بوسٽن ٽي پارٽي
آمريڪا جيڪو اڄ سپر پاور جي حيثيت رکي ٿو ۽ دنيا جي ڇيڙي نبيري پنهنجو حق سمجهي ٻين قومن تي ڪڏهن لٺ ته ڪڏهن چٺ جي ذريعي پنهنجا فيصلا مڙهي ٿو، ان جي تاريخ ڪا ايتري پراڻي به ڪونهي، ڪولمبس جيڪو جنيوا ۾ پيدا ٿيو ۽ اڳتي هلي ماهر ملاح ثابت ٿيو ۽ دنيا جهان جا ڌڪا جلهيندي اسپين نه اچي ها ۽ اسپين جي راڻي ازابيلا سندس مدد ۽ ساڻس سهڪار نه ڪري ها ته آمريڪا جي نئين دنيا دريافت نه ٿئي ها، ائين به ڪونهي ته جي ڪولمبس هندستان جي بحري رستي جي ڳولا ۾ ڀُلجي آمريڪا وڃي نه نڪري ها ته ڪر آمريڪا نه لڀجي ها، ايئن ناهي، هاڻ اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته ڪولمبس کان صديون اڳ هڪ ملاح ’ليف ايرڪسن‘ آمريڪا پهتو هو ۽ اها به حقيقت آهي ته انهيءَ وائڪنگ ملاح ايرڪسن ۽ ڪولمبس جي وچ واري عرصي ۾ ڪيترن ئي ملاحن ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪيو، تاريخي لحاظ کان ”ليف ايرڪسن“ هڪ غير اهم شخصيت هئي، هن جي ڳولائن جو احوال ڪڏهن به عام نه ٿيو، نه ئي وري اهي آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪنهن قسم جون تبديلون پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون، ٻي پاسي ڪولمبس جي ڳولا جي قصن جهنگ جي باهه جو ڪم ڪيو ۽ سڄي يورپ ۾ پکڙجي ويا، هن جي واپسيءَ کانپوءِ انهيءَ نئين دنيا جي ڳولا جي سنئين سڌي نتيجي ۾ انهيءَ نئين دنيا طرف ڪيتريون ئي مهم جو ٽوليون روانيون ٿيون ۽ انهن نون علائقن جي فتحن ۽ ڪالونين جي آبادڪاريءَ جو سلسلو شروع ٿيو، ڪولمبس آمريڪا 1492ع ۾ ڳولي لڌو، هت اها ڳالهه به چئجي ته جي ڪولمبس آمريڪا ڳولي نه لهي ها ته دير يا سوير ڪنهن انگريز يا فرينچ مهم جوءَ جي هٿان لڀجي پوي ها، پر انهي کانپوءِ جيڪا ترقي ٿي آهي، انهي جي نوعيت ڌار هجي ها.
آمريڪا جي تعمير، ترقي ۽ اڏاوت جي پويان انهن ڪروڙين ريڊ انڊين ۽ آفريقي غلامن جون هڏيون به شامل آهن، جن جي قربانين آمريڪا کي عروج ڏنو، آمريڪا آزاد ملڪ هئڻ کان اڳ برطانيا جي ڪالوني هو ۽ آمريڪا جي آزاديءَ جي تاريخ به ڏاڍي دلچسپ آهي ۽ انهيءَ جي آزادي جي پويان به هڪ واقعو شامل آهي، هاڻ اهو تاريخ ۾ ”بوسٽن ٽي پارٽي“ جي نالي سان مشهور آهي، بوسٽن ٽي پارٽي کي آمريڪا جي آزادي جي جنگ جي شروعات چئي سگهجي ٿو، سترهين صدي عيسوي جي آخري ڏاڪي ۾ برطانوي پارليامينٽ آمريڪا تي ٽئڪسن جي ڀرمار لاهي ڏني هئي، لازمي آهي ته اهي ٽئڪس برطانيا جي ٻين مهمن ۾ ڪم ايندا هوندا، برطانوي پارليامينٽ جو اهو طرز عمل ايترو ته وڌيو، جو هڪ ڏينهن Tea Act جي شڪل ۾ پارليامينٽ چانهه تي ڳرو ٽئڪس لاڳو ڪيو، آمريڪا برطانيا جي ڪالوني هو ۽ اتي جي حڪمران طبقي ان نئين جنت جي سڄي دولت ميڙڻ ۽ هڙپ ڪرڻ ٿي چاهي، پر مقامي ماڻهن کي اها ڦرلٽ منظور نه هئي، جنهن جو نتيجو احتجاج جي صورت ۾ نڪتو، پهرين ته پُرامن احتجاج ڪيو ويو، پر تاريخ شاهد آهي ته جڏهن پُرامن احتجاج تي ڌيان نه ڏنو ويندو آهي ۽ احتجاجين جي ڳالهه نه ٻُڌبي آهي ته نتيجو بغاوت جي شڪل ۾ نڪرندو آهي، هوريان هوريان اهو احتجاج بغاوت ۾ بدلجڻ لڳو. انهن ڏينهن برطانيا مان ٽي بحري جهاز بوسٽن بندرگاهه تي اچي لنگرانداز ٿيا، انهن جهازن تي چانهه لڏيل هئي، جيڪا آمريڪا ۾ وڪري لاءِ آندي وئي هئي، بوسٽن جي رهاڪن ”مهاڪ انڊينز“ جو روپ ڌاري انهن جهازن تي قبضو ڪري ورتو ۽ هزارين مڻ چانهه کڻي سمنڊ ۾ اُڇلي ٻوڙي ڇڏي، اهو واقعو 16 ڊسمبر 1773ع تي پيش آيو، چانهه جي غرقابيءَ جي واقعي تي وڏي هاءِ گهوڙا مَتي، تاج برطانيا جي لاءِ اهو واقعو ڪو معمولي واقعو نه هو، کيس ايئن لڳو ته سمنڊ ۾ چانهه جي پتي نه پر هن جو سڄو شان ۽ شوڪت، ٺٺ ۽ ٺانگر، غرور، انا ۽ دٻدٻو غرق ٿي ويو هجي. برطانوي وزيراعظم ۽ پارليامينٽ ان کي باغياڻو عمل قرار ڏنو ۽ ان کانپوءِ سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو، پر شايد کين خبر نه هئي ته تاريخ سندن قدمن کان اڳ ئي پنهنجو فيصلو ٻڌائي چڪي هئي، اهو ننڍو واقعو، جيڪو برطانيا جي پارليامينٽ کي باغياڻون عمل لڳو، تنهن سان آزاديءَ جي جدوجهد کي مهميز ملي ۽ 1775ع ۾ آزادي جي جنگ جو طبل وڄڻ لڳو، ان واقعي کي اڳتي هلي ”بوسٽن ٽي پارٽي“ جو نالو ڏنو ويو ۽ اها جنگ ڪجهه عرصي کانپوءِ نئين ملڪ ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آمريڪا“ جي صورت ۾ پنهنجي انجام تي پهتي. ان جنگ جي اڳواڻي جارج واشنگٽن ڪئي، جارج واشنگٽن گڏيل آمريڪا جو پهريون صدر چونڊيو ويو، هن پنهنجي صدارت جا ٻه دور پورا ڪري، رٽائرڊمينٽ وٺي ورجينيا ۾ پنهنجي گهر ’مائونٽ ورنن‘ ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي وفات ڪئي، آمريڪا جي اها خوش قسمتي آهي ته ان کي شروعاتي دور ۾ جارج واشنگٽن ۽ ٿامس جيفرسن جهڙا اڳواڻ مليا، جن آمريڪا کي مستقبل جي عظيم طاقت بنائڻ ۾ شروعاتي طور اهڙا قدم کنيا، جن تي اڳتي هلي آمريڪا جي اڏاوت ٿي، جارج واشنگٽن جي ڪردار کي نظر ۾ رکندي ڊاڪٽر مائيڪل هارٽ پنهنجي مشهور ڪتاب ”The 100“ ]هڪ سؤ تاريخ ساز شخصيتون[ ۾ کيس رومي سلطنت جي اڳواڻ آگسٽس سيزر سان ڀيٽيو آهي ۽ کيس ڪاميابين جي حوالي سان ان جي ويجهو قرار ڏنو آهي ۽ ڏکين وقتن ۾ جيڪڏهن قومن کي صحيح ۽ مناسب قيادت ملي وڃي ته اها قوم منزل ماڻي ٿي. جارج واشنگٽن جي حوالي سان مائيڪل هارٽ لکي ٿو، ”جارج واشنگٽن جنگ ۽ امن ٻنهي حالتن ۾ اعليٰ سربراهيءَ وارين اڻ ٽر ضرورتن کي پورو ڪيو، جن کانسواءِ ڪا به سياسي تحريڪ ڪامياب ٿي نٿي سگهي.“
پر هتي اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪا جي آزاديءَ جي جنگ ۾ آمريڪا کي جارج واشنگٽن جهڙو اڳواڻ تڏهن مليو، جڏهن ”بوسٽن ٽي پارٽي“ جو واقعو ٿيو. سورهين ڊسمبر جي اها رات، فيصلو ڪندڙ رات هئي، ڇو ته ٻي ڏينهن سمنڊ جنهن سج کي اُڀرندي ڏٺو، اهو غلامي نه پر آزاديءَ جو سج هو، بوسٽن ٽي پارٽي هاڻ هڪ علامت بڻجي چڪي هئي، احتجاج ۽ آزاديءَ جي، ته غفلت جي خواب مان رڳو سُجاڳ ٿيڻ جي دير آهي، هر قوم ”بوسٽن ٽي پارٽي“ ملهائي ٿي، بيٺڪي نظام جي پُڄاڻي هر ڀيري بوسٽن ٽي پارٽيءَ تي ٿئي ٿي، وقت بدلجي ويو آهي، دنيا جون قومون سامراجي طاقتن کان آزاد ٿي ويون آهن، ڪجهه اڃا آزاديءَ جي ويڙهاند ۾ رڌل آهن. بوسٽن ٽي پارٽي آزاديءَ جو نشان آهي، ٻه سؤ سال اڳ ان رات سمنڊ تي جيڪو انڌيرو ڇانيل هو، اُتي هاڻ روشني ئي روشني آهي، رات جيتري اونداهي هوندي آهي، صبح اوترو ئي سُهائو هوندو آهي.