1971ع جا المناڪ ڏينهن!
هونئن ته پاڻ وٽ 1971ع جي سانحي ۽ اوڀر پاڪستان جي بنگلاديش ٺهڻ جي حوالي سان ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ڇپيا ويا آهن. انهن مان گهڻائي پاڪستان جي سول ۽ فوجي بيورو ڪريسيءَ جي نقطه نظر سان لکيل آهن. ڪجهه ڪتاب وري سياستدانن ۽ سياسي دانشورن جي قلم جي سگهه جو نتيجو آهن. انهن مان گهڻا آتم ڪهاڻين تي ٻڌل آهن. جن ۾ فوجي آفيسر ۽ سول بيورو ڪريٽ هڪٻئي جي مٿان الزام هڻڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي سچو ۽ پڪو پاڪستاني ثابت ڪندي، هر قسم جي الزامن کان آجو قرار ڏيندي نظر ٿا اچن. انهن ڪتابن ۾ بنگالي عوام سان ڪٿي به همدردي نظر نٿي اچي. عوامي ليگ جي غداري، هندستاني سازشون ۽ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي طئي ڪيل حب الوطني انهن ڪتابن جا بنيادي رجحان آهن. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتاب ئي آهن، جيڪي ٿورو سچائيءَ جي ويجهو قرار ڏيئي سگهجن ٿا، پر پاڻ جنهن ڪتاب جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، اهو ٻي نقطه نظر کي ثابت ڪري ٿو. جهان آرا امام جي اها ڊائري، جيڪا ”ايڪهتر جا اهي ڏينهن“ جي نالي سان ڇپي آهي، اهڙين ڪيترين ئي ڳالهين تان پردو کڻي ٿي، جيڪي 1971ع ۾ ٿيون. اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) ۾ فوجي ائڪشن دراصل بنگالي عوام جي قتل عام جي ڪهاڻي آهي، اها اڻ ٻڌل ڪهاڻي جيڪا جهان آرا امام 1971ع جي انهن المياتي ڏينهن ۾ ڊائري جي صورت ۾ لکي هئي، جيڪا فوجي ائڪشن کانپوءِ رونما ٿي. اها ڊائري پهرين بنگاليءَ ۾ ڇپي، پوءِ ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ هاڻ اها سڌو بنگاليءَ تان ترجمو ڪري، اردوءَ ۾ ڇاپي ويئي آهي. ڪتاب جو تعارف احمد سليم لکيو آهي.
جهان آرا امام هڪ گهريلو عورت هئي، جيڪا پنهنجن ٻن پُٽن رومي ۽ جامي ۽ مڙس شريف سميت پنهنجي ننڍڙي جنت ۾ رهي پئي هئي، جو اوچتو پهرين مارچ 1971ع جو سج اُڀريو. جهان آرا امام، جيڪا هڪ سگهڙ زال ۽ مهربان ماءُ کان وڌيڪ هڪ سچي محب وطن بنگالڻ هئي، سا پهرين مارچ کان وٺي سورهين ڊسمبر 1971ع تائين، انهن سڀني ڏينهن ۽ راتين جي ڪرڀ مان گذري، جيڪو انهيءَ فوجي ائڪشن جي دوران ٿيو. مارچ ۾ فوجي ائڪشن شروع ٿيڻ کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان لاءِ ذوالفقار علي ڀُٽي ڍاڪا مان مغربي پاڪستان پهچي بيان ڏنو، ”شڪر ٿيو پاڪستان بچي ويو“، اُن فوجي ائڪشن دوران جهان آرا امام جو نوجوان پُٽ رومي به گرفتاريءَ کانپوءِ گم ڪيو ويو ۽ جهان آرا کي وري جيئري يا مئل حالت ۾ رومي ڏسڻ نصيب نه ٿيو. تنهن کانسواءِ هن پنهنجي مڙس شريف کي وڃائڻ جو صدمون به برداشت ڪيو. سترهين ڊسمبر کان هن پنهنجي ننڍي پُٽ جاميءَ کي آزاد بنگلاديش جي خدمت لاءِ ارپي ڇڏيو ۽ پاڻ باقي عمر بيمار هوندي به قاتلن ۽ انهن جي ڇاڙتن کي وائکو ڪرڻ ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ سان گڏ، ملڪ ۾ مذهبي جنونيت ۽ انتهاپسنديءَ جي خلاف پڻ مصروف عمل رهي. جهان آرا امام 26 جون 1994ع تي وفات ڪئي ۽ قوم کيس عزت ۽ احترام طور ”شهيد جناني“ (شهيد خاتون) جي خطاب سان ياد ڪرڻ شروع ڪيو.
انهن ڏينهن، اوڀر پاڪستان (هاڻوڪي بنگلاديش) ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، مغربي پاڪستان ۾ انهيءَ جي خلاف جيتوڻيڪ مزاحمت جو آواز ايترو سگهارو نه هو، پر مغربي پاڪستان جي ڪيترن ئي انصاف پسند ماڻهن انهيءَ جي خلاف آواز اٿاريو ۽ ڪجهه سال اڳ بنگلاديش حڪومت انهن کي مڃتا طور ملڪ جي سڀ کان وڏي سول ايوارڊ سان نوازيو. اوڀر پاڪستان ۾ اها رت جي راند ڇو کيڏي ويئي، اسان تي اهو ڄاڻڻ به لازمي ٿئي ٿو. 1970ع جي اليڪشن ۾ عوامي ليگ، شيخ مجيب جي اڳواڻي ۾ اوڀر پاڪستان ۾ زبردست ڪاميابي ماڻي، پر جنرل يحيٰ خان ۽ سندس ٽولي اقتدار عوامي ليگ جي حوالي ڪرڻ بدران شيخ مجيب، عوامي ليگ ۽ ملڪ جي اڪثريتي 56 سيڪڙو آباديءَ واري صوبي کي غدار قرار ڏيئي، کين سيکت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جنرل ٽڪا خان چيو، ”اسانکي بنگال جا ماڻهو نه پر ڌرتي کپي“. جهان آرا امام جو روزنامچو انهيءَ زمين تي قبضي ۽ ماڻهن جو صفايو ڪندڙ حڪمرانن جي ڪرتوتن جو اکين ڏٺو احوال آهي، جنهن تي پوءِ سڄي دنيا رڙيون ڪري مذمت ڪئي. هي روزنامچي پڙهندي انهن آقائن جي ڪرتوتن تي انسان ته ڇا شيطان جو ڪنڌ به شرم سبب جهڪيو وڃي ۽ جهان آرا کي لکڻون پيو: ”اهي ته حيوانن کي به مَٽي ويا، هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن، انهن جي بدلي ۾ ته کين دوزخ ۾ به پناهه نه ملندي“. (27 مارچ 1971ع).
اڳتي هلي انهن ظلمن جو ذڪر ڪندي هوءَ 25 اپريل 1971ع جي ڊائريءَ ۾ لکي ٿي، ”اڄ نارندا مان ادو عطا خيريت پُڇڻ جي لاءِ آيو، هو خدا پرست، پرهيزگار ۽ قناعت پسند انسان آهي، پر اسلام جي نالي تي هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن، تنهن تي سندس قناعت، سُک ۽ ننڊون سڀ حرام ٿي ويون آهن، هو چوڻ لڳو، ”سمجهين ٿي جهان آرا ته هاڻ هنن جا گهڻا ڏينهن نه بچيا آهن. اسلام جي نالي تي هو جيڪو ڪجهه ڪن پيا، اُن سان ته خدا جو عرش به ڪنبڻ لڳو آهي، مسجد ۾ مولوي قرآن شريف پڙهي رهيو هو، تنهن کي گولي هڻي ماري ڇڏين. خدا جي گهر ۾ گهڙي انسانن جو قتل عام، ماءُ جي سامهون اگهاڙي ٻارڙي کي سنگين هڻڻ، بالغ ٻار جي سامهون ماءُ کي بي عزت ڪرڻ، سمجهين ٿي ته ڇا خدا کين بخشي ڇڏيندو، هو پنهنجي تباهيءَ کي پاڻ دعوت ڏيئي رهيا آهن.“
هن ڪتاب ۾ بنگلاديش جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ مڪتي باهنيءَ جي جدوجهد جي طريقن، بنگالي نوجوانن جي جنگ آزاديءَ ۾ شموليت جي لاءِ تڙپ، غير بنگالين يعني بهارين پاران ڌرتي ڌڻين سان ڪيل سلوڪ جا ڪيترائي عڪس موجود آهن. هاڻوڪو بنگلاديش، پاڪستان جي اڪثريتي آباديءَ جو صوبو هو، جتي قيام پاڪستان کان اڳ مسلم ليگ جي حڪومت قائم ٿي ويئي هئي ۽ جنهن جي اڳواڻن ۾ حسين شهيد سهروردي، فضل الحق ۽ خواجه ناظم الدين جا نالا شامل هئا ۽ شيخ مجيب هڪ شاگرد جي حيثيت سان پاڪستان جي لاءِ تحريڪ هلائي رهيو هو، اتي اهڙيون حالتون ڪيئن پيدا ٿيون، جو ملڪ جي اڪثريتي آبادي ڌار ٿي ويهي. هيءَ ڊائري انهن سوالن جا جواب سمجهڻ جو هڪ دستاويز آهي.
1970ع جي چونڊن ۾ اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ ۽ اولهه پاڪستان ۾ پيپلز پارٽيءَ ڪاميابي ماڻي. مجيب الرحمان اها ڪاميابي پنهنجن مشهور ڇهن نقطن جي آڌار تي حاصل ڪئي، جيڪي هن ريت آهن. (1) 1940ع جي قرارداد تحت فيڊريشن جو قيام ۽ اُن ۾ سڀني صوبن جي رضاڪاراڻي شموليت، (2) وفاقي حڪومت وٽ فقط دفاع ۽ پرڏيهي معاملا رهن، باقي سڀني معاملن ۾ صوبا خودمختيار هجن، (3) ملڪ جي ٻنهي حصن جي لاءِ ڌار ڌار ڪرنسي هجي، هڪ ڪرنسيءَ جي صورت ۾ اهڙو بندوبست ڪيو وڃي، جو هڪ حصي جي دولت ٻي حصي ۾ منتقل ٿي نه سگهي، (4) ٽيڪسن هڻڻ ۽ اوڳاڙڻ جو اختيار صوبن کي هجي، صوبا مرڪز کي سندس معاملا هلائڻ جي لاءِ مخصوص رقم مهيا ڪندا. (5) ٻاهرين ملڪن سان صوبن کي واپار ڪرڻ جي خودمختياري (6) صوبا پنهنجي بچاءُ لاءِ پنهنجي ڌار مليشا ۽ پيرا ملٽري فورس قائم ڪري سگهندا.
عوامي راءِ کي نه مڃڻ ۽ يحييٰ خان ٽولي جي اقتدار سان چهٽيو رهڻ جي حوس سبب، 16 ڊسمبر جي واقعي جنم ورتو ۽ ملڪ ٻه اڌ ٿيو. جڏهن ته هاڻ اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته شيخ مجيب ڪن معاملن تي پٺتي هٽڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو هو ۽ جي اقتدار مجيب جي حوالي ڪيو وڃي ها ته نه ملڪ ٽٽي ها ۽ نه ئي اهو قتل عام جنم وٺي ها. جنهن جا پڙاڏا اڄ 45 سال گذرڻ جي باوجود بنگلاديش ۾ ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا. بنگلاديش ۾ جماعت اسلاميءَ جي اڳواڻن تي 1970ع جي قتل عام ۾ ملوث هئڻ جي الزامن هيٺ ئي ڪيس هلائي کين سزائون ڏنيون ويون آهن.
قومون تاريخ مان سبق پرائينديون آهن ۽ پنهنجي غلطين جو جائزو وٺي معاملن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن، باقي جيڪي تاريخ مان سبق نه پرائيندا آهن، انهن لاءِ ”جهان آرا امام“ جي هن ڪتاب ۾ ڪيترائي سبق موجود آهن.