ڪتابَ ۽ منهنجو ڪتب خانو !
زندگي، هڪ وڏو تجربو آهي، سو زندگي ڪڏهن اسان تي ته ڪڏهن اسين زندگيءَ تي تجربا ڪندا ٿا رهون، ڪتابَ پڙهڻ، لکڻ، ڇپائڻ، گهمڻ ڦرڻ، دوستن سان ملڻ ۽ ساڻن ڪچهريون ڪرڻ، سونهن ۽ سهڻن چهرن کي ڏسڻ جا شوق اٿم، پر انهن شوقن ۾ ڪتاب منهنجي اوليت رهي آهي، ڪتاب منهنجو پهريون ۽ آخري عشق آهي ۽ ڪتابن سان منهنجي ايتري دلچسپي ڏسي منهنجي دوست ۽ مشهور ليکڪ محترم پرويز پنهنجي آتم ڪهاڻي ”پيهي جان پاڻ ۾“ منهنجي حوالي سان لکندي لکيو، ”کيس سنڌي ڪتابن سان گڏ اردو ۽ انگريزي ڪتابن گڏ ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق آهي.“ پنهنجي ڪتابن سان دلچسپي ۽ پنهنجي ڪتب خاني بابت لکڻ کان اڳ اهو ضرور بيان ڪندس ته منهنجو ڪتاب طرف لاڙو ڪيئن ٿيو؟
منهنجو چاچو فقير عبدالغفور الستي (جيڪو ڪنهن وقت عين غين سنڌيءَ جي نالي سان لکندو هو) ستر واري ڏاڪي ۾ حيدرآباد مان هڪ ماهوار رسالو ”ملير ڊائجسٽ“ شايع ڪندو هو، جنهن ۾ قومپرستي ۽ سنڌ پرستيءَ جو پرچار ڪيل هوندو هو، جڏهن پڙهڻ جهڙو ٿيس ته مونکي ان جا ڪجهه پرچا هٿ چڙهيا ۽ انهن جي مواد مونکي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ مون تي وڏو اثر ڪيو. تنهن کانسواءِ حيدرآباد ۾ منهنجي هڪڙي ماسات رهندي هئي، جنهن وٽ ٻارڙن جي اردو ۽ سنڌي ڪتابن جو چڱو خاشو ذخيرو هوندو هو، آئون جڏهن به امان سان گڏجي حيدرآباد ويندو هوس ته هوءَ مونکي اهي ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ ڏيندي هئي، اهو 77-1976ع جو زمانو هو، ۽ آئون پنجون پاس ڪري ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيو هوس.
ڪتابن پڙهڻ جي چوس پيئي ته مون به ڪتاب خريد ڪرڻ شروع ڪيا ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران ٻارن لاءِ نڪرندڙ ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جو ساليانون خريدار به ٿيس، ٻاراڻي ادب کان اڳتي وڌيس ته پهريان جيڪي ٽي ڪتاب مون پڙهيا، جيڪي مونکي اڃا تائين چڱي طرح ياد آهن، انهن ۾ مشتاق احمد شوري جي ڪهاڻين جو مجموعو ”ٿڪل جذبن جو موت“، عبدالغني درس جي افسانن جو مجموعو ”منزل منزل دوکو“ ۽ سائين جي ايم سيد جو هڪ ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ شامل آهن. مشتاق شوري جي ڪهاڻين مونکي ايترو ته متاثر ڪيو، جو پوءِ مون ان ئي ڊڪشن ۾ ڪجهه ڪهاڻيون به لکيون، جيڪي ڪٿ ڇپجي نه سگهيون ۽ ڪاڳرن ۾ ئي گم ٿي ويون.
ڪتابن جي حوالي سان منهنجي پسند جا موضوع آتم ڪهاڻيون، شخصيتون، سفرناما، انقلابن جون تاريخون، تاريخ، سوشلزم، مذاهب عالم ۽ سماجيات رهيا آهن. مون کي ننڍي کنڊ جي تاريخ، خاص ڪري پارٽيشن واري دور سان به دلچسپي رهي آهي ۽ مون وٽ ورهاڱي بابت لکيل ڪتابَ به ڳچ تعداد ۾ آهن، سيرت نبوي به منهنجي پسند جو موضوع رهيو آهي ۽ مون وٽ سيرت نبوي بابت به ڪافي ڪتاب آهن، ناول ۽ ڪهاڻيون به پڙهندو آهيان. اڳ ۾ ايڊونچرس/جاسوسي ادب به وڏي شوق سان پڙهندو هوس، پر هاڻ نه پڙهندو آهيان.
آئون جڏهن به پنهنجي شخصيت جو جائزو وٺندو آهيان ته ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي نه هٻڪندو آهيان ته ڪتابن جي مطالعي مونکي شعور، سمجهه ۽ ساڃاهه عطا ڪرڻ سان گڏ مون ۾ پاڻ ڀروسي جو گُڻ به پيدا ڪيو آهي ته مونکي ڳالهائڻ به سيکاريو آهي، ڪتابن ئي مونکي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن بابت سوچ ويچار سان گڏ، منهنجي ذهن ۾ وقت بوقت جيڪي سوال اُٿندا پي رهيا آهن ته هيءَ دنيا، موت، حيات، ڪائنات ۽ انسان وغيره ڇا آهن، تن بابت پڻ سمجهڻ ۾ مدد ڪئي، ڪتابن جو ساٿ نه هجيم ها ته ڪر منهنجي زندگي ويران ۽ بُٺ هجي ها ۽ آئون شايد اونداهيءَ ۾ پيو هٿوراڙيون هڻان ها.
هن وقت منهنجي ڪتب خاني ۾ موجود ڪتابن جو ڳاڻيٽو پنج هزار کن ٿيندو، 2010ع ۾ جڏهن ”مها ٻوڏ“ آئي هئي ۽ برساتون پيون هُيون ته ان ۾ منهنجا ڪجهه ڪتاب خراب به ٿي ويا، جن جو گهڻو ارمان اٿم، انهن ڪتابن کانسواءِ منهنجي ڪتب خاني ۾ ڪيترائي رسالا ۽ ناياب تصويرون پڻ آهن، اهي ڪتاب آتم ڪهاڻين، شخصيتن، ٻولين، لسانيات، سماجيات، مذاهب عالم، دنيا جي قومي ۽ انقلابي تحريڪن، سنڌ جي تاريخ، سوشلزم، سيرت نبوي، ناول، ڪهاڻي، شاعري، ٻاراڻي/ٻارن لاءِ ادب، لسانيات ۽ چونڊ عالمي ادب جا ترجما پڻ موجود آهن.
منهنجي ڪتب خاني ۾ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ ڇپيل ڪتابن جي گهڻائي آهي، تنهن کانسواءِ انگريزيءَ ۾ پڻ ڪافي ڪتابن جو ذخيرو آهي، ڪجهه ڪتاب پنجابي، سرائيڪي، هندي، نيپالي، بلوچي، پشتو ۽ فارسيءَ ۾ به آهن، جيڪي انهن ٻولين جي اديب دوستن مونکي تحفي طور ڏنا هئا، فارسيءَ ۾ مون وٽ جيڪي ڪتاب آهن، اهي مون ايران جي سياحت دوران خريد ڪيا هئا، انهن ۾ فردوسيءَ جي شاهنامي جو مصور ايڊيشن، عمر خيام جي رباعين جو مصور ايڊيشن ۽ ديوان فريدالدين عطار ۽ ديوان حافظ شامل آهن. مطالعي جي حوالي سان سنڌي ۽ اردو ڪتابن تائين ترت رسائي آهي، سو انهن ٻولين ۾ ئي ڪتاب پڙهندو آهيان، ضرورت تحت انگريزي ڪتابن جو سهارو به وٺبو آهي. مون وٽ ڪتابن جي خريداريءَ لاءِ ڪا خاص بجيٽ مقرر ڪونهي، پاڻ مولائي مڙس آهيون، سو جڏهن به کيسو اُن ڳالهه جي موڪل ڏيندو آهي ته ڪتاب خريد ڪندو آهيان، منهنجي ذاتي خرچن ۾ ڪپڙي لٽي وغيره جي ايتري اهميت نه آهي، جيتري ڪتابن جي خريداريءَ جي، جڏهن به پئسا هوندا اٿم ته ڪتاب خريد ڪري وٺندو آهيان.
مون پنهنجي ڪتابن جي حفاظت ۽ سارسنڀال لاءِ دڙي ۾ پنهنجي گهر جي مٿيئنءَ حصي ۾ هڪ ڌار ڪمرو ٺهرايو هو، ان ڪمري جي ڊيگهه ۽ ويڪر 14x18 آهي، جنهن ۾ ٻن پاسن، ڏکڻ ۽ اوڀر واري پاسي ٻه دريون آهن، تنهن کانسواءِ هوا جي لاءِ ٻه ننڍا وينٽي ليٽر به آهن، اولهه واري پاسي ڪاٺ جي ٺهيل شيلفن ۾ جيڪي فرش کان ڏيڊ فوٽ مٿي ۽ ڇت کان فوٽ کن هيٺ سڄي ڀت ۾ کتل آهن، ان جي ڊيگهه 14 فوٽ ۽ هيٺان کان مٿي تائين ويڪر 6 فوٽ آهي، انهن ۾ ترتيب سان ڪتاب رکيل آهن ۽ هر خاني ۾ ڪتابن جون ٻه ٻه قطارون آهن، هڪ قطار اندر ۽ ٻي ٻاهر، اُترواري پاسي وري ٻه الماڙيون ۽ هڪ ننڍو رينڪ رکيل آهي، جيڪي پڻ ڪتابن سان ڀريل آهن، اڳ ۾ مون وٽ ڪتاب موضوع وار ۽ ٻولي وار رکيل هئا، پر اٿل پٿل سبب هاڻ گڏ وچڙ ٿي ويا آهن، ان ئي ڪمري ۾ ٻه ميزون ۽ ڪجهه ڪرسيون پيل آهن، انهن ميزن تي پڻ منهنجي مطالعي هيٺ رهندڙ ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون رکيل هونديون آهن، اهي ميزون منهنجي مطالعي لاءِ به ڪم اچن ٿيون ته لکڻ جي لاءِ به، پر هاڻ گذريل چئن سالن کان حيدرآباد شفٽ ٿيڻ سبب انهن جي ترتيب به ڦٽي ويئي آهي.
آئون ڪتاب پڙهائڻ جي حوالي سان بخيل نه رهيو آهيان ۽ ڪوشش اها هوندي اٿم ته ڪنهن کي مايوس نه ڪريان، اڳ ڪافي دوست ۽ نوجوان هئا، جيڪي باقاعدگيءَ سان ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ وٺي/کڻي ويندا هئا، هاڻ فقط ٻه چار دوست ئي آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن پڙهڻ جي لاءِ وٺي ويندا آهن، البت منهنجو هڪ سٺو دوست ۽ ڪهاڻيڪار ذوالفقار ڪانڌڙو، گذريل چوويهه، پنجويهه سالن کان جڏهن کان اسان جي دوستي ٿي آهي، لڳاتار منهنجي ڪتب خاني مان ڪتاب کڻي وڃي پڙهندو آهي ۽ آئون به سندس ڪتب خاني مان مستفيض ٿيندو رهندو آهيان.
مونکي مطالعي جو سدائين شوق رهيو آهي، تنهن ڪري جڏهن به، جت به موقعو ملندو اٿم ته ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندو آهيان، منهنجي مطالعي لاءِ ڪو خاص وقت مقرر ڪونهي، جو زندگيءَ جي هڻ وٺ ۾ ڪو وقت مقرر ڪرڻ منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي، باقي واندڪائيءَ جو وقت پڙهڻ يا لکڻ ۾ گذرندو اٿم.