ڪشمير جو مسئلو ۽ ننڍي کنڊ جو امن
هن وقت جڏهن دنيا جي سياسي صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي ۽ وڏين طاقتن خاص ڪري آمريڪا جا هن خطي ۾ مفاد وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا، جنهن جا ڪجهه مثال هي آهن ته آمريڪا، افغانستان ۾ صورتحال بهتر بڻائڻ جي چڪر ۾ آهي ۽ پاڪستان پڻ پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ ڪنهن حد تائين تبديلي آندي آهي ۽ انتهاپسندن جي خلاف ”آپريشن ضرب عضب“ جاري آهي ۽ آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما، هندستان جو دورو ڪيو ۽ جنهن نموني هندستان سان قربت جو اظهار ڪيو، ان جي پويان آمريڪا اقتصادي مفادن سان گڏ هن خطي جي صورتحال خاص ڪري چين جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪرڻ جي رٿابندي به آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڪشمير جي مسئلي جي اهميت اڃا به وڌي وڃي ٿي.
ڪشمير جي مسئلي جي نبيري جي سلسلي ۾ پاڪستان جو موقف سدائين اهو رهيو آهي ته اهو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب نبيريو وڃي، جنهن موجب ڪشمير ۾ ريفرنڊم ٿيڻو هو ته ڪشميري پاڪستان سان شامل ٿيڻ چاهين ٿا يا هندستان سان، هتي اهو ياد ڏيارجي ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن ۾ هندستان ئي کڻي ويو هو ۽ گڏيل قومن ٻنهي ملڪن جي رضامنديءَ سان ريفرنڊم ڪرائڻ جو ٺهراءَ پاس ڪيو، پر هندستان اڳتي هلي گڏيل قومن جي ٺهرائن تان ڦري ويو ۽ ريفرينڊم ڪرائڻ کان نابري واريندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ مسئلو پنهنجي جاءِ تي موجود رهيو.
ڪشمير جي مسئلي جي نبيري لاءِ وقت به وقت ڪيترائي حل به پيش ٿيندا رهيا آهن، جنهن جو هڪ آپشن اهو ڏسيو وڃي ٿو ته ڪشمير جي ٻنهي حصن ۾ فائربندي لائن کي مستقل سرحد تسليم ڪري، آزاد ڪشمير پاڪستان ۽ والاريل ڪشمير هندستان رکي. ٻيو آپشن اهو چيو وڃي ٿو ته ٻنهي ڪشميرن کي گڏي هڪ ڌار رياست ٺاهي وڃي، جيڪا هندستان پاڪستان ۽ چين جي وچ تي هجي، هڪ ٽيو آپيشن اهو به بحث هيٺ آندو وڃي ٿو ته لداخ جو علائقو جنهن ۾ هندو گهڻائي ۾ آهن، اهو هندستان کڻي، آزاد ڪشمير جا پاڪستان سان مختلف علائقا پاڪستان رکي، باقي ڪشمير کي گڏي هڪ الڳ رياست ٺاهجي، ممڪن آهي ته ڪو ٻيو آپشن هجي، جيڪو به غور هيٺ هجي.
ڪشمير جي نبيري لاءِ ماضي ۾ ڪيترين ئي ڪوششن جو ذڪر ملي ٿو، ڪن موقعن تي ڪشمير ۾ ريفرينڊم ٿيندي ٿيندي رهجي ويو، ان سلسلي ۾ ڪشميري اڳواڻ شيخ محمد عبدالله پنهنجي آتم ڪهاڻي ”آتش چنار“ ۾ لکي ٿو ته: ”ڪشمير جي تڪرار جي نبيري ۾ رڳو اهو مسئلو رڪاوٽ بڻجي ويو ته ڪشمير ۾ ريفرينڊم جي دوران ڪشمير ۾ هندستان جي گهڻي فوج موجود هجي، هندستان ستاويهن هزارن جي تعداد ۾ زور ڀري رهيو هو، جڏهن ته پاڪستان جو موقف اهو هو ته هندستاني فوج جو تعداد 22 هزار کان وڌيڪ نه هجي، ائين ٻئي ڌريون پنهنجي موقف تي قائم رهيون ۽ ڳالهين جو سلسلو ٽٽي پيو.“
ڪشمير جي مسئلي جي حل جي سلسلي ۾ ماضي ۾ ٿيندڙ ڪوششن جو احوال به ڏاڍو دلچسپ آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان جي هڪ اڳوڻي وزير اعظم (چوڌري محمد علي، 56-1958) جي ڪتاب ”ايمرجنٽ آف پاڪستان“ ۾ ڏاڍيون دلچسپ ڳالهيون لکيل آهن، ان ڪتاب ۾ چوڌري محمد علي لکي ٿو: ”ورهاڱي کان پوءِ جونا ڳڙهه جي مسلمان نواب، پنهنجي رياست جو پاڪستان سان الحاق ڪيو، جڏهن ته رياست جونا ڳڙهه ۾ هندن جي اڪثريت هئي، انڊيا ان الحاق کي نه مڃيو ۽ پوليس ائڪشن جي ذريعي رياست جونا ڳڙهه کي انڊين يونين سان گڏي ڇڏيو، ان کان پوءِ دهليءَ ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ هندستان پاران جواهر لال نهرو ۽ سردار پٽيل شريڪ هئا ۽ پاڪستان جي طرفان لياقت علي خان ۽ چوڌري محمد علي شرڪت ڪئي، ليکڪ لکي ٿو ته سردار پٽيل جيتوڻيڪ پاڪستان جو دشمن هو، پر هو نهروءَ کان وڌيڪ حقيقت پسند هو، ٻنهي ملڪن جي وزير اعظمن جي وچ ۾ ڳالهين دوران، جنهن ۾ پٽيل ۽ نهرو موجود هئا ته لياقت علي خان ڪشمير ۽ جونا ڳڙهه جي معاملي ۾ هندستان جي ٻٽي رويي تي ڳالهايو، هنن چيو ته جونا ڳڙهه جي حڪمران پاران پاڪستان سان الحاق جي باوجود اهو هندستان جو حصو آهي، ڇو ته اتي هندن جي اڪثريت آهي ته پوءِ ڪشمير پنهنجي مسلم اڪثريت سبب ڪيئن ٿو هندستان جو حصو بڻجي سگهي، فقط ان ڪري ته اتي جي هندو حڪمران هندستان سان مشروط طور تي صحيحون ڪيون آهن، جيڪو پنهنجي اندر ۾ ڪو جواز نٿو رکي. جيڪڏهن جونا ڳڙهه ۾ اتي جي عوام جي خواهش اهميت رکي ٿي ته اهو ئي احوال ڪشميرين تي پڻ لاڳو ٿيڻ گهرجي، هندستان جهونا ڳڙهه ۽ ڪشمير ٻنهي تي دعويٰ نٿو ڪري سگهي، جنهن لياقت علي اها ڳالهه چئي ته پٽيل پنهنجو پاڻ تي قابو رکي نه سگهيو ۽ ڄڻ ڦاٽي پيو، هن چيو: تون ڪشمير ۽ جونا ڳڙهه جي ڀيٽ ڇو ٿو ڪرين، حيدرآباد (دکن) ۽ ڪشمير جي ڳالهه ڪر ته اسين هينئر ئي ڪنهن ٺاهه تي پهچي سگهون ٿا، پٽيل جو ان موقعي تي ۽ پوءِ به اهو نظريو هو ته مسلم اڪثريت جي علائقي کي سندس مرضي جي ابتڙ پنهنجي قبضي ۾ رکڻ هندستان جي لاءِ ڪمزوريءَ جو ذريعو هوندو نه ڪي سگهه جو ذريعو، کيس احساس هو ته هندستان ۽ پاڪستان جيڪڏهن ان ڳالهه تي راضي ٿي وڃن ته حيدرآباد، هندستان سان هجي ۽ ڪشمير پاڪستان سان ته ڪشمير ۽ حيدرآباد جا مسئلا پر امن طور نبري سگهن ٿا، ان ۾ ٻنهي جو فائدو هوندو. (صفحو 300-299)
ڪشمير جي حل جي سلسلي ۾ اهڙو ئي هڪ ٻيو مثال مرحوم سردار شوڪت حيات جي ڪتاب ۾ ملي ٿو، جيڪو انگريزيءَ ۾ The Nation That Last Its Soil ۽ ارود ۾ ”گم گشته قوم“ جي نالي سان ڇپيو، سردار شوڪت حيات ڪشمير جو ذڪر ڪندي پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو: ”بعد ۾ ڪشمير تي حملي جي دوران جڏهن مائونٽ بيٽن لاهور آيو ته هڪ ڊنر جنهن ۾ لياقت علي خان، گورنر مودي ۽ پنجاب جا چار وزير موجود هئا، لارڊ مائونٽ بيٽن پٽيل جو هڪ نياپو ڏنو، پٽيل جيڪو هندستان جي هڪ سگهاري شخصيت هئي، ان جو نياپو هو ته ان اصول جي پابندي ڪئي وڃي، جيڪو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ رياستن جي مستقل جي باري ۾ طئي ٿيو هو، اهو ئي ته رياست پنهنجي رهاڪن جي اڪثريت ۽ سرحدن جي ملاپ جي آڌار تي پاڪستان ۽ هندستان سان الحاق ڪنديون. پٽيل چورائي موڪليو هو ته پاڪستان ڪشمير کڻي ۽ حيدرآباد دکن جي گُهر ڇڏي ڏي، جتي آباديءَ جي اڪثريت هندن جي هئي ۽ جنهن جو سامونڊي توڙي سرحدي ڪنهن به نموني پاڪستان سان رابطو لاڳاپو نه هو، نياپو ڏيڻ کان پوءِ مائونٽ بيٽن گورنمينٽ هائوس ۾ آرام ڪرڻ لاءِ هليو ويو.
آئون ڪشمير آپريشن جو نگران هوس، مون لياقت علي خان وٽ وڃي کيس رٿ ڏني ته هندستان جي فوج ڪشمير ۾ داخل ٿي چڪي آهي، اسين قبائلين جي مدد سان ان کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ پاڻ سان گڏڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهنداسين، تنهنڪري اسان کي پٽيل جي آڇ کي رد نه ڪرڻ گهرجي. نوابزادي ڦري مون ڏانهن ڏٺو ۽ چيو: ”سردار صاحب! ڇا آئون چريو ٿيو آهيان جو ڪشمير جي جبلن ۽ ٽڪرن جي بدلي ۾ رياست حيدرآباد کي ڇڏي ڏيان جيڪا پنجاب کان به وڏي رياست آهي.
لياقت علي خان جي ان عمل کي ڏسي آئون ته صفا برف ٿي ويس ته اسان جو وزير اعظم ملڪ جاگرافيءَ کان ايترو بي خبر هو، سندس ذهانت جو معيار اهو هو ته هو حيدآباد دکن کي ڪشمير تي ترجيح ڏئي رهيو هو، اها ته احمقن جي جنت ۾ رهڻ واري ڳالهه هئي، حيدرآباد جو حصول هڪ سراب هو، جڏهن ته ڪشمير ملي رهيو هو، هو ڪشمير جي پاڪستان سان اهميت کان قطعي واقف نه هو، تنهنڪري احتجاج طور مون ڪشمير آپريشن جي نگرانيءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. (صفحو 32-231)
اهي ته هيون ڪشمير جي نبيري جي حوالي سان ماضيءَ جون ڳالهيون، جنهن ۾ جيڪي غلطيون ٿيون، انهن جو ازالو ته هاڻ ممڪن ڪونهي، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ايندڙ وقت ۾ هر قسم جي جذباتين ۽ غير منطقي ڳالهين کان هٽي حقيقتن کي سامهون رکي ڪشمير جي تڪرار جي حل لاءِ اڳڀرائي ڪجي.
هن وقت جڏهن دنيا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ آمريڪا هن خطي مان دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ واري سرگرمين جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ خود هندستان به گڏيل قومن سميت ڪيترن ئي عالمي ادارن ۾ پنهنجي حيثيت کي نئين شڪل ۾ پيش ڪري رهيو آهي ۽گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل سيٽ حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته کيس گهرجي ته گڏيل قومن جي قراردادن کي مان ڏيئي. ڪشمير کي پنهنجو اٽوٽ انگ قرار ڏيڻ جي بدران، ان جي تڪراري حيثيت تسليم ڪري، ان جي نبيري لاءِ اجائي هوڏ ڇڏي، ان سلسلي ۾ عالمي طاقتن کي به پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
ڪشمير جي مسئلي جو حل هن خطي تان نه رڳو هر وقت ڇانيل جنگ جا ڪڪر ختم ڪندو پر هن خطي جي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي حالتن ۾ پڻ وڏي تبديلي جو سبب بنجندو.
(روزاني سوڀ، 3 فيبروري 2015ع)