جڏهن انگريزن سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي قرار ڏنو
ان وقت هر قبيلي وٽ پنهنجي رسم الخط هوندي هئي. سنڌي لهاڻا پنهنجي نموني لکندا هئا ته ڀاٽيا پنهنجي رسم الخط ۾. ٺٽائي ڀاٽين ۽ سيوهاڻي ڀاٽين جو رسم الخط ڌار هو، راجائي ، ونگائي، مالواڙي ۽ سئنڊو به رسم الخطن جا نالا هئا، عرب سياحن جي احوالن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌي ٻولي واپاري ڏي وٺ ۽ عام استعمال واري ٻولي هئي، ان ۾ نجوم، هيئت، طب ۽ ٻين علمن توڙي واپار، تجارت ۽ روزانو عام استعمال جي شين، مختلف قسم جي ڪپڙن ، دوائن وغيره لاءِ لغتي خزانو موجود هو. مطلب ته اسلام جي آمد کان اڳ به سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جدا جدا لکتن ۾ لکي ويندي هئي.
مٿين سنڌي لکتن کانسواءِ خواجڪي سنڌي صورتخطي جو حوالو ’ڪئپٽن ايسٽوڪ‘ به ڏنو آهي، ان رسم الخط ۾ پوءِ واڌارو ڪري سنڌ ۽ ڪڇ جا نوان مسلمان (اسماعيلي) سومرا دور ۾ عام طور استعمال ڪرڻ لڳا، ان ۾ پير صدرالدين ماترائون شامل ڪري، گڏوگڏ ٻيا سڌارا ۽ واڌارا آڻي، ان تي خواجڪي سنڌي جا چاليهه اکري نالو رکيائون، ڊاڪٽر دائود پوٽي موجب: عربي-سنڌي لکڻي جو قديم نمونو شاهه ڪريم بلڙيءَ جي ڪلام ۾ ملي ٿو. پر ان رسم الخط جو حقيقي پايو وجهندڙ مخدوم ابوالحسن هو، جو ڪلهوڙن جي دور جو وڏو عالم هو، اها رسم الخط 1853ع تائين هلي، جيتوڻيڪ فارسي ادبي ۽ سرڪاري زبان هئي، پر سنڌي سڀني جي روزمره جي زبان هئي.
1843 ع ۾ انگريزن سنڌ جي حڪومت تي قبضو ڪيو، 1845 ع ۾ بمبئي جي بورڊ آف ايجوڪيشن سنڌ ۾ تعليمي ايجنسي ٺاهڻ جو سوال هٿ ۾ کنيو ۽ سنڌيءَ کي صوبي جي سرڪاري زبان بنائڻ جو مطالبو ٿيو، ان تحريڪ نيٺ وڃي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جو سوال پيدا ڪيو. 1848 ع ۾ بمبئي صوبي جي گورنر ” سرجارج ڪلارڪ“ هڪ حڪم نامو ڪڍي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي دفتري ٻولي بنايو.
حڪم نامي ۾ چيل هو:
” اسان کي سرڪاري لکپڙهه لاءِ ملڪي ٻولي يعني سنڌي رائج ڪرڻ گهرجي، آئون نٿو سمجهان ته ڪهڙي نموني اسان جا روينيو ۽ عدالتي آفيسر ڪاميابيءَ سان ڌارين ٻولي، جهڙوڪ فارسي يا انگريزي ۾ لکپڙهه هلائي سگهندا، تنهن ڪري ارڙهن مهينن جو مدو اهڙن ملازمن کي ڏنو وڃي، جنهن ۾ هو سڀ سنڌي ٻولي جو امتحان پاس ڪن، گرامر ، لغت ڇپرائڻ جو ڪم به ترت ڪيو وڃي.“
1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر هڪ اطلاع نامو ڪڍي سرڪاري عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن ، ان ۾ ڄاڻايل هو ته :
(الف) آئيندي سڀ سرڪاري لکپڙهه سنڌيءَ ۾ هلي ( ب) يورپي ۽ ٻيا آفيسر سنڌي ۾ امتحان پاس ڪن (ت) سنڌي اسڪول کلن.
پر سنڌي ٻولي کي ڪا هڪ مقرر صورتخطي نه هئي، ان ڪري 1852ع ۾ سرڪار صورتخطي مقرر ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي، جنهن جا ڏهه ميمبر هئا، جن ۾ چار هندو ۽ چار مسلمان ۽ ٻه انگريز هئا. گهڻي بحث ۽ مباحثي کانپوءِ سنڌي زبان جي لاءِ ” عربي سنڌي“ صورتخطي مقرر ٿي ۽ آخر ۾ سربارٽل فريئر ڪمشنر سنڌ جي سفارش تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ فيصلو ڪيو ته سنڌي لکڻ لاءِ عربي سنڌي رسم الخط اختيار ڪيو وڃي.
سنڌي ٻوليءَ کي دفتري بنائڻ جي لاءِ سنڌ جي ڪمشنر 25 مارچ 1857 ع تي سنڌ جي ڪليڪٽرن ڏانهن حڪم نامو موڪليو ته سنڌي ٻولي روينيو ۽ عدالتن ۾ عام استعمال ڪئي وڃي. 29-آگسٽ 1857ع ۾ڪمشنر سنڌ ” سر بارٽل فريئر“ پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ عام ماڻهن کي اطلاع ڏنو ويو ته ” سنڌ جي درٻار ۾ هر قسم جي عريضي سنڌي ۾ لکي موڪلي وڃي. جيڪا ٻُڌڻ ۾ ايندي. ۽ اڄ کان سنڌي ٻولي روينيو ۽ دفتري ٻولي ٿي چڪي آهي ۽ ڪمشنر 28 ڊسمبر 1858 ع تي بمبئي سرڪار کي اطلاع موڪليو ته سنڌ جي صوبي ۾ سنڌيءَ کي دفتري ۽ حساب ڪتاب جي ٻولي بنايو ويو آهي.
اهو سلسلو 13-آگسٽ 1947ع تائين هلندو رهيو ۽ 1959ع ۾ مارشلا لاڳو ٿيڻ کانپوءِ زباني حڪمن هيٺ سنڌي ٻوليءَ جي مٿين حيثيت ختم ڪئي ويئي، سنڌي ٻوليءَ کي جيڪا حيثيت انگريزن (يعني ڌارين) ڏني. اها ديسي حڪمرانن ختم ڪري ڇڏي.
1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي عليحدگي کانپوءِ اولهه پاڪستان جي حڪومت جي واڳ جنرل يحيٰ، شهيد ذالفقار علي ڀٽي جي حوالي ڪئي، جنهن سويلين چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر سان گڏ صدر جو عهدو به سنڀاليو ۽ سنڌي ماڻهن جي پراڻي مطالبي کي مان ڏيندي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ” سنڌي ٻولي بل“ پيش ڪيو ويو، جيڪو 7 جولاءِ 1972 ع تي صوبائي اسيمبلي طرفان منظور ڪيو ويو ۽ جنهن جي بحالي 16- جولاءِ 1972 تي سنڌ جي گورنر ڪئي. 17 جولاءِ تي هڪ نوٽيفڪيشن جي ذريعي اهو لاڳو ڪيو ويو، بل جي حوالي سان ڳالهائيندي ان وقت جي صدر ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي خطاب ۾ چيو:
” سنڌي هڪ قديم زبان آهي. موهن جي دڙي جي زماني کان سنڌين جي الڳ زبان رهي آهي، جڏهن برطانيا سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن سر چارلس نيپئر صاف طور چيو هو ته مقامي زبان سان هٿ چراند ڪرڻ جي ضرورت ناهي، سنڌ جڏهن بمبئي جو حصو هئي. تڏهن به سنڌي بمبئي يونيورسٽي ۾ پڙهائي ويندي هئي، تمام گهڻي وقت کان سنڌي. عدالتن ۽ روينيو کاتي ۾ استعمال ٿيندي رهي آهي ۽ اها سرڪاري زبان جي حيثيت سان صوبي ۾ رواج ۾ رهي آهي، لساني بل ذريعي ان جي اڳوڻي حيثيت بحال ڪئي ويئي آهي، جيڪا 1959 ع ۾ مارشلا لاڳو ٿيڻ کانپوءِ زباني حڪمن هيٺ ختم ڪئي ويئي هئي.“
جيتوڻيڪ هڪ لساني گروهه جي هنگامن جي نتيجي ۾ ان بل تي مڪمل طور تي عمل درآمد روڪيو ويو، پر ان بل جي حيثيت ۽ اهميت کي نظر ۾ رکندي اهو مطالبو ورجائڻ گهرجي ته ان بل تي مڪمل طور تي عمل ڪيو وڃي ۽ فوري طور تي سنڌ جي ادارن ۾ چوٿين ڪلاس کان وٺي ٻارهين ڪلاس تائين لازمي مضمون جي حيثيت سان پڙهائي وڃي ۽ ان لاءِ سنڌي پڙهائڻ لاءِ ليڪچرارن جي کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ سنڌيءَ جا نوان ليڪچرار مقرر ڪيا وڃن ۽ سنڌي ٻولي کي مڪمل دفتري ٻولي بنايو وڃِي.
ان سلسلي ۾ گهر ٿي ڪجي ته :
1. سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان جي قومي ٻولي ۽ سنڌ جي واحد صوبائي زبان تسليم ڪيو وڃي ۽ ان کي سرڪاري طرح ترقي وٺرائي مختلف سطحن تي رائج ڪيو وڃي.
2. سنڌ جي ريڊئي ۽ ٽي وي تان 75 سيڪڙو ۽باقي صوبن مان تناسب مطابق سنڌي پروگرام ڏنا وڃن، ]ريلوي اسٽيشن، روڊن، ڳوٺن ۽ آفيسن جا نالا سنڌيءَ ۾ لکرايا وڃن.[
3. ڪراچي شهر ۽ باقي صوبن ۾ تناسب جي لحاظ کان سنڌي ميڊيم تعليمي ادارا کوليا وڃن ۽ مقابلي جي امتحانن ۽ داخلا انٽري ٽيسٽ لاءِ سنڌيءَ کي تسليم ڪيو وڃي.
4. ڪرنسي نوٽن تي سنڌي ۾ به لکيو وڃي، جيئن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ پنجين ۽ هڪ رپئي جي ڪرنسي نوٽ تي سنڌيءَ ۾ لکيو ويندو هو ۽ نون ٺهندڙ سڪن تي به سنڌي لکي وڃي.
5. سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ سرڪاري طرح هر تعلقي هيڊڪوارٽر ۾ لئبرريون کوليون وڃن ۽ اڳ کليل لئبررين کي ترقي وٺرائي وڃي.
6. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ ڪتابن کي سنڌ جو ثقافت کاتو پنهنجي لئبررين لاءِ ۽ تعليم کاتو پنهنجي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي لئبررين لاءِ گهٽ گهٽ ٽي سئو ڪاپيون سڌي طرح پبلشرن يا ليکڪن کان خريد ڪري ]سنڌ ۾ ثقافت کاتي جون تير هن لئبرريون آهن ۽ تعليم کاتي جي هٿ هيٺ ۾ 238 ڪاليج آهن.[
7. نجي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي لازمي پڙهائڻ لاءِ جاري ٿيل سرڪيولر تي عمل ڪرائڻ لاءِ بنا ڪنهن دير جي مانيٽرنگ ٽيمون ٺاهي. انهن ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي به کنيو وڃي.
]روزاني ”سوڀ“ 29 آگسٽ 2015ع[