آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اوٻارا عَبير جا

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جي يادن، دوستن تي لکيل خاڪن، اخباري ڪالمن ۽ تاريخ جي جهلڪين جو مجموعو آھي.
يوسف سنڌي ڊگهي عرصي کان علمي، ادبي ۽ سياسي تحريڪن سان سلهاڙيل هئڻ ۽ ان دور جي علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن سان گڏ هئڻ ڪري، هن جي نظرن کان ڪوبه ڪتاب ڏور نٿو وڃي سگهي. ٽيون وري دنيا جي ڪجهه ملڪن جي دورن جي ڪري هن گهڻ رخو مطالعو ۽ مشاهدو حاصل ڪيو آهي. اهڙي طرح هن جا اخباري ڪالم هڪ دُور جي تواريخ لڳن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 3787
  • 603
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اوٻارا عَبير جا

طـايـر زلانـد (افغانستان)

ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن اڃان ڪانفرنس شروع نه ٿي هئي ۽ اسين هوٽل جي لابيءَ ۾ ازبڪستان مان آيل اديب ڊاڪٽر تاش مرزا سان فوٽو ڪڍرائڻ کانپوءِ، ساڻس گڏ بيٺا حالي احوالي ٿي رهيا هئاسين، جو سلوار قميص ۾ هڪ ڳورو چٽو نوجوان اڳتي وڌيو ۽ مونکي ڪئميرا ڏيندي چيائين ”سر، منهنجو تاش مرزا سان گڏ فوٽو ڪڍو“. مون ڏانهس هڪ نظر ڏٺو، پوءِ کانئس ڪئميرا وٺي سندس تاش مرزا سان ۽ ٻين دوستن سان گڏ ٻه چار فوٽو ڪڍي ورتم.
”ڪٿان آيا آهيو؟“ ڪئميرا واپس ڏيندي پڇيومانس.
”ڪابل! افغانستان مان“ وراڻيائين.
”ويلڪم...“ مون ساڻس هٿ ملائيندي چيو.
”طاير زلاند منهنجو نالو آهي ۽ منهنجو ميڊيا سان تعلق آهي.“ جواب ۾ هٿ ملائيندي مرڪندي چيائين.
(پر سچ اهو آهي ته طاير جي نالي مونکي ڏاڍو مُنجهايو، آئون ڪيڏي مهل کيس طاهر جلوانه پيو لکان ته ڪيڏي مهل ظلوانه، پر هاڻ جڏهن فيس بوڪ تي هڪٻئي سان ايڊ ٿيا آهيون ته مونکي سندس نالي جي صحيح اُچار جي خبر پئي آهي يعني ( Tair Zaland) طاير زلاند)
”ڏي خبر طاير! ڀلا افغانستان جي اڄوڪين چونڊن ۾ ڪير کٽندو؟“ سندس تعارف ڪرائڻ تي مون به بنا دير جي کڻي سوال ڪيومانس. اهو پندرهين جون جو ڏينهن هو ۽ ان ڏينهن افغانستان ۾ صدارتي چونڊن جي ٻي مرحلي لاءِ ووٽنگ ٿي رهي هئي.
”اشرف غني.“ طاير جواب ڏنو.
مون حيرت جو اظهار ڪندي چيو، ”اهو وري ڪيئن؟ هت اسان وٽ پاڪستان ۾ ته عبدالله عبدالله جي ڪاميابي جي اڳ ڪٿي ڪئي پئي وڃي.“
”اصل ۾ پاڪستاني ميڊيا جي اڪثر تجزيي نگارن کي افغانستان جي زميني حقيقتن جي خبر نه آهي ۽ هو اڪثر افغانستان جي باري ۾ منفي ۽ مفروضن تي ٻڌل خبرون ڏين ۽ تاثر اُڀارين ٿا.“ طاير وراڻيو ۽ اها ساڳئي ڳالهه طاير ٻي ڏينهن پنهنجي تقرير ۾ پڻ ڪئي ته ”پاڪستاني ميڊيا ۾ افغانستان جي باري ۾ منفي خبرون اچن ٿيون.“
سندس اها ڳالهه ٻُڌي مون پڇيس، ”طاير! ڀلا ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي ته طالبانن جي حڪومت کانسواءِ افغانستان جي باقي هر حڪومت پاڪستان تي الزام تراشيون ڪندي رهندي آهي ۽ هندستان جي ويجهو هوندي آهي.“ ته طاير مرڪندي سنجيدگيءَ سان وراڻيو، ”پاڪستان ته افغانستان ۾ فقط مجاهد ٿو موڪلي، مجاهدن سان افغان عوام جو پيٽ ته نه ڀربو، جڏهن ته هندستان، افغانستان ۾ اسڪول، اسپتالون، روڊ ۽ رستا اڏڻ سان گڏ ڪتاب ۽ ٻيون ضرورت جون شيون به موڪلي ٿو. افغان عوام کي مجاهدن جي بندوقن جي بدران جن شين جي گهرج آهي، پاڪستان جڏهن به هندستان جيان اهي شيون موڪليندو ته افغان عوام ۽ حڪومتون پاڪستان تي الزام هڻڻ جي بدران، پاڪستان جي ويجهو اينديون. جڏهن ته طالبانن جي دور حڪومت کانسواءِ، دائود جي حڪومت هجي يا ڪامريڊن جي، يا وري هاڻ ڪرزئي جي، هندستان هر ڀيري افغان عوام جون بنيادي گهرجون پوريون ڪيون آهن، ان ڪري افغان عوام ۽ حڪومتون هندستان کي پنهنجو دوست ٿيون سمجهن.“
طاير سان ڪچهري دوران مونکي ان ڳالهه جو به تجسس ٿيو ته پڇانس ته ”هاڻ افغانستان ۾ ڪامريڊن يعني پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جا ڪهڙا حال آهن؟“ ته وراڻيائين، ”اڳوڻا سينيئر اڳواڻ ته سڀ ملڪ ڇڏي هليا ويا آهن. انهن کي هاڻ نه سياست سان دلچسپي آهي ۽ نه ئي وري واپس وطن اچڻ سان. البت پي ڊي پي نالي ۾ موجود آهي، ڪابل ۾ سندن آفيس به آهي، ڪجهه ماڻهو آهن، پر ڪمزور پوزيشن ۾...“
ائين پوءِ باقي ٻه ڏينهن به طاير سان ڪچهريون ٿينديون رهيون. طاير هر وقت پنهنجن دوستن ۽ احبابن جي جهرمٽ ۾ رهندو هو، سندس شخصيت به ڏاڍي پُرڪشش هئي، هو پنهنجي ڊيل ڊول ۾ سمارٽ ۽ بي حد مهذب ۽ شائسته هو. اتي جيڪو ساڻس گڏ چئن پنجن دوستن جو گروپ گڏ هو انهن ۾ هڪ افغانستان مان ساڻس گڏ آيل سعدالله ميوند ۽ ٻيا پاڪستان جا دوست هئس. طاير جي دوستن جي گهيري ۾ رهڻ جي ڪري به طاير جي ويجهو وڃڻ کان رڪجڻون ٿي پيو. اهي سڀ دوست سندس هم عمر هئا، انهن مان هڪ شير جان، ٻي ڏينهن جڏهن طاير ڪانفرنس ۾ اهو چئي پشتو ۾ تقرير ڪئي ته مونکي اردو سٺي نٿي اچي ته اهو سندس تقرير جو اردو ۾ ترجمو ڪندو ويو، جنهن تي اسان جو دوست شهاب خٽڪ مٿس ڏند ڪرٽيندو رهيو ته ”سالا! ترجمي ڪا ستيا ناس ڪر رها هي.“
مونکي طاير جي اردو بدران پشتو ۾ تقرير ڪرڻ تي ٿوري حيرت ٿي، منهنجي خيال ۾ طاير جي اردو ڏاڍي سٺي هئي، هڪ ته هن جي پيدائش پاڪستان جي هئي ۽ ٻيو ته هن تعليم به پاڪستان ۾ پرائي هئي ۽ اردو ادب جو به سٺو پڙهاڪو هو، پر هن پنهنجي ٻوليءَ ۾ تقرير ڪري پنهنجي قومي شناخت جو ثبوت ڏنو.
ڪانفرنس جي آخري ڏينهن تي جڏهن آئون يوگ پاٺڪ کي اڪادمي ادبيات جي آفيس وٺي ويس ۽ اتان ڪجهه ڪتاب خريد ڪيم، جيڪي اڪادمي جي گيسٽ هائوس ۾ منهنجي هٿ ۾ ڏسي طاير پڇيو ته ”ڪٿان ورتا اٿئي؟“ ته مون کيس ٻڌايو ته اڪادمي جي بوڪ شاپ تان. پوءِ اسين ٻئي گڏجي بوڪ شاپ تي آياسين. طاير کي نئين ٽهي جي اردو شاعرن جي مجموعن جي ڳولا هئي، پاڻ ٻڌايائين ته هو جڏهن به پاڪستان ايندو آهي ته هتان پنجاهه سٺ جي لڳ ڀڳ ڪتاب خريد ڪري ويندو آهي.
طاير سان افغاني ادب جي باري ۾ پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. مون کيس ٻڌايو ته مون سلمان لائق جا ڪتاب ۽ نور محمد ترهه ڪي جا ناول اردو ترجمي ۾ پڙهيا آهن، جيڪي ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ ترجمو ڪيا آهن ته چيائين اهي پراڻي دور جا لکيل آهن. هاڻ افغانستان ۾ جنگ کانپوءِ جو لکيل ادب وڌيڪ سگهارو آهي. ان سلسلي ۾ هن ٻن ناولن جي وڏي ساراهه ڪئي ته اهي نئين دور جا نمائندا ناول آهن. پهريون ”خودڪش“، جنهن جو ليکڪ ’محب زعم‘ آهي، جيڪو هاڻ اردوءَ ۾ ترجمو ٿي پِشاور مان ڇپيو آهي ۽ ٻيو ”صدر کي ڪنهن ماريو“، جنهن جو ليکڪ ارثن ننگيال آهي، طاهر ٻڌايو ته ارثن ننگيال بلڪل نئين ٽهيءَ جو ليکڪ آهي ۽ سندس ناول ٽيڪنڪ جي لحاظ کان پڻ منفرد آهي، ٻنهي ناولن ۾ جنگ جون جهلڪيون پڻ موجود آهن.
طاير پاڻ به پشتو جو سٺو غزل گو شاعر آهي، کيس افغانستان ۾ نوجوان شاعرن ۾ وڏي پذيرائي حاصل آهي ۽ سندس غزلن کي گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. سندس غزلن جو پهريون مجموعو 2008ع ۾ ”لپاڪه رپا“ (هٿن ۾ روشني) جي نالي سان ڇپيو ۽ ٻيو مجموعو ”په لپا کبني رپا“ (خوشبوءِ مان رت ٿو ٽُمي) جي نالي سان 2012ع ۾ ڇپيو. تنهن کانسواءِ سندس پشتو شاعريءَ تي تنقيدي ڪتاب ”پشتو شاعري جو تنقيدي جائزو“ پڻ ڇپيل آهي. سندس ٻيو تنقيدي ڪتاب ”ادب ۽ تنقيدي قدر“ جلد ڇپجڻ وارو آهي، طاير شاعر ۽ نقاد هئڻ سان گڏ سٺو افسانه نويس پڻ آهي، سندس افسانن جو مجموعو ”اڌ صديءَ جي ڳولا“ پڻ جلد ڇپجڻ وارو آهي. ائين پاڻ چئي سگهون ٿا ته طاير هڪ شاعر هئڻ سان گڏ سٺو افسانه نويس ۽ نقاد پڻ آهي. طاير وڌيڪ ٻڌايو ته هاڻ هو اردو افسانن جو پشتو ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي. هن اهو پڻ ٻڌايو ته هو نئين ٽهي جي ڪيترن ئي اردو شاعرن جي شاعريءَ جو پشتو ۾ ترجمو ڪندو ٿو رهي، جيڪو افغانستان جي اخبارن ۾ ڇپجندو ٿو رهي.
طاير جو واسطو افغانستان جي صوبي ننگرهار جي هڪ برف پوش علائقي ”اسپين غر“ سان آهي، پر سندس جنم 1987ع ۾ پشاور ۾ ٿيو ۽ پاڻ تعليم به اتي ئي پرايائين. سندس غزلن جو جائزو وٺندڙ ”عمر گل عسڪر“ لکي ٿو، ”طاير زلاند جو شمار افغان نوجوانن جي ان نسل ۾ ٿئي ٿو، جنهن افغان پناهگيرن جي ڪنهن ڪئمپ ۾ جنم ورتو. هنن ڪئمپن جي اسڪول ۽ مدرسن ۾ تعليم پرائيندي، حالتن جي چڪيءَ ۾ پيڙجندي، شعور ۽ فڪر جي سجاڳي سان آشنا ٿيا، جديد فڪر ۽ شعور جي ان سجاڳيءَ بادشاهي نظام جي گُهٽ ۽ ٻوسٽ جي تخليقي عمل کي بدلائي ڇڏيو ۽ پوءِ پاڪستان جي ڏورانهن هنڌن جي آزاد ماڻهن جي آزاد ۽ جديد فڪر مان سيراب ٿي، افغان نوجوان ٽهي ته ادب جي تخليقي کيتر ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو، اسين پاڪستاني پشتون جيڪي ڪجهه وڏن وڏن افغان محققن جي نالن ۽ ڪم کان واقف هئاسين، هاڻ هڪ نئين ۽ سگهاري کيپ کي پروان چڙهندي ڏسي رهيا آهيون، انهن ۾ طاير زلاند جيان ٻين به اڻ ڳڻين نوجوانن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي، جيڪي پنهنجي صلاحيتن جي ٻَل تي سڄي دنيا ۾ ۽ پنهنجي ملڪ افغانستان ۾ ميڊيا سان واڳجي علم ۽ ڏاهپ جي روشني پکيڙي رهيا آهن. هاڻ هو بادشاهي نظام جي ٻوساٽ کان آزاد ٿي چڪا آهن ۽ ٻين به ڪيترن نظامن جهڙوڪ: جمهوريت، ڪميونزم، ويڙهو حاڪميت ۽ عقيدن جي دورن جو تجربو حاصل ڪري چڪا آهن ۽ انهن جي ڪارڪردگي ۽ ماحول ڏسي چڪا آهن ۽ بين الاقوامي سطح تي ميڊيا جي ذريعي صحيح ۽ غلط ۾ فرق سمجهي چڪا آهن. هاڻ ته هو پنهنجي تخليقن جي ذريعي اسان کي ڇرڪائي رهيا آهن.“
طاير پيشي جي لحاظ کان صحافي ۽ افغانستان ۾ ’انٽرنيوز سروس‘ سان سينيئر پروڊيوسر جي حيثيت سان لاڳاپيل آهي، ڪانفرنس جي ٻي ڏينهن طاير اعلان ڪيو ته هو افغانستان ۾ ’ايفريقن ايشين رائٽرس يونين‘ جو افغان چيپٽر قائم ڪرڻ ٿو چاهي، جنهن جي تاڙين جي گونج ۾ آجيان ڪئي وئي ۽ هن اهو به چيو ته پاڻ ڪابل ۾ پڻ اهڙي ڪانفرنس ڪرڻ ٿو چاهي جنهن جي ڪانفرنس منتظمين کيس اجازت ڏني.
ڌيمي لهجي ۾ ڳالهائيندڙ ۽ جاذب نظر هئڻ سبب طاير ڪانفرنس ۾ شامل اڪثر دوستن جي ڌيان جو مرڪز رهيو، ٻي ڏينهن جڏهن نصير ميمڻ پاران کيس ٻين مهمانن سان گڏ اجرڪ پارائي ويئي ته هو شام تائين اها پنهنجي ڪنڌ ۾ پايو هليو ۽ اجرڪ سندس ڪنڌ ۾ ڪا ٺهي ٿي ڇا. مون سندس اجرڪ سان هڪ ڦوٽو به ڪڍيو. طاير سان ڪانفرنس جي دوران ڪي تفصيلي ۽ ڊگهيون ڪچهريون ته ٿي نه سگهيون، پر هاڻ فيس بوڪ تي هڪٻئي سان تفصيلي حال احوال ڪندا رهندا آهيون. طاير ڏاڍو سوشل ماڻهو آهي، جيڪڏهن ڪو دوست ساڻس رابطو ڪرڻ چاهي ته سندس اي ميل حاضر آهي. Zaland2010@gmail.com طاير جي غزلن جا اردو م ترجما نه ٿيا آهن، پر پاڻ مون ڏانهن عمر گل عسڪر جو مضمون موڪليائين، ان ۾ سندس غزلن جي ڪجهه بندن جو حوالي طور ترجمو ڏنل آهي، هيٺ سندس انهن غزلن جي ڪجهه بندن جي ترجمي جو ترجمو پيش ڪريان ٿو.
• اي طاير! اسين ته خدا کان تخليق جي باهه ٿا گهرون، پر حالتون اسان جي فڪر تي برف ٿيون وسائين.
• جيڪڏهن آئون شهر جي گهٽين ۾ آرسيون رکي ڇڏيان ته سڀ ماڻهو پنهنجا گريبان ڦاڙي ڇڏين.
• جيڪڏهن آئون هن رڻ ۾ اُميد جو پڙاڏو ناهيان ته پوءِ ڪو مونکي منهنجي حقيقت ٻڌائي.
• طاير، جيڪڏهن هن جي نيڻن ۾ سپنا نه آهن ته هن جي خوابن جي آئون ڪيئن تعبير ڪريان.
• مونکي حالتن جي گهٽيءَ پنهنجي گهيري ۾ وٺي رکيو آهي ۽ شهر جي ڀتين تي ماتم لکيل آهي.
• مون فڪر جي سوجهري کي زندگيءَ ۾ محفوظ ڪري ورتو آهي، هاڻ آئون وسامندڙ ڏيئو نه آهيان، هوائن کي ٻُڌائي ڇڏيو.
• اي فڪر، آئون تنهنجي ڪلهن تان وهم جي مٽيءَ ڇنڊي رهيو آهيان، مون زندگي جي رڻ ۾ تبديليءَ جو ٻُڌو آهي.
• زمين تي ته روشني جي گهرج آهي، آسمان تان تارا ڇو نٿا لهن.
• طاير، جيڪي اونداهين جي جهنگ ۾ راتيون گذارين ٿا، قسمت ڏسو، اهي ئي همراهه پرهه ڦٽي جا خواب ڏسن ٿا.