پرويش شاهين(پاڪستان)
امداد هڪدم مونکي هڪ ڪمري ڏانهن وٺي هليو ۽ دروازو کوليائين ته هڪ جهونڙو پلنگ تي ويٺل نظر آيو ۽ در کُلندو ڏسي پنهنجون ٻوٽيل اکيون کوليائين ۽ اسان ڏانهن ڏٺائين، ”شاهين صاحب! هي يوسف سنڌي آهي... حيدرآباد سنڌ کان آيو آهي... توهان سان رهندو.“
”ٽيڪ اي!“ جواب ۾ هڪ ڳرو آواز اُڀريو ۽ خانصاحب اکيون ٻوٽي ڇڏيون. امداد مونکي ڇڏي پاڻ هليو ويو ۽ مون به بنا دير جي ٿيلهو کولي ڪپڙا ڪڍيا ۽ فريش ٿيڻ جي لاءِ واش روم ۾ گهڙي ويس ۽ گڏوگڏ خانصاحب جي رُکي لهجي ”ٽيڪ اي“ تي سوچڻ لڳس ته ”امداد الائجي ڪهڙي بَلا سان اٽڪايو آهي... نه دعا نه سلام، بس ٽيڪ اي.“
فريش ٿي ڪپڙا پائي ٻاهر نڪتس ۽ خانصاحب جي ڀرواري پلنگ تي ليٽي پيس ۽ خانصاحب ڏانهن ڏٺم، اکيون ٻوٽيل، ڄڻ گوتم ٻُڌ جيان ڪنهن گيان ۾ هجي.
”سونا چاهتي هو تو بتي بند ڪردو.“ اوچتو آواز آيو، مون هڪ نظر وري به خانصاحب کي ڏٺو ۽ ”ٽيڪ اي“ چئي اُٿي بلب آف ڪري ڇڏيم. هاڻ ته مونکي صفا وسوسا ٿيڻ لڳا، ”الائجي ڪير آهي، نه دعا نه سلام... بس ٽيڪ اي... حڪم ته بتي بند ڪردو.“
آئون وري پلنگ تي ليٽي پيس، ڪمري ۾ اونداهي هئي، بس سائيڊ واري دريءَ مان شام جو ڌنڌلڪو نظر اچي رهيو هو. مون به اکيون ٻوٽي ڇڏيون، ڪجهه دير ماٺار رهي، پوءِ خانصاحب جي کنهڪار جو آواز آيو ته مون به همت ڪري ڳالهايو ۽ پڇيو، ”سر جي! اوهان پنهنجو تعارف ڪرائيندا.“
”پرويش شاهين... سوات کان آيو آهيان.“ لهجي ۾ اهو ئي کڙڪو ۽ رُکائي. نالو ٿورو ٻُڌل يا پڙهيل لڳم، گهڙي کن خاموشي رهي، ”شاهين صاحب! اوهان اهي ئي آهيو نه جنهن کهوار زبان تي ڪم ڪيو آهي. شايد ان تي اوهان ڪو ڪتاب به لکيو آهي.“
کهوار زبان پاڪستان جي اُترين علائقن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.
”جي! بلڪل مون کهوار کانسواءِ ٻين ٻولين تي پڻ ڪم ڪيو آهي. کهوار زبان تي منهنجو لکيل ڪتاب ”مقتدره قومي زبان“ اسلام آباد طرفان ڇپرايو ويو آهي.“
”هائو، اوهان جو اهو ڪتاب مون وٽ آهي ۽ مون اوهان جي کهوار زبان تي لکيل هڪ مضمون جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو اسان جي ”سنگت“ رسالي ۾ ڇپيو هو“. ”اڇا!“ جواب مليو، ”مون پاڪستان ۾ ڳالهائجندڙ ڪيترين ئي ٻولين ۽ لهجن تي ڪم ڪيو آهي. ڪن تي ته ڪتاب به لکيا اٿم، منهنجا هڪ سؤ کان به وڌيڪ ڪتاب ڇپيا آهن. منهنجو هڪ ڪتاب سنگ ميل لاهور وارن به ڇپيو آهي. آئون ڪيترائي ڀيرا شاهه لطيف يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ ڪانفرنسن ۾ شرڪت جي لاءِ سنڌ به اچي چڪو آهيان. سنڌ ۾ آئون عمرڪوٽ ۽ مٺي تائين ويو آهيان. مون ٿر جي ڍاٽڪي ٻوليءَ تي پڻ ڪيو آهي، تنهن کانسواءِ آئون ٺٽي ۽ مڪلي به ويو آهيان. چوهڙ جماليءَ ۽ جاتي به ويو آهيان، جتي مغلڀين آهي.“ خانصاحب يڪ ساهي ٻڌائي ويو.
”واهه سائين! اوهان ته ڄڻ سڄي سنڌ گهمي آهي.“ مون چيس، پوءِ نيم اونداهيءَ ۾ اسان جي اها ڪچهري جاري رهي ۽ اسان جي وچ ۾ اها اوپرائپ ختم ٿي چڪي هئي، جيڪا سندس ”ٽيڪ اي“ چوڻ تي محسوس ڪئي هيم. اسين ڪافي دير ڪچهري ڪندا رهياسين ۽ پوءِ چانهه پيئڻ جي لاءِ ٻاهر نڪري آياسين.
ٿوري دير کانپوءِ جڏهن مهمانن کي سندن رهائش وارن هنڌن ڏانهن موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته امداد آڪاش مونکي ٿيلهو کڻي ”هوٽل بيسٽ ويسٽرن“ هلڻ جي لاءِ چيو، مون پرويش کان موڪلايو ته چيائين، ”يوسف! تون نه وڃ... توسان ڏاڍي سٺي ڪچهري پئي ٿئي ۽ پاڻ ٻنهي جو مزاج به ساڳيو آهي. تون ويندين ته الائجي ٻيو ڪير منهنجي مٿي ۾ لڳي.“ پر آئون پنهنجي وس ته نه هئس، اها ته ميزبانن جي مرضي هئي ته ڪنهن کي ڪٿي ٿا ٽڪائين.
پرويش جو واسطو سوات سان هو. جيڪو ڪنهن زماني ۾ سياحن جي لاءِ جنت هو ۽ جنهن کي پوءِ طالبانن ”جهنم“ ۾ بدلائي ڇڏيو. انهن طالبانن جو اڳواڻ مُلا فضل الله هو، جيڪو سوات آپريشن کانپوءِ افغانستان ڀڄي ويو. پرويش شاهين سان پوءِ ڪانفرنس جا ٽئي ڏينهن ڏاڍيون سٺيون ڪچهريون ٿينديون رهيون ۽ سندس داستان ٻُڌڻ سان نه رڳو منهنجي بُت مان سيسڙاٽ نڪري ويا، پر هن وڏي ڄمار جي همراهه کي سندس همت، دليري ۽ ڪمٽمنٽ تي سلام ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيس. جڏهن سوات تي طالبان قابض هئا ۽ هنن اُتي پنهنجي من پسند طالباني شريعت لاڳو ڪئي ته پرويش شاهين هنن جي هٿان نه رڳو زيادتين جو نشانو بنيو، پر هڪ لحاظ کان طالبانن ڄڻ کيس ماري ئي ڇڏيو هو، پر سندس هن دنيا ۾ اڃا ڪي ڏينهن هئا، سو همراهه طالبانن جي سخت تشدد ۽ درندگيءَ جي باوجود به جيئرو رهيو، پر منجهس جسماني تبديلي اها آئي ته هاڻ هو ڪابه سخت شئي کائي نٿو سگهجي، جوس، کير ۽ سوپ ٽائپ شيون ئي سندس غذا آهن، ڇو ته طالبانن جي تشدد جي ڪري سندس معدو پاڻياٺ وارين شين کانسواءِ ٻي ڪابه شئي هضم نٿو ڪري سگهي.
”شام جو طالبانن جي ايف ايم ريڊيو تان اعلان ڪيو ويو ته سڀاڻي آئون ۽ منهنجا ٽئي پٽ طالبان جي مقامي ڪمانڊر جي اڳيان حاضر ٿيون.“ پرويش شاهين ٻڌايو، ”طالبان جڏهن به ڪنهن کي پنهنجي قانونن تي عمل نه ڪندي ڏسندا هئا يا کين ڪنهن سبب جي ڪري سزا ڏيڻ چاهيندا هئا ته هو پنهنجي ريڊيو تان شام جو اهڙو اعلان ڪندا هئا... ۽ لڳ ڀڳ روزانو اهڙا اعلان نشر ٿيندا هئا. جن به ماڻهن جا نالا کڻي کين ڪمانڊر وٽ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويندو هو، انهن جا اڪثر ڪنڌ ڪپيل لاش ٻي ڏينهن شهر جي چوڪ تي پيل هوندا هئا.“
”طالبانن جي اوهان کي حاضر ٿيڻ جي اعلان کانپوءِ اوهان ڇا ڪيو؟“ مون تجسس وچان پُڇيو.
”آئون بنا دير جي پنهنجي ٽنهي پٽن اُمت خان، اسد خان ۽ اڪبر خان کي راولپنڊي وٺي آيس، کين اتي ڇڏيم ۽ آئون وري واپس موٽي آيس.“
”اوهين واپس ڇو وريا، اوهين به پنڊي ۾ ٽڪي پئو ها.“ مون چيس.
”منهنجي غيرت اهو گوارا نه ڪيو ۽ ٻيو ته جي آئون ائين ڀڄي وڃان ها ته مون جن ماڻهن کي همت ڏياري هئي، تن جي همت ٽٽي پوي ها، آئون موٽي آيس پنهنجي مٿان طالبانن جو خطرو کڻي!“ گهڙي کن چپ رهڻ کانپوءِ چيائين، ”پوءِ هڪ رات هنن منهنجي گهر تي حملو ڪري ڏنو... اها 8 آگسٽ 2008ع جي ڳالهه آهي، هنن پهرين ته منهنجي سڄي لائبرري تباهه ڪئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 23 هزار ڪتاب موجود هئا، هُنن چيو ته اهي ڪافرانه ڪتاب آهن، جن سان آئون ماڻهن ۾ لادينيت ٿو ڦهلايان، پوءِ هنن منهنجو ننڍڙو ميوزيم تباهه ڪيو. منهنجي ان ميوزيم ۾ ڪيترائي تاريخي نواردات ۽ آرٽ جا نمونا هئا. اسان جو علائقو گنڌارا تهذيب جي حوالي سان وڏو شاهڪار رهيو آهي ۽ اُتي ٻُڌ ڌرم جا ڪيترائي آثار آهن. آئون نه رڳو انهن تي تحقيق ڪندو رهندو آهيان، پر انهن جي حفاظت واسطي ملڪي توڙي غيرملڪي سطح تي ڪوششون پڻ ڪندو رهندو آهيان. طالبانن اسان جي اُن تاريخي ورثي کي پڻ تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.“
”پرويش صاحب پوءِ؟“
”پوءِ هنن مون تي بي انتها تشدد ڪيو ۽ مونکي مئل سمجهي ڦٽو ڪري ڇڏيائون. آئون سڄو رتو رت هئس ۽ هنن منهنجي مٿان چادر وجهي ڇڏي، صبح جو ماڻهن مونکي ڏٺو ته منهنجي سرير ۾ اڃا ساهه هو. طالبانن مونکي ڪُٺو نه هو، نه ته هو اڪثر ڪُهي، سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيندا هئا... جڏهن منهنجي واسطيدارن ڏٺو ته هنن مونکي ڪُٺو نه آهي ۽ مون ۾ اڃا ساهه آهي ته هنن مونکي هڪدم اسپتال پهچايو ۽ پوءِ علاج لاءِ لاهور منتقل ڪيو ويس. جتي ٻه ٽي مهينا منهنجو علاج هليو.“ پرويش شاهين ائين ٻڌائي رهيو هو، ڄڻ اهو هڪ عام ۽ نارمل قصو هجي.
ڪانفرنس جي پهرينءَ ڏينهن شام وارو سيشن گروپ ڊسڪشن هو، ان لاءِ چار موضوع رکيا ويا هئا ۽ ڪانفرنس جي سڀني مندوبين کي پنهنجي پسند جي موضوع واري گروپ ۾ شامل ٿي، بحث مباحثو ڪري، سفارشون تيار ڪرڻيون هيون. جيئن انهن جي بنياد تي آخري ڏينهن ڪانفرنس جو پڌرنامون جاري ڪري سگهجي، مون جنهن گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي ان جو عنوان هو.
Writers responsibility and Possible Role in Defence of Cultural values.
جنهن جو ماڊيٽر هو ڊاڪٽر سيد جعفر احمد.
۽ جڏهن گروپ وارا هڪ هال ۾ ڪرسين تي اچي ويٺاسين ۽ مون نظر ڪئي ته ان ۾ ٻيون جيڪي شخصيتون هيون، انهن ۾ مصر جو ڊاڪٽر حليمي الحديدي، ظفرالله پوشني، احمد سليم، مسلم شميم، عامر عبدالله، پرويش شاهين وغيره.
”چئبو ته سڀ ديوانا ۽ مستانا هڪ گروپ ۾ اچي ڀيڙا ٿيا آهن.“ مون ڪرسيءَ تي ويهندي، سڀني تي هڪ نظر وجهندي پرويش شاهين کي چيو ته هن هلڪو ٽهڪ ڏنو، گروپ ڊسڪشن شروع ٿيو ته سڀني پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ پرويش شاهين اُتي جن خيال جو اظهار ڪيو، اهو ڏاڍو چٽو هو، هن چيو ته، ”اسان جو ڪلچر ۽ اسان جي قدرن کي آمر جنرل ضياءُالحق بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جا ڏاڍا اُگرا نتيجا نڪتا. ضياءُالحق ئي ڪلچر ۽ قدرن کي مذهب سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي، نه ته مذهب ۽ ڪلچر ٻه ڌار معاملا آهن. اسان کي پنهنجي ڪلچر ۽ قدرن کي مذهبي ويس ڍڪائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“ هن وڌيڪ چيو ته، ”اسان جو عام ماڻهو پنهنجي ڪلچر، قدرن ۽ هيريٽيج سان بي حد پيار ڪري ٿو ۽ انهن جي حفاظت به ڪري ٿو، اسان جي علائقي ۾ طالبانن جي اُڀرڻ کان اڳ عام ماڻهن ڪڏهن به پنهنجي تاريخي ۽ تهذيبي آثارن کي نقصان نه رسايو، پر پاڻ انهن جي حفاظت ڪندا هئا ۽ طالبانن جي ڀاڄ کانپوءِ به عام ماڻهو انهن آثارن جي حفاظت ٿو ڪري . ضياءُالحق جي ان پوکيل ٻج جي نتيجي ۾ ئي اسين اڄ ڀوڳيون پيا ۽ اسان اديبن جو اهو فرض آهي ته اسين پنهنجي ڪلچر، قدرن ۽ هيريٽيج جي حفاظت ڪريون... آئون اوهان کي گذارش ڪندس ته اسان جي علائقي ۾ طالبانن جي هٿان جيڪي آثار تباهه ٿيڻ کان بچي ويا آهن انهن جي حفاظت ۽ بحالي لاءِ ڪو آواز اُٿاريو.“
پرويش شاهين جون ڳالهيون ٻُڌي مونکي صبح واري سيشن ۾ مصر جي ناول نويس محمد السماوي جي تقرير ياد اچي وئي، جيڪو ”ايفريقن ايشين رائيٽرس يونين“ جي سيڪريٽري جنرل هئڻ سان گڏ ”عرب رائيٽرس يونين“ جو صدر به آهي. هن ٻڌايو ته محمد مرسيءَ جي اڳوڻي اخوان حڪومت پاران جڏهن ثقافت دشمني وارا قدم کنيا ويا ته مصر جي اديبن وڏي مزاحمت ڪئي ۽ هو ٻن مهينن تائين، ثقافت واري منسٽر جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي ويٺا رهيا، جيستائين کين ڪاميابي نه ملي ۽ حڪومت پاران ثقافت دشمن قدم واپس نه ورتا ويا.
پرويش شاهين به اهڙو ئي مزاحمت ڪار هو، جيڪو پنهنجي ثقافت ۽ هيريٽيج سان بي حد پيار ڪندو هو ۽ انهن جي حفاظت لاءِ تمام گهڻو جذباتي هو ۽ ان لاءِ کيس پنهنجي جان جي پرواهه به نه هئي.
ڪچهري ڪندي جڏهن طالبانن پاران اسڪولن کي تباهه ڪرڻ جو ذڪر نڪتو ته چيائين، ”طالبانن جا اهڙا قدم ۽ تعليم دشمني اسلامي اصولن ۽ قدرن جي ابتڙ آهي ۽ ان سان گڏ طالبانن پاران اسڪولن جون بلڊنگون تباهه ڪرڻ جي پويان مقصد سندن مالي مفاد به هوندا آهن. اسڪولن جون عمارتون اڏائڻ سان انهن مان جيڪو لوهه ۽ سرون وغيره نڪرنديون آهن، طالبان اهي وڪڻندا آهن.“ هن ٻڌايو ته اسان جي علائقي ۾ طالبانن پاران هڪ اسڪول کي تباهه ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ته ان اسڪول جي چوڪيدار طالبان ڪمانڊر سان رابطو ڪري چيو ته مونکي جيڪا پگهار ملي ٿي، سا اسڪول جي بلڊنگ جي حفاظت ۽ چوڪيداري جي ڪري آهي، جي بلڊنگ ئي نه هوندي ته منهنجي ته نوڪري هلي ويندي. نيٺ طالبانن ان چوڪيدار کان پنجاهه هزار روپيا رشوت وٺي اسڪول جي عمارت تباهه ڪرڻ تان هٿ کنيو.“
مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي بهادر، پنهنجي فڪر ۽ نظريي سان ڪميٽيڊ ماڻهو ڏٺا آهن، پر پرويش شاهين جي ڳالهه ئي ٻي آهي. بهادر، پنهنجي سوچن ۾ سيڪيولر ]انسان دوست[ پنهنجي ڪلچر ۽ هيريٽيج سان بي حد محبت ڪندڙ. پرويش شاهين وڏو محقق آهي، کيس لسانيات جو وڏو ماهر به مڃيو وڃي ٿو. ڪانفرنس جي انهن ٽنهي ڏينهن ۾ مون کيس نهايت زنده دليءَ سان دوستن سان ڪچهريون ڪندي ۽ پنهنجي موقف کي رکندي ڏٺو ته سندس همت، جذبي، بهادري ۽ ڪمٽمنٽ کي سلام ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيس.