يـوگ پـاٺـڪ (نيپال)
ڪمرن ڏانهن ويندي اسان پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا وياسين ۽ اهو طئي ڪيوسين ته فريش ٿي هيٺ گڏجي هلي ڊنر ٿا ڪريون، فريش ٿي جڏهن ڊنر لاءِ هيٺ لٿاسين ته اسان ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ سالن جا شناسا هجون ۽ اسان جي پاڻ ۾ اهڙي ته لڳي جو پوءِ ڪانفرنس جا ٽئي ڏينهن ڄڻ پاڇي وانگر هڪٻئي سان گڏ هئاسين.
يوگ پاٺڪ (Yug Pathak) ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد پهتو هو ۽ اڪادمي ادبيات جي گيسٽ هائوس ۾ ٽڪيل هو. کٽمنڊو کان سڌي اسلام آباد جي فلائيٽ نه هئڻ سبب يوگ پاٺڪ پهرين کٽمنڊو کان دهلي ۽ دهليءَ کان لاهور ۽ لاهور کان پوءِ اسلام آباد پهتو. سندس واپسيءَ جو سفر به ائين ئي ٿيو.
يوگ پاٺڪ جو واسطو کٽمنڊو کان ٻاهر هڪ ڳوٺ سان آهي، پاڻ ٻڌايائين ته ”گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ مون سرڪاري نوڪري ڪرڻ جي بدران صحافت جوائن ڪئي. ان وقت تازو نيپال مان بادشاهت جو خاتمو ٿيو هو ۽ نئين آئين ۽ نئين حڪومت جي قيام جي ڪري پريس کي مليل آزادي سبب ڪيتريون ئي نيون اخبارون نڪرڻ شروع ٿيون. آئون اڳ ۾ ئي فري لانسر طور لکندو هوس. ان وقت کٽمنڊو مان نڪرندڙ هڪ نئين انگريزي اخبار جي انتظاميا مونکي اخبار ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. پئڪيج سٺو هو، تنهنڪري مون اها آڇ قبولي ورتي، پر بدقسمتي سان ڇهن مهينن کانپوءِ اخبار بند ٿي وئي. جنهن ڪري بي روزگار ٿي ويس.“ يوگ ٻڌايو ته مون پُڇيس ”ته پوءِ گذر سفر جو سلسلو ڪيئن هلڻ لڳو؟“ ”منهنجي گهر واري اسڪول ۾ پڙهائيندي آهي، ڪجهه اتان، ڪجهه ترجما ڪرڻ ۽ فري لانسنگ لکڻ سبب ڪم هلڻ لڳو ۽ انهن ئي ڏينهن مون پنهنجي پهرينءَ ناول تي گوڏا ڀڃي ويهي ڪم شروع ڪيو. جيڪو پوءِ ”ارگن ڪا گهوڙا“ جي نالي سان ڇپيو.“
”تنهنجي ان ناول جي سينٽرل آئيڊيا ڪهڙي آهي؟“ پڇيومانس ”اها هڪ ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي، جيڪا نيپال جي مائو ڪميونسٽ هلچل ۾ سرگرم رهي ٿي ۽ ان دوران کيس ۽ سندس ڪٽنب کي جيڪي تڪليفون پيش اچن ٿيون ان جي وارتا آهي، مائو ڪميونسٽن جي ان جدوجهد جي نتيجي ۾ نيپال مان بادشاهت ختم ٿي ۽ لوڪ راڄ قائم ٿيو.“
”بادشاهت جي خاتمي کانپوءِ نيپال جو جمهوريت ڏانهن سفر ڪيئن ٿو لڳي؟“ پڇيومانس.
”سٺو ٿو لڳي، بادشاهت هڪ گُهٽ ۽ ٻُوسٽ جو نالو آهي، ائين محسوس ٿيندو هو ته سڄو ملڪ ۽ سماج هڪ سينواريل ۽ بيٺل تلاءُ وانگر هو. هر شيءِ بادشاهه جي ذات جي چوڌاري گهمندي هئي. هاڻ بهتر حالتون آهن، آزادي آهي.....“
”ڀلا نيپال ۾ ڪتابن جي ڇا صورتحال آهي؟“
”هاڻ هر مهيني چار پنج نوان ڪتاب ڇپجن ٿا. بادشاهت جي خاتمي کانپوءِ ڪيترائي نوجوان پبلشنگ جي شعبي ۾ آيا آهن. خود منهنجو ناول به هڪ نوجوان ۽ نئين پبلشر ڇپيو ۽ هن وقت تائين منهنجي ناول جا پنج ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. پهريون ڇاپو پندرهن سؤ ڪاپيون ڇپيو، ٻيو ڇاپو پنجويهه سؤ. ٽيون ۽ چوٿون ڇاپو به اڍائي اڍائي هزار ڇپيو...“
يوگ پاٺڪ جي ان ڳالهه تي نه رڳو مونکي پر هندستان مان آيل پنجابي ٻوليءَ جي ڪهاڻيڪار جندر کي پڻ حيرت ٿي. جنهن ٻڌايو ته اسان وٽ پنجابيءَ ۾ ڪهاڻي يا ناول جون وڌ ۾ وڌ پنج سؤ ڪاپيون ڇپجن ٿيون، جڏهن ته شاعريءَ جو ڪتاب ته اڍائي ٽي سؤ کان وڌيڪ تعداد ۾ به نٿو ڇپجي. مون پڻ کيس ٻڌايو ته اسان وٽ نه رڳو سنڌيءَ ۾، پر اردو ۾ پڻ ڪتاب وڌ ۾ وڌ پنج سؤ ڪاپين جي تعداد ۾ ڇپجي ٿو.
”ڀلا تنهنجي ناول جي هيترن ڇاپن ۽ ايتري تعداد ۾ ڇپجڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟“ يوگ جي ڳالهه ٻُڌي مون تجسس وچان پڇيو.
”ان جو بنيادي ڪارڻ ڪتاب جي مناسب پبلسٽي به آهي، ڇو ته جي پڙهندڙن کي خبر ئي نه هوندي ته ڪو ڪتاب ڇپيو به آهي ته هو ڪيئن خريد ڪندا.“ منهنجي سوال جي جواب ۾ يوگ وراڻيو، ”جڏهن منهنجو ناول ڇپيو ته آئون اخباري دوستن سان مليس ۽ کين ان ڳالهه تي آماده ڪيم ته هو جيڪڏهن منهنجي ناول ۾ دم آهي ته ان تي تبصرا لکن، تنهن کانسواءِ اخباري انتظاميائن سان به مليس ته هو ناول جو اشتهار مفت ۾ هلائين ۽ هنن منهنجي ڳالهه مڃي ۽ ناول جو اشتهار مفت ۾ هلايو، جنهن سان پڙهندڙن کي ڪتاب جي ڇپجڻ جي باري ۾ خبر پئي. ان کانسواءِ اسان ڪتاب جي مشهوري جي لاءِ سائن بورڊ ٺهرائي کٽمنڊو جي چوڪن، بس اسٽاپن ۽ ٻين هنڌن تي هنيا ۽ ٻيو ڪم اسان هي ڪيو ته ننڍا ننڍا وال پوسٽر ۽ پمفليٽ ڇپرائي کٽمنڊو کان ٻاهر ٻين علائقن ڏانهن ويندڙ بسين جي ڊرائيورن کي ٿوري خرچي ڏئي ان ڳالهه تي راضي ڪيوسين ته هو جتي جتي به وڃن ٿا، اهي اشتهاري پمفليٽ ورهائيندا وڃن. ائين مناسب پبلسٽي ٿيڻ سان ڪتاب جو سٺو وڪرو ٿيو.“
”ڀلا يوگ! توکي تنهنجي ناول تي رائلٽي به ملي يا...؟“ ائين چئي مون جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو، مونکي پنهنجا پبلشر ياد پيا جيڪي رائلٽي ڏيڻ کان ائين ڀڄندا آهن، جيئن ڪانوَ ڀڄندو آهي ڪمان کان.
”هائو... مونکي رائلٽي ملي... پبلشر سان منهنجي ڏهه پرسينٽ رائلٽي طئي ٿي. جيڪا هن ڏني... پر چوٿين ڇاپي ڇپجڻ کانپوءِ جڏهن پنجون ڇاپو ڇپجڻ جي ڳالهه ٿي ته پبلشر رائلٽي ڏيڻ تي ٿوري اڙي ۽ ٽال مٽول ڪئي. ان وچ ۾ هڪ ٻئي نئين پبلشر مونکي پنجين ڇاپي جي لاءِ پندرهن سيڪڙو رائلٽي آڇي ته مون ان سان معاهدو ڪيو ۽ منهنجي ناول جو پنجون ڇاپو چئن هزار ڪاپين جي صورت ۾ ڇپيو آهي.“
”واهه! اها ته خوشي جهڙي ڳالهه آهي.“ مون چيومانس ۽ پوءِ وري پڇيومانس، ”يوگ ڀلا تنهنجي ناول جي انگريزي ۾ ترجمي جو ڪو امڪان؟“
”هائو، هڪ دوست ترجمو ڪيو، پر اهو ان معيار جو نه هو، جنهنڪري ڇپجي نه سگهيو، هاڻ دهلي جي هڪ پبلشر سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ جلدئي انگريزي ترجمي تي ڪم شروع ٿي ويندو.“
اهو ٻُڌي چيومانس ته ”جڏهن به تنهنجي ناول جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڇپجي ته مونکي ضرور موڪلج، آئون ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائيندس.“ جنهن تي هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وعدو ڪيائين ته ”جيئن ئي ناول انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي ويو ته توکي ان جي ڪاپي ڏياري موڪليندس.“
”هاڻ ڇا پيا لکو؟“ پڇيومانس.
”هينئرر هڪ ٻئي ناول تي ڪم پيو ڪريان... جيڪو هن ئي سال مڪمل ٿي ويندو.“
”ان ناول جو موضوع ڇا آهي؟“
”ان ناول جو موضوع به بادشاهت جي خلاف عوامي جدوجهد ئي آهي.“ يوگ ٻڌايو.
جيئن مٿي لکيو اٿم ته يوگ ڪانفرنس کان ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد پهتو هو ۽ کيس اڪادمي جي گيسٽ هائوس ۾ ٽڪايو ويو هو. کيس مري ۽ ٽئڪسلا ڏسڻ جو بي حد اشتياق هو، پر ميزبانن ته اهي هنڌ ڏيکارڻ جي بدران کيس ۽ ٻاهران آيل ٻين مندوبين کي اهو چئي ڊيڄاري ڇڏيو هو ته ”اڪادمي جي احاطي مان ٻاهر نه نڪرجو.“ جنهن سبب کيس پورو اسلام آباد گهمڻ جو به موقعو ملي نه سگهيو. ڪانفرنس جي آخري ڏينهن تي صبح جو مندوبين کي ’لوڪ ورثه‘ ڏيکارڻ جو پروگرام هو، پر منتظمين عين وقت تي اهو پروگرام به سيڪيورٽيءَ جو عذر ڏئي ڪينسل ڪري ڇڏيو. مون محسوس ڪيو ته يوگ سميت ڪانفرنس ۾ ٻاهران ايندڙ مندوبين تي ان جو ڪو چڱو اثر نه پيو، هنن اهو ئي محسوس ڪيو هوندو ته اسلام آباد جون حالتون صفا خراب آهن.
لوڪ ورثه وارو پروگرام نه ٿيڻ تي مون هوٽل مان اڪادمي ادبيات جي آفيس وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جيئن ڪجهه ڪتاب خريدڻ سان گڏ اتي موجود ڪجهه دوستن سان به ملي سگهان. هوٽل مان نڪرڻ مهل مون لابيءَ ۾ بيٺل يوگ کي هلڻ جي صلاح هنئي ته هو هڪدم تيار ٿي ويو ۽ اسين ٻئي هوٽل مان ٻاهر نڪري ٽئڪسي ڪري اچي اڪادمي جي آفيس پهتاسين، رستي تي يوگ اسلام آباد کي ڏسندي چيو ”منهنجي لاءِ هوٽل کان اڪادمي جي آفيس تائين جو هي ٿورو سفر به سٺو آهي.“ رستي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي کُتل سائن بورڊن تي لکيل لفظن خاص ڪري باغ ۽ باغيچو پڙهي چيائين اسان وٽ به ساڳيا لفظ استعمال ٿيندا آهن. ڪچهري ۾ يوگ بار بار هڪ لفظ ”ترائي“ استعمال ڪري رهيو هو، ”جهڙوڪ ترائيءَ جا ماڻهو“ مون ٻڌايومانس ته اسان وٽ سنڌيءَ ۾ پڻ هيٺاهين يا ماٿري لاءِ ترائي لفظ استعمال ٿيندو آهي. ائين اندازو ٿيو ته نيپالي ٻولي ۽ سنڌي/اردو جا ڪيترائي لفظ ساڳيا ۽ ساڳئي معنيٰ ۾ استعمال ٿين ٿا.
يوگ ٻڌايو ته هت اچڻ مهل کيس ان ڳالهه جو اُلڪو هو ته اڪيلو آهيان سو الائجي ڪيئن وقت ڪٽبو، پر دوستن ايتري ته سُٺي ڪمپني ڏني آهي جو ائين پيو لڳيم ته پنهنجن سان پنهنجي ئي ملڪ ۾ آهيان.
يوگ، ”ايفريقن ايشين رائيٽرس يونين“ جي سيپٽمبر 2012ع جي قاهرا واري ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪئي هئي، ”ان وقت مون وٽ ٽڪيٽ جا پئسا نه هئا، جيئن قاهرا وڃي سگهان.“ يوگ ٻڌايو ”پر ان وقت نيپال جي حڪومت ۾ هڪ وزير منهنجي لکڻين کي پسند ڪندو هو ۽ هن منهنجي لاءِ اوٽ موٽ ٽڪيٽ جو بندوبست ڪيو ۽ ائين آئون قاهرا وڃي نڪتس. هينئر به هيڏانهن اچڻ جي لاءِ ٽن چئن دوستن کان اوڌر سوڌر وٺي پهتو آهيان.“
يوگ ٻڌايو ته نيپال ۾ ٻه وڏيون ڪميونسٽ پارٽيون مائوسٽ ۽ مارڪسٽ آهن، تنهن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ننڍا ننڍا گروپس آهن، سندس همدرديون مائوسٽ گروپ سان آهن.
ڪانفرنس جي آخري ڏينهن يوگ پاڻ سان آندل پنهنجي ناول ”ارگن ڪا گهوڙا“ جي ڪاپي ڏيکاري، جيڪا نيوز پيپر تي ڏاڍي سُٺي ڇپيل هُئي. ڪتاب ڏسندي چيومانس ”يوگ مونکي نيپالي زبان پڙهڻ نٿي اچي.. پر خواهش اٿم ته هيءَ ڪاپي تون پنهنجي آٽوگراف سان مونکي ڏئي وڃ. جيئن اسان جي ملاقات ۽ دوستي جي ياد طور مون وٽ محفوظ رهي.“ ته پاڻ هڪدم اها منهنجي نالي لکي پنهنجي صحيح وجهي مونکي ڏنائين. يوگ جي فلائيٽ ارڙهين جون تي صبح جو ستين بجي هئي ۽ کيس پنجين بجي ايئرپورٽ پهچڻو هو. رات جو ڪمرن ڏانهن ويندي جڏهن مون کانئس موڪلايو ته چيائين ”سڀاڻي وڃڻ مهل تنهنجي ڪمري جي در تي ناڪ ڪري پوءِ ويندس.“ اسان ٻنهي جا ڪمرا گڏ گڏ هئا.
صبح جو پنجين بجي منهنجي اک کلي ته آئون تڪڙ ۾ اُٿيس ۽ منهن تي پاڻيءَ جا ٻه ڇنڊا هڻي ڪمري جو در کولي ٻاهر نڪتس ته يوگ به ان ئي مهل سامان کڻي ٻاهر نڪتو ۽ اسين پوءِ هڪٻئي جي ڀاڪرن ۾ موڪلائڻ لڳاسين، موڪلائڻ کانپوءِ يوگ پنهنجو سامان کڻي هيٺ هوٽل جي لابي ۾ وڃڻ لڳو ۽ آئون ڪمري جي در وٽ بيٺو کيس هيٺ ويندو ڏسندو رهيس.