تون ياد وري آئين!
مشتاق ڀرڳڙي مونکي ان ڪري به ياد آيو ته هو مونکي وسري ويو هو، هتي ته جيئرن کي به ڪير ياد نٿو ڪري، سو مرحومين کي ڪير ياد ڪندو ۽ اهو مرحوم وري دوست به هجي، اديب به هجي، ان سان ويجهڙائپ به رهي هجي. البت کيس وسارڻ کان اڳ مٿس هڪ ڀرپور ليک لکي، کيس لفظن جون مالهائون پارائي، ساڻس پنهنجي دوستي، قربن ۽ ويجهڙائپ جون ڳالهيون لکي، ڪٿي اهو ليک ڇپائي ڇڏجي. جيئن وقت ضرورت ڪم اچي، جو جيڪڏهن اتفاق سان ڪڏهن ڪو سندس چريو کريو دوست ڪڏهن ڀلجي سندس ورسي ملهائي ته ان ليک جي آڌار تي اها دعويٰ ڪري سگهجي ۽ ان ورسيءَ واري تقريب ۾ مرحوم جي ويجهي هئڻ جي ناتي ان پروگرام جي صدارت ڪري سگهجي يا خاص مهان جي ڪرسي والاري سگهجي. سو مون به جڏهن مشتاق ڀرڳڙي گذاري ويو هو ته مٿس هڪ تاثراتي ليک لکي ڇپرايو هو. ان کان علاوه ”سنگت پبليڪشن“ جي شروعاتي ستن پرچن ۾ ڇپيل ڪهاڻين جي چونڊ”پوپٽ جهڙو پيار“ ڇپائي، سندس نالي ان ڪتاب جي ارپنا ڪري، پوءِ کيس ائين وساري ڇڏيم. جيئن ساڻس پاڇي وانگر هلندڙ سندس دوستن کيس وساري ڇڏيو.
مشتاق ڀرڳڙي ڏاڍو جذباتي ماڻهو هو ۽ ان سان گڏ منهن تي ڦهڪائي ڏيندڙ به. هروڀرو متفقين مان به نه هوندو هو، ڳالهه ڳالهه تي بحث ڪندو هو، دليل ڏيندو هو ۽ پوءِ جڏهن ڳالهه سمجهي ويندو هو ته اهڙو دوست بنجي ويندو هو، جو صفا ادا فدا. پر وري ، جيئن مٿي چيم ته جذباتي به هو، سو جي ڪنهن دوست ۾ ڦند ۽ ڦير ڏسندو هو ته ان کي منهن تي چئي ڏيندو هو، جنهن سبب ڪافي دوست ناراض به ٿيس، هڪڙي ڀيري الائجي ڪهڙي ڳالهه تان ڀري محفل ۾ مرحوم منٺار سولنگي کي چئي ڏنائين ته ”نالو ته من_ٺار اٿئي، پر تو ۾ دل ٺارڻ واري ڪابه ڳالهه ڪونهي.“ جيڪا ڳالهه منٺار کي اهڙي ته لڳي، جو مرحوم جيڪو هروڀرو ڪنهن کي جهل ئي نه ڏيندو هو، سو محفل ۾ اهڙو ته چُپ ٿيو جو وري نه ڳالهايائين.
مشتاق ڀرڳڙيءَ سان منهنجو واسطو سنڌي ادبي سنگت جي ڪري ٿيو، پوءِ اسين 2000ع جي چونڊن ۾ گڏجي بيٺاسين، آئون سيڪريٽري جنرل تي ۽ مشتاق ڀرڳڙي آڊيٽر تي. اسان ڪيترن ئي ضلعن جو گڏيل دورو ڪيو، ان وقت اڃا سنگت ۾ نه ڪار ڪلچر حاوي ٿيو هو، نه موبائلون هيون. اسان سخت موسم ۾ اهو دورو پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ڪيو، اليڪشن واري ڏينهن ڪجهه دوستن جي سازشن کي اسان جو دوست منٺار سولنگي سمجهي نه سگهيو(سندس فارم جيڪو جوائنٽ سڪريٽري تي هو، سو هڪ سازش تحت رد ڪيو ويو هو، بهرحال اهو هڪ وڏو قصو آهي )۽ اسان دوستن سان صلاح مشوري کان سواءِ بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيائين، جنهن ڪري اسان کي ڄڻ کٽيل چونڊ مان هٿ ڪڍڻا پيا، نتيجي ۾ ٻي ڏينهن کان سنگت ڄڻ غير اعلانيه طور ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. سنگت کي پوءِ گڏڻ جو ڪم سنگت جي سينئر ساٿي محترم حاجي عبدالله شاد جلباڻيءَ ڪيو، حاجي شاد صاحب جي شخصيت جو اهو ڪمال هو، جو هن ٻنهي گروپن کي هڪ هنڌ ويهاري سنگت کي بچائي ورتو. بهرحال ڳالهه پي ڪيم مشتاق ڀرڳڙيءَ جي ته، جي چونڊن جو بائيڪاٽ نه ٿئي ها ته مشتاق ڀرڳڙي سنگت سنڌ جو مرڪزي آڊيٽر چونڊ جي وڃي ها.
انهن چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو هو، تنهن مونکي سخت مايوس ڪيو ۽ مون عملي طور تي سنگت جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ڇڏي ڏنو هو، پوءِ جڏهن 2006ع جي چونڊن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال بيٺو ته مونکي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي حمايت تي راضي ڪرڻ وارا ٻه ماڻهو هئا، يعني : مشتاق ڀرڳڙي ۽ منٺار سولنگي. ٻنهي دوستن مونکي راضي ڪرڻ لاءِ وڏا بحث ڪيا. چونڊن ۾ منٺار سولنگي ته پنهنجو ڪرايو ڀاڙو ڪري لاڙڪاڻي مان ڪائونسلرن جي ڪوسٽر ڀرائي آيو ته مشتاق ڀرڳڙي وري دادو مان ڪيترن ئي ووٽرن جا ڀاڙا خرچ ڀري کين ووٽ ڏيارڻ لاءِ وٺي آيو. دوستن جي محنتن سان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال اها چونڊ کٽي ۽ سنگت جو نئون دور شروع ٿيو، ان سڄي عرصي دوران مشتاق ڀرڳڙي سنگت لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دور ۾ جڏهن سنگت پبليڪشن کي جاري ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ته اها ذميواري منهنجي مٿان رکي وئي، سنگت جي هريڙ ۾ ته ڪجهه هو ئي ڪو نه، پوءِ اها پبليڪيشن مون ڪيئن جاري رکي، اهو هڪ وڏو قصو آهي، ان وقت اڃا اڪاڊمي اديبات پاڪستان، پبليڪيشن لاءِ سالياني پنجاهه هزارن جي گرانٽ به نه ڏيندي هئي.ايڊيٽوريل بورڊ ۾ مشتاق ڀرڳڙي کي به کنيو ويو، ٻيا دوست به بورڊ تي کنيا ويا، پر جڏهن پبليڪيشن ڇپائڻ لاءِ ٻين مرڪزي عهديدارن ۽ ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبرن اڳيان صدا هنئسين ته ڪنهن به هٿ نه وڌايو، پر هٿ وڌايو ته مشتاق ڀرڳڙيءَ. پبليڪيشن جي شروعات مشتاق ڀرڳڙي جي مالي مدد سان ٿي، نه رڳو اهو پر پاڻ ڪافي هنڌن تي وڪري جي ذميواري به کنيائين ۽ نڀائين، ان وقت دوستن جو هڪٻئي ۾ ڀروسو به هو ته ڪم ڪرڻ جو جذبو به، ان ڪري پبليڪيشن به جاري رهي ته سنگت جون ٻيون سرگرميون به. سنگت اڃا ماٺار ۾ نه وئي هئي!
مشتاق ڀرڳڙي سٺو منتظم به هو ته پبلشر به هو ته وري قدردان به، سندس انتظام ۽ نظرداريءَ ۾ سنگت دادو جي پليٽ فارم تان ڪيترائي سٺا پروگرام ٿيا، جن مان ڪيترن ۾ مونکي پڻ سڏايائين، انهن پروگرامن ۾ سڀني دوستن کي گڏ ويهڻ جو موقعو ملندو هو. پبلشر جي حيثيت سان پاڻ ’رم جهم پبليڪيشن‘ قائم ڪري ڪجهه ڪتاب ڇپائڻ سان گڏ، رم جهم پبليڪيشن جا به ڪيترائي پرچا شايع ڪيائين. منهنجي خيال ۾ انهن پرچن جو تعداد اٺ آهي. پاڻ مرحوم آثم ناٿن شاهيءَ جو وڏو مداح هو، سندس هڪ شعري مجموعو پنهنجي ئي خرچ تي رم جهم پبليڪيشن پاران ڇپرايائين ۽ هڪ مجموعو سندس ئي ڪوششن ۽ وٺ پڪڙ سبب سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيو، جنهن جو بئڪ ٽائٽل مشتاق ڀرڳڙي ئي لکيو.
مونکي مشتاق ڀرڳڙي ان ڪري به ياد آيو جو هو ننڍي وهيءَ ۾ گذاري ويو، لڳ ڀڳ 33 سالن جي زندگي الله طرفان هن دنيا ۾سندس حصي ۾ آئي هئي ۽ اُن زندگيءَ جو شعوري عرصو هو ڏاڍو سرگرم رهيو، هن 1990 ع کان لکڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ مسلسل لکندو رهيو، سندس ڪريڊٽ تي ٻه ڪهاڻي ڪتاب پاڇي (1999ع)۽ سفر (2004ع) هڪ تنقيدي ليکن جو ڪتاب ”لفظ نه آهن کيڏوڻا ( 2005ع) ۽ نثري نظمن جو مجموعو ”ائين ئي جيئندا رهون ٿا“، جيڪو سندس وفات کانپوءِ ڇپيو. تنهن کانسواءِ ذوالفقار گاڏهي جي ترتيب ڏنل ڪتاب”موکيءَ مٽ اُپٽيا“ ۾ به سندس نثري نظم شامل آهن، مشتاق ڀرڳڙي بنيادي طور تي ڪهاڻيڪار هو، باقي ٻين صنفن ۾ ته رڳو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو هو، جيئن اسين سڀ ڪندا آهيون، مشتاق جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڪافي سگهاري نوعيت جون آهن، باقي مشتاق ڀرڳڙي جي ڪهاڻين جي مُلهه ڪٿ نه ڪو سنڌي ڪهاڻي تي ٿيسز لکندڙ ئي ڪري سگهي ٿو.
مشتاق ڀرڳڙي مونکي شدت سان ان ڪري به ياد آيو ته سندس ڪتاب ”پاڇي“ جا ورق ورائيندي منهنجو نظرون سندس لکيل پنهنجي پاران ۾ هنن سٽن تي ڄمي ويون: ”آئون پوري ايمانداري ۽ سچائي سان اهو اعتراف به ڪيان ٿو ته مون اڄ تائين جيڪو ٿورو يا گهڻو لکيو آهي، اهو ڪنهن تي ٿورو ڪرڻ لاءِ ڪونه لکيو آهي، آءٌ انهن وڏن اديبن جيان اها لٻاڙ به ڪونه هڻندس ته ڪو مون قوم، ٻولي ۽ ڌرتي جو قرض لاهڻ لاءِ لکيو آهي، بلڪه آئون اعتراف ٿو ڪريان ته مون جيڪو ڪجهه به لکيو آهي، اهو پنهنجي ذات جي سئٽسفڪيٽس لاءِ لکيو آهي، ۽ لکڻ مون لاءِ هڪ وڏي پناهه گاهه پئي رهيو آهي.“
آئون مشتاق ڀرڳڙي جي لفظن ۾ اهو واڌارو ڪندس ته جيڪي قوم، ملڪ ۽ ٻوليءَ جي خدمت جون دعوائون ڪن ٿا، انهن جا ڪشڪول سدائين ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ گورنمنٽ جي اڳيان اُڀا هوندا آهن. مونکي مشتاق ڀرڳڙي ان ڪري به ياد آيو ته ايندڙ مهيني 18 جولاءِ تي سندس ورسي آهي ۽ منهنجا هي لفظ شايد کيس وساري ڇڏيندڙ ۽ ماٺار ۾ پيل ’سنگت‘ کي ان ڳالهه تي آماده ڪن ته هو سندس ياد ملهائين.
مشتاق ڀرڳڙيءَ جي حوالي سان آئون اوشو جي لفظن کي ٿوري ڦير گهير سان ورجائيندس ته ’هو 18 سيپٽمبر 1974 ع تي هن دنيا ۾ آيو ۽ 18 جولاءِ 2007ع تي وري اڳتي سفر لاءِ روانو ٿي ويو.‘