آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اوٻارا عَبير جا

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جي يادن، دوستن تي لکيل خاڪن، اخباري ڪالمن ۽ تاريخ جي جهلڪين جو مجموعو آھي.
يوسف سنڌي ڊگهي عرصي کان علمي، ادبي ۽ سياسي تحريڪن سان سلهاڙيل هئڻ ۽ ان دور جي علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن سان گڏ هئڻ ڪري، هن جي نظرن کان ڪوبه ڪتاب ڏور نٿو وڃي سگهي. ٽيون وري دنيا جي ڪجهه ملڪن جي دورن جي ڪري هن گهڻ رخو مطالعو ۽ مشاهدو حاصل ڪيو آهي. اهڙي طرح هن جا اخباري ڪالم هڪ دُور جي تواريخ لڳن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 3787
  • 603
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اوٻارا عَبير جا

سَرڳ سمان ڌرتيءَ جو مهان پُٽ: سوڀو گيانچنداڻي

گهڻا سال اڳ، 1992ع ۾، جڏهن آئون حيدرآباد جي هڪ اخباري اداري پاران شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”هزار داستان“ جي ادارت ڪندو هوس ته مون رسالي لاءِ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کان انٽرويو ڪندي، کانئس آخري سوال پُڇيو، ”اوهان ڪهڙي حيثيت سان چاهيندا ته اوهان کي ياد رکيو وڃي؟“ جواب ۾ ڪامريڊ وراڻيو، ”مان پهرين انقلابي آهيان، منهنجي خواهش آهي ته مونکي پڇاڙيءَ تائين انقلابي، پنهنجو ساٿي، دوستن جو دوست ۽ ساٿين جو ساٿي ۽ مظلومن جو گهڻگهرو سمجهيو وڃي.“
اِهو دور اُهو هو، جڏهن سوشلسٽ بلاڪ وکري چڪو هو، کاٻي ڌر ۽ انقلابي تحريڪون هڪ وڏي گهوٽالي جو شڪار هيون، سرمائيدار دنيا ۽ اولهائين ميڊيا سوويت يونين جي وکرڻ کي سوشلزم جي ناڪامي قرار ڏئي کڳيون هڻي رهي هئي. ڪي مغربي دانشور ان کي تاريخ جو خاتمون قرار ڏيئي رهيا هئا، آمريڪا سپر طاقت جي حيثيت سان دنيا جي معاملن جي پنهنجي مرضيءَ موجب ڇيڙي نبيري ڪرڻ شروع ڪئي، هت پاڻ وٽ کاٻي ڌر سان سلهاڙيل همراهه انهن حالتن جو سائنسي انداز ۾ تجزيو ڪرڻ ۽ پنهنجي صفن کي درست ڪرڻ جي بدران سوويت يونين جي وکرڻ جون عجيب و غريب غيرمنطقي تاويلون ڪندا ۽ ڦڪا ڦڪا پيا ٿيندا هئا. ڪي ڪامريڊ ته ليگي ته ڪي وري تبليغي وڃي بنيا. پراسان جي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ انقلاب ۽ سوشلزم جو علم بلند رکيو، هو مايوس نه ٿيو، جڏهن لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ساڻس رهاڻ رچائي ويئي ته هن پنهنجي تقرير جي پڄاڻي ڪندي چيو، ”منهنجو سوشلزم تي يقين آهي، اهو ئي نظريو انسانذات جي ڇوٽڪاري جو نظريو آهي، سوشلزم زنده باد.“
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عظيم گروديو ٽئگور جو شاگرد هو ۽ ٽئگور پاران برپا ڪيل تعليمي اداري ”شانتي نڪيتن“ ۾ پڙهيو ۽ کيس گروديو رابيندرناٿ ٽئگور فقط هڪ خط لکڻ تي شانتي نڪيتن ۾ داخلا ڏني ۽ اڳتي هلي ٽئگور کيس ”مئن فرام موهن جو دڙو“ چئي سڏيو. سوڀو هتان ويو ته تعليم پرائڻ، پر واپس هڪ انقلابي ٿي موٽيو.
هڪ اهڙو انقلابي، جنهن پنهنجي اکين ۾ ننڍي کنڊ جي آزادي ۽ سڄي دنيا جي خوشحالي، آزادي ۽ برابريءَ جا خواب ڏٺا، شانتي نڪيتن واري عرصي ۾ هن جي ملاقات هڪ وڏي انقلابي ۽ ڪميونسٽ پنالال گپتا سان ٿي، جنهن هن جي اندر ۾ نه رڳو وقت جي انگريز حڪمرانن خلاف نفرت ۽ ڌڪار جي باهه کي وڌيڪ ڀڙڪايو، پر منجهس ملڪ ۾ پکڙيل بک، بيماريءَ. اميري ۽ غريبيءَ جي فرق کي مٽائڻ لاءِ جدوجهد جو جذبو به پيدا ڪيو. پنالال گپتا کان هن جيڪي سوشلزم جا سبق ورتا، جنهن نظريي کي دنيا جي ڇوٽڪاري ۽ خوشحالي جو ذريعو سمجهيو، آخري پساهه تائين ان تي قائم رهيو ۽ اهڙن ئي دوستن ۽ فڪري ساٿين سان سلهاڙيل رهيو، ان ئي انٽرويو ۾ ڪامريڊ سوڀي چيو، ”... مون ڏٺو ته بهترين ڪم ڪندڙ، پرخلوص، اُورچ ۽ تربيت يافته ماڻهو ڪميونسٽ ئي هئا ۽ اڄ تائين منهنجو اهو ئي رايو آهي ته بهترين پڙهندڙ، سوچيندڙ، محنتي ۽ انٽرنيشنل آئوٽ لڪ رکندڙ ماڻهو ڪميونسٽ ئي آهن. مون ڪميونسٽ تحريڪ سان جيڪا پنهنجي وابستگي رکي، سا مان اڄ به رکندو پيو اچان، ڇو ته مونکي وڌ ۾ شائستگي، محبت ۽ وسيع النظري، قومن جي تڪليفن ۽ مسئلن جو حل، زباني ادب، چاهه ۽ فضيلت اُن ئي فڪر جي طبقي وارن ماڻهن ۾ نظر اچي ٿي.“
شاگرد تحريڪن، ٽريڊ يونين سرگرمين ۽ انقلابي جدوجهد ۾ حصي وٺڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان وابستگيءَ سبب ڪامريڊ سوڀي کي ڪيترائي ڀيرا قيد ۽ بند جي مصيبتن کي منهن ڏيڻون پيو، سوڀو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به جيل ويو ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به کيس ڪيترائي ڀيرا جيلن ۾ وڌو ويو ۽ کيس نه رڳو پنهنجي انقلابي رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر کيس زوري هندستان موڪلڻ جا سانباها پڻ ڪيا ويا، پر اُن وقت پاڪستان ۾ مقرر هندستان جي هاءِ ڪمشنر سري پرڪاش جي مداخلت تي سوڀو زوري جلاوطن ٿيڻ کان بچي ويو، سري پرڪاش اهو موقف اختيار ڪيو ته “هندستان رڳو انهن ماڻهن کي قبول ڪندو، جيڪي رضامنديءَ سان هندستان وڃڻ ٿا چاهين، سوڀو رضا خوشيءَ سان نه پر کيس زوري موڪليو پيو وڃي، تنهنڪري هو قبول نه ڪندا.“ ان کان اڳ سوڀي جي ڪيترن ئي ساٿين حشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ ٻين کي پنهنجي جنم ڀومي ”سنڌ“ مان زوري هندستان موڪليو ويو هو. جڏهن سوڀي کي سنڌ ڇڏڻ جي لاءِ چيو ويو ته هن وراڻيو ”سنڌ منهنجي ڌرتي آهي، تنهن کي ڇڏي وڃڻ جو سوچي به نٿو سگهان.“ هن ان وقت جي گهرو معاملن واري وزير شهاب الدين کي چيو، ”تون پاڪستان ۾ پناهگير آهين، مان ته سنڌ ڄائو آهيان ۽ ڪيترين ئي پيڙهين کان هتي آباد آهيان، مان سنڌ نه ڇڏيندس، مان سنڌ نه ڇڏيندس.“
ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو وقت جي حاڪمن کي ان ريت کُتو جواب ڏيڻ، سندس من جي اُڌمي کي ظاهر ڪري ٿو، ڪامريڊ جيل مان سڌو هندستان وڃڻ جي بدران ٻي هر قسم جي سزايابيءَ کي اکين تي رکيو، علي احمد بروهيءَ چواڻي، ”حالانڪه ”ڄٽن جي ڏيهه“ ۾ سندس جيڪو حشر ٿيڻون هو، تنهن جي کيس ڀليءُ ڀت خبر هئي.“
ڪامريڊ پنهنجي قيد جو عرصو پهرين مختلف جيلن ۽ پوءِ پنهنجي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ نظربنديءَ ۾ گذاريو.
ڪامريڊ سوڀو جيڪڏهن ”سنڌ“ ڇڏي، هندستان هليو وڃي ها ته پڪ سان هندستان ۾ سندس وڏو قدر ٿئي ها ۽ کيس هندستان ۾ ”فريدم فائٽر“ جي حيثيت ڏيئي سندس وڏي عزت ڪئي وڃي ها، جيئن سوڀي گيانچنداڻي جي دوست اِندر ڪمار گجرال جو ٿيو. گجرال لاهور واسي هو ۽ ورهاڱي کانپوءِ هندستان ويو ته نه رڳو اهم سياسي اڳواڻن ۾ شمار ٿيو، پر هو هندستان جو پرڏيهي وزير ۽ پوءِ وزيراعظم به ٿيو. پر سوڀي سنڌ نه ڇڏي، هو ته سنڌو جي مٽيءَ جي لپَ هو، هن جي جند ۽ جان، ساهه ۽ پساهه سنڌ سان جڙيل هئي.
سنڌ سان اهڙي جند جڙي، جو ٻيا سڀ نعرا وسري ويا، هو سنڌ ڇڏي ها ته ڄڻ جسم کان روح ڌار ٿي وڃي ها، سنڌ هن لاءِ سَرڳ سمان هئي. ان ئي انٽرويو ۾ ڪامريڊ سوڀي چيو هو، ”منهنجي لاءِ سنڌ ۽ امڙ ٻئي هم معنيٰ آهن، اڄ به مان پنهنجي امڙ جي ٿڃ پي، ٻاهتر ورهين جو جوان آهيان، مان ميدان ڇڏي ڀڄندس ڪونه...“
ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ پنهنجي سڄي زندگي، عظيم آدرشن تحت گذاري، هن جو هر عمل، هر وک، هر لفظ پنهنجن آدرشن، پنهنجي نظريي ۽ انقلاب لاءِ هو، انهن آدرشن جي ساڀيان لاءِ هو سدائين جدوجهد جي ميدان ۾ رهيو، هن ڪڏهن به انسانذات جي عزت، آبرو ۽ خوشحالي جي خوابن کي ڌنڌلو ٿيڻ نه ڏنو. جيتوڻيڪ هاڻ ڪامريڊ سوڀو جسماني طور اسان ۾ نه رهيو آهي، پر سندس ڪيترن ئي ساٿين جي روپ ۾، انهن جي جدوجهد ۾، انهن آدرشن جي روپ ۾، انهيءَ نظريي جي روپ ۾، سوڀو گيانچنداڻي اسان وٽ زنده رهندو ۽ هڪ ڏينهن سندس اهو خواب ضرور ساڀيان ماڻيندو. سوڀو جنهن نظريي جو پوئلڳ هو، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه خوبصورت نظريو ڪونهي، اڄ به سڄي دنيا ۾ ڪامريڊ سوڀي جا لکين هم خيال ۽ فڪري ساٿي ان نظريي کي عملي روپ ڏيڻ جي لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ آهن. ماڻهو مري ٿو وڃي، پر خواب ڪڏهن به نٿو مري، جيئن ول ڊيورانٽ چيو آهي، ”ماڻهو مري وڃن ٿا، پر زندگي انهن خوابن کي مرڻ نٿي ڏي ۽ هڪ ڏينهن ضرور ساڀيان ماڻي وٺي ٿي.“
ڪامريڊ سوڀي جي سڃاڻپ هڪ اديب واري به هئي، هن شروع ۾ ڪهاڻيون به لکيون، ڪجهه سنڌيءَ ۾ ۽ ڪجهه انگريزيءَ ۾، جن کي پوءِ گڏي ”ڪڏهن بهار ايندو“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ويو. اهي ڪهاڻيون سنڌي ادب جي اوائلي ترقي پسند ڪهاڻين ۾ ڳڻجن ٿيون سوڀي پهرين ڪهاڻي ”اڍائي روپيا“ جي نالي سان لکي، جيڪا وري کيس هٿ نه چڙهي ۽ ستر سالن کانپوءِ هن ساڳئي ڪهاڻي ٻيهر لکي، جنهن جي مُنڍ ۾ لکيائين، ”مون هيءَ ڪهاڻي 1938ع ۾ ساڳئي عنوان سان لکي هئي، جيڪا ”سنسار سماچار“ ۾ شايع ٿي هئي ۽ مون وٽ محفوظ ٿي نه سگهي، تقريباًً 70 سالن کانپوءِ 90 ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي هيءَ ڪهاڻي نئين سر لکي اٿم، هاڻ جڏهن اهو ”سچو واقعو“ ياد ٿو اچيم ته حيران ٿو ٿيان ته اهو ڪهڙو نه عجيب زمانو هو، جنهن ۾ مظلوم کي پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم جو احساس ئي نه هو ۽ ظالم کي به اهو خيال نه هوندو هو ته هو هڪ انسان کي خواهه مخواهه ڦري رهيو آهي.“
سوڀي جيڪا ٻي ڪهاڻي لکي اها ”آکيري جو ٽٽڻ“ هئي، جيڪا ڳوٺن مان لڏپلاڻ جي باري ۾ آهي. انهي زماني ۾ ٻي مهاڀاري جنگ هلي رهي هئي ۽ سماجي ۽ ڳوٺاڻي زندگي ۾ وڏي اُٿل پُٿل هئي، سوڀي جيتوڻيڪ مسلسل ڪهاڻيون نه لکيون، پر هن جڏهن به ڪا ڪهاڻي لکي ته ان سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اهميت والاري... سندس ڪهاڻين جو جائزو وٺندي اياز قادري لکي ٿو، ”ڪامريڊ سوڀو انهن ڪهاڻيڪارن وانگر ڪهاڻيڪار نه آهي، جن پنهنجو سمورو ڌيان ڪهاڻي لکڻ ڏانهن ڏيئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هن جو ادب جي دنيا جو وسيع مطالعو ڪيل آهي ۽ هو پنهنجي سنڌ جي ڌتڙيل حالت ۽ مختلف مسئلن کان وقت بوقت متاثر ٿيندو رهيو آهي، تنهن ڪري جڏهن به ڪنهن خاص واقعي، معاملي يا مسئلي هن جي دل کي چوٽ رسائي آهي ۽ هن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪئي آهي ته هن بيوس ٿي، ان واقعي کي ڪهاڻيءَ جو روپ ڏيئي ڇڏيو، ڪامريڊ جي ڪهاڻين جا ڪردار اسان جي معاشري جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن، جن جي معرفت هن پنهنجي ترقي پسند خيالن ۽ نظرين جو اظهار ڪيو آهي.“
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ترقي پسند فڪر جو ليجنڊ ڪردار هو، سندس وڇوڙي تي کيس سُرخ سلام پيش ڪندي، ان وچن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايون ٿا ته اسان جو هر عمل، هر وک ۽ هر لفظ مظلومن جي حمايت، ظالم ۽ پرماري قوتن جي مخالفت ۾ کڄندو.