هڪ انقلابَ جي درد ڪهاڻي
مائوزي تنگ صحيح چيو آهي ته ”انقلاب نه رقص آهي ۽ نه ئي وري سيبو ٽوپو، پر اهو انتهائي رتوڇاڻ جي عمل جو نالو آهي.“ پر جيڪڏهن مائوزي تنگ اپريل افغان انقلاب جي انجام تائين جيئرو رهي ها ته پڪ سان هو اهو به چوي ها ته هڪ ناڪام انقلاب جي ڪُک مان جنم وٺندڙ گهرو ويڙهه سڀني کان وڌيڪ رتوڇاڻ واري هوندي آهي، هونئن به اهو ڪتاب ايترو ته دلچسپ آهي جو جيڪڏهن ماڻهو ٻيو يا ٽيون ڀيرو به پڙهي ته به بور نٿو ٿئي. اهو ڪتاب هڪ جيل ڊائري آهي، پر اها جنهن شخص جي لکيل آهي، اهو ڪنهن زماني ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جو ويجهو ساٿي، بيگم نصرت ڀٽو جو منظور نظر ۽ مرتضيٰ ڀُٽي جو ذاتي دوست ۽ جنرل ضياءَالحق خلاف جدوجهد ۾ مرتضيٰ ڀُٽي جو ساڄو هٿ هو. پوءِ سندس مرتضيٰ ڀُٽي سان ڪن معاملن تي اختلاف ٿيا، بقول سندس ته ”مرتضيٰ ڀٽو کي منهنجي خلاف ورغلايو ويو“ ۽ مرتضيٰ کيس گرفتار ڪرائي ڪابل جي مشهور ”پل چرخي“ جيل ۾ قيد ڪرائي ڇڏيو، سندس اهو قيد جو عرصو اڍائي سالن تي مشتمل هو ۽ سندس هيءُ ڪتاب ”قبر ڪي آغوش“ انهن اڍائي سالن جي قيد جي ڪهاڻي آهي ۽ ليکڪ جو نالو آهي ”راجا انور.“ ڪتاب ۾ هن مرتضيٰ ڀُٽي بابت به ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون لکيون آهن، هونئن ته راجا انور مرتضي ڀُٽي بابت Terrorist Prince (دهشتگرد شهزادو) جي نالي سان ڌار ڪتاب لکيو آهي، جيڪو ڳچ وقت تائين هاٽ ڪيڪ طور پڙهبو ۽ وڪرو ٿيندو رهيو.
راجا انور پي پي پي جي بنيادي ڪارڪنن مان هو ۽ نظرياتي طور تي مارڪسي خيالن وارو ۽ کاٻي ڌر وارن ۾ ڳڻبو هو. پاڻ ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومتي دور ۾ 1973ع کان وٺي 1977ع تائين سندس شاگردن جي معاملن وارو صلاحڪار به رهيو، ڀُٽي جي تختي اونڌي ٿيڻ ۽ جنرل ضياءَالحق جي مارشل لا کانپوءِ، مارشل لا جي جبر سبب 1979ع ۾ افغانستان هليو ويو، جتي هن مرتضيٰ ڀٽي سان گڏجي ڪم ڪيو. افغانستان ۾ رهڻ جي دوران ميڊيا ۾ سندس مارجي وڃڻ جون خبرون به ڇپيون، راجا انور افغانستان تڏهن پهتو، جڏهن ”افغان ثور انقلاب“ شروعاتي مرحلن ۾ هو ۽ افغانستان تي ”پي ڊي پي اي“ (پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان) جي حڪومت هئي، جيڪا اندروني طور ٻن گروپن خلق ۽ پرچم ۾ ورهايل هئي ۽ ان ورهاست سبب افغان ڪامريڊ هڪٻئي کي اک ۾ رکيو ويٺا هوندا هئا ۽ ڪڏهن خلق ته ڪڏهن پرچم گروپ اقتدار تي قابض ٿيندو هو ته مخالف گروپ ايوان اقتدار مان تڙجي اچي پل چرخي جيل ۾ واڙبو هو، جنهن جو ذڪر ڪندي راجا انور لکي ٿو:
”حڪمران سوشلسٽ پارٽي ٻن گروپن پرچم ۽ خلق ۾ ورهايل هئي، ٻنهي گروپن ۾ ڪوبه نظرياتي ۽ فڪري تڪرار نه هو، تنهنڪري حالتن جي تقاضا اها هئي ته ٻئي گروپ پنهنجا شخص ۽ فروعي اختلاف ختم ڪري پارٽي جي جهنڊي هيٺ گڏجي دشمن جو مقابلو ڪن ها، پر ان جي ابتڙ، هنن هڪٻئي جا ڪنڌ ڪپيا، هنن جو هڪٻئي سان وير ۽ دشمني ان حد تائين هوندي هئي، جو جيڪڏهن سندن مخالف گروهه جو ڪو ڪامريڊ جيل پهچڻ کان اڳ باهمي ڇڪتاڻ ۾ مارجي ٿي ويو يا سندن هٿ چڙهڻ کان اڳ ڪيڏانهن ڀڄي ٿي ويو ته همراهه سندس کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ سندس اهل ۽ عيال کي اچي پُل چرخي جيل ۾ واڙيندا هئا. جيڪو گروهه اقتدار ۾ ايندو هو، اهو ٻي گروپ کي عوام دشمن قرار ڏئي سندن ڪنڌ ڪپڻ شروع ڪندو هو. 1979ع ۾ خلق گروپ ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويو، هڪ گروپ جي اڳواڻي نور محمد ترهه ڪي ۽ ٻي جي حفيظ الله امين ٿي ڪئي. 1986ع ۾ پرچم گروپ ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويو ته هڪ جي سرپرستي ببرڪ ڪارمل ۽ ٻي گروپ نجيب الله زنده آباد جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا، تنهنڪري ايوان اقتدار ۾ ايندڙ هر نئين تبديلي سان گڏ لاٿل وزير هٿن ۾ هٿڪڙيون پايو اچي قيد ۾ واڙبا هئا ۽ قيدي ڪامريڊ کلندا وڃي وزارتون سنڀاليندا هئا. شديد گروهي اختلافن سبب شايد ئي ڪو سرگرم پارٽي ڪارڪن هجي، جنهن پُل چرخي جيل جو منهن نه ڏٺو هجي، ڪميونسٽن جو اهو سلوڪ رڳو پنهنجن ڪامريڊن تائين محدود نه هوندو هو، پر چين نواز گروپ به ان سلوڪ سان نوازبو رهيو هو، البت ڪامريڊن وٽ انقلاب دشمنن جي اهل و عيال کي سرڪاري خرچ تي رکڻ جي ڪابه گنجائش نه هئي.“
ڪامريڊن جي انهن اندروني جهيڙن جي باوجود به هنن پنهنجي ٻارنهن سالن جي اقتداري دور ۾ ڪيترائي اهم، انقلابي ۽ ساراهه جوڳا قدم کنيا، هنن خانن ۽ جاگيردارن جون زمينون ضبط ڪري عوام ۾ ورهايون، تعليم جو ڄار وڇائڻ لاءِ سوين اسڪول کوليا، اگهن تي ڪنٽرول رکيو، عورتن کي برابري، تعليم ۽ نوڪري ڪرڻ جا حق ڏنا، ملڪ ۾ رهندڙ سڀني قومن کي آئيني طور تسليم ڪيو ۽ انهن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي، مادري تعليم جو ذريعو بڻايو ۽ انهن جي ادب ۽ ثقافت جي ترقي جي لاءِ ادارا جوڙيا، جنهن سبب انهن ٻولين ۾ ڪيتروئي ادب تخليق ٿيو، خود پهريون بلوچي طبعزاد ناول به افغانستان ۾ انقلابي دور ۾ لکيو ويو. ڇو ته بلوچي به پشتو، دري ۽ ٻين ٻولين سان گڏ افغانستان جي قومي ٻولي هئي. گروهي ۽ اندروني اختلافن جي باوجود به افغان ڪامريڊ ڪنهن به بدعنواني ۽ ڪرپشن ۾ مبتلا نه رهيا، جنهن جو ذڪر ڪندي راجا انور لکي ٿو:
”جيتوڻيڪ افغان ڪامريڊ پنهنجي گروهي اختلافن ڪارڻ هڪٻئي کي ماريندا ۽ قيد ڪندا رهيا، پر انهن مان نه ته ڪڏهن ڪنهن تي ڪو مالي بدعنوانيءَ جو الزام لڳو ۽ نه ئي وري ڪنهن کي ان ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو، ڪامريڊن جي ٻارهن سالن جي اقتداري دور ۾ مون هڪ به اهڙو واقعو نه ٻڌو ته انهن مان ڪنهن سرڪاري ملڪيت يا عوام جي ملڪيت تي قبضو ڪيو يا پنهنجي ڪٽنب لاءِ ڪو عاليشان گهر اڏرايو، مال ميڙيو يا ٻاهرين ملڪ ۾ بئنڪ بئلنس ٺاهيو. ڪنهن به ڪامريڊ کي ٻي شادي ڪرڻ جي اجازت نه هئي، نور محمد ترهه ڪي بي اولاد هئڻ جي باوجود به ٻي شادي نه ڪئي، ترهڪي ڏيڊ سال افغانستان جو صدر رهيو، سيپٽمبر 1979ع ۾ جڏهن کيس قتل ڪيو پئي ويو ته هن پنهنجي ٻانهن مان سرڪاري گهڙي لاهي واپس ڪندي چيو، ”هيءَ نئين صدر حفيظ الله امين کي ڏني وڃي.“ صدارتي محل ۾ سندس ڪُل اثاثو چاليهه هزار افغاني يا ساڍا پنج هزار پاڪستاني ۽ هڪ لوهي ٽرنڪ هئي، حفيظ الله امين جو سڄو ڪٽنب، سندس وزير ۽ سينٽرل ڪميٽيءَ جا ميمبر پل چرخي جيل ۾ قيد رهيا، جن جو تعداد 140 هو، پر انهن مان ڪنهن به نه ڪڏهن پنهنجي قسمت جو روئڻون رنو، نه ئي وري پنهنجي ڀاڳ کي پٽيو. اهي سڀ سماجي ۽ معاشي لحاظ کان پڙهيل لکيل هيٺين وچولي طبقي جا سفيد پوش ”پورهيت“ هئا، انقلاب کانپوءِ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا استاد وزارتن ۾ رهيا، پر انهن مان ڪنهن به پنهنجي لاءِ ڪجهه به نه ٺاهيو، اهو ئي سبب آهي ته ڪابل حڪومت ۾ رهڻ جي باوجود هنن جون زالون، ڌيئرون ۽ ٻارڙا نوڪريون ڪري پنهنجا گهر هلائڻ تي مجبور هئا، ڪامريڊن جي گهڻائي بي حد ديانتدار ۽ درويشاڻي حد تائين سادگي پسند ۽ سماج کي تبديل ڪرڻ جي جذبي سان سرشار هئي.“
ڪامريڊن جي ايمانداري تان مونکي گهڻا سال اڳ وسعت الله خان جو ڇپيل هڪ ڪالم ”ڦڻين وڪڻڻ وارو“ ياد اچي ويو، جيڪو هن ڪوئٽا ۾ انقلابي حڪومت جي هڪ نالي واري جنرل جي باري ۾ لکيو هو، جيڪو ڦيري لڳائي ڦڻيون وڪڻي گذر سفر ڪندو هو، هن انقلابي حڪومت ۾ ڪوبه مال نه ميڙيو هو.
ڪابل ۾ نجيب حڪومت جو خاتمو تڏهن ٿيو، جڏهن جنرل رشيد دوستم ۽ ڪجهه همراهن، نجيب جو ساٿ ڇڏي مجاهدين سان ملي مجاهدن جو روپ اختيار ڪيو، نه ته اها حڪومت اڃا به ڪجهه وقت جٽاءَ ڪري ها. باقي ڪامريڊ يا ته ڀڄي اچي پاڪستان پهتا ۽ اتان يورپ جي مختلف ملڪن ۾ وڃي سيٽل ٿيا، پويان فقط وڃي اهي ڳالهيون بچيون. جيتوڻيڪ اڄ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان يا انقلابين جو افغانستان ۾ ڪوبه وجود ڪونهي، پر افغان انقلاب جي تاريخ ۾ اسان جهڙن ملڪن جي کاڄي ڌر جي انقلابين لاءِ ڪيترائي سبق سمايل آهن، جن جو تجزيو ڪرڻ جي ضرورت آهي.