيو آهي.
مزدڪي تحريڪ کي سمجهڻ لاءِ ايران جي ”ساساني دور“ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو اُڀياس ڪرڻون پوندو، تاريخ جي مطالعي مان اسين ان نتيجي تي پهتا آهيون ته ايران جي ساساني حڪومتن هڪ اهڙي سماج کي پيدا ڪيو، جنهن ۾ سياست جابريت جي شڪل اختيار ڪري ويئي هئي، وقت جي اشرافيه، عام ماڻهن تي، زندگيءَ جا هڙئي دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا، ان دور جي طبقاتي نظام ۾ دردناڪ حد تائين خاندانيت، ٻانهپ ۽ جاگيرداريت جا خوني چنبا کُتل هئا. ساساني دور ۾ ست اشرافيه گهراڻا اڇي ۽ ڪاري جا ڌڻي هئا ۽ ايران ۾ طبقاتي فرق جا بنياد ايترا ته سگهارا هئا، جو انهن جون حدون مقرر ٿيل هيون، خواص ۽ عوام جي وچ ۾ موجود ان فرق کي ڪير به ختم نٿي ڪري سگهيو. عام ماڻهن کي اميرن جهڙا ڪپڙا پائڻ، انهن جهڙا طور طريقا ۽ شوق شغل اختيار ڪرڻ جي به اجازت نه هئي. ان کان به وڌيڪ سخت قانون اهو هو ته ڪوبه شخص پنهنجو اباڻون ڌنڌو ڇڏي نٿي سگهيو. جيڪڏهن ڪو شخص هاريءَ جي گهر ۾ جنميو هو ته کيس سڄي عمر هاري ئي رهڻون هو، جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن امير گهراڻي ۾ جنميو هو ته کيس ڪابه طاقت سندس خانداني مرتبي کان محروم ڪري نٿي سگهي، اميرن ۽ شاهوڪارن جو حسب نسب ۽ انهن جي ملڪيتن جو تحفظ قانون جي ذمي هو، عوام کي وڏ گهراڻن جي ملڪيت خريدڻ جي موڪل نه هئي. هارين جي حالت ته عام شهرين کان به خراب هئي. کانئن هر قسم جي ڇيڙ، بيگر ۽ ٻي خذمت ورتي ويندي هئي. کين زمين رکڻ جو حق حاصل نه هو. جنگ جي موقعي تي کين زوري فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويندو هو، پر کين ڪوبه اجورو يا پگهار نه ملندي هئي، هڪ مورخ لکي ٿو، ”انهن مسڪين هارين جا وڏا وڏا جٿا فوج جي پويان هلندا هئا، ڄڻ ابدي غلامي هنن جي ڀاڳ ۾ لکيل هئي، ڪنهن به قسم جي پگهار يا اجرت سان سندن حوصلي افزائي نه ڪئي ويندي هئي.“ ڦرلٽ ۽ قبضه گيري ۽ ذخيري اندوزي ايتري ته عام هئي جو مٿين طبقن اناج جا سڀ ذخيرا پنهنجي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيا ۽ خدا جي خلق کي بُکن وگهي مرڻ جي لاءِ ڇڏيو ويو، ڏڪار منهن ڪڍيو ته ماڻهن ۾ بي چيني پيدا ٿي ويئي ۽ هو بُکن وگهي مرڻ لڳا. اهو حال ڏسي مزدڪ جي صبر جو پيالو ڇلڪي پيو ۽ هن انقلاب جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ ماڻهون سندس اڳواڻيءَ ۾ اناج جي ذخيرن ۽ گودامن تي ڪڙڪي پيا، ايتريقدر جو شهنشاهه قباد جا اناج جا ذخيرا به بچي نه سگهيا، عوام جي ان انقلاب جي سامهون بادشاهه کي جهڪڻون پيو ۽ اناج جا ذخيرا عوام لاءِ کوليا ويا ۽ عوام بُک مرڻ کان بچي ويو.
ان واقعي کانپوءِ ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ مزدڪيت جا پوئلڳ بنجڻ لڳا، مزدڪ چيو، ”دنياوي ملڪيت مان سڀني کي هڪ جهڙو حصو ملڻ گهرجي.“ مزدڪ سماجي براين جي خلاف کلي عام جدوجهد جو اعلان ڪيو، هن گهر ڪئي ته وڏيرن، جاگيردارن ۽ رئيسن کان سندس ضرورت کان وڌيڪ ملڪيت کسي وڃي، مزدڪ جي نظر ۾ لالچ، جوف ۽ خود غرضي ئي سڀني براين جو بنياد آهي، مزدڪ مذهبي رسمن جي اهميت گهٽائي ،هن جو نظريو اهو هو ته اصل مذهبي ماڻهو اهو هوندو آهي، جيڪو ڪائنات جي اصول کي سمجهي ۽ اُن موجب هلي.هن نفس ڪشيءَ تي زور ڏنو، ڇاڪاڻ ته نفساني خواهشون ئي لالچ کي جنم ڏين ٿيون، هو زرتشتي مُلن جي سگهاري پوزيشن تي سخت تنقيد ڪندو هو، سندس خيال موجب انهن زرتشتي مُلن ئي عوام کي محڪوم بڻائي رکڻ لاءِ حڪمرانن جو ساٿ ڏئي غربت وڌائي آهي، مزدڪ جي نظر ۾ خدا هن زمين تي گذران لاءِ گهڻو ڪجهه مهيا ڪيو آهي، پر سگهارن ماڻهن، ڪمزورن کي گمراهه ڪري بالادستي قائم ڪري، اڻ برابري پيدا ڪئي. ان بدبختيءَ جو علاج فقط انصاف جي بحالي آهي ۽ هر شخص ضرورت کان وڌيڪ شين ۾ هڪ جيترو حقدار آهي، ان مقصد جي لاءِ سڀني کي گڏيل بنائڻ گهرجي. وقتي طرح بادشاهه قباد سياسي مصلحت اختيار ڪندي، ان تحريڪ جي حمايت ڪري، سُڌارن جو پروگرام شروع ڪيو، جنهن سان زرتشتي مُلان ۽ جاگيردار قباد جي خلاف اُٿي کڙا ٿيا ۽ رد انقلاب ۾ 496ع ۾ قباد کي تخت تان لاهي سندس ڀاءُ کي تخت تي ويهاريو. تخت ۽ تاج کي ايئن هٿن مان ويندو ڏسي قباد سڄي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ هڪدم پاسو بدلايو، ٽن سالن کانپوءِ هن ٻيهر زرتشتي مذهب اختيار ڪيو ۽ تخت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. هاڻ هو سمجهي چڪو هو ته مزدڪيت هڪ اهڙو انقلاب آهي، جيڪو هن جي بادشاهت جو خاتمو ڪري ئي دم پٽيندو، تنهن ڪري هن مزدڪين جو قتل عام شروع ڪيو. جنهن جي اڳواڻي سندس پُٽ خسرو اول ڪئي، جنهن کي پوءِ نوشيروان جو خطاب مليو.
نوشيروان وڏيرن ۽ زرتشتي مُلن جي اڳواڻي ڪري مزدڪيت قبول ڪرڻ جو ڍونگ ڪيو، ان لاءِ هن هڪ جشن ڪوٺايو، جنهن ۾ کيس باقاعده مزدڪيت قبولڻ جو اعلان ڪرڻو هو، هن شاهي باغ ۾ جشن ملهائڻ جي لاءِ سڀني مزدڪين کي دعوت ڏني. پوءِ مقرر ڏينهن تي جڏهن مزدڪين جو هر گروپ باغ ۾ داخل ٿيندو ويو ته اڳواٽ لڪيل فوجين کين جهلي ماري، پوءِ ايئن زمين ۾ مٿي ڀَـر کوڙي ٿي ڇڏيو، جو سندن ٽنگون هوا ۾ ڪنهن وڻ جيان نظر ٿي آيون. جڏهن سڀ قتل ڪيا ويا ته نوشيروان، مزدڪ کي دعوت ڏيڻ ۽ پاڻ هلي وڃي مکيه دروازي تي سندس آجيان ڪئي ۽ پوءِ کيس باغ جو سير ڪرڻ جي دعوت ڏني، اندر وڃي نوشيروان رڙ ڪري هٿين خالي مزدڪ کي چيو، ”بيهي رهو.“ پوءِ هن زمين ۾ کُتل لاشن ڏانهن اشارو ڪندي چيس، ”هي اهو فصل آهي، جيڪو تو پنهنجي شيطاني نظرييءَ سان پوکيو هو.“ هن اشارو ڪيو ۽ فوجين مزدڪ کي کڻي جلهيو ۽ کيس ٻڌي باغ جي وچ ۾ ان مقصد لاءِ خاص تيار ڪيل هڪ مٿاهين هنڌ تي جيئرو ئي زمين ۾ کوڙي ڇڏيو ۽ سندس جسم تي تيرن جو وسڪارو لاهي ڏنو. اهو واقعو 528ع يا 529ع ۾ پيش آيو. مزدڪين جي ان قتل عام جي باري ۾ تاريخن ۾ آهي ته نوشيروان جي حڪم سان هڪئي ڏينهن ۾ ننڍن وڏن ٽيهن هزارن کان به وڌيڪ مزدڪين کي قتل ڪيو ويو. جنهن جو تفصيل فردوسيءَ شاهنامي ۾ ڏاڍي افسانوي انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
مزدڪي انقلاب حاڪم طبقن، وقت جي وڏيرن ۽ مُلاشاهيءَ جي خلاف هو، جن غلامن کي پيڙي، انهن جي سسئيءَ ۾ رڳو ايترو ساهه ڇڏيو هو، جو هو بس رڳو جيئرو رهي سندن بزگيري ڪندا رهن. اهو ئي سبب آهي، جو مزدڪ ۽ سندس پوئلڳن جي قتل عام کانپوءِ نه رڳو مزدڪي تعليم جي هر لفظ کي مٽايو ويو، پر ماڻهن ۾ هن لاءِ نفرت پيدا ڪرڻ جي لاءِ مٿس طرح طرح جا الزام هڻي، مٿس ملامتن جا تير وسائي سندس تعليم کي مسخ ڪيو ويو.
نوشيروان جي هٿان مزدڪ ۽ سندس ساٿين جي قتل عام جي باوجود به ظاهر آهي ته هيڏي وڏي نظريي کي هڪ ئي ڏينهن ۾ ته ختم ڪرڻ ممڪن نه هو، پر اهو نظريو/فلسفو ته مزدڪ جي قتل کانپوءِ به صدين تائين جاري رهيو، بنا شڪ ۽ شبهي جي مزدڪ جي انقلابي تحريڪ اسان جي خطي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي طبقاتي تحريڪ هئي، ڪميونزم ۽ مزدڪيت ۾ سواءِ ان جي ٻيو ڪوبه فرق ڪونهي ته مزدڪيت مذهبي خصوصيت ٿي رکي. ان قتل عام مان جيڪي مزدڪي بچي ويا، اهي ننڍين ننڍين ٽولين ۾ ايران جي مختلف حصن ۾ وڃي رهيا ۽ پنهنجي سڃاڻپ لڪائي ڇڏيائون ۽ هو ڳجهي نموني مزدڪيت تي عمل ڪندا رهيا، مزدڪ جي فڪر تي ٻڌل دستاويز جو نالو ”ديسند“ آهي، جنهن مزدڪين جي لاءِ مذهبي صحيفي جي حيثيت ٿي رکي.
وقت گذرڻ سان گڏ ڪيترين ئي تحريڪن تي مزدڪيت جي فڪر جا اثر پسي سگهبا هئا، نائين صدي عيسويءَ ۾ عباسين جي خلاف ”خرمين“ جي ويهن سالن تائين هلندڙ تحريڪ تي مزدڪيت جا اثر ڏٺا وڃن ٿا، ان مهم جو باني ”بالڪ خرم دين“ هو، جيڪو ايران ۾ مسلم خلافت کي مڃڻ کان انڪاري هو، ساڳئي نموني عباسي خلافت دوران سامهون ايندڙ قرامطين جي تحريڪ به هئي، جنهن لاءِ مورخن جو لکڻ آهي ته هنن پنهنجي حدن ۾ هڪ مثالي معاشرو قائم ڪيو هو، اُتي شهرين ۾ ملڪيت جي ورهاست سرڪاري سطح تي ٿيندي هئي، ان کانسواءِ قزلباشي تحريڪ جو حوالو به ڏيئي سگهجي ٿو، هو ڳاڙهي رنگ جو پٽڪو ٻڌندا هئا، ان تحريڪ جو باني شيخ صدر هو، جنهن جي پوٽي اسماعيل ايران ۾ صفوي سلطنت جو بنياد رکيو. مٿين تحريڪن کانسواءِ منظرعام تي ايندڙ انقلابي رجحانن ۽ تحريڪن تي مزدڪيت جي واضح اثر کي ڳولهي سگهجي ٿو.