1857ع جي جنگ آزادي جي ناڪامي ۽ انگريزن جون وحشي سزائون!
پورچوگيز پهريان يورپي هئا، جيڪي سامونڊي رستي هندستان پهتا، هنن جي اچڻ سان مقامي ماڻهن کي ڪهڙا تحفا مليا؟ ان جو جواب ڏکيو ڪونهي، دوکو، فريب، قتل ۽ غارت، ڦرلٽ، مُحسن ڪشي، انساني حقن جي لتاڙ، زور ۽ زبردستي مذهب جي تبديلي ۽ انساني غلامي-پورچوگيزن جي انهيءَ ڪاميابيءَ ٻين يورپي قومن کي به هرکايو، انهن ۾ فرينچ، ڊچ ۽ انگريز اڳڀرا هئا، اڳتي هلي اُن ڊوڙ ۾ هنن جون هڪٻئي سان خونريزي جنگيون ٿيون، انهيءَ زور آزمائيءَ ۾ ڊچ، فرينچ ۽ پورچوگيز انگريزن هٿان مارون موچڙا کائي، پٺٽي هٽي ويا، انهن جي نشانين ۾ فقط ٻه ننڍيون ڪالونيون فرانس جي ”پانڊيچري“ ۽ پورچوگيزن جي ”گوا“ هندستان ۾ نشانيءَ طور رهيون، باقي سڄو ملڪ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي قبضي ۾ اچي ويو، انگريزن هندستان جي مختلف علائقن ۽ رياستن تي انتهائي بي دردي، بي حيائي، اٽڪلن، مڪر، فريب، دوکي، ڪٿي لٺ ته ڪٿي چَٺ وسيلي قبضو ڪيو، هنن پهرين مقامي حڪمرانن سان دوستيون رکيون ۽ پوءِ موقعو ملندي ئي انهن کان اکيون ڦيري ٿي ڇڏيون. انگريز واپاري قوم آهي، هنن جي نظر ۾ پهرين فائدو ۽ پوءِ ٻي ڳالهه- هنن جي مڪر ۽ فريب، ظلم ۽ زبردستيءَ جي اڳيان ڪوبه حاڪم يا رياست بيهي نه سگهي، ناليوارو انگريز مورخ ”وليم هووٽ“ لکي ٿو:
”جيڪي نواب ۽ حڪمران انگريزن جي دوستيءَ جي جادوءَ ۾ جڪڙيا، انهن جي لاءِ اها دوستي نيٺ به خراب ثابت ٿي، انهن مان هر حڪمران کي تخت تان لهڻو پيو ۽ هو ان طاقت جي هٿن ۾ بي جان رانديڪا بنجي ويا، جنهن هر حالت ۾ پنهنجي مرضي پوري ڪرائڻ ٿي چاهي، انهن حڪمرانن دوستيءَ جي واٽ ورتي يا دشمنيءَ جي، ٻنهي جو نتيجو ساڳيو نڪتو، جيڪڏهن هنن غاصب انگريزن ڏانهن دوستيءَ جو هٿ نٿي وڌايو ته مٿن مختلف قسمن جا الزام هڻي، مٿن حملا ڪري، سندن علائقن تي قبضا ٿي ڪيا ويا، پر جيڪڏهن هنن دوستيءَ جي واٽ ٿي ورتي ته به هو ڊپلوميسيءَ جي ڄار ۾ اهڙا ته چؤ کنڀا ٿي ڦاٿا، جو کين پنهنجي عزت ۽ رياست تان هٿ ڌوئڻا ٿي پيا، هيئن کڻي چئجي ته اڳ هنن جن علائقن تي حڪومت ٿي ڪئي، هاڻ هو اُتي جا قيدي بنجي ويا.“
اورنگزيب جي وفات کانپوءِ، دهلي جي مرڪزي حڪومت جيئن پوءِ تيئن ڪمزور ۽ زوال جو شڪار ٿيندي وئي، تخت جا وارث نااهل ۽ سازشين جي چنبي ۾ ڦاٿل هئا. درٻار ۾ سازشي ۽ مفاد پرست اميرن جي گهڻائيءَ سبب سلطنت جو ڪاروبار متاثر ٿيڻ لڳو، مرڪزي حڪومت جي نااهليءَ ۽ ڪمزوريءَ، هر علائقي جي حڪمران، نواب ۽ صوبيدار کي ان ڳالهه تي هرکايو ته هو بادشاهه جي نالي ۾ پنهنجي آزاد علائقائي حڪومت قائم ڪن، اها صورتحال ڄڻ اُن ڳالهه جي اڳڪٿي هئي ته ملڪ پس و پيش ڌارين حملي آورن جي ور چڙهي ويندو.
ڪارل مارڪس اُن صورتحال کي نظر ۾ رکندي، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي هندستان جي فتح کي 1853ع ۾ مختصر، پر معنيٰ خيز لفظن ۾ هيئن بيان ڪيو.
”هندستان ۾ انگريزن جو اقتدار ڪيئن قائم ٿيو؟ مغل اعظم جي اقتدار کي مغل صوبيدارن، صوبيدارن جي سگهه کي مرهٽن ۽ مرهٽن جي طاقت کي افغانن (احمد شاهه ابداليءَ جي حملي ڏانهن اشارو، جنهن مرهٽن جي طاقت کي چٿي ڇڏيو) چٿيو ۽ جڏهن سڄو ملڪ هڪٻئي جي خلاف جدوجهد ۾ مصروف هو ته انگريز وچ ۾ اچي ڪڙڪيا ۽ سڀني کي ماري مڃائي، پنهنجي قبضي ۾ آندائون. هي هڪ اهڙو ملڪ آهي، جتي نه رڳو هندوئن ۽ مسلمانن ۾، پر هر قبيلي ۽ هر ذات ۾ تفرقو آهي، هيءَ هڪ اهڙو سماج آهي، جنهن جو ڍانچو هڪ قسم جي توازن تي آهي، جيڪو ان جي ماڻهن جي وچ ۾ تفرقي ۽ آئيني عليحدگيءَ جو نتيجو آهي، اهڙي ملڪ ۽ سماج کي بهرحال محڪوميءَ جو شڪار ته ٿيڻو ئي هو، جيڪڏهن اسين هندستان جي گذريل تاريخ کان کڻي اڻ ڄاڻ به هجون، ته به ڇا اسين ان سڄي ناقابل ترديد حقيقت کان مُنهن موڙي سگهون ٿا ته هن وقت به هندستان کي هندستاني فوج جي مدد سان ئي، جيڪا هندستان جي دولت تي ئي پلجي ٿي، انگريزن غلاميءَ ۾ جڪڙي رکيو آهي، اهڙي صورت ۾، هندستان محڪوم ٿيڻ کان بچي نٿي سگهيو“.
سرسيد احمد خان به پنهنجي هڪ تقرير ۾ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”انگلش حڪومت جي قيام ۾ اسين ۽ هو (انگريز) ڪئنچي جي ٻن پاسن جيان شريڪ هئاسين.“ سرسيد جو اهو اشارو انهن تاريخي واقعن طرف آهي، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته هندستان ۾ شروعاتي انگريز فتحن ۽ ڪمپني سرڪار جي دٻدٻي قائم ڪرڻ ۽ ان جي پاليسيءَ کي لاڳو ڪرڻ ۾ کين مسلمان اميرن ۽ حڪمرانن جي تائيد ۽ حمايت ملي. جهڙوڪ: پلاسيءَ جي جنگ ۾ مير جعفر جو لارڊ ڪلائيو سان ساٿ ڏيڻ. شاهه عالم جو مرهٽن جي مقابلي ۾ لارڊ ليڪ جي مدد وٺڻ ۽ نظام حيدرآباد دکن پاران لارڊ ويلزلي جي صلاح مڃڻ ۽ سڀني فرانسيسي کي پنهنجي فوج مان ڪڍي ڇڏڻ وغيره- ]حوالو: سرسيد ڪي ڪهاني ان ڪي اپني زباني، راوي: الطاف حسين حالي، مؤلف ضياءالدين لاهوري، اداره تصنيف و تحقيق پاڪستان ڪراچي.1982-ص:73-72[
واپار کانپوءِ حڪومت به
پلاسيءَ جي جنگ 23 جون 1757ع تي وڙهي وئي، جنهن ۾ انگريزن نهايت اٽڪل ۽ چالاڪيءَ سان، نواب سراج الدوله جي وزير مير جعفر کي مستقل جي حڪومت جي لالچ ڏيئي، پاڻ سان ملائي، نواب کي ميدان جنگ ۾ شڪست ڏني ۽ نواب سراج الدوله، مير جعفر جي پُٽ ”ميرڻ“ هٿان قتل ٿيو ۽ بنگال انگريزن جي قبضي ۾ آيو، پلاسيءَ جي جنگ کانپوءِ انگريزن جي هٿ ۾ واپار سان گڏ حڪومت پڻ آئي ۽ ڪمپنيءَ جي حصيدارن جي فائدي ۾ واڌارو ٿيو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي تاريخ لڳ ڀڳ اڍائي سؤ سالن تي پکڙيل آهي، مورخ، انهيءَ عرصي کي ٽن دورن ۾ ورهائين ٿا.
پهريون دور: سترهين صديءَ کان شروع ٿي، پلاسيءَ جي جنگ تي ختم ٿئي ٿو، ان عرصي ۾ ڪمپني بهادر نه رڳو هندستان ۾ پنهنجن ٻين يورپي مد مقابلن تي غلبو حاصل ڪيو، پر گڏوگڏ هندستان جي مختلف صوبن جي سياسي معاملن ۾ به دخل ڏنو.
ٻيو دور: پلاسيءَ جي جنگ کانپوءِ شروع ٿئي ٿو، اهو پنجهتر سالن تي مشتمل رهيو، ان دور ۾ ڪمپني واپار سان گڏ حڪومت تي پڻ قابض رهي، ايستائين جو برٽش پارليامينٽ جي هڪ قانون ڪمپنيءَ کان واپار ڪرڻ جو حق کسي ورتو.
ٽيون دور: ايندڙ پنجويهن سالن تي مشتمل هو، ان دور ۾ ڪمپنيءَ پنهنجا علائقا وڌائڻ جي پاليسي اختيار ڪئي، 1857ع جي هنگامن کانپوءِ برٽش پارليامينٽ ڪمپنيءَ کان حڪومت جو اختيار کسي ورتو ۽ هندستان کي سڌو سنئون ”تاج برطانيا“ جي ماتحت ڪيو ويو.
هڪ کانپوءِ ٻي کي گُهٽو
ٻي مهاڀاري جنگ ۾ يورپ ۾ هڪ ڀيري برطانوي وزيراعظم ونسٽن چرچل هٽلر تي اهو الزام هنيو ته، ”هو هڪ کانپوءِ ٻي کي جلهي، ان جو گلو گهٽي ٿو.“ ٻه سؤ سال اڳ هندستان ۾ انگريزن اهائي پاليسي اختيار ڪئي (هٽلر ته رڳو يورپ ۾ سندن نقش قدم تي هليو هو) هو به هڪ کانپوءِ ٻي کي جلهي ختم ڪندا ويا.
(1) پهرين هنن مير جعفر جي ذريعي، سراج الدوله کي ختم ڪرايو.
(2) پوءِ سلطنت ميسور (ٽيپو سلطان) کي مرهٽن ۽ نظام دکن جي ذريعي ختم ڪيو.
(3) اهو ڪم ٿيڻ کانپوءِ هنن مرهٽن جي خلاف نظام دکن کي استعمال ڪيو ته ڪڏهن وري مرهٽن جي هٿان نظام تي دٻاءُ ٿي وجهرايو.
(4) شروع ۾ هنن فقط ٽن ڳالهين تي خاص زور ڏنو، جيڪي بظاهر بي ضرر ٿيون نظر اچن، هڪ ته: سامونڊي علائقو ڪنهن ديسي حڪمران جي اثر هيٺ نه رهي، ته جيئن ٻي ڪا يورپي طاقت اُتي نه پهچي. ٻيو ته: ڪنهن به فرنگيءَ کي ملازم نه رکيو وڃي. ان جو مقصد اهو به هو ته معاملن جي واڳ انگريزن جي هٿ ۾ رهي،. ٽيون اهو ته: انگريز فوج اندرين ۽ ٻاهرين حفاظت جو فرض ادا ڪندي ۽ ان جو خرچ رياست ادا ڪندي.، اهي ٽيئي ڳالهيون هر حڪمران جي حڪمرانيءَ جو نقش مٽائڻ ۽ کين ختم ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ويو.
(5) 1843ع ۾ سنڌ جي ميرن سان ڪيل معاهدن جي خلاف ورزي ڪندي، ڪجهه مقامي غدارن جي مدد سان (نائون مل وغيره) سنڌ تي حملو ڪري قبضو ڪري، سنڌ جي ميرن کي قيد ڪري ڪلڪتي موڪليو ويو. سنڌ تي قبضي کانپوءِ سرچارلس نيپئر سنڌ جي فتح بابت لکيو، ”اسان کي اهو ڪوبه حق حاصل ڪونهي ته اسين سنڌ تي قابض رهون، پر ان جي باوجود به اسين ائين ڪنداسين.“ (سنڌ جي ميرن سان معاهدو هئن ته فوج انهن جي علائقن مان نه گذاري ويندي، پر پهرين افغان جنگ ۾ انگريزن ان شرط جي خلاف ورزي ڪئي، هنن فوج گذارڻ کانسواءِ ميرن کي مجبور ڪيو ته هو شاهه شجاع کي پئسا به ڏين. افغانستان جي جنگ ختم ٿي ته انگريزن، ميرن کي دٻائڻ شروع ڪيو ته اوهان ڏکئي وقت ۾ دوستيءَ جو حق ادا نه ڪيو، هاڻ نئون معاهدو ڪريو، ان معاهدي جا شرط انتهائي ڪريل هئا، مير اڃا ٻڏتر ۾ هئا، جو انگريزن حملو ڪري ڏنو، مورخ ”ڪيٿي“ لکي ٿو: چيو وڃي ٿو ته سنڌ جي ميرن معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي، پر معلوم ٿئي ٿو ته حڪومت برطانيا معاهدن ٽوڙڻ جو حق فقط پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو هو.)
(6) 1846ع ۾ انگريزن پنجاب تي قبضو ڪيو ۽ سکن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. سکن جي ان شڪست ۾ به پنهنجن جي غداريءَ جو عمل دخل هو، مورخ لکن ٿا ته: سک سپاهي نهايت مڙسيءَ سان جنگ جي ميدان ۾ وڙهي رهيا هئا، جو بارود ختم ٿي وين، سپاهين کي حيرت تڏهن ٿي، جڏهن هنن ڏٺو ته بارود جي بدران کين ”سرنهن جا ٻج“ موڪليا پي ويا، بارود جو مقابلو سرنهن جا ٻج ڪيئن ڪندا؟
(7) سڀني کان آخر ۾، رياست ”اوڌ“ جو معاملو ٿو اچي، انگريز اُتي به ساڳئي پاليسيءَ تي هليا ۽ مختلف معاهدن جي خلاف ورزي ڪندي 1856ع ۾ نواب واجد علي شاهه کي 15 لک روپيا پينشن ڏيئي ڪلڪتي روانو ڪيو، مورخ، اوڌ جي الحاق کي 1857ع جي حادثي جو سڀ کان وڏو سبب قرار ڏين ٿا.
مٿين کانسواءِ ڪجهه هيٺيان واقعا به 1857ع جي بغاوت جو سبب بڻيا:
(1) ناگ پور جو راجا رگوجي ڀونسلا 1853ع ۾ فوت ٿيو ته لارڊ ڊلهوزي، سندس ڀاءُ جي پُٽ کي رياست جو راجا مڃڻ بدران ناگ پور تي قبضو ڪري ورتو. ناگ پور جي الحاق سان گڏ متوفي راجا جي راڻين سان به خراب سلوڪ ڪيو ويو، انهن جي زيورن ۽ ٻي سامان کي نيلام ڪيو ويو.
(2) جهانسي رياست جي راجا 21 نومبر 1853ع تي پرلوڪ پڌاريو ته ڊلهوزي اُن جي وارث کي مڃڻ کان انڪار ڪري، راڻيءَ کي پينشن ڏيئي، رياست جو الحاق ڪيو.
(3) ستارا جي ننڍي رياست ”شيوا جي“ جي گهراڻي لاءِ رکي وئي هئي، اپريل 1848ع ۾ رياست جي راجا وفات ڪئي ته راجا کي بي اولاد قرار ڏئي اها رياست ضبط ڪئي وئي.
(4) پيشوا باجي راءِ جي پٽيلي، ”نانا صاحب“ جي پينشن ضبط ڪئي وئي.
لارڊ ڊلهوزيءَ، هندستان جي ديسي حڪمرانن جي احساسن کي نظرانداز ڪندي انڌاڌنڌ ڪمپني جي علائقن کي وڌائڻ لڳو، هن ”سڪم“ رياست جي هڪ حصي تي رڳو ان بهاني سان قبضو ڪيو ته اتي ٻن انگريز آفيسرن سان بدسلوڪي ڪئي وئي هئي، ڊلهوزيءَ بي اولاد وفات ڪندڙ ديسي حڪمرانن جي رياستن جي گود ورتل جانشينن کي مڃڻ کان انڪار ڪندي مٿين رياستن کانسواءِ جيت پور ۽ سنبل پور رياستن تي پڻ قبضو ڪري ورتو.
ان حالت ۾ جڏهن انهن ڦُريل رياستن جي وارثن ۽ انهن جي همدردن جو تعداد هزارن ۾ هو ۽ هو ڪنهن به حالت ۾ انگريزن جا خيرخواهه ٿي نه پي سگهيا، پر هو انهن جا سخت دشمن بڻجي ويا، انهن کي انگريزن جي موقعي پرستي، بي دردي ۽ اجنبيت جو سڌو سنئون تجربو ٿي چڪو هو.
بغاوت جا سبب
1857ع جي جنگ آزاديءَ جي سببن تي گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي، پر بنيادي سبب اهو هو ته ملڪ جي گهڻائي انگريزي حڪومت کان بيزار ٿي چڪي هئي ۽ ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ٿي چاهيائين، ان نفرت ۽ بيزاريءَ جا محرڪ مختلف طبقن ۾ مختلف هئا، ڪو رياست جي ضبطي تي ڪاوڙيل هو ته ڪو پينشن جي بند ٿيڻ تي ناراض هو. ڪنهن کي انگريزن جي وعدي خلافيءَ تي ڪاوڙ هئي ته ڪنهن کي پنهنجي ملڪيت هٿان وڃڻ جو ڏک هو، ڪنهن کي فارسيءَ جي جاءِ تي انگريزي زبان رائج ٿيڻ جي شڪايت هئي ته ڪنهن کي وري عدالتن ۽ جيلن جا نوان قانون پسند نه هئا. عالم سڳورا فرنگين کي اسلام ۽ ان جي اقتدار جو دشمن سمجهندا هئا ۽ انگريز پادرين ۽ آفيسرن پاران مقامي ماڻهن کي عيسائي بڻائڻ جي مهم کي خطري جو سبب سمجهندا هئا، عوام ٽئڪسن ۽ ڍلن جي بار هيٺان دٻيل هو. فوجي سپاهي انگريز آفيسرن جي نسلي برتري ۽ ساڻن ٻين بدسلوڪين تي بيزار هئا، اڳرائي به هنن ئي ڪئي، ڇو ته انگريزن سان سڌو سنئون واسطو هنن جو ئي ٿي پيو ۽ هنن جي اندر ۾ سالن کان نفرت جو جذبو ڇوليون هڻي رهيو هو. مطلب ته ان جا ڪيترائي سبب هئا، جيڪي هوريان هوريان ماڻهن جي اندر ۾ نفرت جي دونهين دکائي رهيا هئا، ڪارتوسن جي چرٻي ته هڪ بهانو هو. سرسيد احمد خان جي لفظن ۾ ته: ”بارود اڳ ۾ ئي تيار هو، فقط انهي کي تيلي ڏيڻي هئي، جيڪا چرٻيءَ وارن ڪارتوسن اچي ڏني.“
چرٻيءَ وارا ڪارتوس
اوڌ جي الحاق سبب بنگال آرميءَ جا ديسي سپاهي اڳ ۾ ئي بگڙي چڪا هئا، لارڊ ڊلهوزيءَ جي زماني ۾ ئي ديسي سپاهين ۾ بي چيني ۽ بيزاري ظاهر ٿيڻ شروع ٿي وئي هئي ۽ ديسي سپاهين انگريز آفيسرن جا حڪم مڃڻ کان انڪار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. 1856ع جي آخر ۾ پراڻين بندوقن جي جاءِ تي نيون رائفلون جاري ڪيون ويون، انهن جي سکيا لاءِ ٽن هنڌن تي سکيا جا اسڪول قائم ڪيا ويا، جيڪي ترتيبوار ڊم ڊم (ڪلڪته) انباله ۽ سيالڪوٽ ۾ هئا. انهن نئين رائفلن جي لاءِ ڪارتوسن جو وڏو تعداد ”فورٽ وليم“ ۾ تيار ڪيو ويو ۽ ٽنهي سکيا سينٽرن تي پهچايو ويو، اهي نوان ڪارتوس استعمال ڪرڻ کان اڳ ڏندن سان ڪٽڻا ٿي پيا ۽ افواهه اهي هئا ته انهن ڪارتوسن تي سوئر ۽ ڳئون جي چرٻي چڙهيل آهي، ان مان اهو تاثر پکڙيو ته انگريزن هنڌن ۽ مسلمانن جي مذهبن ۾ خلل وجهڻ ۽ انهن کي ڀرشٽ ۽ ناپاڪ ڪرڻ ٿا چاهين، ڇاڪاڻ ته هنن جيڪڏهن اهي ڪارتوس استعمال ڪيا ته سندن برادريون ۽ مذهب کين خارج ڪري ڇڏيندا ۽ پوءِ هنن جي لاءِ، عيسائي بڻجڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ئي نه بچندي، گويا هنن جي خيال موجب چرٻي استعمال ڪرڻ سان هنن جي لاءِ ڀلي کڻي عيسائي بڻجڻ جو امڪان نه به هجي، پر عيسائيت جي لاءِ رستو ضرور هموار ٿي ٿيو.
اهو افواهه پکڙيو ته سپاهين ۾ بي چينيءَ جا آثار پيدا ٿيڻ شروع ٿيا، اهي آثار سڀ کان پهرين ڊم ڊم ۾ ظاهر ٿيا، جيتوڻيڪ انگريزن انهن افواهن جي ترديد به ڪئي، پر جيئن پوءِ تيئن ملندڙ شاهدين انهن افواهن کي يقين ۾ بدلائي ڇڏيو. مثال طور: هڪ ڏينهن هڪ گهٽ ذات جي سپاهي هڪ برهمڻ سپاهيءَ کي چيو ته مونکي پنهنجي لوٽي مان پاڻي پيار، برهمڻ جي انڪار تي گهٽ ذات جي سپاهيءَ وراڻيس، ”تنهنجو اهو ذات پات جو بُت جلد ئي ڊهي اچي پَٽ پوندو، ڇاڪاڻ ته توکي اهي ڪارتوس وات سان ڪٽڻا پوندا، جن ۾ سوئر ۽ ڳئون جي چرٻي لڳل آهي.“
انگريز آفيسرن، سپاهين کي يقين ڏياريو ته اهو بيان غلط آهي ۽ ڪارتوسن تي رڍن ۽ ٻڪرين جي چرٻي لڳل آهي، سپاهين چيو ته ”ٿي سگهي ٿو ته اوهان جي ڳالهه صحيح هجي، پر عام سپاهين کي ان ڳالهه تي يقين ڏيارڻ ڏکيو آهي.“ ڳالهه ايتري ته وڌي جو پنجاب جي فيروزپور ڇانوڻيءَ ۾ هڪ سپاهيءَ چرٻيءَ وارو ڪارتوس استعمال ڪيو ته ٻين سڀني هن سان گڏ کائڻ پيئڻ بند ڪري ڇڏيو.
منگل پانڊي
ڪارتوسن ۾ سوئر ۽ ڳئون واري چرٻي جي استعمال جي افواهه سڄي ملڪ جي فوجي بيرڪن ۾ بي چيني پکيڙي ڇڏي، بي چينيءَ جو اهڙو ئي هڪ واقعو ”بهرام پور“ ۾ پيش آيو، جتي هڪ سپاهي ”منگل پانڊي“ 29 مارچ تي ڪوارٽر گارڊ جي سامهون هڪ انگريز سارجنٽ ميجر تي گولي هلائي، سارجنٽ ميجر ته بچي ويو، منگل پانڊي کي گرفتار ڪيو ويو، مٿس ڪيس هلائي موت جي سزا ڏني وئي، 8 اپريل تي کيس ”بارڪ پور“ ۾ ڦاهي ڏني وئي. ڦاهيءَ جي وقت منگل پانڊي جي عمر فقط 26 سال هئي ۽ هن جو رڪارڊ بي داغ هو، مورخ ساورڪر لکيو آهي ته، ”هو ڏاڍي اطمينا سان ڦاهيءَ تي چڙهي ويو، پر پنهنجن ٻين ساٿين جا نالا نه ٻڌايائين.“ ايئن منگل پانڊي، هندستان جي قومي تحريڪ جو پهريون شهيد ۽ اُن جي علامت بڻجي ويو، ساورڪر وڌيڪ لکي ٿو، ”منگل پانڊي جو اهو عمل ڪنهن ذاتي رنج يا دشمنيءَ جو نتيجو نه هو، پر هن جو اهو عمل وطن ۽ ڌرم جي حفاظت لاءِ هو.“
پهرين چڻنگ
سپاهين ۾ اڳ ۾ ئي چرٻيءَ وارن ڪارتوسن جي ڪري گهڻي بي چيني ۽ تاءُ هو ۽ انگريزن ان تاءُ کي ختم ڪرڻ ۽ سپاهين مان بي چيني ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي بدران انهن جي وفاداريءَ جو امتحان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ميرٺ ڇانوڻيءَ ۾ ڪرنل سمائٿ 24 اپريل تي پريڊ جو حڪم ڏنو، مورخ لکن ٿا ته ڪرنل کي سپاهين ۾ پکڙيل بي چينيءَ جو اطلاع ڏنو ويو هو ۽ اها به گذارش ڪئي وئي هئي ته پريڊ منسوخ ڪئي وڃي، پر ڪرنل طاقت جي نشي ۾ الوٽ هو ۽ هن بي چينيءَ جي اطلاعن تي ڪوبه ڌيان نه ڌريو. پريڊ ۾ هر پلٽڻ مان پندرهن پندرهن ماڻهو گهرايا ويا، ڪُل نوي ماڻهو پريڊ ۾ موجود هئا، ڪرنل سمائٿ انهن ۾ ڪارتوس ورهائڻ جو حڪم ڏنو، پنجن سپاهين کانسواءِ باقي ٻين وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته اسين بدنام ٿي وينداسين، البت جيڪڏهن سڄي فوج ڪارتوس وٺي ته اسان کي به انڪار ڪونهي، ڪرنل هنن جي انڪار تي سندن گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ۽ مٿن بغاوت جي ڏوهه ۾ ڪيس هلايو ويو، فوجي عدالت ڪن کي ڇهه ته ڪن کي ڏهه سال سخت پورهئي سان ٽيپ ڏني، جيڪا سزا هنن جي ڏوهه جي ڀيٽ ۾ گهڻي سخت هئي، هنن کي خوار ڪرڻ ۽ سڄي فوج جي لاءِ عبرتناڪ انجام بڻائڻ جي لاءِ هنن جون سڄي فوج جي سامهون ورديون لاٿيون ويون ۽ کين ڏنڊا ٻيڙيون هڻي، کين ميرٺ جي جيل تائين سڄي شهر مان پنڌ ڪرائي نيو ويو، اهو حادثو 9 مئي تي ٿيو، هڪ انگريز مورخ ”ايڊورڊ ٿامسن“ پنهنجي ڪتاب ”تصوير جو ٻيو رخ“ ۾ اهو واقعو هنن لفظن ۾ بيان ٿو ڪري:
”بندوقن ۽ سنگينن جي پهري ۾ 85 سپاهين کي فوجي لباس ۾ فوجي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، سزا جي حڪم کي وڏي سڏ پڙهي ٻُڌايو ويو، ان حڪم جو مقصد انهن سپاهين کي ڏوهارين جي فهرست ۾ داخل ڪرڻ هو، انهن سپاهين کان فوجي نشان کسيا ويا، انهن جي وردين کي پويان کان ڦاڙيو ويو، لوهار اڳيان وڌيا ۽ ٿوري دير ۾ اهي سپاهي هٿڪڙين ۽ ٻيڙين ۾ نظر اچڻ لڳا.“
ٻيو مورخ ڪيٿي لکي ٿو:
”اهو منظر ڏاڍو دردناڪ هو، انهن بدنصيب سپاهين جا لٿل منهن ۽ مايوسيءَ وارا اشارا ڏسي گهڻن ماڻهن جي دلين ۾ هنن جي لاءِ اٿاهه همدردي پيدا ٿي پئي، انهن ۾ اهڙا به فوجي هئا، جيڪي فوج جو نڪ سمجهيا ويندا هئا، انهن سپاهين بي حد ڏکين حالتن ۽ اوپرن هنڌن تي حڪومت برطانيا جي خذمت ڪئي هئي ۽ هنن جي وفاداريءَ ۾ ڪڏهن به لوڏو نه آيو هو، قيدي هٿ کڻي وڏي سڏ ٻاڏائي جرنيل کي مٿن رحم ڪرڻ جي اپيل ڪري رهيا هئا ته مٿن رحم ڪيو وڃي ۽ کين اهڙي ذلت واري سزا نه ڏني وڃي، پر جڏهن کين اهڙي ڪابه اميد نظر نه آئي ته پوءِ پنهنجي ساٿين کي مخاطب ٿي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا ته اوهين ڇو خاموش بيٺا اسان کي ذليل ٿيندي پيا ڏسو.“ ان وقت هر سپاهي جي اندر ۾ نفرت ۽ ڏک جا جذبا ڇوليون هڻڻ لڳا، پر ڀريل بندوقن ۽ توپن جي موجودگيءَ ۾ حملو ڪرڻ جو خيال دل ۾ پيدا ٿي نٿي سگهيو ۽ وٽن خاموش رهڻ کانسواءِ ٻي ڪا واهه به نه هئي.
چڻنگ بڻي ڀنڀٽ
دنيا جي وڏين وڏين انقلابي تحريڪن جي پٺيان ڪيترائي دماغ ۽ منظم پروگرام هوندا آهن، پر انهن جي شروعات سدائين ڪجهه ماڻهن کان ئي ٿيندي آهي ۽ پوءِ انهيءَ جو دائرو هوريان هوريان وڌندو ويندو آهي، ۽ ائين ڪڏهن ڪڏهن ڪو ننڍڙو واقعو وڏين بغاوتن ۽ انقلابن کي جنم ڏيڻ جو سبب بڻجي پوندو آهي، انقلاب فرانس دور حاضر جو سڀ کان اهم واقعو مڃيو وڃي ٿو، پر ان جي لاءِ ڪٿي ۽ ڪهڙي وقت رٿابندي ڪئي ويئي، عوام جي ناراضگي ۽ پريشاني جا سبب ته ڪيتري وقت کان فراهم ٿي رهيا هئا، پر اتفاقي حادثن ملڪي ماڻهن کي انقلاب جي ڪنڌيءَ تي آڻي بيهاريو هو، پوءِ اهو عظيم واقعو رونما ٿيو ۽ ان جا مختلف مرحلا مورخن پوءِ طئي ڪيا.
ان جي شروعات جو داستان به عجب ۾ وجهندڙ آهي، پئرس ۾ مانيءَ جي کوٽ هئي، ماڻهو پريشانيءَ وچان بازارين ۾ چڪر هڻي رهيا هئا، انهن ۾ هڪ پوڙهي به هئي، جنهن وٽ ان مهل هڪ لٺ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو، اوچتو هن ڏٺو ته هڪ گاڏي اچي رهي هئي، جنهن تي شاهي ڪتن جي لاءِ گوشت آندو پي ويو ۽ سوار ان گاڏي سان گڏ هئا، گوشت ڪتن جي سامهون وڌو ويو، پوڙهي حيران ٿي وئي ته ماڻهن کي ماني ملڻ به مشڪل آهي ۽ شاهي ڪتن کي گوشت ڏنو پيو وڃي، اهو ڏسي هوءَ ڪاوڙ ۾ اچي ڌڙيندي اڳيان وڌي، ماڻهو هن جي رڙين ۽ ڌڙڻ تي گڏ ٿي ويا، ٿوري ئي دير ۾ وڏو ميڙ گڏ ٿي ويو ۽ ماڻهن رومڙ ڪري شاهي ڪتن جي گوشت کي ڦرڻ شروع ڪيو ۽ هنگامو شروع ٿي ويو، پوءِ ماڻهن جي ان ميڙ هڪ نانوائيءَ کي ماري اُن جي دوڪان کي ڦريو، شام ٿيڻ کان اڳ سڄي پئرس ۾ انقلابي لهرون ڊوڙڻ لڳيون ۽ اهو هنگامو شروع ٿي ويو، جنهن کي دور حاضر جي انقلابي ۽ آزاديءَ جي تحريڪن جو سرچشمو قرار ڏنو وڃي ٿو.
ساڳئي طرح 9 مئي جي واقعي، ديسي سپاهين جون دليون ڪاوڙ ۽ نفرت جو کورو بڻائي ڇڏيون، هنن محسوس ڪيو ته اهي 85 سپاهي، جن سان نهايت ذلت واري هلت هلي وئي، انهن هنن سڀني جي مذهبي جذبن تي مٿڀرائپ حاصل ڪري ورتي هئي ۽ انهن جو ساٿ ڇڏڻ بي غيرتي، ڀاڙيائپ ۽ دلالپ هوندي. انگريزن 9 مئي تي جنهن سنگدليءَ ۽ فرعونيت جو مظاهرو ڪيو هو، تنهن کي نظر ۾ رکندي منجهائن ڪنهن چڱائيءَ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ هئي، نيٺ هنن بغاوت جو فيصلو ڪري ورتو، ٻي ڏينهن (10 مئي 1857ع) تي ديسي سپاهي نعرا هڻندا، پنهنجي بارڪن کي باهيون ڏيندا ٻاهر نڪري آيا، اهو ڏسي هڪ انگريز ڪرنل فيني سپاهين کي سمجهائڻ جي لاءِ اڳيان وڌيو ته هڪ سپاهي جي گوليءَ کيس ڌوڙ ڪري ڇڏي. سپاهين اڳيان وڌي جيل ٽوڙي پنهنجي قيدي ساٿين کي آزاد ڪرايو ۽ جيڪو به انگريز فوجي يا آفيسر نظر ٿي آين، تنهن کي ڌوڙ ٿي ڪيائون. اُن هنگامي ۾ ڪيترائي انگريز، عورتون ۽ ٻار به مارجي ويا، سپاهي ميرٺ ڇانوڻيءَ کي باهه ڏئي، دهلي روانا ٿيا. ٻي پاسي ميرٺ ۾ فوجين جي بغاوت جي خبر ٻڌي، ملڪ جي ڪيترن ئي هنڌن تي فوج بغاوت ڪئي ۽ انگريز عملدارن کي قتل ڪيو ويو.
دهليءَ ۾...
ان وقت دهليءَ ۾ آخري مغل تاجدار بهادر شاهه ظفر، لال قلعي ۾ گوشهء نشينيءَ جي زندگي گذاري رهيو هو، ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته هو انگريزن جو پينشن خوار هو، وٽس ڪوبه اختيار نه هو، هن جو گهڻو تڻو وقت شعرو سخن ۾ گذرندو هو. ان وقت هن جي عمر 85 سال هئي ۽ منجهس عملي طور تي اڳواڻي ڪرڻ جي به ڪا صلاحيت نه هئي، پر ان هوندي به بهادر شاهه ظفر کي هڪ قسم جي مرڪزي حيثيت حاصل هئي، خود انگريزن کي به ان ڳالهه جو چڱي طرح احساس هو، جڏهن 1803ع ۾ پهريون ڀيرو انگريز فوجون دهليءَ ۾ داخل ٿيون ته ان وقت اهو ئي فيصلو ڪيو ويو ته بادشاهه کي ساڳئي وقار ۽ احترام سان برقرار رکيو وڃي، جيڪو کيس حاصل هو. ڇو ته بادشاهه جي معزوليءَ سان بقول برطانوي آفيسر مٽڪاف جي ته، ”ائين نه ٿئي ته بادشاهه جي معزوليءَ سان هندستاني دهشت زده نه ٿي وڃن.“
ان حقيقت جي هوندي به، ان تاريخي جدوجهد ۾ ان سان ڪوبه فرق نٿي پيو، باغي سپاهين کي فوري طور تي ڪنهن قائد جي گهرج هئي، تاريخدانن جي لکڻ موجب، اُهو ميرٺ جي سپاهين جو عقلمنديءَ وارو قدم هو، جو هنن جمنا پار ڪري، ملڪ جي قديمي روايتي دارالسطنت کي برطانوي غلاميءَ کان آزاد ڪرايو ۽ اڪبر جي محروم وارث بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي سر تي ”شهنشاهه هندستان“ جو تاج رکيو ۽ ميرٺ جي سپاهين فوري طور تي هڪ قائد، هڪ جهنڊو ۽ هڪ نصب العين حاصل ڪري ورتو ۽ غدر کي هڪ انقلابي جنگ ۾ بدلائي ڇڏيو. سپاهين شهر ۾ داخل ٿي، خزاني ۽ بارود خاني تي قبضو ڪيو. انگريزن ٿوري مزاحمت ڪئي، پر هنن جي گهڻائي سپاهين هٿان مارجي ويئي ۽ ڪن ٿورن ڀڄي جان بچائي، اڳتي هلي بهادر شاهه ظفر انهن سپاهين جي آمد ۽ ان سڄي هنگامي کي پنهنجي برباديءَ جو سامان قرار ڏنو. بهادر شاهه جي دهليءَ تي اها حڪومت چار مهينا چار ڏينهن رهي، 19 سيپٽمبر 1857ع تي انگريزن ٻيهر دهليءَ تي قبضو ڪيو ۽ بهادر شاهه کي سندس راڻي حضرت محل ۽ پٽ شهزادي جوان بخت سان گڏ گرفتار ڪري، مٿس ڪيس هلائي پهرين ڪجهه وقت ڪلڪتي ۾ رکي پوءِ رنگون روانو ڪيو، جتي بهادر شاهه ظفر 7 نومبر 1862ع تي وفات ڪئي ۽ اتي ئي دفنايو ويو.
ڪتنا بدنصيب هي ظفر دفن ڪيلئي
دو گز زمين بهي نه ملي ڪوئي يار مين.
بهادر شاهه ظفر جي بحالي
بهادر شاهه جي حڪومت جي بحالي ۽ ٻيهر 19 سيپٽمبر تي، انگريزن جي دهليءَ تي قبضي جي وچ وارو عرصو چار مهينا، چار ڏينهن هو، ان دوران دهليءَ ۾ حڪومت جي انتظامي اختيارن وغيره تي لکڻ بدران، اسين رڳو خاص واقعن جو ذڪر ڪنداسين ۽ اهي سبب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته هيتري تائيد ۽ اُڀار جي باوجود به ناڪامي ڇو ٿي ۽ ان ناڪاميءَ جي نتيجي ۾ جيڪا تباهي ۽ بربادي آئي، جانين ۽ ملڪيتن جو ذيان ٿيو، اُن جي ذميداري ڪنهن تي لاڳو ٿي ٿئي. سپاهي دهليءَ ۾ 11 مئي تي پهتا، هنن ميرٺ کان دهليءَ جو سفر چوڏهن ڪلاڪن ۾ طئي ڪري، پنهنجي ڦڙتائي جو زبردست ثبوت ڏنو، سپاهين جي دهليءَ تي قبضي کانپوءِ بهادر شاهه حڪومت سنڀالڻ تي راضي ٿيو، اڳتي هلي 9 مارچ 1858ع تي بهادر شاهه، مٿس هليل ڪيس ۾ پنهنجو بيان ڏيندي پنهنجي صفائي ۾ چيو، ”11 مئي تي مونکي فتني فساد جي ڪابه خبر نه هئي، سپاهين مونکي گهيري ۾ وٺي لاٿو ۽ مونکي چيو ته تون چپ چاپ ويٺو سڀ ڪجهه ڏسندو وڃ، اسان کي جيڪو ايندو سو ڪنداسين. منهنجي حالت قيديءَ واري هئي، مون ڪنهن جي به قتل جو حڪم نه ڏنو هو، هو جنهن ڪاغذ تي چاهيندا هئا، مون کان صحيح وٺي لائيندا هئا. فوجي جيڪو ايندو هئن، اهو ڪندا هئا، آئون بلڪل بي وس هئس.“ (غلام رسول مهر، 1857ع شيخ غلام علي اينڊسنز-ص260)
بهادر شاهه جي ان بيان ۾ ڪنهن قدر سچائي به آهي، هڪ مورخ هومز لکي ٿو، ”هڪ موقعي تي ڪجهه سؤ سپاهي هال ۾ گهڙي آيا ۽ بادشاهه جي چوڌاري بيهي رهيا، انهن گهر ڪئي ته کين پگهار ڏنو وڃي نه ته هو سندس خاندان کي قتل ڪري ڇڏيندا.“
بهادر شاهه پنهنجن ڪن پٽن ۽ پوٽن کي فوج جو آفيسر مقرر ڪيو، پر هو بي وقوف، بي ايمان ۽ گيدي هئا، ديانتدار ۽ دانشمند شخصن کان نفرت ڪندا هئا، هنن ڪڏهن به جنگ نه وڙهي هئي يا نه ڏٺي هئي، کين تلوارن ۽ نيزن جي ڌڪن جو تجربو ئي نه هو، هو پنهنجي صحبت ۽ صلاح مشوري لاءِ لچ لوفرن ۽ بشنين جي چونڊ ڪندا هئا، اهي اڻ تجربيڪار ۽ عيش عشرت ۾ ڦاٿل حرام ڪاريءَ جي سيلاب ۾ غرق هئا، هو بکيا ڀينگا هئا ۽ اوچتوئي اوچتو دولتمند بنجي ويا، جڏهن پئسو هٿ آين ته عياشيءَ جي زندگي گذارڻ لڳا، فوج کي رسد پهچائڻ جي بهاني، هنن ماڻهن کان وڏيون رقمون ورتيون ۽ پاڻ هڙپ ڪري ويا، مشهور رنڊيون کين باغي فوج جي رهنمائي کان غافل ڪري ڇڏينديون هيون۽ داشتائن سان گڏ انهن جي صحبت کين رات جو فوج سان گڏ ڪوچ ڪرڻ کان روڪيندي هئي، هو راتيون سمهي ۽ ڏينهن بدمستيءَ ۾ گذاريندا هئا، جڏهن هو جاڳندا ۽ هوش ۾ ايندا هئا ته حيران ۽ پريشان ٿيندا هئا. (علامه فضل حق خيرآبادي: دي اسٽوري آف دي وار اينڊ انڊپينڊينس-ص58).
روهيل کنڊ جو بخت خان 2 جولاءِ تي دهلي پهتو، هن پاڻ سان منظم فوج آندي هئي ۽ ان کي ڇهن مهينن جي پگهار اڳواٽ ڏيئي ڇڏي هئي، هن پاڻ سان گڏ ڪيترو ساز ۽ سامان ۽ پئسو ڏوڪڙ آندو، جيڪو هن سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايو، هن ۾ جنگي ۽ انتظامي ٻنهي قسمن جون صلاحيتون هيون، پر هن جي اچڻ کان اڳ ئي اڪثر شهزادا سڀيئي معاملا پنهنجي هٿ وس ڪري چڪا هئا، جيتوڻيڪ بادشاهه سڀيئي اختيار بخت خان کي ڏئي ڇڏيا هئا، پر شهزادن کي اها ڳالهه پسند نه هئي ته ڪو ٻيو شخص دهليءَ جو مختيار بڻجي وڃي، جنرل بخت خان فوج ۾ نئين اسپرٽ جو ترجمان هو، هو بريلي برج ۾ توپخاني جو معمولي صوبيدار هو، هن پهرين بريليءَ کي ازاد ڪرايو ۽ اتي باغي حڪومت قائم ڪئي، پوءِ سڄي بريگيڊ سان گڏ دهلي پهتو، بادشاهه کيس جنرل جو لقب ڏنو ۽ سڄي فوج جو سپهه سالار مقرر ڪيو ۽ سڀني آفيسرن کي حڪم ڏنو ته هو جنرل بخت خان کان هدايتون حاصل ڪن. 19 سيپٽمبر تي جڏهن انگريزن دهلي جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو ته جنرل بخت خان، بادشاهه جي خذمت ۾ عرض ڪيو ته ”جيڪڏهن انگريزن دهلي فتح ڪري ورتي آهي ته خير آهي.. سڄو هندستان اسان جو ميدان آهي، اوهين مون سان هلو، جيئن ٻيهر منظم ٿي انگريزن سان جنگ جوٽيون.“ پر بادشاهه هن جي صلاح نه مڃي ۽ جان بخشي جي وعدي تي پاڻ کي انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ جنرل بخت خان شهر خالي ڪري هليو ويو. مختصر طور تي اهو ته آزادي جي جنگ جي ناڪاميءَ جا ڪيترائي سبب هئا، پر بنيادي سبب هي هو ته انگريز حڪومت هڪ وڌيڪ ترقي يافته معاشري جي نمائندگي ڪري رهي هئي، هڪ طرف صدين کان پراڻو جاگيرداري نظام هو ته ٻي پاسي تازه دم سرمائيداري نظام هو. جنهن کي هر لحاظ کان پنهنجي پيشرو نظام تي برتري حاصل هئي، سرمائيداري نظام ۽ ان جي افضليت جو مظاهرو ان جنگ جي دوران مختلف شڪلين ۾ ٿيو.
(1) انگريزن فوجي ڪمڪ ۽ سامان جي رسد جي فراهميءَ جي لاءِ ڪلڪتي، مدراس ۽ بمبئي (ممبئي) جي بندرگاهن کي محفوظ رکيو ۽ جنگي سامان جي ڪڏهن به کوٽ محسوس نه ڪئي ۽ هن جي پُٺ سدائين محفوظ رهي، ڇاڪاڻ ته هندستانين وٽ بحري ٻيڙو نه هو. (2) انگريزن ڪيترن ئي رياستن جي والين کي پنهنجو حليف بڻايو، جيڪي هنن جي مدد ڪندا رهيا. (3) انگريزي صفن ۾ يڪجهتي هئي ۽ هندستانين جي صفن ۾ ڦوٽ، درٻاري سازشن ۽ اقتدار جي لاءِ ڇڪتاڻ عام ڳالهه هئي، جنهن جي ڪري عوام ۽ فوجن ۾ بد دلي پکڙي ۽ انهن حوصلو هارڻ شروع ڪيو. (4) مجاهدن جي صفن ۾ انگريزن جا جاسوس ۽ دلال سرگرم عمل رهيا، هر اهم لڙائيءَ ۾ انگريزن کي انهن غدارن جي مدد سان ئي فتح حاصل ٿي. (5) هندستاني فوج فقط دفاعي جنگ تي ڀاڙيو، اوچتي بغاوت جي ڪري، کين دشمن تي جيڪا برتري حاصل ٿي هئي، ان مان فائدو نه ورتو ويو، پر سهل پسنديءَ کان ڪم وٺندي قيمتي وقت کي وڃايو ويو، قلعه بند ٿي جنگ ڪرڻ مان هندستاني فوج عوام کان ڪٽجي وئي ۽ انگريزن کي تياريءَ جو موقعو ملي ويو. (6) رسد و رسائل جا ذريعا، جهڙوڪ: تار ۽ ٽپال تي بدستور انگريزن جو قبضو رهيو ۽ ريلون به هنن وٽ رهيون، تنهنڪري هنن کي هر هنڌان ذري پُرزي جون خبرون ملنديون رهيون ۽ هو ان موجب پنهنجي حڪمت عملي ۽ طريقيڪار ۾ تبديلي ڪندا رهيا. (7) ملڪ جا ڪي پرڳڻا، جيڪي فوجي نقطه نظر کان اهم هئا، انهن کي پنهنجو هم خيال ۽ ساٿاري نه بڻايو ويو، جيڪڏهن بمبئي، مدراس، بنگال ۽ پنجاب ۾ آزادي جي جنگ ايتري وڏي پئماني تي وڙهي وڃي ها، جيتري ٻين صوبن ۾ وڙهي وئي ته انگريزن جو هن ملڪ ۾ ٽڪڻ ناممڪن هو. (احمد سليم: 1857 اور آج: ص-13-12).
” ان سوال کي پيش ڪرڻ به ضروري آهي ته انگريز هندستانين جي نفاق مان ڪيئن فائدو وٺي سگهيا؟ ان جو جواب هندستان ۾ بحيثيت مجموعي ۽ مختلف سماجي طبقن جي سياسي شعور تي مدار رکي ٿو. هاري، انگريزن جو مخالف هو، پر ان جي نظر ڳوٺ تائين محدود هئي، ان جي سياسي واقفيت ان رياست جي معاملن کان اڳيان نٿي وڌي، جنهن ۾ هو روايتي راجا جي حاڪميت هيٺ رهندو هو. ملڪ جي سياسي ۽ نظرياتي رهنمائي اڃا جاگيردار حڪمران طبقن جي هٿن ۾ هئي، جڏهن انقلاب جي لهر عروج تي هئي ته هو عوامي دٻاءُ کان متاثر ٿي، وقتي طور تي غير ملڪين جي حڪومت کان عام قومي نفرت ۾ شريڪ ٿي هنن وطن پرستيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو، پر جڏهن اهي لهرون ماٺيون ٿيڻ لڳيون ۽ عوام جي انقلابي قوتن ۾ انتشار پيدا ٿيڻ لڳو ته جاگيردار طبقي جي اصلي اخلاقي ڪمزوري ظاهر ٿي پئي، هنن بزدلن ۽ غدارن جو ڪم ڪيو. طبقي جي حيثيت موجب هنن ٻٽو ڪردار ادا ڪيو، يعني ساڌن سان سمنک ته پئنچن سان به پورو، جيڪو نه ته نج وطن پرستيءَ وارو هو ۽ نه ئي سراسر خود غرضي وارو هو. جيتوڻيڪ هو انگريز دشمني جي عام جذبي ۾ هڪٻئي سان گڏ هئا، پر هو پنهنجي جاگيردار حريفن کان به ڊنا ٿي، اهو هڪ زوال پذير طبقو هو، هنن جون تاريخي يادون ماضي جي جاگيردارانه ڦوٽ ۽ گهرو جنگين تائين محدود هيون، کين هڪ گڏيل ۽ آزاد هندستان جو تصور سمجهه ۾ نٿي آيو.
انهن ڏينهن حب وطن جو مطلب پنهنجي علائقي سان محبت هئي، جنهن تي هن جو روايتي حڪمران راڄ ڪندو هو، هندستان جو تصور بطور هڪ گڏيل ملڪ جي منجهن اڃا پيدا نه ٿيو هو، هنن جي راهه ۾ نه رڳو جاگيردارانه تاريخي يادون حائل هيون، پر انهن جا مادي بنياد اڃا نه پيا هئا، يعني: ريلوي، ٽيلي گراف، جديد تعليم جو هڪجهڙو طريقو وغيره. هندستان جو تصور هڪ مادر وطن جي حيثيت سان بعد ۾ پيدا ٿيو ۽ 1857ع جي بغاوت جي قابل قدر تجربي، اُن جي ترقيءَ ۾ مدد ڏني. 1857ع جي بغاوت هڪ اهڙو تاريخي واقعو آهي، جيڪو هڪ سڄي تاريخي دور جي خاتمي ۽ نئين دور جي شروعات جي علامت آهي، جيستائين انگريزن جو تعلق آهي ته هنن ڪمپني جي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ حڪومت کي سنئون سڌو برطانوي تاج جي ماتحت ڪيو. ايسٽ انڊيا ڪمپني جي اجارادار واپارين جي دور جو خاتمو ٿيو ۽ هندستان جي معاملن ۾ برطانيا جي صنعتي وچينءَ طبقي جو غلبو شروع ٿيو، جيستائين هندستان جو تعلق آهي ته بغاوت ناڪام ٿي، پر هندستانين کي اهو تجربو حاصل ٿيو، جنهن سان هو نون خيالن سان گڏ، نون بنيادن تي جديد هندستاني قومي تحريڪ تعمير ڪرڻ جي قابل ٿيا. 1857ع جا سبق بي بها ثابت ٿيا، ڌرين ان جي تجربي مان سبق حاصل ڪيا ۽ بعد ۾ انهن مان استفادو ڪيو، انگريز فاتح هئا، هنن جلدي قدم کنيا ۽ اسين مفتوح هئاسين، اسان وڌيڪ وقت ورتو. (انقلاب: 1857ع-پي.سي.جوشي- ص11)
انگريزن جو انتقام
جيئن هر فاتح ڪندو آيو آهي ته ڪاميابي کانپوءِ طاقت ۽ فتح جي نشي ۾ دل کولي مفتوح کي لتاڙيندو ۽ انهن کان بدلو وٺندو آهي، تيئن انگريزن به دهليءَ کي فتح ڪرڻ کانپوءِ فتح جي نشي ۾ انسانيت ۽ مهذب پڻي جا سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا، هنن جي ظلمن ۽ زيادتين جي اڳيان، چنگيز خان ۽ هلاڪو خان ته ڦڪا ڦڪا ٿيڻ لڳا. هنن جي اندر مان انسانيت موڪلائي وئي، هنن قتل عام ۽ ڦرلٽ جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي ۽ اهڙا اهڙا انسانيت سوز عمل ڪيا جو انسانيت ۽ ماڻهپي تان ايمان ئي کڄي ٿو وڃي، ان جو نقشو ڇٽيندي هڪ انگريز ”رابرٽس“ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو: ”صبح جو شروعاتي روشنيءَ ۾ دهلي ڏانهن ڪوچ جو اهو مرحلو ڏاڍو دردناڪ هو، (لال قلعي) لاهوري دروازي کان نڪري اسين چاندني چوڪ پهتاسين، دهلي اسان کي شهر خموشان لڳي رهيو آهي. اسان جن گهوڙن جي سُنبن جي آواز کانسواءِ اسان جي ڪنن تي ٻيو ڪوبه آواز نٿي پيو. هڪ به جيئري مخلوق اسان جي نظر مان نه گذري، چوڌاري لاش پکڙيا پيا هئا، هر لاش تي اها حالت طاري هئي، جيڪا موت جي ڪشمڪش طاري ڪري ڇڏي هئي، اسين چپ چاپ وڃي رهيا هئاسين ته جيئن انسانيت جي انهيءَ دردناڪ باقيات جي آرام ۾ خلل نه پوي، اسان جي اکين جيڪي منظر ڏٺا، اهي ڏاڍا ڀوائتا ۽ ڏکارا هئا، ڪٿي ڪو ڪتو ڪنهن لاش جو ڪو عضوو ڇڪي رهيو هو، ته ڪٿي ڪا ڳجهَه اسان جي ويجهي اچڻ تي پنهنجي غذا کي ڇڏي ڦڙڦڙائي اُڏڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر هن جو پيٽ ايترو ته ڀريل هو، جو هوءَ اُڏرڻ کان به لاچار هئي. اڪثر حالتن ۾ مئل جيئراپي لڳا، ڪنهن جو هٿ مٿي کڄيل هو ته ڪو ڄڻ اشارو ڪري رهيو هو، دراصل اهو سڄو منظر ايترو ته ڀوائتو ۽ ڊيڄاريندڙ هو، جو بيان نٿو ڪري سگهجي، لڳي ايئن ٿو ته اسان جي گهوڙن تي به ڊپ طاري هو ۽ هو ناسون ڦونڊي رهيا هئا، تنهنڪري هو ڇرڪي رهيا هئا، سڄي فضا ناقابل تصور حد تائين بدبودار ۽ خراب هئي.“ (حوالو: غلام رسول مهر 1857ع-ص218)
سپاهين جيئن ئي شهر ۾ قدم رکيو ته هنن قتل عام شروع ڪري ڇڏيو ۽ جيڪو به مرد سامهون ٿي آين، تنهن کي ٿي ماريائون، هنن نه دوست جي، نه دشمن جي، نه هنڌؤ جي ۽ نه مسلمان جي تميز ٿي ڪئي. هنن جي مٿان ڄڻ ماڻهو مارڻ جو ڀوت سوار هو ۽ ڦرلٽ شروع ڪري ڇڏيائون. شهر جي تباهه حال رهاڪن کي ٻاهر ڪڍيو ويو ته جيئن هو وڃي بک مرن. انگريزن دهليءَ ۾ ايتري ته ڦرلٽ ۽ قتل عام ڪيو جو، هڪ انگريز لارنس کي، فوج جي ڪمانڊر کي لکڻو پيو: ”مونکي يقين آهي ته اسان جنهن نموني بنا ڪنهن فرق جي سڀني طبقن کي ڦريو آهي، ان لاءِ اسان تي سدائين لعنت وسائي ويندي ۽ اهو عمل حق بجانب به هوندو، بهرحال ٻن مهينن جي ڦرلٽ کي ڪافي سمجهڻ کپي، مون وٽ ان سلسلي ۾ بمبئي مان به شڪايتون موصول ٿيون آهن، جيتوڻيڪ ان تي يقين ته ڪونه ٿو اچيم، پر مون اهو به ٻڌو آهي ته اسان جا آفيسر ٻاهر نڪري ديسي رهاڪن کي بي درديءَ سان قتل ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اسان جي سامهون بلند اصول نه به هجن، ته به عام مصلحت جي تقاضا اها آهي ته اسين پنهنجي هم وطنن کي انهن حرڪتن کان باز رکون، باغين ۽ قاتلن کي ڦاسيون ڏيڻ يا گولين سان اُڏائڻ ۾ مون کان وڌيڪ ٻيو ڪو ڦڙت نه هوندو، پر اسان کي دوست ۽ دشمن ۾ فرق ڪرڻ گهرجي. موجوده صورتحال جو نتيجو اهو نڪرندو، جو ملڪ جا سڀئي طبقا اسان جي خلاف متحد ٿي ويندا ۽ جنگ شروع ٿي ويندي ۽ ملڪ هوريان هوريان ويرانيءَ جي منزل تي پهچي ويندو ۽ اسان جو هتي ترسڻ ممڪن نه رهندو. (ايضاًء-ص219)
جيڪي شاهديون پهتون آهن، انهن مان اندازو لڳائجي ٿو ته هنن ڦرلٽ ۾ نادرشاهه کي به مات ڏئي ڇڏي آهي. (انفسٽن جو جان لارنس کي خط 25 نومبر 1858ع) انهن ظلمن جو نشانو عورتون به بڻيون، جڏهن هنن جا مرد مارجي ويا ته اهڙين هزارين پرديدار عورتن جن ڪڏهن گهر کان ٻاهر قدم به نه رکيو هو، انهن در در ڀٽڪڻ جي بدران مرڻ بهتر سمجهيو ۽ هنن کوهن ۾ ٽپا ڏيئي، ٻُڏي پنهنجو انت آندو. مورخ لکن ٿا ته کوهن ۾ ايتريون ته عورتون ڪريون جو پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ جي جاءِ به نه بچي، ڪجهه سالن کانپوءِ جڏهن شهر جا کوهه صاف ڪيا ويا ته ڪيترين ئي عورتن جا انهن مان لاش نڪتا. چنگيز خان بابت بيان ڪيو وڃي ٿو ته نيشاپور جي گهيري ۾ سندس ناٺي مارجي ويو، تنهنڪري هن قسم کنيو ته نيشاپور کي ويران ڪري پوءِ ساهه پٽيندو، تنهنڪري جڏهن شهر فتح ٿيو ته هن سڄي آباديءَ کي قتل ڪرائي ڇڏيو، جڏهن ڪو مرد، ٻار ۽ عورت نه بچي ته پوءِ جانورن جو وارو آيو، ايستائين جو ڍڳا، گهوڙا، گڏهه، اٺ، رڍون ۽ ٻڪريون، مطلب ته هر شيءِ ختم ڪئي وئي، ايتريقدر جو ڪتن ۽ ٻلين کي به نه بخشيو ويو ۽ شهر کي ڊاهي پٽ ڪري انهي جي مٿان هر هلايو ويو ۽ ڪيتري عرصي تائين نيشاپور جي جاءِ تي پوکي راهي ٿيندي رهي، بلڪل اهڙي ئي تجويز انگريزن پنهنجي ڪمانڊر لارنس جي اڳيان پيش ڪئي ته شهر کي ڊاهي انهي جي مٿان هر هلايو وڃي. جنهن تي هن چيو ته، ”آئون ڪڏهن به ان قسم جي تجويز منظور نه ڪندس.“ انهي رٿ مان انگريزن جي انتقام جي باهه کي سمجهي سگهجي ٿو. شهر جي حالت جو نقشو چٽيندي مشهور شاعر مرزا غالب لکي ٿو، ”شهر مسلمان کان خالي آهي، رات جي اونداهيءَ ۾ انهن جي گهرن ۾ ڪوبه ڏيئو نٿو ٻري ۽ ڏينهن جو انهن گهرن ۾ ڪابه چلهه نٿي ٻري. چوڌاري ڦاسي جا ڦندا لڙڪيل آهن ۽ رستا دهشت ناڪ آهن.... هاڻ ڪنهن کي ٻاهر نڪرڻ ۽ اسان سان ڳالهائڻ جي جرئت ڪونهي ۽ نه ئي وري مونکي ٻاهر نڪري، پنهنجي اکين سان ڪجهه ڏسڻ جي مجال آهي.“ (انقلاب 1857ع-پي.سي.جوشي)
ڦاسين ۽ گولين جو طوفان
دهلي جي فتح کانپوءِ، انگريزن جهڙي نموني انتقام ورتو، ان جو مثال مهذب دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي، مورخ لکن ٿا ته هنن بنا ڪنهن فرق جي لڳ ڀڳ ستاويهه هزار ماڻهن کي ڦاهيون ڏنيون يا گولين سان اُڏايو. دهليءَ ۾ چاندني چوڪ جي ڀرسان ٽن طرفن ڦاسين جا ڦندا لڳايا ويا ۽ جيڪڏهن ڦاسيون کائيندڙن جو تعداد گهڻو هوندو هو ته هڪ گروهه کي ڦاهيءَ تي چاڙهي، ٻي کي انتظار ۾ بيهاريو ويندو هو ۽ هو بيٺا ڏسندا هئا ته هنن کانپوءِ اسان جو وارو ايندو ۽ اهو هنڌ انگريزن جي لاءِ ”سير گاهه“ بڻجي ويو هو ۽ ڀرسان موجود هڪ موقع شناس دوڪاندار پنهنجي دوڪان جي سامهون ڪرسيون رکي ڇڏيون ته جيئن انگريز ويهندا ته خوش به ٿيندا ۽ ڪجهه ڏيئي به ويندا، انگريز آفيسر ايندا هئا، ڪرسين تي ويهي سگريٽ پيئندا ۽ ڦاسي چڙهندڙن کي ڏسندا هئا ۽ وڃڻ مهل ڪجهه ڏوڪڙ دوڪاندار کي ڏيئي ويندا هئا ۽ ڦاسي چڙهندڙن جي لاشن کي هڪ ڏاند گاڏيءَ ۾ هڪ ٻئي جي مٿان سَٿيو ويندو هو ته جيئن نون مظلومن جي گلي ۾ ڦاسي جو ڦندو وڌو وڃي.
بهادر شاهه جي ٻن پٽن ۽ هڪ پوٽي مرزا مغل، مرزا خضر سلطان ۽ مرزا ابوبڪر همايون جي مقبري ۾ وڃي پناهه ورتي هئي، هنن غدارن ڪاڻي منشي رجب علي ۽ مرزا الاهي بخش جي پڪ ڏيارڻ تي ته پاڻ کي هڊسن جي حوالي ڪيو، تن کي به هڊسن نهايت بي درديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، سندن قتل جو احوال خشونت سنگهه پنهنجي ناول ”دهليءَ“ ۾ هيئن ٿو بيان ڪري:
”سج لهڻ وارو آهي، هڊسن صاحب پنهنجي سواريءَ تي ويٺو ۽ پنهنجو هٿ هوا ۾ بلند ڪري هڪ اعلان ٿو ڪري، ”دهليءَ واسيو... ٻُڌو!“ هو گجگوڙ ڪري چوي ٿو ۽ ماڻهو خاموشيءَ سان ٻڌن ٿا. ”اسان جي حراست ۾ هي ٽي شخص قاتل آهن، هنن ڪاسائين جا هٿ ڪيترن ئي معصوم مردن ۽ عورتن جي رت سان رڱيل آهن، هاڻ اوهين ڪمپني بهادر جي انصاف جو مشاهدو ڪندؤ. پويان بيٺا رهو، ڏسو ۽ ياد رکو،“ ميڙ پويان هٽي وڃي ٿو، اسان جا سوار بيل گاڏي جي چوڌاري هڪ حلقو ٺاهي ٿا وٺون، ”اوهين ٽيئي هيٺ لهو ۽ پنهنجا ڪپڙا لاهيو.“ هڊسن صاحب حڪم ٿو ڏي، ٽيئي شهزادا حڪم مڃين ٿا، هنن جا منهن هئڊا ٿي ويا هئا، پنهنجي قميص لاهيندي هنن جا هٿ ڏڪي رهيا هئا. ”هر شئي لاهي ڇڏيو.“ هڊسن صاحب ٻيهر حڪم ڏنو، جڏهن هو پنهنجا پتلون نما پاجاما لاهين ٿا ته هو ڏڪڻ لڳن ٿا، مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙا سُسيل رُڪن (آلت) ڪڏهن به نه ڏٺا“. ”تون ابوبڪر اڳيان اچ.“ هڊسن صاحب حڪم ڏنو، لڳ ڀڳ پنجٽيهن سالن جو بُت ۾ ڀريل شهزادو ٿڙندو ٻه ٽي وکون اڳيان وڌيو، هن شرم سبب پنهنجي شرم گاهه هٿن سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”نهال سنگهه! هن شخص جي ٻانهن تان اها شئي لاهه .“ هو هڪ تعويذ طرف اشارو ڪري حڪم ٿو ڏي، جيڪو هن شهزادي جي ٻانهن ۾ ٻڌل هو، مون اهو تعويذ پٽي پنهنجي کيسي ۾ وڌو. ”پنهنجي بندوق مونکي ڏي.“ آئون پنهنجي بندوق صاحب کي ٿو ڏيان ”صاحب! مونکي نه مار.“ ابوبڪر هٿ ٻڌي منٿ ڪئي (ڄڻ نماز ۾ هجي) هڊسن صاحب هن جي ڇاتيءَ جو نشانو وٺي گهوڙو دٻايو. ”ٺاهه!“ ابوبڪر رڙ ڪئي ۽ پوءِ ڪري پيو ۽ ڇڙيون هڻڻ لڳو.
ميڙ ڊپ سبب خاموش آهي، ڪو به پنهنجي جاءِ تان نه چريو، ٻيا ٻئي قيدي مرڻ کان اڳ مري چڪا آهن، هڊسن صاحب انهن جي مٿن جو نشانو وٺي گولي هلائي، اسان جي سامهون رت ۾ ٻُڏل ٽي لاش پيا هئا، رت انهن جي زخمن مان وهي رهيو آهي، هنن جي پٽيل واتن مان گڦ ٻاهر اچي رهي آهي ۽ اکيون پٿرائجي ويون آهن، هزارين ماڻهن، جن قتل جو اهو منظر ڏٺو، ائين ئي مئل ۽ پٿرايل نظر اچي رهيا هئا، جيئن اهي ٽيئي لاش اسان جي پيرن ۾ پيا هئا. (دهلي: خشونت سنگهه: ص 43-342)
هڊسن انهن جي قتل تي چيو، ”آئون بي درد ناهيان، پر آئون مڃيان ٿو ته انهن بدبختن جي وجود سان زمين کي پاڪ ڪرڻ جو موقعو ملڻ تي مونکي خوشي حاصل ٿي، منهنجو ارادو هو ته کين ڦاسي تي چاڙهيان، پر جڏهن حالتن اهو رخ اختيار ڪيو ته، ”هو رهندا يا اسين.“ ته مون وٽ سوچڻ جو وقت نه هو.“ جڏهن هڊسن کان اهو جواب طلب ڪيو ويو ته هن پاڻ شهزادن کي قتل ڇو ڪيو ته هن بي تڪلف لکيو، ”جيڪي بي گناهه عورتون ۽ ٻار انهن جي درندگيءَ جو شڪار ٿيا، انهن جو رت مون کي سڏي چئي رهيو هو ته تون اسان جو هم وطن آهين ۽ توکي قدرت انهن کان بدلو وٺڻ جي لاءِ موڪليو آهي، جنهن ڪم کي مون پنهنجو فرض سمجهيو، ان کي پنهنجي هٿن سان پورو ڪرڻ ۾ ٿوري به دير ڪريان ها ته آئنده آئون ڪنهن به انگريز جي سامهون اک کڻڻ جي قابل نه رهان ها.“ شهزادن جي قتل تي هڪ انگريز مورخ ”باسورٿ سمٿ“ صاف گوئيءَ سان لکيو آهي ته ”انهن جو قتل بيوقوفي ۽ بي درديءَ وارو قدم هو، شهزادا هڊسن جي هٿن ۾ بي وس هئا ۽ هنن جي اسان جي هم وطنن جي قتل ۾ شرڪت بابت ڪا ذڪر جوڳي شاهدي به نه هئي.“ شهزادن جي قتل کانپوءِ انهن جا لاش ٽن ڏينهن تائين پيا رهيا ۽ ڳجهون هنن جي لاشن کي پٽينديون رهيون، جڏهن لاشن ڌپ ڪرڻ شروع ڪئي ته انهن کي گهلي درياهه ۾ لوڙهيو ويو.
انتقام جي باهه انگريزن جي اندر ۾ ايتري ته ڀڙڪي رهي هئي، جو جنرل نڪلسن ان خواهش جو اظهار ڪيو ته ”انگريز عورتن ۽ ٻارن جي قاتلن جي خلاف اهڙو قانون ٺاهڻ کپي، جو اسين کين جيئرو ساڙي سگهون يا کين گرم لوهي سيخن سان اذيتون ڏئي ماري سگهون، اهڙن ظالمن کي فقط ڦاسيون ڏئي مارڻ جو خيال ئي مونکي چريو ڪري ٿو ڇڏي، ڪاش آئون دنيا جي اهڙي ڪنڊ ۾ وڃي سگهان، جتي مونکي اهو حق حاصل هجي ته پنهنجي مرضيءَ موجب انتقام وٺي، پنهنجي اندر جي باهه ٺاريان.“ جنرل نڪلسن جي اها خواهش ته سندس موت سبب پوري ٿي نه سگهي، پر سندس ساٿين اها پوري ڪري ڏيکاري. عيني شاهدن جو چوڻ آهي ته انگريزن ۽ سکن گڏجي هڪ زخمي قيديءَ جي منهن تي وڌيڪ زخم ڪيا، پوءِ کيس هلڪي باهه تي سڙڻ جي لاءِ وجهي ڇڏيو، مورخ ٿامپسن پنهنجي ڪتاب “The other side of the Model” ۾ لکي ٿو، ”اڻويهين صدي جي جنهن تهذيب ۽ انسانيت تي فخر ڪيو وڃي ٿو، ان ۾ اسان جي سامهون اهو نظارو به پيش ٿيڻو هو ته هڪ انسان کي باهه تي پچائي مارجي.... انگريز ۽ سک ننڍين ننڍين ٽولين ۾ آسپاس بيٺا اطمينان سان اهو نظارو ڏسي رهيا هئا.“
ڪيترن ئي قيدين کي ڦاسيون ڏيڻ کان اڳ، سپاهين کي ان ڳالهه جي موڪل ڏني وئي ته هو انهن جي واتن ۾ زوري سوئر جو گوشت وجهي کين، وڌيڪ ذليل ڪن. دهليءَ جي آسپاس جيترا به شهزادا گرفتار ڪيا ويا، انهن جو تعداد اوڻٽيهه هو، انهن ۾ پوڙها، بيمار ۽ هلڻ کان هلاک سڀ ڦاسي چاڙهيا ويا، سڀني کان وڌيڪ پوڙهو شهزادو مرزا قيصر (ابن شاهه عالم ثاني)، ان جو لاش ڦاسيءَ تي ائين لڙڪيل هو، ڄڻ ڪا هَـڙ هجي، شهزادي مرزا قيصر بابت بيان ڪيو ويو آهي ته هو ايترو ته پوڙهو هو، جو هن جا هوش ۽ حواس به سلامت نه هئا، انهن گرفتار شهزادن ۾ بهادر شاهه ظفر جا پوٽا، ناٺي ۽ ڏوهٽا شامل هئا، انهن سڀني کي پراڻي دهلي جي دروازي ٻاهران ڦاسي ڏني وئي، جنهن کي هاڻ خوني دروازو سڏيو وڃي ٿو. مرزا الاهي بخش ۽ ڪاڻي منشي رجب علي غداريءَ جا جيڪي جوهر ڏيکاريا، اهي پنهنجي جاءِ تي پر بهادر شاهه ظفر جي هڪ ڀائٽي مرزا ڪالي خان، جيڪو مرزا بابر جو پٽ هو، اُن ڪڙم جو ويري بنجي جيڪي ڪلور ڪرايا، اهي ٻڌڻ سان لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن، هو پنهنجي ڪار گذاري ڏيکارڻ جي لاءِ بي ڌڙڪ ڪوڙ ڳالهائيندو هو، هن انهن شهزادن کي به گرفتار ڪرايو، جن جي 1857ع جي هنگامي يا چئن مهينن جي حڪومت سان ڪوبه واسطو نه هو، البت هو شاهي گهراڻي سان واسطو رکندا هئا، غدار مرزا ڪالي خان، انهن مسڪينن کي پٽي پڙهائيندو هو ته جيڪڏهن اوهين پاڻ کي بادشاهه جو ويجهو مائٽ ٻڌائيندا ته اوهان جي لاءِ مناسب وظيفو مقرر ٿي ويندو، هوڏانهن وري انگريزن کي وڃي چوندو هو ته مون فلاڻي شهزادي کي گرفتار ڪرائڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، جنهن اوهان جي خلاف ڪاررواين ۾ حصو ورتو هو ، انگريز انهن کي جلهي ڦاسيءَ تي لٽڪائي ڇڏيندا هئا، ڏوهارين تي ڪيس هلائڻ ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي لاءِ فوجي ڪميشن جي روبرو پيش ڪيو ويندو هو، اهو ڪم ڏاڍي تيزيءَ سان اُڪلندو هو، موت کانسواءِ ٻي ڪنهن سزا جو تصور ئي نه هو ۽ ڏوهه مڃڻ کانسواءِ ڪنهن ڪيس جو ڪوبه نتيجو نه نڪرندو هو، جن کي ڏوهارين جي ڏوهن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻي هوندي هئي، اهي اها تڪليف ئي نه ڪندا هئا، ائين هزارين ماڻهو ڦاسي چڙهي ويا. هڪ ڀيري ڪميشن جي سامهون ڏهن جوابدارن کي آندو ويو، هنن جي خلاف ڪابه شاهدي نه هئي، پر ڪميشن فرمايو ته اهي سپاهي ٿا لڳن، يا سمجهڻ کپن ته هنن ضرور ڪڏهن هٿيار کنيا هوندا، انهن سڀني کي ڦاسي ڏني وئي. بنارس شهر ۾، ڪجهه ننڍي عمر جي ڇوڪرن راند روند ۾ ”باغيانه جهنڊو“ بلند ڪيو ۽ دهل وڄائي شهر جو چڪر هنيو، انهن تي ڪيس هلائي کين ڦاسي جي سزا ڏني وئي، ڦاسي ڏيندڙن جا رضاڪار جٿا مختلف ضلعن ۾ نڪري ويندا هئا، ان موقعي تي غير پيشه ور جلادن جي کوٽ نه رهي هئي، هڪ همراهه نهايت فخر سان بيان ڪندو هو ته هن ڪيترن ئي ماڻهن کي ”فني انداز“ ۾ موت جي سزا ڏني. بنارس شهر ۾ اُٺن ۽ بيل گاڏين جو ٽن مهينن تائين روزاني اهو ڪم رهيو ته هو صبح جو سج اُڀرڻ کان وٺي، سج لهڻ تائين بازارين ۽ چوڪن جا چڪر لڳائيندا، انهن ماڻهن جا لاش ڍوئيندا رهن، جن کي ڦاسيون ملنديون هيون، ائين ڇهن هزارن کان به وڌيڪ ماڻهن کي ڦاسيون ڏنيو ويون، لاهور ۾، جن باغي فوجين کي گولين سان اڏايو ويو، انهن کي ڏهن ڏهن جي ٽولين ۾ گوليون هڻي مارڻ جي لاءِ آندو ويو، جتي ميدان ۾ سک سپاهي کين گوليون هڻڻ جي لاءِ موجود هئا، جڏهن ڏيڊ سؤ قيدين کي گوليون هڻي ماريو ويو ته گوليون هلائيندڙ سکن جي دستي مان هڪ ڄڻو غش کائي ڪري پيو، تنهنڪري ڪجهه دير جي لاءِ سزائن جو سلسلو ملتوي ڪيو ويو. انهن ظلمن ۾ سک سپاهي، جن جي آڌار تي انگريزن اها بغاوت چٿي پيش پيش هئا. هنن دهلي جي مسلم آباديءَ کان مغل شهنشاهن جي انهن ظلمن جو دل کولي انتقام ورتو، جيڪي صديون اڳ ڪيا ويا هئا. انگريزن جي ظلم جي حوالي سان دهلي جي ”محله ڪوچه چيلان“ جو واقعو به گهڻو مشهور آهي. اتي هڪ انگريز سپاهي، هڪ گهر ۾ گهڙيو، گهروارن جي مزاحمت تي هو زخمي ٿي پيو، ان تي انگريزي فوج جي اعليٰ آفيسر جي حڪم تي محله ”ڪوچه چيلان“ جي سڀني مردن کي گولين سان اڏايو ويو، اهي ڪجهه واقعا دهلي جا بيان ڪيا ويا، ساڳئي نموني بغاوت جي ناڪاميءَ کانپوءِ ملڪ جي ٻين حصن جهڙوڪ: اوڌ، آگرهه، ميرٺ، روهيل کنڊ، فرخ آباد، ڪانپور، بنگال، بهار، اڙيسا، جهانسي، لاهور، بنارس، پشاور ۽ ٻين حصن ۾ به هزارين ماڻهن کي موت جون سزائون ڏيئي ڦاسيون ڏنيون ويون يا گوليون هڻي ماريو ويو يا توپ دم ڪيو ويو.
انگريزن جي فوج ۾ شامل سيتارام جي ڪهاڻي
سيتا رام، انگريز فوج ۾ صوبيدار هو، هن 1857ع جي واقعن کانپوءِ پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي لکي، جيڪا پوءِ ”هڪ غلام جي سرگزشت“ جي نالي سان ڇپي، سيتا رام انگريزن جو بي حد نمڪ خوار ۽ وفادار هو، هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ڪو انهيءَ جنگ ۾، جنهن ۾ هو انگريزن طرفان وڙهي رهيو آهي، سندس جوان پُٽ، باغي فوج ۾ شامل هوندو. سيتا رام کي حڪم ڏنو ويو ته هو پنهنجي پُٽ کي موت جي سزا ڏي، سيتا رام لکي ٿو:
”ڏينهن جو چئين بجي قيدين کي مارڻو هو، آئون پنهنجي ئي پُٽ جو قاتل بنجان؟ هاءِ ڙي منهنجا ڀاڳ! مون ميجر صاحب جي خذمت ۾ وڃي عرض ڪيو ته ”مونکي انهيءَ ڪم کان معافي ڏني وڃي.“ هو مون تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چيو ته ”تون ڪم کان لهرائين ٿو، ڏس! توتي ڪورٽ مارشل ڪندس.“ هو اهو باور نه ڪندا هئا ته هي بندو سرڪار جو نمڪ خوار نوڪر آهي. کيس يقين هو ته آئون دل ئي دل ۾ باغين سان مليل آهيان، فرمايائين، ”بس! هاڻ آئون تنهنجي ڪابه ڳالهه نه ٻڌندس.“ نيٺ منهنجي پدرانه محبت مون تي غلبو ڪيو ۽ آئون روئي ويٺس ۽ چيم، ”سرڪار! آئون پنهنجي هٿن سان هڪ هڪ ڪري انهن قيدين کي ماريندس، جي حڪم ٿيندو... پر انهن ۾ هڪ منهنجو پٽ به آهي.“ ميجر صاحب چيو، ”ان بهاني سان تون پنهنجي ڀائرن کي بچائڻ ٿو چاهين.“ نيٺ هن جي دل ۾ نرمي پيدا ٿي ۽ منهنجي ڪمبخت پُٽ کي منهنجي سامهون گهرايو ويو ۽ کانئس پڇا ڳاڇا ڪيائين. آئون اهو دل ڏاريندڙ منظر ڪڏهن به وساري نه سگهندس، منهنجي دل ۾ اها ڳالهه هرگز نه آئي ته ڪو پُٽ جي جان بخشيءَ جي درخواست ڪريان، اهو انهيءَ جو حقدار نه هو. هاڻي ميجر صاحب کي منهنجي ڳالهه تي يقين آيو ۽ مون کي انهي خذمت جي بجا آوريءَ کان آجو رکڻ جو حڪم ڏنائين. آئون ڏکن جا پهاڙ کڻي پنهنجي ٺڪاڻي تي آيس، سکن جي لعنت ملامت اڃا به وڌيڪ ڏکارو ڪيم ته هيءَ باغي آهي، ٿوري دير کانپوءِ اها جيءَ جهوريندڙ خبر ٻُڌم، منهنجي پُٽ کي نيٺ غدر جو ڦل مليو، مرڻ گهڙي تائين هن ڪنهن به قسم جو ڊپ ظاهر نه ڪيو، پر اهو ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها، جو هو جنگ ۾ ماريو وڃي ها.“
1857ع ۽ سنڌ
انگريزن 1843ع ۾ سرچارلس نيپئر جي اڳواڻيءَ ۾ حملو ڪري سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ سنڌ جي اميرن کي پوني ۾ وڃي قيد ڪيو، سنڌين، پنجابي مسلمانن وانگر انگريزن جي قبضي تي دل کولي سندن آجيان نه ڪئي، مير شير محمد، جنهن مياڻي ۽ دُٻي جي جنگين ۾ انگريزن سان چوٽون کاڌيون هيون، سو پوءِ به آڻ مڃڻ جي بدران انگريزن جي ڇانوڻين تي گوريلا طرز جا حملا ڪندو رهيو، نيپئر، مير شير محمد لاءِ لکيو، ”مير شير محمد پاڻ کي ڦورن جي وچ ۾ رهايو آهي ۽ هنن کي اشتعال ڏياري رهيو آهي ته هو سنڌ ۾ ڦرون ڪن ۽ کين اها به اُميد آهي ته هو پنهنجي فائدي ۾ کين بغاوت لاءِ همٿائيندو.“ مير محمد بخش خان ٽالپر ”تاريخ اميران سنڌ“ ۾ لکي ٿو، ”بهادر شاهه بادشاهه، جنگ جي سلسلي ۾ شير سنڌ (مير شير محمد) کي خط لکي موڪليو، ان تي شير سنڌ نقد رقم سان گڏ ڪيترا بلوچ سپاهي به ڏانهنس موڪليا، پر افسوس عين وقت تي حيدرآباد جي هڪڙي ٽالپر راز ظاهر ڪري وڌو ۽ سموري اسڪيم درهم برهم ٿي وئي.“
ملڪ ۾ بغاوت جون لهرون اُٿيون ته ان جو اثر سنڌ تي به پوڻ لازمي هو، جيتوڻيڪ تاريخدانن ان ۾ سنڌ جي ڪردار کي سدائين نظرانداز ڪيو آهي، حالانڪه ڪراچي سميت سنڌ جي سڀني اهم شهرن حيدرآباد، سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد وغيره ۾ فوج ۽ عوام بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو، ڪراچيءَ ۾ ديسي سپاهين بغاوت ڪئي، جن کي غير مسلح ڪري، سندن ڪورٽ مارشل ڪري، کين ڦاسي ڏني وئي. ڪراچيءَ ۾ جتي انهن مجاهدن کي ڦاسيون ڏنيون ويون، اها جاءِ ڪيترو ئي عرصو عوام جي عقيدت جو مرڪز بڻيل رهي، نيٺ انگريزن اُتي ”ايمپريس مارڪيٽ“ اڏي، شهيدن جي ان نشانيءَ کي مٽائي ڇڏيو.
حيدرآباد ۾ بغاوت جي تاريخ مقرر ڪئي وئي، پر هڪ غدار جي نشاندهيءَ تي، ان جي اڳواڻن کي جلهيو ويو ۽ انهن جو ڪورٽ مارشل ڪري کين توپن سان ٻڌي اڏايو ويو. اتر سنڌ ۾ سکر ۽ شڪارپور تحريڪ جا ڳڙهه هئا، باغي فوجين اتي به بغاوت ڪئي، هنن ڪافي مزاحمت ڪئي، نيٺ سپاهين کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪورٽ مارشل ڪري کين گولين سان اڏايو ويو، اهڙي طرح سکر، شڪارپور ۽ خيرپور ۾ تحريڪ ختم ٿي وئي، شڪارپور ۾ جڏهن تحريڪ شروع ٿي ته خيرپور جي مير مراد علي جي پُٽ مير شاهنواز انگريزن جي وڏي مدد ڪئي، جيڪب آباد ۾ به انگريزن جي خلاف بغاوت جو سلو اُڀريو ۽ ديسي فوج جو هڪ صوبيدار ان بغاوت جو رهنما هو، جنهن کي موت جي سزا ڏني وئي. آزاديءَ جي هن جنگ ۾ سنڌ جي هڪ سوڍي به وڏو ڪردار ادا ڪيو، سندس نالو گنگا رام هو، هڪ انگريز جي لکڻ موجب: گنگا رام سنڌ ۾ انگريزن جي لاءِ گهڻي مصيبت جو باعث بڻيو ۽ هن قلات جي حاڪمن جي دل ۾ به انگريزن جي خلاف نفرت پيدا ڪئي، سنڌ ۾ بغاوت جي انهن ڪارگذارين جو ذڪر ڪندي ”لب تاريخ سنڌ“ جو ليکڪ خانبهادر خداداد خان (جيڪو پڻ انگريزن جو مدح خوان هو) لکي ٿو:
”1857ع ۾ هندستان ۾ عظيم فساد ۽ غدر پيدا ٿيو، ان ڪري سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن شهرن جهڙوڪ: ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، جيڪب آباد ۾ ڪي عملدار ۽ ڪن پلٽڻن ۾ سپاهي شورش ۽ فساد لاءِ تيار ٿي ويا ۽ نافرمان بڻجي ويا، مگر اعليٰ آفيسرن جي عقلمنديءَ سان جن ۾ آنربل گبسن صاحب بهادر جڊيشنل ڪمشنر جي حسن انتظام سان، هيءَ سخت مهم ختم ٿي وئي، فسادي بروقت گرفتار ڪيا ويا ۽ کين سندن بُري اعمال جي سزا ملي وئي، جيئن ته ڪن کي توب سان اڏايو ويو ۽ ڪن کي ڦاسيون ڏنيون ويون، جن ماڻهن سلامتي لاءِ مدد ڏني، انهن کي خير خواهي جي عيوض لائق سمجهي انعام ۽ اڪرام ڏنا ويا.“ (ص-153)
سيٺ نائون مل به بغاوت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”هن وچ ۾ ديسي پيادي فوج ڪراچي جي ڇانوڻيءَ ۾ موجود هئي، جنهن ۾ اوڌ ۽ دهلي جي ماڻهن جي اڪثريت هئي، تن سڀني گڏجي بغاوت جي رٿ رٿي، پر برٽش سرڪار جو ستارو عروج تي هو، بارٽل فريئر کي سندن رٿن جي خبر پئجي وئي، انهن کي پوري ريت تباهه ڪيو ويو ۽ فسادين کي گرفتار ڪيو ويو، انهن مان ڪن کي ڦاسيون ڏنيون ويون ۽ ڪن کي توب دم ڪيو ويو.“ (يادگيريون، ص-225)
بغاوت جا ڪجهه اڳواڻ
1857ع جي آزاديءَ جي ان جنگ ۾ هزارين بهادرن حصو ورتو، ڪي جنگين ۾ شهيد ٿيا ته ڪي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ ڦاسين ۽ گولين جي ذريعي ماريا ويا، انهن سڀني سوڍن ۽ سرويچن جو هڪ ئي مقصد هو ته ڪيئن به ڪري ڌارين قابضن کي ملڪ مان تڙي ڪڍجي، انهن سورمن مان جن اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو، انهن ۾ پيشوا باجي راءِ جو پٽيلو ”ڌنڌو پنٿ نانا صاحب“ جيڪو عام طور تي ”نانا صاحب“ سڏبو هو، آزاديءَ جي جنگ کي منظم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ انگريزن سان زبردست چوٽون کاڌيون، جنرل بخت خان، انگريز توپ خاني جو وڏو آفيسر هو، هن افغانستان جي جنگين ۾ وڏي بهادري ڏيکاري هئي، بغاوت جي لهر اُٿي ته هو بريلي روانو ٿيو ۽ انگريزن کان بريلي کي آزاد ڪرايائين.
آزاديءَ جي ان جنگ ۾ نانا صاحب ۽ فيروز شاهه به پيش پيش هئا، فيروز شاهه بهادر شاهه ظفر جو پٽ هو، جڏهن ميرٺ جا سپاهي دهلي پهتا ته ان وقت هو دهليءَ ۾ نه هو، هو نانا صاحب تانتيا ٽوپي مان گڏجي، انگريزن سان وڙهيو، ان ڪاميابيءَ کانپوءِ بخت خان دهليءَ جو رخ ڪيو، دهليءَ ۾ بهادر شاهه سندس آڌرڀاءُ ڪيو، دهلي ۾ جنرل بخت خان نهايت بهادريءَ سان وڙهيو، مورخ لکن ٿا ته: جيڪڏهن جنرل بخت خان جي منصوبن ۾ مرزا مغل رخنو نه وجهي ها ۽ اندر ئي اندر کيس ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪري ها ته هو انگريزن کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها، دهليءَ تي انگريزن جي قبضي کان پوءِ هو لکنو پهتو، اُتي به هن بغاوت منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر محسوس ڪيائين ته تحريڪ جي اڳواڻن پاران هڪٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ جو نتيجو ”دهلي“ جهڙو نڪرندو، انهيءَ انجام کي نظر ۾ رکندي هڪ ڏينهن بخت خان روپوش ٿي ويو، سالن تائين سندس ڳولا ٿيندي رهي، پر سندس ڪوبه پتو نه پيو.
تانتيا ٽوپي، نانا صاحب جي ساٿين مان ۽ بهادر سپهه سالار هو، هن آزاديءَ جي جنگ ۾، وڏا جوهر ڏيکاريا، تانتيا ٽوپي کي سندس هڪ جگري دوست ”مان سنگهه“ 8 اپريل 1859ع تي هڪ رٿابنديءَ تحت گرفتار ڪرايو، انگريزن فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائي 18 اپريل 1859ع تي کيس ڦاسي ڏيئي ڇڏي. سندس نائب بهادر راج ڪماري”مئنا“ به مختلف مهمن ۾ حصو ورتو. حضرت محل، اؤڌ جي بادشاهه واجد علي شاهه جي پَٽ راڻي هئي، لکنوءَ ۾ جيڪا بغاوت ٿي، اها حضرت محل جي سرپرستي ۽ اڳواڻيءَ ۾ ٿي، بغاوت جي ناڪاميءَ کانپوءِ حضرت محل ”نيپال“ هلي ويئي، انگريزن کيس ڪيتريون ئي آڇون ڪيون، پر هن ٻيهر انگريزن جي غلاميءَ ۾ وڃڻ پسند نه ڪيو ۽ جلاوطنيءَ ۾ ئي وفات ڪيائين. مولانا احمد شاهه، گولڪنڊي جي نواب ابوالحسن خان جو پوٽو هو، وڙهڻ ۾ ايتري ته مهارت هيس جو کيس ”دلاور جنگ“ جو لقب مليل هئس، انگريزن ۾ به عزت هيس، جو کيس دعوت ڏئي لنڊن جو سير ڪرايو هئائون، هو هڪ وڏو عالم ۽ فاضل هو، وطن جي آزاديءَ لاءِ نانا صاحب ۽ ٻين سان گڏجي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيائين. جهانسيءَ جي راڻي لڪشمي ٻائي ”جهانسي“ ۾ بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو، مردانه ڪپڙا پائي فوج جي اڳواڻي ڪندي هئي، وڏي بهادر عورت هئي. 7 جون 1857ع تي وڙهندي شهيد ٿي. هڪ انگريز ڪمانڊر ”هيوروز“ جيڪو مختلف جنگين ۾ راڻيءَ سان وڙهيو هو، ان جي چوڻ موجب، ”باغين ۾ مون هن کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن کي به دلير نه ڏٺو.“
پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ
پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ
سَندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃايا.
هندستان ۾ انگريزن جي ڪيل ظُلمن ۽ زيادتين خلاف هيءَ عظيم بغاوت، جيڪا ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو انگريزن جي بيٺڪي نظام جي خلاف پهريون عوامي اُڀار هو، جنهن مان اڳتي هلي ٻين تحريڪن جنم ورتو، سا، سر سيد احمد خان جي لفظن ۾ ته: ”آزاديءَ جي هيءَ انقلابي جدوجهد جيڪا خالص جمهوري تحريڪ هئي، سا چند غدارن جي ڪري ناڪام وئي.“ ان جو تجزيو ڪندي خواجه جميل احمد لکي ٿو، ”برصغير هند-پاڪ جو هي هڪ المناڪ سانحو آهي ته هن ملڪ ۾ غير ملڪي اقتدار کي ڪامياب بنائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ غير ملڪين جي تلوار کان وڌيڪ پنهنجن جي غداريءَ نمايان ڪردار ادا ڪيو، 1857ع جي جنگ آزاديءَ ۾ هيءَ شيءِ چٽي نظر اچي ٿي، جڏهن ته يوپي، بهار، بنگال ۽ وچ هند مان انگريزن جا پير پٽجي چڪا هئا ۽ انهن علائقن ۾ آزاديءَ جو جهنڊو جهولي رهيو هو، تڏهن پنجاب جي مسلمان خاندانن، سکن ۽ نيپال جي گورکن هن غير ملڪي اقتدار کي ٻيهر ڪامياب ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ قوم سان غداري ڪندي، انگريزن جي مدد ڪئي ۽ اهڙي طرح کٽيل بازي هارائجي وئي. پنجاب جيڪڏهن 1857ع ۾ انگريزن جو ساٿ نه ڏي ها ته هي ملڪ اڄ کان سؤ سال اڳ آزاد ٿي وڃي ها.... اهڙي وقت ۾ جڏهن انگريز هندستان مان پنهنجا ٽپڙ گول ڪرڻ جي تيارين ۾ هئا ۽ يو پي بهادر، بنگال ۽ وچ هندستان ۾ لڪندا رهندا هئا، پنجاب جي سکن ۽ مسلمانن برطانوي اقتدار جي جُهرندڙ ڀت کي سهارو ڏنو، پٽيالا، ناڀا ۽ جنيدي جي سک رياستن ۽ پنجابي مسلمانن جي ڪيترن ئي وڏن وڏن خاندانن قومي انقلاب جي خلاف انگريزن جو ساٿ ڏنو. اهڙي طرح 1857ع جي قومي انقلاب جي قبر پنجاب ۾ کوٽي وئي ۽ اُن ۾ سکن جو وڏو هٿ هو، جان لارنس لکي ٿو، ”جي پنجاب اسان جي هٿن مان نڪري وڃي ها ته پوءِ اسان برباد ٿي وڃون ها، جيستائين اترين صوبن مان مدد پهچي ها، تيستائين سڀني فرنگي سپاهين جون هڏيون اُس ۾ سڙي وڃن، ها ۽ انگلستان کي اوڀر مان ٽپڙ کڻي وڃڻا پون ها. (حوالو: 1857ع جي آزاديءَ ۽ سنڌ، دادا سنڌي: (1987) عظمت اڪيڊمي (ص 59-58)
ڪنهن مورخ لکيو آهي ته جيڪڏهن 1857ع جي اها عظيم بغاوت نه ٿئي ها ته 1947ع نه اچي ها، ٻين لفظن ۾ نوي سالن جي مختصر عرصي ۾ انگريز هتان ٽپڙ نه ٻڌن ها، پر افسوس جو آزادي ته ملي، پر ڪنهن شاعر چواڻي:
ويا گورا، آيا ڪارا،
نه فن بدليو، نه فڪر بدليو.
*