شهنشاهه ايران ۽ راڻي فرح ديبا جي ڪهاڻي
اهو شهنشاهه ايران جڏهن عوامي مزاحمت جي سٽ نه سهي، ايران مان ڀڳو ته اڍائي هزار سالن جي شهنشاهيت جي ان آخري وارث کي ڪٿي به سُک جو ساهه کڻڻ نصيب نه ٿيو ۽ ايراني عوام جي انتقام جي ڊپ کانئس سُک ۽ سڪون کسي ورتو. سندس پراڻا اتحادي، آمريڪا ۽ يورپ جو ڪو به ملڪ کيس پاڻ وٽ ترسائڻ جي لاءِ تيار نه ٿيو ۽ هو منجهانس ڪم لٿو ڊکڻ وسريو وانگر سڀئي ڪڌا ڪم ڪرائي، پوءِ ائين هن ڪڍي ويا، ڄڻ هو کيس سڃاڻندا ئي نه هجن، شهنشاهيت ايران پوءِ ڌر ڌر جا ڌڪا کائي نيٺ مصر جي تڏهوڪي صدر انور السادات جي مهربانيءَ سان مصر پهتو ۽ اتي ئي جلاوطنيءَ جي حالت ۾ 26 جون 1980ع ۾ گذاري ويو ۽ اتي ئي دفن ٿيو. شهنشاهه ايران پنهنجي وفات کان اڳ پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي، جيڪا سندس چالاڻي کان پوءِ ڇپي، مونکي ياد آهي ته ان وقت هلال پاڪستان اخبار پاران هڪ هفتيوار مئگزين ڪڍيو ويندو هو، جنهن جو انچارج مرحوم فقير محمد لاشاري هو، ان مئگزين ۾ ڏاڍو سٺو مواد ڇپيو ويندو هو، شهنشاهه ايران جي اها آتم ڪهاڻي پوءِ ان مئگزين ۾ اختصاريل نموني ترجمو ٿي ڇپجندي هئي، گذريل سال جڏهن پنهنجا پراڻا فائل پئي اٿلايم ته اهي سڀ هلال پاڪستان مئگزين جا پر چا هڪ فائل ۾ موجود هئا. مون مئگزين اٿلائيندي هڪ ڀيرو ٻيهر قسطن ۾ ڇپيل اها آتم ڪهاڻي پڙهي ڏٺي ۽ تپرس ۾ پئجي ويس ته دنيا ڪيڏي نه دو رنگي آهي. شهنشاهه ايران اُن آتم ڪهاڻيءَ ۾ چٽي نموني لکيو آهي ته: ”سندس زوال جي پويان آمريڪا ۽ يورپ جو هٿ آهي، هنن کي ان ڳالهه تي ڪاوڙ هئي ته آئون ايران کي تيل جي دولت جي ذريعي هڪ اقتصادي طاقت ۾ بدلائي رهيو آهيان.“ شهنشاهه ايران جي ان ڪتاب جو اردو ۾ ترجمو پڻ ڇپيو هو، ڪڏهن ڪڏهن مونکي خيال ايندو آهي ته شاهه ايران جي هلال پاڪستان ۾ ڇپيل ان قسطوار آتم ڪهاڻيءَ کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايان.
شاهه ايران ٽي شاديون ڪيون، پهرين مصر جي بادشاهه فاروق جي ڀيڻ شهزادي فوزيه سان ڪئي، جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ شهزادي شهناز ڄائي، ٻي شادي ايران جي هڪ سگهاري بختياري قبيلي مان راڻي ثريا بختياريءَ سان ڪئي، پر ٻنهي مان کيس پُٽ جو اولاد يعني تخت جو وارث پيدا نه ٿيو، جنهن سبب ٻنهي کي طلاق ڏئي ڇڏيائين. شاهه ايران ٽي شادي فرح ديبا سان ڪئي، جيڪا پڻ ايرانڻ هئي، شاديءَ وقت فرح ديبا جي عمر ايڪويهه سال هئي، کيس عالمي شهرت تڏهن ملي جڏهن 1968ع ۾ شهنشاهه ايران جي تاج پوشيءَ جي رسم ادا ڪئي وئي ۽ ايراني آئين ۾ ترميم ڪري فرح ديبا جي به ايران جي راڻيءَ جي حيثيت سان تاج پوشي ڪئي وئي، جيڪي خبرون عالمي ميڊيا ۾ وڏي طمطراق سان ڇپيون، ائين هوءَ رات وچ ۾ عالمي شخصيت بڻجي وئي، راڻي فرح مان شاهه ايران کي چار ٻار ٻه پُٽ ولي عهد محمد رضا ۽ علي رضا ۽ ٻه نياڻيون فرح ناز ۽ ليليٰ ناز پيدا ٿيون، جن مان ليليٰ ناز پوءِ ويهن سالن جي عمر ۾ پئرس ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي . شاهه ايران سان سندس شادي جي ويهن سالن کان پوءِ شاهه جي زوال جي شروعات ٿي ۽ سڄي ملڪ ۾ شاهه جي حڪومت خلاف مظاهرن ۽ احتجاج جي شروعات ٿي، انهن مظاهرن ۽ احتجاج کي ڌٻائڻ جي لاءِ شاهه ايران جي حڪومت ڏاڍي سختي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ويهه هزار ماڻهو قتل ٿيا، پر اها تحريڪ ڌٻجي نه سگهي ۽ شاهه نيٺ ايران مان وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ شاهه کي ته وري وطن ورڻ نصيب نه ٿيو، پر راڻي فرح ۽ سندس اولاد کي به وري ايران وڃڻ جو موقعو نه ملي سگهيو آهي، شاهه ايران جي وفات کان پوءِ راڻي فرح جو نالو به هوريان هوريان منظر تان غائب ٿيندو ويو ۽ هوءِ پئرس ۾ گمناميءَ جي زندگي گذارڻ لڳي، سندس نالو هڪ ڀيرو ٻيهر تڏهن منظر عام تي آيو، جڏهن 2003ع ۾ سندس آتم ڪهاڻي (An Enduring Love My Life With Shah) جي نالي سان ڇپي، ڪتاب فرينچ زبان ۾ ڇپيو، ڇو ته ايران ۾ اعليٰ طبقن ۾ فرينچ زبان ۽ ثقافت کي اها ئي حيثيت حاصل آهي، جيڪا پاڻ وٽ پاڪستان ۾ مٿين طبقي ۾ انگريزي زبان ۽ ثقافت کي حاصل آهي.
ڪتاب جو فرينچ مان انگريزي ترجمو ’پيٽريشيا ڪلينسڪي‘ ڪيو، ڪتاب ۾ فرح ديبا انفرادي محبت ۽ پريشانين جو ذڪر ڪري پنهنجي جابراڻي حڪومت جي سفاڪ هٿڪنڊن جو تاثر گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، شايد سندس مقصد ايراني ۽ ٻين مسلمان ملڪن جي عوام ۾ پنهنجي پٽ محمد رضا لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ هجي. ان هوندي به هي ڪتاب هڪ اهڙي عورت جو اعتراف نامو آهي، جنهن جي مڙس جي حڪومت هزارين انسانن کي پنهنجي رت ۾ وهنجاري ڇڏيو، ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي گهڻو مبالغو به لڳي ٿو ۽ اهو داستان ڪافي وڌايل چڙهايل پيو محسوس ٿئي، اها آتم ڪهاڻي سندس شاهه ايران سان پنهنجي لاڳاپي جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي ٻين معاملن تائين به پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ڪتاب ڏاڍو دلچسپ آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته اهو ڄڻ پرين جو داستان پيو لڳي.
2011ع جي جولاءِ مهيني ۾ ايران ۾ قم ۾ بيبي معصومه (س) جي مزار جي ٻاهران ڪتاب جي دڪانن تي مون راڻي فرح ديبا جي ان ڪتاب جو فارسي ترجمو وڪري لاءِ رکيل ڏٺو، جنهن جو نالو ”پروفشنرين ڪتاب تاريخ معاصر: من فرح پهلوي“ هو، جنهن تي مونکي ڪافي حيرت ٿي، ڇاڪاڻ ته ايران ۾ شاهه ۽ شهنشاهيت سان لاڳاپيل سڀني شين کي يا ته ختم ڪيو ويو آهي يا تبديل ڪيو ويو آهي، پوءِ سوچيم شايد اهو ڪتاب ڪاٽ ڪوٽ ڪري ڇپيو ويو هوندو ۽ ان سان گڏ ايران ۾ سنسرشپ جي نرم هجڻ جو به احساس ٿيو. ڪتاب جي ٽائيٽل تي راڻي فرح ديبا جي 16 جنوري 1979ع تي ايران مان جلاوطن ٿيڻ مهل نڪتل روئيندڙ تصوير ڏني وئي آهي، مون ان ڪتاب جي پهرين باب جو ترجمو پنهنجي ڪتاب ”اڌ مهينو ايران ۾ ” شاهه رفت“ جي عنوان سان ڏنو آهي، جنهن ۾ راڻي پنهنجي ايران مان روانگي جو عڪس چٽيو آهي.
جيستائين ڪو شخص اقتدار ۾ هوندو آهي ته هر ڪو اها ڪوشش ڪندو آهي ته ان جي اڳيان پويان ٿيا ۽ سندس سامهون رهان ۽ سندس منظور نظر بڻجي مراعتون ۽ ٻيا فائدا حاصل ڪريان، شهنشاهه ايران ته وري به اهڙو حاڪم هو، جنهن کان امداد وٺڻ جي لاءِ غريب پرڏيهي ملڪن جي حاڪمن جون قطارون هونديون هيون، سندس رعب ۽ دٻدٻي جي ڇا ڳالهه ڪجي؟ هو ته پاڻ کي هن خطي ۾ آمريڪي مفادن جو رکوالو ۽ پوليس مين سمجهندو هو، سندس گهمنڊ ان حد تائين هو جو اوريانا فلاسيءَ کي انٽرويو ڏيندي چيو هئائين ته: ” پاڻ خواب ۾ حضرت علي ڪرم الله وجه سان به ملاقاتون ڪندو هو.“ ان گهمنڊ ۽ پوليس مينيءَ سبب هو آسپاس جي ملڪن تي نظر رکندو هو ۽ اتي پيدا ٿيندڙ عوامي تحريڪن کي ڌٻائڻ ۾ اتان جي حاڪمن جون فوجي مددون به ڪندو هو، سلطنت عمان ۾ جڏهن سلطان قابوس جي خلاف عوام بغاوت ڪئي ته شاهه ايران ان کي چٿڻ لاءِ فوجون اُتي موڪليون. ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن بلوچستان ۾ فوجي آپريشن هليو پئي ته ايران جا ڪويرا هيلي ڪاپٽر بلوچن تي بمباري ڪندا وتندا هئا.
جڏهن شاهه ايران جلاوطن ٿيو ته سندس اها سڄي ٽان ڦون ڊهي اچي پٽ پئي، دشمن ته هونئن به دشمن هوندو آهي، پر منجهائنس دوست به هٿ ڪڍي ويا، پناهه لاءِ لاطيني آمريڪي ملڪ پانامه پهتو، جتي جو ڊڪٽيٽر سندس دوست هو، پر ان به اهڙي جُٺ ڪيس جو بس، جنهن بابت شاهه ايران پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکي ٿو ته: اسان کي جيڪو سامان سڙو مهيا ڪيو ويندو هو ان جا بل چيڪ ڪرڻ سان خبر پوندي هئي ته اهي بازاري اگهه کان ڏهوڻ تي وڌيڪ هوندا هئا.“ ڳالهه اتي دنگ ڪري ها ته به ٺيڪ. پر هڪ ڏينهن راڻي فرح ديبا ٻڌائيس ته هن شيطان کي اسان سان ڪا به همدردي ڪونهي، پر هو ته اسان جي مجبوريءَ مان فائدو وٺي مونکي داد عيش ڏيڻ لاءِ راغب ڪري رهيو آهي.“ تفوبرتو اي چرخ گردان تفو بر..... اي آسمان توکي اکين ڦيرڻ تي حيف هجي!“