منهنجي قبر تي ڏيئو ٻارجو!
هُن جي قبر تي پهچندي ئي منهنجي ڪيفيت عجيب ٿي وڃي ٿي، سيمنٽ سان ٺهيل پڪي ڳاڙهسري رنگ واري قبر تي جيڪا سندس ئي وصيت موجب ٺاهي ويئي هئي، منهنجون اکيون کپي وڃن ٿيون، ذهن ۾ هڪڙا خيال اچن ٿا ۽ ٻيا وڃن پيا، هن سان پنهنجي دوستي جي سفر کي ياد ڪريان ٿو، ساڻس گهاريل گهڙيون ۽ سندس ساروڻيون هڪ هڪ ٿي منهنجي اکين جي اڳيان ڦرڻ لڳن ٿيون، هن سان پنهنجي محبت، عقيدت، احترام ۽ دوستي جا جذبا مون تي حاوي ٿيندا پيا وڃن، آئون هن جي قبر تي پهريون ڀيرو سندس وفات کان پوءِ پهرين ورسيءَ تي آيو هئس، وسيلن جي اڻ هوندي سبب آئون هن جي جنازي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو هوس، سندس ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ منهنجي نصيب ۾ نه هو، مونکي ته سندس وفات جي خبر به ٻي ڏينهن اخبارن مان پئي، جڏهن هن جا ڌَڱ ڌوڙ ۾ لٽجي چڪا هئا. ان مهل مونکي سندس وفات کان هڪ هفتو اڳ ساڻس گهاريل گهڙيون ياد آيون ۽ شدت سان ياد آيون، جڏهن اسان ڪجهه سنگتين 18 هين آڪٽوبر 1995ع ۾ هن جي سالگرا ملهائي هئي، هو ان ڏينهن ڪيڏو نه خوش ٿيو هو، ڪيترائي دوست کيس محبت ۽ عقيدت جي ڀيٽا ڏيڻ ڏيڻ جي لاءِ گڏ ٿيا هئا، هو دوستن جي وچ ۾ طبيعت جي ناسازي جي هوندي به ائين ويٺو ٻهڪي رهيو هو، جيئن تارن جي وچ ۾ چنڊ. هفتو پوءِ هو گذاري ويو.
هن جي جنم ۽ وفات ۾ ڪيترن ڏينهن جي وٿي هئي؟ ارڙهين آڪٽوبر تي جنم ورتائين ۽ 25 آڪٽوبر تي وفات ڪيائين، ڪيترا ڏينهن ٿيا؟ منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته هن جي جنم ۽ وفات جو هڪئي مهينو آهي، يعني آڪٽوبر!
آڪٽوبر مهيني جي تاريخ ۾ وڏي اهميت آهي، نه رڳو عالمي تاريخ ۾، پر ملڪي تاريخ ۾ به، عظيم سوشلسٽ انقلاب آڪٽوبر ۾ آيو، جنهن کي آڪٽوبر انقلاب چيو وڃي ٿو، پاڪستان ۾ پهرين مارشل لا به آڪٽوبر ۾ لڳائي، سنڌ ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جو واقعو به سترهين آڪٽوبر تي پيش آيو، تيئن سنڌ جو هي مايه ناز اديب ارڙهين آڪٽوبر 1927ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 25 آڪٽوبر 1995ع تي گذاري ويو.
هو جيڪو سنڌيت جو پرچارڪ هو، سنڌ جيڪا هن جي نس نس ۾ ڊوڙي رهي هئي، هو پنهنجي لکڻين ۾سنڌ، سنڌيت، سائنسي سوشلزم ۽ هر قسم جي وهمي ويچارن جي خلاف لکندو هو، هو پاڻ کي ”سنڌيت جو پرچارڪ“ سڏائيندي خوشي ۽ فخر محسوس ڪندو، هو جيڪو ڪجهه لکندو هو، ان جو هڪ مقصد هو ۽ انهن لکڻين کي هو مقصدي ادب جي زمري ۾ آڻيندو هو، سندس چواڻي: ” مان مقصدي ادب لکندو آهيان، مان ادب ۾ پرچار ۽ نعري بازي جو مڃيندڙ آهيان.“ ۽ سندس باري ۽ محترم عبدالواحد آريسر جا لفظ آهن: ” هڪڙا ليکڪ فن لاءِ لکندا آهن پر هو ڪاز يا مقصد لاءِ لکي ٿو.“
هن پنهنجي لکڻين، خاص ڪري ڪهاڻين کي ]ڇاڪاڻ ته هو بنيادي طرح ڪهاڻيڪار ئي هو[ ملڪ ۽ قوم سان لاڳاپيل سماجي براين جي خلاف پرچار طور استعمال کي صحيح سمجهندو هو، هن جي لکڻين ۾ اسان کي هڪ آدرشي، سوشلسٽ ۽ سيڪيولر سماج اڏڻ ۽ سنڌي قومپرستي جو پرچار ڪندڙ ملندو. قريشي حامد علي خانائي جي لفظن ۾“ هن جي ڪهاڻين ۾ سنڌ، سنڌي قوم، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي تهذيب ۽ تمدن کي نمايان اهميت حاصل آهي، سندس ڪهاڻين ۾ سنڌ جي اٻوجهه ۽ معصوم ماڻهن کي دقيانوسي خيالن، توهم پرستي، اجاين رسمن ۽ رواجن کان پري رهڻ جو درس ڏنو ويو آهي، سندس ڪهاڻين ۾ درد، پيڙا، غريب ۽ مظلوم انسانن جو فرياد آهي ته سنڌي عورت جي بي حسي، بي وسي جي پوري تصوير پڻ آهي، سندس ڪهاڻين جي اڀياس مان سندس سوچ، ذهن ۽ مزاج جو پتو پوي ٿو.“
ڪو دور هو، جڏهن هن جا ڪتاب ”هاٽ ڪيڪ“ طور وڪامبا هئا، هن جون لکڻيون سنڌي نوجوانن ۾ روشن خيالي، ترقي پسندي، قومپرستي، سنڌ سان محبت جا جذبا پيدا ڪرڻ، جاگيرداريت ۽ پرماريت جي خلاف نفرت پکيڙڻ جا ٻج ڇٽينديون هيون، هن جي لکڻ سان گڏ هن جي ڇپجندڙ ڪتابن جو انگ به وڌندو ويو ۽ هن جي هر ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا ڇپيا هئا، پبلشر هن جا ڪتاب ڇپڻ لاءِ بي تاب هوندا هئا، هاڻ ته انهن پبلشرن به کيس وساري ڇڏيو آهي، هئڻ ته ائين گهرجي ها ته اهي پبلشر هر وقت سندس ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود رکن ها، سندس وفات کان پوءِ وارن پهرين ٻن سالن ۾ سندس اڻ ڇپيل ڪتابن مان فقط ٻه ڪتاب ”سوچون هڪ سچار جون“ ۽ ”هڪ انقلابي جو ننڍپڻ“ شايع ٿي سگهيا ۽ سالن کان پوءِ سندس مضمونن تي ٻڌل هڪ ڪتاب ”مذهب، ادب ۽ سنڌ“ جي نالي سان 2007ع ۾ ڇپيو تنهن کان سواءِ سال 2010ع ۾ ڪيترن سالن کان سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڌڪا کائيندڙ سندس مهراڻ رسالي ۾ ڇپيل ڪهاڻين جو مجموعو ”دل وارن جي دنيا“ ڇپيو، سندس آخري اڻ ڇپيل ڪتاب سندس ساروڻين تي ٻڌل”ڪرفيو ۾ لکيل ڊائري“ ٽي سال کن اڳ ڇپيو، سندس ڇپيل ڪتابن جو تعداد 35 کن آهي.
هو پنهنجي زندگي جي جن چئن اهم ۽ اثر انداز ٿيندڙ واقعن جو ذڪر ڪندو هو، انهن مان پهريون واقعو سندس شادي، ٻيو طلاق، ٽيون مٿس فالج جو حملو ٿيڻ، چوٿون لطيف آباد وارو گهر لٽجڻ ۽ سندس لائبريري جو تباهه ٿيڻ آهن.
جيئن هو سڄي زندگي ڪيترن ئي معاملن ۾ ٻين ليکڪن کان منفرد ۽ نرالو رهيو، تيئن وفات کان پوءِ به پنهنجي وصيت جي ڪري منفرد ئي رهيو، هن پنهنجي وصيت ۾ لکيو، منهنجي وفات کان پوءِ منهنجي لاءِ ٻي ڪا به مذهبي رسم ادا ڪرڻ جي بدران ”شاهه جو رسالو“ خواني ڪرائي وڃي يا قومي شاعري واري محفل مچائي وڃي، سندس اها وصيت سندس وفات کان پوءِ سندس چاليهي واري ڏينهن سندس گهر ۾ شاهه جو رسالو خواني ڪرائي پوري ڪئي وئي، سنڌ جي تاريخ ۾ هيستائين اهو پهريون ۽ آخري موقعو هو، جو ڪنهن جي تڏي تي شاهه جي ٽيهن سرن جي خواني (پڙهڻي) ڪرائي ويئي.
آئون سندس قبر وٽ ڪنڌ نوائي بيٺو آهيان ۽ سوچيان ٿو ته هن جا ڪيترا نه مداح هئا، ڪيترا نه دوست هئا، ساٿي هئا، هم خيال هئا، هن ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن جي نالي پنهنجا ڪتاب ارپيا هئا، هو ڪيترن ئي پڙهندڙن کي سندن خطن جا جواب ڏيندو هو، هو هر ڪنهن ايندڙ ۽ ويندڙ کي سندس قومي فرض ياد ڏيارڻ جي لاءِ ”جيئي سنڌ“ چئي ملندو هو، پوءِ به هو سڀني کان وسري ويو آهي، هن جي پهرين ورسي ته ملهائي وئي، پر پوءِ لڳاتار خاموشي، ايتريقدر جو سندس ڳوٺ ”خانواهڻ“ جي سنگتين کان به وسري ويو، باقي سنڌ جي ادبي ادارن کي ته هو اڳ ڪڏهن ياد هو، جو هاڻ ايندو.
هو جيڪو سنڌ پرست هو، هو جيڪو ”سنڌي سوشلزم“ جو قائل ۽ ان جو وڏو پرچارڪ هو، جنهن پنهنجي وصيت ۾ لکڻ ۾ پنهنجي منزل ”سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي زبان لاءِ پاڻ پتوڙڻ بڻائي وڃي“ لکي سنڌ جي باشعور ماڻهن کي چٽو پيغام ڏنو هو، جنهن مستقل جي هڪ عظيم ڏينهن تي ايمان رکندي وصيت ڪئي هئي ته:
ٿئي جڏهن ڏينهن سنڌ جي آجپي جو،
دوستو! منهنجي قبر تي ڏيئو ٻار جو.
اڄ اهي ئي لفظ هن جي قبر جي ڪتبي تي اُڪريل آهن، جيڪي نه رڳو اسان کي هن جي سنڌ سان ازلي ۽ ابدي محبت جي ياد ڏيارين ٿا، پر اياز جي لفظن ۾، سنڌ اياز نه مرڻي آ، جي ياد به ڏيارين ٿا ۽ اسان کي ياد ڏيارين ٿا ته اسان پنهنجي منزل جي حاصلات واسطي پنهنجي جدوجهد کي اڃا به تيز ڪريون ۽ انهن لفظن مان اُتساهه حاصل ڪريون.
اچو ته سنڌ جي اُن عظيم پٽ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ کي ٻيهر ياد ڪري پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏيون، هن جا ڪتاب ٻيهر پڙهون ۽ ڇپرايون، هن جي ڏسيل سائنسي واٽ، سيڪيولر، روشن خيالي ۽ سنڌيت جي سوچ کي اختيار ڪري پنهنجي واٽ متعين ڪريون.