آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اوٻارا عَبير جا

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جي يادن، دوستن تي لکيل خاڪن، اخباري ڪالمن ۽ تاريخ جي جهلڪين جو مجموعو آھي.
يوسف سنڌي ڊگهي عرصي کان علمي، ادبي ۽ سياسي تحريڪن سان سلهاڙيل هئڻ ۽ ان دور جي علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن سان گڏ هئڻ ڪري، هن جي نظرن کان ڪوبه ڪتاب ڏور نٿو وڃي سگهي. ٽيون وري دنيا جي ڪجهه ملڪن جي دورن جي ڪري هن گهڻ رخو مطالعو ۽ مشاهدو حاصل ڪيو آهي. اهڙي طرح هن جا اخباري ڪالم هڪ دُور جي تواريخ لڳن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 3787
  • 603
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اوٻارا عَبير جا

منهنجي پسند جا ڪتاب

بلڪل ڪچيءَ وهيءَ ۾، مون جيڪو پهريون سنڌي ڪتاب، بنا ڪنهن ڪُڇ پُڇ جي، بنا ڪنهن سوچڻ، سمجهڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ جي، هلندڙ بس ۾، ميرپور بٺوري مان، پير محمد ميمڻ نالي هڪ اخباري هاڪر کان ڇهين روپين ۾ خريد ڪيو هو، اهو سائين جي. ايم سيد جو لکيل ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ هو. ان کان اڳ، ننڍا ننڍا ٻارن لاءِ اٺين آني يا پنجاهه پئسن ۽ هڪ روپئي وارا اردو ڪهاڻين جا ڪتاب خريد ڪري پڙهندو هوس. اهو به تڏهن جڏهن، يا ته امان سان گڏ حيدرآباد ويندو هئس يا وري، غلام الله ويندي، ٺٽي مان ”عبدالله قريشي نيوز ايجنسيءَ“ جي دوڪان تان خريد ڪندو هوس. مرحوم عبدالله قريشي، طبيعت جو گهڻو چيڙاڪ هوندو هو، پر ڪتابن جي ڪري گهڻو ڀانئيدو به هو.
جڏهن مون اهو ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ خريد ڪيو ته اهو سمجهيو هيم ته اهو ڪو ڪهاڻين جو ڪتاب هوندو. پر پوءِ به ان جو موضوع/ مضمون ڏسي مون پڇتايو ڪونه ۽ هوريان هوريان اهو ڪتاب پڙهندو ويس.... گهڻيون ڳالهيون سمجهه ۾ نه آيم، پر ڪتاب ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي ۽ انهيءَ کانپوءِ عالمي سياست ۾ آيل اُٿل پُٿل، زور وٺندڙ نظرين ۽ پوءِ ٻي مهاڀاري لڙائي ۽ ان دور جي اڳواڻن جو مختصر تعارف مونکي بي حد دلچسپ لڳو. پوءِ مون اهو ڪتاب ڪيترائي ڀيرا پڙهيو ۽ بار بار پڙهيو. مونکي ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته مون ۾ جيڪو اڳتي هلي جيڪا ٿوري گهڻي عالمي ادب، سياست ۽ دنيا جي انقلابي شخصيتن يا عالمي ادب پڙهڻ سان دلچسپي پيدا ٿي، اُن جو مُحرڪ اهو ڪتاب چئي سگهجي ٿو.
مونکي ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته هيستائين مون سائين جي. ايم سيد جا فقط ٻه ئي ڪتابَ مڪمل ۽ بار بار پڙهيا آهن. هڪڙو اهو مٿيون ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ ۽ ٻيو عدالتي بيان ”سنڌ ڳالهائي ٿي“. پويون ڪتاب پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ، سنڌ سان ٿيل زيادتين جو مڪمل ۽ جامع دستاويز آهي ۽ هر سنڌيءَ تي اهو لازم آهي ته هو اهو ڪتاب پاڻ پڙهي۽ ٻين کي به پڙهائي. جيئن گهرن ۾ قرآن پاڪ، گيتا ۽ شاهه جو رسالو موجود هئڻ ضروري آهي، تيئن ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ به هر سنڌيءَ جي گهر ۾ موجود هئڻ گهرجي ۽ هر سنڌيءَ کي پڙهڻ ۽ بار بار پڙهڻ گهرجي.
اُنهن ئي ڏينهن، شايد ’جديد عالمي سياست‘ پڙهڻ کان ڪجهه اڳ يا پوءِ، مونکي هڪ ٻيو ڪتاب هٿ چڙهيو، محمد موسيٰ ڀٽي جو لکيل ”سنڌ ۾ بي چينيءَ جا اسباب“. اهو ڪتاب مونکي منهنجي چاچي محترم شمس الدين ميمڻ، جي حيدرآباد واري گهر ۾ پيل مليو، آئون اهو ڪتاب کڻي ڳوٺ آيو هئس ۽ اهو ڪتاب به مون ”جديد عالمي سياست“ وانگر ئي وڏي شوق ۽ ڌيان سان پڙهيو هو. اهو ڪتاب اڃا سوڌي، مون وٽ موجود آهي، انهيءَ ڪتاب ۾ محمد موسيٰ ڀٽي، سائين جي. ايم سيد، محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز ۽ ٻين قومپرست ۽ ترقي پسند اديبن کي ملحد، دهريو، ڏاهر پرست، اسلام ۽ پاڪستان جو دشمن، هندستان جو ايجنٽ قرار ڏيئي، پنهنجي جماعت جو نقطه نظر، پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. محمد موسيٰ ڀٽي صاحب جو ان وقت تعلق ’جماعت اسلامي‘ سان هو ۽ اهو ڪتاب پهرين جماعت اسلامي جي اخبار ’جسارت‘ ۾ سلسليوار ڇپيو هو ۽ پوءِ اردوءَ مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇاپيو ويو هو.
مونکي اها ڳالهه مڃڻ ۾ ذرو به هٻڪ ڪونهي ته محمد موسيٰ ڀٽو، وڏو ذهين ۽ عالم ماڻهو آهي. سندس ٻه ٻيا ڪتاب ”پرين جي پچار“ ۽ ”جيڪي ڏٺو مون“ جيڪو سائين جي. ايم سيد جي لکيل ڪتاب ”جيئن ڏٺو آ مون“ جي جواب ۾ لکيل آهي. اهي ٻيئي ڪتاب به مون وڏي شوق ۽ ڌيان سان پڙهيا ۽ انهن ڪتابن منهنجي ڄاڻ ۾ ڪافي واڌارو ڪيو. انهيءَ ڪتاب ”سنڌ ۾ بي چينيءَ جا اسباب“ ۾ ئي مون پهريون ڀيرو راجا ڏاهر، ملحد، دهريو وغيره جا لفظ پڙهيا ۽ پوءِ انهن کي سمجهڻ ۽ انهن بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم.
”سنڌ ۾ بي چينيءَ جا اسباب“ پڙهڻ سان مونکي اهو فائدو ضرور ٿيو ته مون مخالف نقطه نظر، پوءِ اهو ڪهڙي به فڪر سان لاڳاپيل هجي، پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. البت ڪتاب ۾ محمد موسيٰ ڀٽي جي اختيار ڪيل موقف سان آئون ڪڏهن به سهمت ٿي نه سگهيس.
گهڻا سال پوءِ 2009ع ۾ منهنجي جناب محمد موسيٰ ڀٽي سان هڪ ملاقات ٿي. آئون مسعود لوهار وٽ ويس ته اُتي ارباب نيڪ محمد به ويٺو هو ۽ ائين پوءِ اسين گڏجي لطيف آباد محمد موسيٰ ڀٽي ڏانهن وياسين. محمد موسيٰ ڀٽي صاحب اسان کي پنهنجو ڪتب خانو ڏيکاريو ۽ اڪيڊمي جا ڳچ ڪتاب تحفي طور به ڏنا. پر، هڪ ڳالهه جيڪا مون محسوس ڪئي ته واقفيت ڪرائڻ جي باوجود به پاڻ مسعود لوهار ۽ ارباب نيڪ محمد جي ڀيٽ ۾ مون ڏانهن ڌيان نه ڏنو.
سنڌ ۾، ٻه ٽي پبلشر اڪثر ڪري محترم جي. ايم سيد جا ڪتاب ورائي ورائي پيا ڇپائيندا آهن، پر الائجي ڇو هو ”جديد عالمي سياست“ وري نٿا ڇپرائين.
انهن ڏينهن، جن ٻين ڪتابن کي مون وڏي شوق سان پڙهيو ۽ ورائي ورائي پڙهيو، تن ۾ ”ايسپ جون آکاڻيون“، ”گرم جون آکاڻيون“ ۽ ”آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون“ اهم آهن. ٻاراڻي وهي هئي، انهيءَ ۾ اهڙا ڪتاب نه رڳو وڻندا، پر ذهن تي به اثر ڇڏيندا آهن. ”آمريڪي لوڪ ڪهاڻين“ مان واشنگٽن ارونگ جي هڪ ڪهاڻي ”رپ وئن وئنڪل“ مونکي ڏاڍي وڻندي هئي. جنهن ۾ هڪ همراهه ”رپ وئن وئنڪل“ ويهه سال هڪ جبل جي ڪنهن چُر ۾ سمهي پوندو آهي. جاڳ ٿيڻ تي هو جڏهن جبل جي چُر مان نڪري بازار ويندو آهي ۽ سمجهندو آهي ته هو ڪالهه سُتو هو ۽ اڄ جاڳيو آهي، پر انهيءَ عرصي ۾ ڀريا ويهه سال گذري چڪا هوندا آهن ۽ آمريڪا تان برطانيا جو قبضو ختم ٿي چڪو هوندو آهي. ’واشنگٽن ارونگ‘ آمريڪي ليکڪ هو، جنهن جو هڪ مشهور ڪتاب ”الحمرا جا افسانا“ پڻ مون وڏي شوق سان پڙهيو هو. الحمرا، غرناطه ۾ مسلم دور جو عظيم يادگار آهي، جيڪو خليفي ”الحڪم“ ٺهرايو هو. ارونگ اهي افسانا ’الحمرا‘ جي مختلف حصن ۾ ويهي لکيا هئا.
ائين اسپين ۾ آخري مسلم ’رياست‘ ”غرناطه“ جي خاتمي کانپوءِ، مسلم سڀيتا جي خلاف ”شاهه فرڊيننڊ“ ۽ ”راڻي ازابيلا“ ۽ ڪئٿولڪ چرچ جي علم دشمن قدمن تي طارق علي جو ناول Shadow of Pomegranate Tree (ڏاڙهونءَ جي وڻ جي ڇانوَ ۾) به مون وڏي شوق ۽ دلچسپي سان پڙهيو ۽ دل ۾ ڪڏهن ڪڏهن اها اُڇل پيدا ٿيندي اٿم ته اهو ناول سنڌي ۾ ترجمو ڪجي. ان ناول کي ’ٽي وي ٽائمز‘ لنڊن هڪ ايپڪ جي برابر قرار ڏنو ۽ گارجين لنڊن لکيو ته، ”طارق عليءَ جو اهو ناول ان ڪري به واکاڻ لائق آهي ته هن تاريخ جي هڪ المئي کي جيئرو ڪري ڇڏيو آهي. اهو انساني قربانين ۽ ڊٺل مسلمانن جي لاءِ هڪ يادگار آهي.“
هي ناول اُن دور جو احاطو ڪري ٿو، جڏهن شاهه فرڊيننڊ ۽ راڻي ازابيلا کي غرناطه کي فتح ڪندي ”اَٺ“ سال گذري چڪا هئا ۽ ڪئٿولڪ چرچ پنهنجي مذهبي گرفت جيئن پوءِ تيئن سخت ڪندي پئي ويئي. اسپين ۾ پهرين مسلمانن ۽ پوءِ يهودين جي لاءِ اهو حڪم جاري ڪيو ويو ته، هو يا ته پنهنجو مذهب تبديل ڪري عيسائي ٿي وڃن يا ملڪ ڇڏي وڃن. نتيجي ۾ غريب غربي ته پنهنجي جان بچائڻ جي لاءِ مذهب تبديل ڪيو ۽ ٻيا وري، جن ۾ عالم ۽ هنرمند به شامل هئا، ملڪ ڇڏي هليا ويا ۽ اسپين صدين تائين مذهبي آمريت جو شڪار رهيو ۽ علم و فن کان وانجهجي ويو. اُن دور ۾ پهريون ڪم ڪتاب کي ساڙڻ جو ڪيو ويو.
طارق علي جا تمام گهڻا ڪتاب ڇپيل آهن، پر سنڌيءَ ۾ ٻن ڪتابن جو ترجمو ٿيل اٿس.هڪڙو رئوف نظاماڻي جو ترجمو ڪيل آهي جيڪو ’ٽين دنيا ۽ فوجي آمريتون‘ جي نالي سان ڇپيل آهي ۽ ٻيو ’دي لپرڊ اينڊ دي فاڪس‘ جيڪو چيتو ۽ لومڙ جي نالي سان ’شفقت قادريءَ‘ سنڌي ۾ آندو، ان جو ٻيو ڇاپو ’ڀٽو ۽ ضياء‘ جي نالي سان ڇپيو آهي، ان ڊرامي ۾ طارق علي، ذوالفقار علي ڀٽي کي چيتي ۽ جنرل ضياءُالحق کي لومڙ سان ڀيٽيو آهي.
ڪتابن سان منهنجي اها دلچسپي، جيئن پوءِ تيئن وڌڻ لڳي ۽ ان سان گڏ آئون گهر ڀاتين جي تنقيد جو نشانو به بنجڻ لڳس. هو سمجهندا هئا ته گهڻا ڪتابَ پڙهڻ سان ماڻهو چريو ٿي ڪم ڪار کان کري مَت مان نڪري ويندو آهي. هو چاچا فقير عبدالغفور الستيءَ لاءِ به ائين ئي چوندا هئا. الستي صاحب پنهنجي طبيعت ۽ ڪمن ڪارين جي حوالي سان سدائين منفرد رهيو آهي. سو گهر وارا يا ڪٽنب جا ٻيا ڀاتي مونکي چوندا هئا ته، ”صفا چاچهين بِقا تي ويو آهين.“ (اسان جي ڪٽنب ۾ چاچا الستي کي ’چاچا بقا‘ چئي سڏيو ويندو هو.)
اُنهن ڏينهن حيدرآباد امان سان گڏجي ويندو هوس ته ننڍي جيجيءَ جي گهر لطيف آباد ۾ رهڻ ٿيندو هو. انهيءَ گهر کان فرلانگ سوا پري بلڪل سامهون ئي نڪ جي سڌائيءَ ۾، سائين نجم عباسيءَ جو گهر هوندو هو. جيڪڏهن وچ ۾ مسجد نه هجي ها ته ٻيئي گهر آمهون سامهون نظر اچن ٿا. انهن ڏينهن نه مون ڪڏهن نجم عباسيءَ کي ڏٺو ۽ نه ئي وري ساڻس مليس.... پر پوءِ اڳتي هلي جڏهن ادبي دنيا ۾ اُٿي ويٺي، ميل جول وڌيو ته آئون نجم عباسيءَ سان سندس ان گهر ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا مليس. اڳتي هلي جڏهن ’سنڌي- مهاجر‘ جهيڙا ٿيا ته ٻين سنڌين وانگر نجم عباسيءَ به پنهنجو اهو گهر وڪڻي اچي قاسم آباد ۾ پناهه ورتي.

آئون حيدرآباد هوندو هوس ته امان ۽ جيجيءَ کان مونکي جيڪا به خرچي ملندي هئي، اها ۽ ٻي خرچي جيڪا مون وٽ بچت ۾ هوندي هئي، سا سڀ کڻي، فورسيٽر ۾ چڙهي، سڌو گاڏيءَ کاتو هليو ويندو هوس ۽ اُتي بوڪ اسٽالن تي وڃي ڪتاب ڏسندو هوس ۽ پوءِ ڪونه ڪو ڪتاب خريد ڪري گهر اچي پڙهندو هوس.
هڪ ڀيري ڪو ڪتاب خريد ڪري آيس ۽ اهو رات جو بستري تي ليٽي پڙهيم پي ته جيجيءَ ڌڙڪا ڏيئي بتي اُجهائي ڇڏي ۽ سُمهڻ جي لاءِ چيو ۽ آئون نه چاهيندي به رَلي منهن تي وجهي، ڪتاب سري کان رکي سمهي پيو هوس.
ڪتابن سان منهنجو اهو عشق ۽ محبت، جيئن پوءِ تيئن ويئي وڌندي. نتيجي ۾ مون وٽ ڪتاب گڏ ٿيندا ويا، پهرين گهر ۾ رکيل هڪ ننڍي ڪاٺ جي کوکي ۾ رکيم. پوءِ وڌيا ته ڀت ۾ کُتل هڪ ڪاٺ جي ڪٻٽ ۾ رکيم، جيڪو ٽن خانن وارو هو ۽ ورهاڱي کان اڳ جو ٺهيل هو. مٿس ٺهيل ڪاٺ جا گُل ۽ اُڪر ته ڀڄي پيئي هئي، پر پوءِ به ڏاڍو سٺو ٿي لڳو.
هوريان هوريان، جيئن جيئن ڪتاب وڌندا ويا، تيئن انهن کي رکڻ ۽ سنڀالڻ منهنجي لاءِ وڏو مسئلو ٿيندو پي ويو. ڪٻٽ وٺڻ يا ٺهرائڻ جي مون ۾ پُڄت نه هئي.... گهر جون دريون، کٽون ۽ ٻيون جڳهيون ڪتابن سان ڀرجڻ لڳيون. جنهنڪري اڪثر پيئي گهر وارن سان کٽ پٽ ٿيندي هئي. منهنجا ڳچ ڪتاب گم ٿي يا ڦاٽي به ويندا هئا. يا وري جيڪڏهن ڪو پڙهيل مٽ مائٽ ايندو هو ته اهو بنا پُڇا جي ڪونه ڪو ڪتاب کڻي ويندو هو. جنهن جو مونکي گهڻو ڏُک ٿيندو هو.
ڪتابَ منهنجا سدائين سٺا ساٿي رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته ڪتابن جي مطالعي مونکي شعور، سمجهه ۽ ساڃاهه عطا ڪرڻ سان گڏ مون ۾ اعتماد پيدا ڪيو. مونکي ڳالهائڻ، اُٿڻ ۽ ويهڻ سيکاريو. ڪتابن ئي مونکي زندگيءَ جي مختلف رُخن بابت سوچ ويچار سان گڏ منهنجي ذهن ۾ اُٿندڙ سوالن جي جوابن سمجهڻ ۾ مدد پئي ڪئي آهي. ڪتابن جو ساٿ نه مليم ها ته منهنجي زندگي ويران ۽ بُٺ هجي ها، آئون شايد اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون پيو هڻندو هجان ها.

آئون، تنهنجو دوست هوندس،
توسان گڏ رهندس
تو سان اختلاف ٿيندم....
توکي کلائيندس....
يا وري ڪڏهن گرمي جي اُس واري صبح جو
تنهنجي اکين ۾ ڳوڙهو بڻجي ويندس.
آئون توکي مهميز ڏيندس
سُمهڻ ۾ مددگار ٿيندس
اهڙن سپنن جي اُڻت ڪندس
جيڪي تون سدائين،
سرءُ جي ٻپهريءَ جو پاڻ وٽ رکندين.

جذبن جي گرميءَ سبب
توکي سُهائو رکندس
۽ جيستائين طوفان ٿمجي نه وڃي،
سردين جي مُند جي شامن ۾
توکي پنهنجي پناهه ۾ رکندس.

جڏهن تون پڙهي رهيو هوندين
آئون تو وٽ هوندس
بهار جي مُند جو ٻوٽو پوکيندس
جيڪو زندگيءَ سان ڀرپور هوندو

آئون ڪتاب آهيان
جيڪو تون پڙهين پيو.
(شاعر: ٽام رابرٽ شيلڊز)

ڪجهه مهينا اڳ منهنجي دوست رشيد آزاد مونکي چيو ته تون مونکي اهڙن ڏهن ڪتابن جي فهرست ٺاهي ڏي، جيڪي توکي سڀني کان وڌيڪ وڻيا هجن، گهڻي سوچ ويچار، کانپوءِ مون جن ڏهن ڪتابن جي فهرست ترتيب ڏني، اهي هن ريت آهن:
1. نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻي (Long Walk to Freedom)
2. STOLEN LIVES (ملڪه اوفڪر جي آتم ڪهاڻي)
3. منهنجي زندگي (ٽراٽسڪيءَ جي آتم ڪهاڻي)
4. ROOTS (اليڪس هيلي جو ناول)
5. دهلي (خوشونت سنگهه جو ناول)
6. نوجوانوں کا گيت (يانگ مو جو ناول)
7. ٻارن جو مسيح (اينڊ بلائٽن جو حضرت يسوع مسيح جي زندگيءَ تي لکيل سنڌي ترجمو: محمد ابراهيم جويو)
8. شهنشاهه کان شهريءَ تائين (چين جي آخري شهنشاهه ’ڦواي‘ جي آپ بيتي)
9. جانورستان (جارج آرويل جو ناول ANIMAL FARM)
10. ڪرامازوف ڀائر (دوستو فسڪيءَ جو ناول)

فهرست تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته انهن مان گهڻائي آتم ڪهاڻين ۽ تاريخي نوعيت جي ڪتابن جي آهي ۽ آتم ڪهاڻيون به اهڙن شخصن جون آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي دور جا ليجنڊ ڪردار رهيا آهن ۽ انهن جي زندگيءَ جي تجربن مان گهڻو ڪجهه پرائي سگهجي ٿو. اهڙا ڪردار منهنجي لاءِ سدائين اُتساهه جو سبب رهيا آهن.
مٿين ڪتابن مان ٻه پهريان ٻه ڪتاب ”نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻي“ ۽ ”ملڪه اوفڪر جي آتم ڪهاڻي“ مون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جن مان نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻي، پهريون ڀيرو 1999ع ۾ ’نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻيءَ‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپي ۽ ٻيو ڀيرو ’آزاديءَ جو ڊگهو سفر‘ جي نالي سان 2010ع ۾ ڇپي.
ملڪه اوفڪر جي آتم ڪهاڻي مون ”زندگيءَ جا گم ٿيل ڏينهن“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي. اُن جون لڳ ڀڳ ويهه قسطون عبرت مئگزين ۾ ڇپيون. اها اڃا اڌ تائين به نه پهتي هئي، جو ”عبرت مئگزين“ جي ايڊيٽر مرتضيٰ سيال جي رويي سبب، مون وڌيڪ قسطون مئگزين کي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيون. اڳتي هلي اها ماهوار ’هزار داستان‘ ۾ الطاف ملڪاڻيءَ قسطوار ڇپي، هاڻ جلد اها ڪتابي صورت ۾ ڇپجندي.
خشونت سنگهه جو ناول ”دهلي“، مونکي ڪراچيءَ جي هڪ پبلشر امير ابڙي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي لاءِ ڏنو. مون ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو. سئو کن صفحا ترجمو ڪري ويس، جو پوءِ اهو پبلشر ڪيترن ئي ماڻهن سان ٺڳيون ڪري ڀڄي ويو (خود منهنجي به ڪيترن ئي ڪتابن جا پئسا کائي ويو)، ۽ مون وڌيڪ ترجمو ڪرڻ ڇڏي ڏنو. البت خشونت سنگهه جي هڪ ٻي ناول ”ٽرين ٽو پاڪستان“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيم، جيڪو ماهوار ”ڪرزما ڊائجسٽ“ جي ڪنهن پرچي ۾ ڇپيو. ساڳيءَ طرح ’اليڪس هيلي‘ جي ناول “ROOTS” لاءِ به مونکي هڪ پبلشر ترجمو ڪري ڏيڻ لاءِ چيو، پر مون همت نه ٻڌي.
جارج آرويل جي ناول ANIMAL FARM جو پڻ ترجمو، مون ڪافي سال اڳ ڪيو هو ۽ هڪ پبلشر ناز سنائي ڇپڻ جي واعدي تي مون کان ورتو. پوءِ ساڻس ڪنهن ڳالهه تان اڻبڻت ٿي ته ڪتاب ته ڪونه ڇپيو، پر مسودو ئي واپس نه مليو. خبر ناهي ڪڏهن واپس ملي به يا نه؟
مناسب اهو آهي ته مٿين ڏهن ڪتابن جو مختصر تعارف/ جائزو پيش ڪريان.

1. نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻي
نيلسن منڊيلا جي هن آتم ڪهاڻيءَ تي تبصرو ڪندي مشهور اخبار ”واشنگٽن پوسٽ“ لکيو، ”هيءَ هڪ متاثر ڪندڙ ڪتاب آهي، جيڪو سسٽم جي وسعتن کي سٺي نموني بيان ٿو ڪري ۽ هڪ اهڙي مذهبي ڪتاب وانگر آهي، جيڪو جذبي جي طاقت منتقل ڪري ٿو. هيءَ (منڊيلا) ويهين صديءَ جي متاثر ڪندڙ شخصيتن مان هڪ آهي.“
نيلسن منڊيلا جي هيءَ آتم ڪهاڻي نه رڳو منهنجي پسند جي ڏهن ڪتابن مان هڪ آهي، پر مونکي خوشي ان ڳالهه جي به آهي ته اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ مون ترجمو ڪيو ۽ جڏهن ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ته تمام گهڻو وڪرو ٿيو. مونکي هڪ دوست ٻُڌايو ته پبلشر فيروز ميمڻ پهريون ڇاپو جلدي ختم ٿي وڃڻ جي ڪري، ٻيو ڇاپو مون کان لڪائي ۽ مونکي ٻُڌائڻ کانسواءِ ڇپرايو. اهو ڪتاب مون ئي خرچ ڪري فيروز ميمڻ کي ڪمپوز ڪرائي ڏنو، پر يار ڪمپوزنگ جا پئسا ته نه ڏنا، پر پوريون ڪاپيون به نه ڏنيون.
ڏکڻ آفريڪا جي اصلوڪن ڪارن (شيدين) رهاڪن جي نسلي متڀيد جي خلاف، آزاديءَ جي جدوجهد جي ڊگهي ڪهاڻي، هن ڪتاب پڙهڻ کانسواءِ اڻپوري آهي. نيلسن منڊيلا ڏکڻ آفريڪا جو نسلي قانون ختم ٿيڻ کانپوءِ پهريون مقامي صدر ٿيو ۽ پنج سال قومي حڪومت جو صدر رهڻ کانپوءِ پنهنجي صدارتي عهدي تان رٽائرڊ ٿي ويو. جيڪو عمل نيلسن منڊيلا جي عظمت جو وڏو دليل آهي، نه ته ٽين دنيا جا اڪثر اڳواڻ، هروڀرو، عزت ۽ فضيلت سان اقتدار مان هٿ ڪڍڻ جي لاءِ تيار نه هوندا آهن. هن ڪتاب ۾ نيلسن منڊيلا جي باري ۾ ’لاس اينجلس ٽائمس‘ اخبار جو اهو تبصرو بلڪل درست آهي ته، ”هڪ اڏول شخص جيڪو آزاديءَ جو ڊگهو سفر بيان ڪري ٿو. اهو گُڻ ڪن ٿورن شخصن جي آتم ڪهاڻيءَ ۾ هوندو آهي، جيڪي تاريخ جي هر صفحي تي انقلاب آڻيندا آهن.“

2. STOLEN LIVES (ملڪه اوفڪر)
هن ڪتاب جي ليکڪا ’ملڪه اوفڪر‘ جو تعلق مراڪش سان آهي. هن جو پيءُ ’جنرل محمد اوفڪر‘ مراڪش جي بربر قبيلي جو سگهارو فرد ۽ مراڪش جو وزير دفاع به رهيو. هن بادشاهه محمد پنجين جي وطن واپسي، حڪومت جون واڳون سنڀالڻ ۽ شاهه حسن جي اقتدار کي سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مراڪش جي شاهي محل جي روايتن موجب، مراڪش جي سگهارن قبيلن جي سگهارن فردن جي پهرين اولاد کي شاهي محل ۾ آڻي، سندن شاهي طريقي سان تربيت ڪئي ويندي هئي ۽ انهن کي بادشاهه جي اولاد جي حيثيت ڏني ويندي آهي. ’ملڪه اوفڪر‘ به ويهن سالن تائين شاهي محل ۾ تربيت هيٺ رهي. پوءِ هن جي پيءُ جنرل ’محمد اوفڪر‘ جا بادشاهه سان اختلاف ٿي پيا ۽ هو هڪ ناڪام بغاوت ۾ مارجي ويو. نتيجي ۾ سياسي اختلافن سبب سڄي ”اوفڪر گهراڻي“ کي ملڪه اوفڪر سميت قيد ڪري، هڪ ڏورانهين ريگستاني هنڌ تي رکيو ويو. ان قيد ۾ هوءَ ويهه سال رهي ۽ پنهنجي سڄي ڪٽنب سان گڏ طرح طرح جا ذهني ۽ جسماني عذاب سَٺائين. نيٺ ملڪه اوفڪر پنهنجي هڪ ڀيڻ ۽ ڀاءُ سميت، وڏي محنت سان کوٽيل سرنگ جي ذريعي اتان فرار ٿي وڃي ٿي ۽ پاڻ کي حڪومتي ادارن ۽ اهلڪارن کان بچائي، نيٺ مراڪش جي ساحلي شهر ’ڪاسابلانڪا‘ ۾ پهچي وڃي ٿي، جتي پوءِ سندن ٻاهرين دنيا سان رابطو ٿئي ٿو. ملڪه اوفڪر جي هيءَ آتم ڪهاڻي خوشين، مايوسين، محرومين، انتقام، ڏک، پيڙا، همت، جرئت، جدوجهد ۽ عزم جو زبردست ۽ متاثر ڪندڙ داستان آهي ۽ پڙهي نه رڳو لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا، پر ماڻهو سوچڻ تي مجبور ٿيو پوي ته ڇا وقت جي حڪمرانن کي اهو حق حاصل آهي ته هو فڪري ۽ سياسي اختلافن جي بنياد تي پنهنجن مخالفن جي ڪٽنبن جون زندگيون عذاب ۾ وجهن، پر کانئن جيئڻ جو حق به کسڻ جي ڪوشش ڪن.؟

3. منهنجي ڪهاڻي (ليون ٽراٽسڪي)
سنڌ ۾ ڪجهه ڪامريڊ دوستن ٽراٽسڪيءَ جي نالي کي گار مثل بنائي ڇڏيو هو ۽ اختلاف رکندڙ پارٽي وارن کي انقلاب دشمن ۽ ٽراٽسڪائي قرار ڏنو ويندو هو. خاص ڪري ستر ۽ اَسي وارن ڏهاڪن دوران، جڏهن سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جي وچ ۾ نظرياتي بحث مباحثو عروج تي هوندو هو. هاڻ ته اهي نظرياتي بحث ۽ مباحثا ماضيءَ جو حصو بنجي ويا آهن.
ليون ٽراٽسڪي 1917ع جي ’سوويت‘ انقلاب جي مُک اڳواڻن مان هو. کيس لينن جو جانشين سمجهيو ويندو هو. هو سرخ فوج جو باني، ڪمانڊر انچيف ۽ سوويت يونين جو پرڏيهي وزير به رهيو. هن جو نظريو ”لڳاتار انقلاب“ وارو هو. جيئن انقلاب کي ڪنهن هڪ علائقي يا ڪجهه علائقن/ ملڪن ۾ آڻڻ ۽ محدود ڪرڻ جي بدران هر هنڌ اهو برپا ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي وڃي. جيئن سامراجي قوتن کي جنگ ۾ ملوث رکي ڪمزور ڪجي ۽ جن علائقن ۾ انقلاب اچي چڪو هجي، اهو سگهارو ٿيندو وڃي. لينن جي وفات کانپوءِ، اقتدار جي ويڙهه ۾ اسٽالن سوڀارو ٿيو ۽ ٽراٽسڪيءَ کي جلاوطن ٿيڻو پيو. ان جلاوطنيءَ جي دوران هو نهايت ڏکين حالتن مان گذريو ۽ مختلف ملڪن کان ٿيندو ’ميڪسيڪو‘ پهتو. جتي 17 آگسٽ 1940ع ۾ اسٽالن کيس قتل ڪرائي ڇڏيو.
شيخ اياز، ٽراٽسڪيءَ جو وڏو مداح هو. هن ٽراٽسڪيءَ جي قتل جو عڪس پنهنجي هڪ ”هائيڪو“ ۾ هيئن چٽيو آهي:
ڌرتيءَ جو گولو
ميڪسيڪو ۾ ٽراٽسڪي
مٿو، واهولو.
ٽراٽسڪيءَ کي سندس قاتل مرسيڊر مٿي تي واهولي جا ڌڪ هڻي قتل ڪيو هو.
هيءَ آتم ڪهاڻي پهريون ڀيرو 1930ع ۾ ڇپي. ۽ اُن جو شمار دنيا جي عظيم آتم ڪهاڻين ۾ ٿئي ٿو. ڪتاب ۾ سياسي واقعن کي ڌار ڪري به هن جي ادبي حيثيت کيس هڪ قيمتي دستاويز بنائي ڇڏيو آهي. 1905ع ۽ 1917ع جي روسي انقلاب، ڪميونسٽ انٽرنيشنل ۽ اسٽالن جي مقابلي ۾ اشتراڪيت جو دفاع.... انهن سڀني عظيم واقعن جي روشنيءَ ۾ هي ڪتاب هڪ اهم دستاويز جي حيثيت اختيار ڪري وڃي ٿو.
مشهور ڪالم نگار ”منو ڀائيءَ“ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”عالمي نظرياتي تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪنهن دانشور کي سڀني کان وڌيڪ تڪراري بنايو ويو ۽ سندس ڪردار ڪشي ظلم جي آخري حد تائين ڪئي ويئي ته اهو ليون ٽراٽسڪي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن دانشور جي سچائيءَ جو اعتراف خُود عالمي تاريخ ڪري رهي آهي ته اهو به ’ليون ٽراٽسڪي‘ ئي آهي. هن جي زندگي، نظرياتي پختگي، سَهپ، جدوجهد ۽ قربانين جو هڪ ڊگهو داستان آهي.“
ٽراٽسڪيءَ جو ٻيو مشهور ڪتاب ”روسي انقلاب جي تاريخ“ آهي، جيڪو 1600 صفحن تي مشتمل آهي. سوويت انقلاب جي تاريخ اُن ڪتاب ۾ جنهن نموني بيان ڪئي ويئي آهي، تنهن جو ٻيو ڪو مثال ئي نٿو ملي. ان کانسواءِ ٽراٽسي جو اسٽالن تي لکيل ڪتاب: ”STALIN: An appraisal of the man and his influence“ به اهم ڪتاب آهي. جيڪو انگريزي ۾ 890 صفحن تي مشتمل آهي.
ٽراٽسڪيءَ جي هن آتم ڪهاڻيءَ جو اردو ترجمو ”جاويد شاهين“ ڪيو، جيڪو پاڻ به هڪ سٺو ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ مترجم ۽ نثري نظم جو سٺو شاعر هو. 2004ع ۾ جڏهن اهو ڪتاب اردوءَ ۾ ڇپيو ته ان جي مهورتي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ٽراٽسڪيءَ جو پوٽو ”والڪوف“ به پاڪستان آيو ۽ اخبارن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽراٽسڪي بحث جو موضوع بنيو.
مون اهو ڪتاب پڙهي، اُن جو ذڪر پنهنجن ٻن دوستن شمشير جنگ پليجو ۽ محي الدين ڪيڙاني سان ڪيو. جيڪي نه رڳو سُٺن ڪتابن جا پڙهندڙ آهن، پر ڪنهن وقت اسين ٽيئي ان سياسي گروپ سان لاڳاپيل هئاسين، جنهن جي نظر ۾ هُنن کانسواءِ باقي ٻيا سڀ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ انقلاب دشمن ۽ ٽراٽسڪائي آهن. هُنن ٻنهي ڄڻن به ٽراٽسڪائيءَ جي آتم ڪهاڻي خريد ڪئي، پڙهيائون ۽ متاثر ٿيا ۽ مون به کين ان ڳالهه تي سهمت ڏٺو ته، ”ٽراٽسڪي جي خلاف پروپيگنڊهه اجائي هئي ۽ ان پروپيگنڊهه کان متاثر ٿيڻ جو سبب اسٽالنزم جو غلبو هو ۽ ٽراٽسڪي بلاشڪ هڪ وڏو عالم ۽ ڏاهو انسان ٿو.“

4. ROOTS (اليڪس هيلي)
”مونکي ان ڳالهه جو پوري توقع آهي ته اسان جي وڏڙن جو هيءُ داستان اُن ازلي حقيقت کي اُڀاري سامهون آڻيندو ته تاريخ سدائين کٽڻ وارا ئي لکندا آهن.“
مٿيان لفظ ’اليڪس هيلي‘ پنهنجي ناول “ROOTS” جي پڄاڻي ڪندي لکيا آهن.
منهنجي خيال ۾ دنيا ۾ جيڪي ناول يا ڪتاب وڏي محنت ڪري ۽ ڪنهن عظيم مقصد جي خاطر لکيا ويا آهن. انهن ۾ آفريڪي نسل جي آمريڪي ليکڪ ”اليڪس هيليءَ“ جو هيءَ ناول به شامل آهي. اليڪس هيليءَ 1921ع ۾ جنم ورتو ۽ 1992ع ۾ چالاڻو ڪيائين. هن جو پهريون ڪتاب مشهور آمريڪي سياستدان ’مالڪم ايڪس‘ جي سوانح حيات هو، جيڪو پڙهندڙن گهڻو پسند ڪيو.
مالڪم ايڪس جي سوانح حيات جي ڪاميابيءَ کانپوءِ ”هيليءَ“ کي پنهنجن وڏڙن جي انهن واقعن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو خيال ٿيو، جيڪي سيني در سيني ٻُڌا ۽ ٻُڌايا ويندا هئا. هيليءَ انهن واقعن ۽ قصن کي پنهنجي ناني ۽ سندس ٻين مائٽياڻين کان ننڍي هوندي کان ئي ٻُڌندو پي آيو. اهي واقعا ۽ قصا ”اليڪس هيليءَ“ جي ناناڻن جي ستن پيڙهين تي ٻڌل آهن. ڪتاب جي شروعات هن جي هڪ بزرگ جي ڄمڻ سان ٿئي ٿي، جنهن جو نالو ”ڪنتا ڪنتي“ هو، جيڪو 1750ع ۾ آفريڪا جي هڪ ملڪ ”گيمبيا“ جي هڪ ننڍي ڳوٺ ’جوفر‘ ۾ پيدا ٿيو. ليکڪ ان ڪتاب ۾ ”ڪنتاڪنتي“ جي جنم کان وٺي پنجونجاهه سالن تائين جي زندگيءَ تي روشني وڌي آهي. تنهن کانسواءِ هن ڪتاب ۾ ’ڪنتا ڪنتي‘ جي والدين ۽ ٻين بزرگن جي رهڻي ڪهڻي، جاگرافي، سياسي ۽ معاشي حالتن جو بيان به ملي ٿو. سترهن سالن جي وهيءَ ۾ ’ڪنتا ڪنتي‘ جهنگل مان کنڀجي وڃي ٿو ۽ کيس غلام جي حيثيت سان سامونڊي جهاز ۾ زنجيرن ۾ جڪڙي آمريڪا پهچايو وڃي ٿو. انهن سڀني واقعن ۽ تڪليفن جو ڪتاب ۾ تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي.
هيلي جي هن ناول جو اهم ڪردار ’ڪنتا ڪنتي‘ هڪ ارڏو، اصولن جو پابند ۽ اعليٰ ڪردار جو مالڪ آهي. هو پيدائشي طور مسلمان هو. غلاميءَ جي زندگي گذارڻ ۽ هر قسم جون تڪليفون سهڻ جي باوجود به هن نه پنهنجا اصول ڇڏيا ۽ نه ئي وري ڪنهن جي اڳيان جهڪيو، هو سڄي عمر پنهنجي عقيدي تي قائم رهيو. چاليهن سالن جي عمر ۾ هن جي شادي هڪ شيدي عورت ’بيل‘ سان ٿي، جيڪا عقيدي جي لحاظ کان عيسائڻ هئي. بيل جي پيٽان هڪ ڌيءَ ڄائي، جنهن جو ’ڪنتا ڪنتي‘ نالو ”ڪزي“ رکيو. ڪنتا کي پنهنجي ڪُٽنبي سڃاڻپ قائم رکڻ جو ديوانگيءَ جي حد تائين جنون هو. اهوئي سبب هو، جو هو پنهنجي ڌيءَ ”ڪزي“ کي وقت بوقت آفريڪا جي مختلف شين جي نالن ۽ اُتان جي ريتن رسمن جي باري ۾ ٻُڌائيندو رهندو هو. هن ”ڪزيءَ“ کي پنهنجي اغوا جي واقعي کان به واقف ڪري ڇڏيو هو. اهي ئي واقعا جيڪي پوءِ ’اليڪس هيليءَ‘ تائين پهتا. ’ڪنتا ڪنتي‘ ۽ زالهنس جي اها خواهش هئي ته هو پنهنجيءَ ڌيءَ کان ڌار نه ٿين، پر حالتن ڪجهه اهڙو ته ڦيرو کاڌو، جو ”ڪزي“ سورهن سالن جي وهيءَ ۾ وڪجي ويئي. ائين ’ڪنتا ڪنتي‘ جو نسل سندس ڌيءَ جي ذريعي اڳيان وڌيو.
اليڪس هيليءَ کي انهن واقعن جي سچائيءَ تي ڪوبه شڪ نه هو. پوءِ به هن فقط تحقيق جي غرض سان ٻارهن سالن تائين مختلف لئبررين جي دستاويزن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ته جيئن انهن واقعن جي تصديق ڪري سگهجي ۽ شڪ جي تر جيتري به گنجائش نه رهي. هن ٽن کنڊن جي پنجاهه کان به وڌيڪ لئبررين ۽ عجائب گهرن جي رڪارڊ رومن ۽ محفوظ دستاويزن يعني آدم شماريءَ جي فهرستن کان وٺي، آفريڪا ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ارڙهين صديءَ ۾ هلندڙ غلام بردار جهازن جو به رڪارڊ هٿ ڪيو.
ڪڏهن ڪڏهن ته هو پاڻ به ناول جو ڪردار بنجي، پنهنجي ڪردارن جي ڪيفيت ۽ تڪليف جي نوعيت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو. جيئن هو لکي ٿو:
”جڏهن ڪنتا ڪنتي ۽ ٻين قيدين کي غلام بردار جهازن ۾ نيڻ جو داستان لکڻ جو وقت آيو ته مون آفريڪا پهچي هڪ مال بردار جهاز ”آفريڪا اسٽار“ تي سفر ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ۽ پوءِ جهاز جي هيٺينءَ حصي ۾ سامان سان گڏ فقط ڪڇو (انڊويئر) پائي ڏهه ڏينهن تڪليف واريون راتيون گذاريون، جيئن اونداهي، بدبوءَ ۽ لوڏن کائيندڙ جهازن جي رڳڙ جو مزو چَکي سگهان. جيتوڻيڪ اهو تڪليف وارو تجربو، منهنجي وڏڙن جي انهن تڪليفن جي ڏهوڻي پتيءَ جيترو به نه هو. ان هوندي به سامونڊي جهاز تي سفر ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته پنهنجي وڏڙن جي سفر جون حالتون لکڻ وقت حق ادا ئي ٿي سگهي.“
اليڪس هيليءَ جيان، سنڌ ۾ به شيدي نسل جي هڪ ليکڪ، مرحوم محمد صديق مسافر، سنڌ ۾ شيدين جي غلامي ۽ سندن حالت زار بابت وڏي محنت ڪري هڪ ڪتاب لکيو، ”غلامي ۽ آزاديءَ جا عبرتناڪ نظارا،“ جنهن ۾ هن يورپ ۽ آمريڪا ۾ شيدي ۽ غلامن جي واپار ۽ انهن جي غلامي ۽ آزاديءَ بابت احوال ڏنو آهي ۽ ان سان گڏ سنڌ ۾ شيدين جي آمد ۽ انهن جي حالت زار بابت ڏاڍي متاثر ڪندڙ نموني، گهڻو ڪجهه لکيو اٿس. محمد صديق مسافر سڄي ايشيا کنڊ ۽ سنڌ ۾ شيدي غلامن جي آمد ۽ وڪري جي سلسلي ۾ لکي ٿو:
”ساري ايشيا کنڊ ۾ شيدين جو جيڪو وڪرو هلندو هو، سو سڀ عرب سوداگرن جي هٿان. سنڌ ۾ جيڪي به شيدي وڪجي آيا، سي عربن ۽ پٺاڻن آندا.“
محمد صديق مسافر، جنهن کي پاڻ سنڌ جو ’اليڪس هيلي‘ چئون ته وڌاءَ نه ٿيندو، تنهن هن ڪتاب ۾ سنڌ ۾ نه رڳو شيدين جي حالت تفصيل سان بيان ڪئي آهي، پر انهن جي سڌاري لاءِ پڻ پنهنجي برادري ۽ سرنديءَ وارن کي دردمندانه اپيلون ڪيون آهن. مسافر هن ڪتاب ۾ جيڪي ڳالهيون لکيون آهن، اهي هن پنهنجي والد ۽ سندس ساٿين کان ٻُڌل ساروڻين جي آڌار تي لکيون آهن. محمد صديق مسافر جو والد ننڍپڻ ۾ ڇهن ستن سالن جي عمر ۾ زنجبار (هاڻ اهو علائقو تنزانيا ۾ شامل آهي) جي بدنام غلامن جي منڊيءَ ۾ وڪامجي مسقط پهتو، جتي کيس هڪ عرب خريد ڪيو ۽ پوءِ کيس بلاول جي نالي سان سنڌ موڪليائين. ننڍڙو بلاول وڪامجندو ٺٽي پهتو. جتي ’غلام علي سنگتراش‘ کيس خريد ڪيو.
’ڪليات مسافر‘ ۾ پنهنجي پيءَ جي ڪهاڻي لکندي، مسافر لکيو آهي ته هڪڙي ڏينهن غلام علي سنگتراش مڇي وٺي رڌڻ جي لاءِ پنهنجي گهر موڪلي، هن جي گهر واريءَ بلاول کي چيو ته هو ڀر واري واهه تي وڃي مڇيءَ کي ڇلي کڻي اچي. جنهن مهل بلاول واهه جي ڪپ تي ويهي مڇيءَ کي ڇليو پي ته سندس ننڍڙن هٿن مان مڇي کسڪي پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويئي. ماني کائڻ مهل جڏهن سنگتراشي مڇي نه ڏٺي ته زال تي مڇرجي پيو. جڏهن گهر واريءَ بلاول جي هٿان مڇيءَ جي واهه ۾ کسڪڻ جي ڳالهه ٻڌايس ته غلام علي ڪاوڙ جي بلاول کي چڱي مار ڪڍي ۽ پوءِ کيس وارن مان جلهي، گهليندو بازار ڏانهن پنڌ پيو. واٽ تي هن کي ’سيد مخدوم حر علي‘ نالي هڪ شخص مليو، جنهن غلام عليءَ کي ٻارڙي کي ائين ڪُٽڻ جو سبب پُڇيو. جڏهن کيس چيو ته هو ٻار کي وڪڻڻ جي لاءِ وٺي پيو وڃي ته هن بلاول کي خريد ڪري ورتو. بلاول جو نئون نالو ’گلاب خان‘ رکيو ويو ۽ هن ڏاڍي ايمانداري ۽ سگهڙائپ سان ان گهر جي چاڪري ڪندي، گهراڻي ۾ پلجي نپجي وڏو ٿيو. غلاميءَ جي خاتمي تي آزاد ٿي هڪڙي شيدياڻي مائيءَ سان شادي ڪيائين. جنهن مان کيس محمد صديق مسافر پيدا ٿيو.
محمد صديق مسافرهن ڪتاب ۾ غلامن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون انهن جي زباني بيان ڪيون آهن. هڪڙي غلام پنهنجي حالت هن طرح ڄاڻائي آهي:
”جنهن عرب جهاز اسان کي ڄنگ بار (زنجبار) جي غلام منڊيءَ مان آندو سو مسقط جي بندرگاهه تي بيٺو. رستي ۾ جيڪي غلام شديد اَگها ٿي پيا هئا، تن کي اُن حالت ۾ سمنڊ ۾ اڇلايو ويو، اسان بچي ويلن کي هڪڙي وڏي ڪوٽ ۾ آندو ويو، جتي هڪڙي داٻي وارو عرب واپاري، ريشمي وهاڻن ۽ گاديلن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺل هو. سندس حُڪم تي اسان سڀني کي هڪڙي قطار ۾ بيهاريو ويو ۽ اسان جي طبي چڪاس ڪئي ويئي. اسان منجهه جيڪي ٿلها ٿنڀرا هئا، تن کي ڌار ڪري هڪڙي ٻئي اڱڻ ۾ وٺي ويا، جتي سندن هٿ ۽ پير ٻڌي، هڪڙي قطار ۾ اوڪڙو ويهاريو ويو ۽ پوءِ ڪجهه جلاهه جهڙا نوڪر آيا. جن جي هٿن ۾ لوهه جون ڳريون ۽ تيز ڌار واريون ڀالي جهڙيون شيّون هيون. پوءِ واري واري سان هنن اهي شيخون غلامن جي مٿن ۾ اهڙي ته سگهه سان هنيون، جو اهي بدن جي آرپار ٿي ويون ۽ غلام انهن شيخن ۾ ڪباب جيان چنبڙي ويا.
اڱڻ جي هڪڙي ڪُنڊ ۾ وڏيون ڪڙهايون باهه تي چڙهيل پاڻي يا تيل سان ٽهڪيون پي. غلامن کي انهن ٽهڪندڙ ڪڙاهين تي ڪبابن جيان ٽنگيو ويو. جن جي جسمن منجهان چرٻي پگهرجي انهن ڪڙهاين ۾ ڪرڻ لڳي. اُن انساني چرٻيءَ مان عرب واپاري شهوتي سگهه لاءِ هڪڙي موميا يا ڪشتو ٺاهيندا هئا، جيڪي سونَ جي اگهه ۾ وڪامندو هو، جنهن مان اُهي وڏو نفعو ڪمائيندا هئا ۽ اُنهن اڀاڳن غلامن جو بچيل گوشت پوءِ ٻين غلام قيدين کي کارائيندا هئا. ائين انساني گوشت ۽ ڪجهه کجور ۽ پاڻي، اسان جي خوراڪ هئي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو، جو ڪو رحمدل محافظ ڪنهن خاص صورت ۾ غلام کي بيمار ڄاڻائي، کيس موت جي مُنهن مان ڪڍي وٺندو هو. پر اُن کان هڪدم پوءِ اُهي جيئري بچندڙ غلام کي وهنجاري، سهنجاري، سُٺا ڪپڙا ۽ خوشبودار تيل مهٽي کيس غلام منڊيءَ ۾ وڃي وڪڻندا هئا.“

5. دهلي (خشونت سنگهه)
”آئون دهليءَ ڏانهن ائين ٿو واپس وران، جيئن پنهنجي آشنا ڀاڳ متيءَ ڏانهن ويندو آهيان. دهلي ۽ ڀاڳ متيءَ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪجهڙيون آهن. هنن ٻنهي هڪ ڊگهي عرصي تائين ڄٽ ۽ جاهل ماڻهن جي هٿان استعمال ٿيڻ سبب پنهنجي دلفريب حسناڪين کي مڪروهه بدصورتين جي هيٺان لڪائڻ جو ڍنگ سکي ورتو آهي. اِهي ته سندس اُهي پرستار ئي آهن، جن جي سامهون هو پاڻ کي پنهنجي اصل شڪل ۾ ظاهر ڪن ٿيون. جن ۾ آئون به شامل آهيان. هڪ اوپري شخص کي دهلي مصروف بازارين، سوڙهين ۽ اونداهن گهرن جو ميڙ نظر ايندو. اهو ميڙ ڪجهه قديم ۽ ٽٽل ڦٽل قلعن ۽ مئل درياهه سان گڏ آباد مسجدن جي آسپاس پکڙيل آهي. جيڪڏهن سوڙهين ۽ ور وڪڙ ڏيندڙ گهٽين ۾ وڃجي ته اُتي جي سهپ کان ٻاهر ڌپ، اوهان جي حالت اُلٽي ڪرڻ جهڙي ٿيندي. دهليءَ جا شهري ڪنهن به شئي جي پرواهه نٿا ڪن. هو هر هنڌ کانگهارا ڪڍندا، ٿُڪون اڇليندا ۽ پان جون پچڪارون هڻندا آهن. هو هر اُن هنڌ تي پيشاب ۽ ڪاڪوس ڪندا آهن، جتي مٿن اها خواهش غلبو پائي وٺندي آهي. هو وڏي سڏ ڳالهائيندا ۽ ڳالهائڻ مهل پنهنجا لڪل عضوا کنهندا رهندا آهن.“
مٿيان، ’دهلي‘ ناول جا شروعاتي جملا آهن. جن ۾ خشونت سنگهه ’دهلي‘ شهر سان پنهنجي وابستگي ۽ ان جي ڊگهي تاريخ جي المين کي بيان ڪري ڇڏيو آهي.
خشونت سنگهه کي هن ناول لکڻ ۾ ويهه سال لڳا ۽ انهن ويهن سالن ۾ هن دهليءَ جي باري ۾ جيڪا جستجو ڪئي، ان جي نتيجي ۾ هن ’شاهڪار‘ ناول جنم ورتو.
خشونت سنگهه لاهور ۾ جنم ورتو. ورهاڱي جي ڪري هندستان هليو ويو. مختلف ڌنڌن ۽ نوڪرين ڪرڻ کان پوءِ مستقل طور تي لکڻ، پڙهڻ ۽ صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين. هن پنهنجي اظهار جو ذريعو انگريزي زبان کي بنايو. سندس پهريون ناول ”ٽرين ٽو پاڪستان“ آهي، تنهن کانپوءِ هن ٻيا به ڪيترائي ناول، ڪهاڻيون، ڪالم لکيا. تحقيق ڪم ڪيو ۽ پنهنجي مشهور آتم ڪهاڻي پڻ لکي.
شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ لکي ٿو:
”مونکي خبر نه هئي ته سک ليکڪ خشونت سنگهه، جو ’دهلي‘ ناول ۽ ٻين ڪتابن جو مصنف آهي، ڪجهه سال پوءِ ايتري ذهانت سان لکندو. جڏهن، هن سان فيض احمد فيض منهنجي اسلام آباد جي ’انٽر ڪانٽينٽل هوٽل‘ ۾ ملاقات ڪرائي هئي، تڏهن هو انهيءَ سک وانگر ٿي لڳو، جو عموماً طنز ۽ مزاح جو هدف هوندو آهي. فيض احمد فيض هن کي چيو، ”پاڪستان جي وڏي شاعر سان مل! هن جو پنجابيءَ ۾ منظوم ترجمو ٿي چڪو آهي. هو پاڻ، سنڌيءَ ۾، شاهه لطيف کان پوءِ وڏي ۾ وڏو شاعر آهي.“
اُن تي خشونت سنگهه مونکي چيو، ”تو اردوءَ ۾ ڇو نٿو لکين؟ سنڌيءَ ۾ ڇو ٿو لکين؟“ اُن تي منهنجي دل ۾ آيو ته وسڪيءَ جو اڌ رهيل گلاس سکَ جي ڏاڙهيءَ تي اُڇلايان ته گرو هن جي گرنٿ جهڙي منهن تي کلن! هن اهو نه ٿي ڄاتو ته شاهه لطيف جهڙو شاعر ورلي پيدا ٿيو آهي ۽ هن جو رسالو ڪنهن به گرنٿ کان گهٽ نه آهي.“
”دهليءَ“ جي ڪهاڻي مختلف دورن کان ٿيندي، 1984ع ۾ اندرا گانڌيءَ جي سندس سک محافظن جي هٿان قتل ۽ دهليءَ ۾ سکن جي قتل عام تي پوري ٿئي ٿي! اُن وچ ۾ دهليءَ جو سڄو ماضي ’خشونت سنگهه‘ ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ بيان ڪندو ٿو اچي، جنهن ۾ هڪ ڪردار ته خود ليکڪ جو به آهي، ٻيو ڀاڳ متيءَجو، جيڪو ٽين جنس آهي. ناول ۾ تاريخ ۽ فڪشن ٻيئي گڏ وچڙ ٿي ويا آهن.
آئون فيبروري 2011ع ۾ جڏهن دهلي ويو هوس ته دهليءَ ۾ مختلف مزارون ۽ تاريخي هنڌ ڏسندي، مون تي ڄڻ دهليءَ جو نشو طاري ٿي ويو ۽ ان نشي جي پويان ناول ”دهليءَ“ جو ئي هٿ هو.

6. نوجوانوں کا گيت (يانگ مو)
محترم نجم عباسيءَ، پنهنجي ڪتاب ”ڪهاڻيءَ جو قافلو“ ۾ لکي ٿو:
”....جڏهن ڳالهائيندڙ ڄاڻ سُڃاڻ ڪرائيندي چيو ته هيءَ يانگ مو (Yang Mo) آهي ته عزت ۽ عقيدت منديءَ کان منهنجون اکيون آليون ٿي ويون.... کوڙ سال اڳ تاج بلوچ مونکي هڪ چيني ناول Song of Youth پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. هي چيني قومي ۽ طبقاتي تحريڪ جو انقلابي ناول آهي. منهنجي ذهن ۾ اهو ايترو ته ڄمي ويو هو، جو اُن کي وڌيڪ کان وڌيڪ سمجهڻ لاءِ ٽي ڀيرا پڙهي چڪو هوس. ان جي لکندڙ جو نالو هو يانگ مو....
....ڀٽي جي دور ۾ چيني ساهتڪارن جو وڏو ٽولو هتي آيو هو. ’مهراڻ آرٽس ڪائونسل‘ حيدرآباد ۾ هنن کي آجياڻو ڏنو ويو هو. مان به ڪوٺ تي ويو هوس. ان چيني ٽولي جي اڳواڻ جي سُڃاڻپ ڪرائيندي جڏهن رسول بخش پليجي چيو ته ”هيءَ جڳ مشهور ناول Song of Youth جي ليکڪا آهي“ ته حيرت ۽ خوشيءَ کان منهنجون نظرون هن ۾ کُپي ويون. حيرت ان ڪري به لڳم جو نالي مان مون سمجهيو هو ته ”يانگ مو“ مرد هوندو. پر هيءَ عورت هئي. منهنجي ڪاٿي موجب هن جي عمر ستر کان سَرس هئي. پنهنجي تقرير ۾ پليجي هن جي ناول جي وڏي واکاڻ ڪئي.
پوءِ جڏهن اُن وقت جو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري تقرير ڪرڻ آيو ته هن اعلان ڪيو ته ’يانگ مو‘ جي ناول ’نوجوانن جو گيت‘ جو بورڊ طرفان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايو ويندو. اُن تي ميڙ ۾ ويٺل ساهتڪارن ۽ ٻين ڏاڍيون تاڙيون وڄايون. پر انهيءَ وقت ئي ويٺي ويٺي ويچاريون هوم ته سرڪاري يا نيم سرڪاري ادارن جي ذميوار آفيسرن جي جذباتي ۽ غير ذميدارانه اعلانن جو توڙ ڇا ٿيندو آهي.“
(ڪهاڻيءَ جو قافلو: نجم عباسي، ص. 46-47)
سنڌيءَ ۾ انهيءَ ناول جو نوي واري ڏهاڪي ۾ ڪنهن دوست انتهائي بيڪار ۽ ڪٽيل سَٽيل ترجمو ڪيو جيڪو ڪتابي صورت ۾ به ڇپيو. پر اهو سنڌي پڙهندڙن وٽ ايتري پذيرائي حاصل ڪري نه سگهيو.
يانگ مو، پنهنجو هيءُ ناول 1930ع واري ڏهاڪي ۾ بيجنگ جي شاگردن جي محب وطن تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيو. جڏهن 1931ع ڌاري جاپانين اُترينءَ چين تي قبضو ڪيو هو ۽ 1935ع ۾ جاپان جي قبضي جي خلاف مزاحمتي جنگ شروع ٿي ويئي هئي ۽ هيءُ ناول ان ئي دور جي ڪهاڻي آهي. جنهن جو پسمنظر بيان ڪندي ”يانگ مو“ لکي ٿي:
”جن سالن جي هيءَ ڪهاڻي آهي، انهن ڏينهن آئون خود هڪ شاگردياڻي هيس، پر تعليم جاري رکي نه سگهيس ۽ گذر سفر جي ڳولا ۾ به ناڪام رهيس. اهو منهنجو ذاتي تجربو آهي ته انهن ڏينهن چين جا دانشور سخت تڪليفن کي مُنهن ڏيئي رهيا هئا ۽ نوجوانن لاءِ ان کانسواءِ ٻي ڪا واهه ئي نه هئي ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ساٿ ڏين ۽ انقلاب ۾ شريڪ ٿين. اهائي ڳالهه ذهن ۾ رکي مون ”لين تائوچنگ“ جو ڪردار تخليق ڪيو. هيءَ ڪهاڻي پراڻي سماج جي خلاف هڪ نوجوان دانشور جي احتجاج جو آواز آهي.“
ناول جي ليکڪا، يانگ مو، 1915ع ۾ بيجنگ ۾ پيدا ٿي. مڊل پاس ڪرڻ کانپوءِ، پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي به ٿي رهي. ۽ بيجنگ يونيورسٽيءَ مان ’آف ڪئمپس شاگردياڻي‘ جي حيثيت سان تعليم حاصل ڪيائين. جاپان جي خلاف مزاحمتي جنگ شروع ٿي ته اُن ۾ حصو ورتائين. هوءَ ڪيترين ئي اخبارن جي ايڊيٽر ۽ ڪيترن ئي سرڪاري عهدن تي به رهي. هن 1934ع ۾ لکڻ شروع ڪيو. ”نوجوانن جو گيت“ سندس پهريون ناول هو، جيڪو 1958ع ۾ ڇپيو.

7. ٻارن جو مسيح (اينڊ بلائٽن)
ڪجهه سال اڳ جڏهن 13 آگسٽ تي، سائين محمد ابراهيم جويي سان سندس سالگرا واري ڏينهن، سندس گهر وڃي مليو هوس ته مون کيس ٻڌايو هو ته مون تي جن ڪتابن وڏو اثر ڪيو، انهن ۾ اوهان جو ”اينڊ بلائٽن“ جو ٻارن لاءِ حضرت مسيح عليھ السلام جي زندگيءَ تي لکيل ڪتاب جو ترجمو ”ٻارن جو مسيح“ به شامل آهي. جواب ۾ پاڻ چيائين، ”تون اهو پهريون ماڻهو آهين، جيڪو اُن ڪتاب جو حوالو پيو ڏينءَ ته اُن مون تي اثر ڪيو.... نه ته اڪثر دوست ايندا آهن ۽ اهي منهنجي مختلف ڪتابن جا حوالا ڏيندا آهن. تون ان تي لک ته ”ٻارن جي مسيح“ توتي ڪيئن اثر ڪيو.“
اهائي ساڳي ڳالهه ٻي سال 2005ع ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ حيدرآباد ۾ جويي صاحب جي ملهايل سالگرا جي تقريب ۾ مون پنهنجي تقرير ۾ به ڪئي.
جيتوڻيڪ آئون جويي صاحب جي خواهش موجب ڪجهه لکي نه سگهيس. پر اڄ جڏهن پنهنجي پسند جي ڏهن ڪتابن بابت لکڻ ويٺو آهيان ته اها ڳالهه لکڻ مناسب سمجهيم.
”ٻارن جو مسيح“ اينڊ بلائٽن جي ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب Children Life of Chirst جو ترجمو آهي. جيڪو لکيو ئي ٻارن لاءِ ويو آهي. حضرت مسيح عليھ السلام، جيڪو ٻارن سان بي حد محبت ڪندو هو، جنهن جا هن ڪتاب ۾ ڪيترائي مثال موجود آهن.
”جيئن هڪڙي ڀيري، مسيح جي ساٿين ۾ بحث اچي نڪتو ته منجهن وڏو ڪير آهي. هُنن پوءِ مسيح کان پڇيو، ”سائين! آسماني بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟“ مسيح هڪڙي ننڍڙي ٻار کي پاڻ وٽ سڏي انهن جي وچ ۾ کڻي بيهاريو ۽ چيائين، ”آئون اوهان کي سچ ٿو چوان ]هي پياري مسيح جو تڪيو ڪلام هو[ ته جيسين اوهين ڦري ننڍڙن ٻارن جهڙا نه ٿيندا، تيسين ڪنهن به طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندا، تنهنڪري ]اوهان مان[ جيڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر ننڍو ڪري سمجهندو، اهوئي آسماني بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ليکيو ويندو.“
خود حضرت مسيح جو جنم هڪ وهائي تاري مثل هو. جنهن اونداهي دنيا ۾ اچي سوجهرو ڪيو. هو هڪ اهڙي ٻالڪ مثل هو، جيڪو ”خدا جي بادشاهت جي ڪُنجي هو“. جيئن ترجمي جي مهاڳ ۾ محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
”حضرت مسيح جو جنم هر انساني ٻار جي علامت آهي. خاص ڪري مظلوم ۽ محڪوم قوم جي ٻار جي جنم جي. ۽ ان جي به هر پورهيت ۽ مسڪين گهر جي ٻار جي. جنهن ۾ هُن جي مائٽن، هُن جي طبقي جي سڀني ماڻهن، ۽ هن جي سڄي قوم، بلڪه سڄي انساني برادريءَ جون اميدون ٿين ٿيون. يا ٿي سگهن ٿيون ته هو سندن ڇوٽڪاري ۽ خوشحاليءَ جو سبب بڻبو ۽ ان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهندو.“
هتي مونکي هڪ انگريز شاعر جو شعر ياد ٿو اچي:
Lives of Great men all remind us
We can make our Lives sublime,
And departing leave behind us,
Foot prints on the sands of time.
]مها پُرشن جا جيون اسان کي يادگيري ٿا ڏيارين ته اسين پنهنجي حياتي شاندار بنايون ۽ جڏهن هن دنيا مان لڏي وڃون، تڏهن وقت جي واريءَ تي پنهنجا نشان ڇڏي وڃون.[
مٿيون شعر حضرت مسيح جي زندگيءَ تي به ٺهڪي ٿو اچي ته ”ٻارن جي مسيح“ جي مترجم محمد ابراهيم جويي تي به.

8. شهنشاهه کان شهريءَ تائين
ڪٿي پڙهيو هئم ته دنيا جي گولي تي فقط ٻه بادشاهه ئي وڃي رهندا، هڪڙو برطانيا جو بادشاهه (يا راڻي) ۽ ٻيو تاش جي پتن وارو بادشاهه. برطانيا جو بادشاهه ان ڪري ته انگريز روايت پرست قوم آهي، جيڪا روايتي انداز ۾ بادشاهت کي برقرار رکندي اچي ۽ تاش جي بادشاهه کي ته نڪا لهر ۽ نه وري ڪو لوڏو.
ماضيءَ ۾ ڌرتيءَ جي گولي تي ڪيتريون ئي بادشاهتون ۽ شهنشاهيون قائم هيون، اڄ انهن جا فقط نالا ۽ ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۾ محفوظ آهن. انهن مان ڪن بادشاهن پنهنجون آتم ڪهاڻيون/ تزڪ به لکيون، جن مان نه رڳو سندن، پر سندن بادشاهتن جي باري ۾ به ڪافي معلومات ملي ٿي.
”شهنشاهه کان شهريءَ تائين“ اسان جي پاڙيسري ملڪ چين جي آخري شهنشاهه ڦواي (PU-Y1) جي آتم ڪهاڻي آهي. عام طور تي غريبيءَ کان اميريءَ تائين جو سفر پيو ٻُڌبو آهي، پر هن همراهه جي ڪهاڻي اميريءَ کان غريبيءَ جي سفر آهي. جنهن کي ڪيترائي ماڻهو ’اونداهيءَ کان روشنيءَ جو سفر‘ به سڏين ٿا. ڦو اي، چين تي حڪمراني ڪندڙ ”چنگ“ گهراڻي جو آخري بادشاهه هو. جيڪو چين جي بادشاهه ”ڪئانگ شيو“ جي چالاڻي کانپوءِ 1908ع ۾ ٽن سالن جي وهيءَ ۾ تخت تي ويٺو. ٽن سالن کان پوءِ 1911ع ۾ انقلاب آيو ۽ چين ۾ رعيتي راڄ قائم ٿيو. بادشاهه تخت تان دستبردار ٿيو ۽ ’ڊاڪٽر سن يات سين‘ رعيتي راڄ جو صدر مقرر ٿيو. پر هو 1924ع تائين پنهنجي گهراڻي جي اصلي شاهي محلات يعني ”محل ممنوع“ اندر رهندو آيو. اُن وچ ۾ کيس هڪ ڀيرو بادشاهه بنائڻ جي ڪوشش ٿي ۽ ٻارهن ڏينهن تائين سندس نئين بادشاهي هلي. ان کانپوءِ وري انقلاب سبب نه رڳو تخت تان لهڻو پيس، پر 1924ع ۾ محلات مان به تڙي ڪڍيائونس، جتان پهرين هو پنهنجي پيءُ جي گهر آيو، پوءِ ڀڄي وڃي جاپاني سفارتخاني ۾ پناهه ورتائين. 1931ع ۾ جاپانين، چين جي علائقي ”منچوريا“ تي قبضو ڪيو ۽ 1932ع ۾ کيس ’منچوريا‘ جو ڪٺ پتلي بادشاهه بنايو ويو ]جاپاني ’منچوريا‘ کي مانچوڪو چوندا هئا[ 1932ع کان 1945ع تائين هو ’منچوريا‘ جو ڪٺ پتلي بادشاهه رهيو. پر ٻي مهاڀاري جنگ ۾ جاپان جي شڪست کانپوءِ، نه رڳو ’ڦو اي‘ جي ڪٺ پتلي بادشاهي پوري ٿي، پر کيس جنگي ڏوهاريءَ جي حيثيت سان گرفتار ڪيو ويو. هاڻ هو روسين جو قيدي بنجي ويو. پنجن سالن کان پوءِ چين تي ڪميونسٽ پارٽي ۽ مائوزي تنگ جي حڪومت قائم ٿي ته هن کي به ٻين جنگي قيدين سان گڏ چين موڪليو ويو. هن کي پڪ هئي ته چين پهچڻ کانپوءِ کيس ماريو ويندو. پر ائين نه ٿيو. هن کي جيل ۾ رکيو ويو ۽ کيس پاڻ سُڌارڻ جي پروگرام تحت، تبديل ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو. هن اُتي ڏهه سال وڌيڪ قيديءَ جي حيثيت سان گذاريا. اُن وقت چين ۾ اها ڳالهه عام طور تي ٻُڌڻ ۾ ايندي هئي ته (جڏهن شهنشاهه ڦو اي جيل ۾ هو) ڪڏهن ڪڏهن مائوزي تنگ چرچي ۾ چوندو هو، ”مون کانپوءِ منهنجي تخت جو وارث ’ڦو اي‘ ٿيندو.“
جيل مان نڪرڻ کانپوءِ کيس عام زندگي گذارڻ جي موڪل ڏني وئي. ۽ حڪومت پاران کيس مالهيءَ جي نوڪري ڏني ويئي ته ويٺو گلن کي پاڻي ڏي. اهڙيءَ طرح چين کي سهڻو بنائڻ ۽ ڪجهه سندس به خذمت ڳڻي ويندي. پاڻ ڏيڍ سال تائين اها نوڪري ڪيائين، تنهن کانپوءِ کيس پنهنجي سرگذشت لکڻ جو ڪم ڏنو ويو.
جڏهن 1959ع ۾ کيس عام معافي ڏيئي جيل مان ڪڍيو ويوته سندس چواڻي ’هو پاڻ ۾ تبديلي محسوس ڪرڻ لڳو ۽ هڪ نئين ماڻهوءَ جي روپ ۾ بدلجي چڪو هو.‘ سندس زندگيءَ جا اهي آخري سال هئا، جن ۾ هن صحيح طرح هڪ نارمل زندگيءَ جو مزو ماڻيو، نه ته ان کان اڳ هن آزاديءَ بابت ڪڏهن سوچيو به نه هو. هاڻ هو عام ماڻهن وانگر ڪم ڪار ڪندي ۽ گهٽين ۾ سائيڪل هلائيندي نظر اچڻ لڳو. پنجاهه سال اڳ هو چين جي شهنشاهيت جو ڌڻي هو. هزارين ڪمرن واري محل ۾ رهندو هو. جنهن ۾ هزارين مرد، زالون ۽ کدڙا خذمتگار هوندا هئا. هاڻ هو هڪ سادڙي گهر ۾ رهڻ لڳو. سستين ۽ عام هوٽلن ۾ چانهه ۽ ڊبل روٽي پُسائي کائڻ لڳو ۽ سرڪاري بسين ۾ عام ماڻهن جيان ٽڪيٽ وٺي سفر ڪرڻ لڳو.
اهڙي ئي هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
”مون جڏهن پهريون ڀيرو بس ۾ سفر ڪيو ته پنهنجي ماسات کي صفا ڊيڄاري ڇڏيم. آئون قطار ۾ بيٺو بس جو اوسيئڙو ڪري رهيو هوس. مون ڏٺو ته ٻيا ماڻهو پوڙهن ۽ ٻارن کي بس ۾ پهرين چڙهڻ جي لاءِ جاءِ ڏيڻ خاطر هڪ پاسي هٽي ٿي ويا ۽ هڪ عورت جيڪا منهنجي پويان بيٺي هئي، مون تنهن کي پهرين بس ۾ چڙهڻ جو موقعو ڏيڻ خاطر هٽي پويان ٿيس، مونکي ڪهڙي خبر ته اها بس جي ڪنڊيڪٽر هئي. هن جڏهن ڏٺو ته آئون بس ۾ نه پيو چڙهان ته هوءَ چڙهي ويئي ۽ بس جو دروازو بند ٿيو ۽ بس رواني ٿي ويئي. ٿوري دير کانپوءِ منهنجو ماسات ٻي بس اسٽاپ تان بس مان لهي ڊوڙندو آيو ۽ اسان پري کان هڪ ٻي کي ڏسي کلڻ شروع ڪيو.“
اهڙي ئي هڪ ٻي واقعي جو ذڪر ڪندي ’ڦو اي‘ لکي ٿو:
”آئون جڏهن پهريون ڀيرو حجام جي دوڪان تي چڙهيس. پر سچ اهو آهي ته اهو ٻيو ڀيرو هو، جو آئون حجام جي دوڪان تي ويو هوس، ڇو ته پهريون ڀيرو آئون ٽيهه سال اڳ ”ٿيئن چن“ ۾ هڪ ڀيرو ”چوانگ يون ان ڪمپني“ وارن وٽ وار لهرائڻ ويو هوس. پر هن ڀيري مون سان جيڪو واقعو پيش آيو، اهو پهريون واقعو هو. آئون ڪرسيءَ تي ويٺس ته منهنجي نظر هڪ عجيب ۽ غريب شئي تي پيئي. ان جهڙي شئي مون اڳ ”هاربن“ جي هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ڏٺي هئي. مون حجام کان پڇيو ته ”هيءَ جيڪا منهنجي ڀر ۾ شئي پيئي آهي ۽ ’زون زون‘ جا آواز پيئي ڪڍي اها ڇا آهي؟“ هُنَ ٻُڌايو ته اها وارن کي سُڪائڻ جي مشين آهي. مون پڇيس ته ”تون پهرين وارن کي سڪائيندو آهين يا ڪٽيندو آهين؟“ منهنجي ان سوال تي هو حيران ٿي ويو ۽ پڇيائين، ”ڇا تو اڳ ۾ ڪڏهن وار نه لهرايا آهن؟“ سندس خيال هو ته آئون ساڻس چرچا پيو ڪريان. جڏهن ڳالهه کيس سمجهه ۾ آئي ته اسين ٻيئي ڏاڍو کلياسين ۽ مون جڏهن وارن کي سُڪائڻ واري مشين جي ’زون زون‘ جو آواز پنهنجي مٿي تي ٻُڌو ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي.“
جيل مان نڪرڻ ۽ نارمل زندگي گذارڻ دوران ”ڦو اي“ چين ۾ تبديل ٿيل سماج کي ڪيئن ڏٺو. ان جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
”آئون ريل ۾ سفر ڪري رهيو هوس. ٻاهر برف سان ڍڪيل سهائو ۽ وشال علائقو منهنجي آئيندي جيان پکڙيو پيو هو. گاڏيءَ ۾ آئون عام مزدورن سان گڏ ويٺو هوس. منهنجي زندگيءَ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو، جو آئون هنن سان گڏ ويٺو هوس. يا ساڻن گڏ سفر ڪري رهيو هوس. مونکي هنن سان گڏجي پنهنجي وطن جي اڏاوت ڪرڻي هئي. انهن سان هڪ جسم ٿيڻو هو. نه، پر آئون ته اڳ ۾ ئي هنن سان هڪ جسم ٻه دليون بنجي چڪو هوس.
....ٽرين ۾ سوار ٿيڻ کان ٿوري دير پوءِ هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جنهن مونکي اُن معاشري جو مقام ڏيکاري ڇڏيو. جنهن ۾ آئون شامل ٿي رهيو هوس ۽ مونکي اُنهن ماڻهن جي گُڻن کان به واقف ڪري ڇڏيو، جن جي وچ ۾ آئون ويٺو هوس. گاڏيءَ جو هڪ ملازم ۽ هڪ مسافر عورت هڪ ننڍڙي ٻارڙي لاءِ جڳهه ڳولهيندا اچي اسان جي بوگيءَ ۾ نڪتا، جيڪا هنن جي ٻانهن ۾ هئي. منهنجي پويان ويٺلن هڪ سيٽ خالي ڪري ڇڏي. عورت ٻارڙيءَ کي سيٽ تي ليٽائي ڇڏيو ۽ مٿس جهڪي ويئي. هوءَ ڏاڍي فڪرمند نظر پئي آئي. هڪ مسافر پُڇيس، ”ٻارڙي بيمار ته ڪونهي، جي بيمار آهي ته کيس گهر کان ٻاهر ڇو آندو اٿئي؟“ عورت جي جواب اسان کي حيران ڪري ڇڏيو ته هو اسٽيشن جي ڀرسان هڪ اسڪول ۾ ماسترياڻي آهي. ڪلاس هلندي اوچتو ٻارڙيءَ جي پيٽ ۾ سور شروع ٿي ويو. اسڪول جي طبي عملي جي ڪارڪنن کي ”اپينڊڪس“ جو شڪ ٿيو، ۽ هن چيو ته کيس هڪدم اسپتال پهچايو وڃي. جيئن ته ٻارڙيءَ جا والدين هڪ ڏورانهين هنڌ تي کاڻ ۾ ڪم ڪندا هئا، تنهنڪري ايترو وقت نه هو جو انهن کي چئي سگهجي ته اچي کيس اسپتال وٺي وڃو. آپريشن جي لاءِ کيس کاڻ جي اسپتال پهچائڻ لاءِ به ڪافي وقت لڳي ها. تنهنڪري ماسترياڻيءَ کيس بنا دير جي سڌو ٽرين ۾ ”شن يانگ“ نيئڻ جو فيصلو ڪيو. پليٽ فارم جي عملي کيس اها موڪلي ڏني ته هوءَ ڀلي ٽڪيٽ جي قيمت ٽرين ۾ ئي ادا ڪري ۽ کيس اهو به ٻُڌاين ته هو ”شن يانگ“ وارن کي چئي ڇڏيندا ته هنن جي سار سنڀال لهن. اهو سڀ ڪجهه ٻُڌي ۽ ڏسي مونکي خيال آيو ته آئون جنهن سماج ۾ شامل ٿيڻ وارو آهيان، اهو ته منهنجي تصور کان به سُٺو آهي.“
پير علي محمد راشدي 62-1961ع ۾ چين ۾ پاڪستان جو سفير هو. ان دوران هن چيني حڪومت جي اجازت سان ”ڦو اي“ سان ملاقات ڪئي، جنهن جو ذڪر هو پنهنجي ڪتاب ”چين جي ڊائري“ ڪندي لکي ٿو:
”دروازو کُلندي ئي چين جو آخرين تاجدار سامهون بيٺل نظر آيو. ترجمان تعارف ڪرائيندي چيو، ”هي مسٽر Pu-Yi آهي.“ مون سان ۽ اسان جي ترجمان سان مصافحو ڪرڻ بعد اسان کي وٺي وڃي ڪونچن تي ويهاريائين. ويهڻ کانپوءِ گفتگو شروع ٿي. ڳالهين ڪندي ٻڌايائين ته، ”آئون اڄڪلهه پنهنجي سوانح لکي رهيو آهيان. جنهن جو عنوان آهي ”منهنجي زندگيءَ جو پهريون اڌ“. في الحقيقت ڪتاب تيار ٿي چڪو آهي ۽ هينئر ان تي نظرثاني پئي ٿئي.
منهنجي زندگيءَ جو اهو حصو سچ پُڇو ته نهايت ئي حقير هو. اهو عرصو مون عوامي مقاصد جي خلاف هلندي بسر ڪيو. فيوڊل ازم، سامراجيت ۽ نوڪر شاهيءَ جي نقش قدم تي هلندي. آئون گويا هڪ ڀُوت هوس. ڪميونسٽ پارٽي ۽ چيئرمين مائو مونکي نئين زندگي عطا ڪئي آهي. اصلوڪو ’ڦو اي‘ مري چڪو آهي، هيءَ نئين زندگي عوام جي خذمت ڪندي پوري ڪندس. ابتدائي دور اندر منهنجي روح تي ’فيوڊل‘ خيالات جو قبضو هو. بطور دشمنن جي هڪ هٿ ٺوڪئي بادشاهه جي، مان پنهنجي ملڪي ڀائرن سان بي وفائي ڪري چڪو هوس. منهنجي هٿان ڪڏهن به پنهنجي ملڪي ڀائرن جي خذمت ٿي نه سگهي هئي. منهنجي زندگي شرمناڪ هئي. جيڪا Exploitation ۾ صرف ٿي ٿي. اهو نتيجو هو تعليم ۽ پرورش جو، جيڪا مونکي پنهنجي خاندان ذريعي ملي هئي ۽ جنهن پٽاندڙ مون ۾ آرزو هئي ته آئون بادشاهه ٿي رهان. اها آرزو تخت تان لهڻ ۽ رعيتي راڄ قائم ٿيڻ کانپوءِ به بدستور قائم رهي. ان آرزوءَ پوري ڪرڻ خاطر مونکي پنهنجي ماڻهن ۽ عوام جو باغي بڻجي، امپريلسٽ ۽ وار لارڊس جي هٿن ۾ کيڏڻون پيو.
....چيئرمين مائو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ذريعي مون نئون سبق مليو آهي ۽ آئون ٻيهر ڄائو آهيان ۽ اُن سبق جي دوران ئي مونکي پروڙ پيئي ته هڪ انسان کي ٻي انسان جي Exploitation نه ڪرڻ گهرجي. هينئر آئون عوام جو هڪ جزو آهيان ۽ پنهنجي گذريل زندگيءَ کي شرمناڪ پيو سمجهان.“
مون موٽائي سندس ڪتاب جو ذڪر ڇيڙيو. مون چيس ته جيڪڏهن اوهين اجازت ڏيو ته اوهان جي ڪتاب جي سلسلي ۾ ڪجهه مشورا عرض ڪريان، ڇو ته اوهان جو ڪتاب سڄي دنيا پڙهندي ۽ آئون ضروري ٿو سمجهان ته ان ۾ ٻاهرين دنيا جي نقطه نگاهه موجب ڪجهه ڳالهيون شامل هجن. جهڙوڪ: اوهان جو ڪتاب محض هڪ اقبالي مجرم جي ڪٿا يا عدالتي بيان طور دنيا جي اڳيان نه اچڻ گهرجي. ٻاهرين دنيا تي اُن جو خراب اثر پوندو، هرڪو چوندو ته اوهان مجبوريءَ جي حالت ۾، پاڻ کي ذليل ڪرڻ ۽ ڪميونسٽ حڪمرانن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اوهان ڪتاب ۾ ڪجهه مرچ مصالحا وجهي، کيس دلچسپ بنايو ۽ پنهنجي خانگي زندگيءَ جا ڪجهه واقعا بيان ڪريو. محلات جي زندگيءَ تي روشني وجهو. پنهنجي دلچسپين ۽ مشغولين جو ذڪر ڪريو (ته) اوهان کي ڪهڙا شوق هئا. ڪڏهن عشق عاشقيءَ جو معاملو به رهيو يا نه. غرض ته ان قسم جون ڳالهيون ڪتاب ۾ اچڻ گهرجن، جيئن اهو ڪتاب هڪ دلچسپ Human Document بڻجي پيئي. ٿي سگهي ته ان کي باتصوير به بڻايو.
پاڻ کيسي مان نوٽ بوڪ ڪڍي، خيال سان اهي پوائنٽ لکندو ويو. گفتگو هلندي، سندس هڪ پير ۽ هٿ متحرڪ ٿي رهيو. جيئن نروس ماڻهن جو حال هوندو آهي ۽ غير شعوري طور تي ڄنگهه يا ٻانهن هلندي رهندي اٿن.
سوا ڪلاڪ گذري چڪو هو. سندس وڌيڪ وقت وٺڻ مناسب نه سمجهي آئون اُٿس، پر اُٿڻ کان اڳ سندس تصوير ڪڍڻ جي اجازت ورتم؛ جيڪا خوشيءَ سان ڏنائين ۽ پاڻ ڪپڙا سڌا ڪري پوز ڪرڻ لڳو. مون ٻه ٽي ايڪسپوز ڪڍي ورتا. ان کان پوءِ اسان کي ٻاهر موٽر تائين وٺي آيو. ايستائين بيٺو سلام ڪندو رهيو، جيستائين اسان جي موٽر احاطي کان ٻاهر نڪري ويئي.“
پنهنجي ڪتاب جي حوالي سان ساڻس پرڏيهين جي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي ”ڦو اي“ لکي ٿو:
” ڪيترن ئي غير ملڪي دوستن کي منهنجي ڪتاب سان دلچسپي پيدا ٿي. غير ملڪي مزمان ۽ اخبار نويس مون سان ملڻ ۽ منهنجن تجربن، خاص ڪري گذريل سالن ۾ منهنجي اصلاح جي باري ۾ پُڇندا آهن. هڪ لاطيني آمريڪي دوست چوڻ لڳو: اُن مان هڪ ڀيرو ٻيهر اها ڳالهه چٽي ٿي ويئي ته ’فڪر مائوزي تنگ ڪيڏو نه عظيم آهي.‘ هن مونکي چيو ته جلدي پنهنجو ڪتاب لکي پورو ڪريان. هڪ ايشيائي دوست چوڻ لڳو، ’مونکي اميد آهي ته جيئن ئي تنهنجي ڪتاب جو انگريزي ڇاپو ڇپجندو، تون مونکي ان جي هڪڙي ڪاپي موڪليندين، ته جيئن اهو آئون پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سگهان. ۽ منهنجي ملڪ جو عوام به تنهنجو حيران ڪندڙ داستان پڙهي سگهي.“
’ڦو اي‘ جو اهو ڪتاب چين ۾ سرڪاري سطح تي ڇاپيو ويو ۽ چين جي ’غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر‘ ان جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ڪرائي، چين مان ئي شايع ڪرايو. سڄو ڪتاب ايترو ته دلچسپ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي جو هڪ ئي ساهيءَ ۾ پڙهڻ تي دل ٿي چوي. ڪتاب جو اسلوب به نهايت سادو، پر دل کي ڇهندڙ آهي.
ڦو اي 1967ع ۾ ڪئنسر وگهي وفات ڪئي.
چين جي هن آخري شهنشاهه جي زندگيءَ تي مشهور ڊائريڪٽر ’برٽولسي‘ The Last Emperor جي نالي سان فلم به ٺاهي، جيڪا ممڪن آهي ته گهڻن ڏٺي به هجي.

9. جانورستان (جارج آرويل)
جارج آرويل جو هيءُ ناول مون ڪيترائي ڀيرا پڙهيو ۽ پوءِ اُن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو. سنڌيءَ ۾ مون اُن کي ”جمهوريه جانورستان“ جو نالو ڏنو. آرويل هن ناول ۾ اڳوڻي ’سوويت يونين‘ ۾، لينن جي وفات کانپوءِ اقتدار جي جنگ، ان ۾ اسٽالن جي ڪاميابي، ٽراٽسڪيءَ جي جلاوطني ۽ اسٽالن جي عروج ۽ پوءِ پيدا ٿيل حالتن جو ڏاڍو خوبصورت چٽ چٽيو آهي. هن ناول جي ذريعي ماڻهن کي خبر پئي ته اشتراڪيت جي فلسفي کي نامناسب انداز ۾ عملي جامو پهرائڻ جي صورت ۾ آمريت نهايت بُڇڙي روپ ۾ سامهون اچي ٿي. هن ناول ۾ دراصل اهڙي دنيا جو تصور پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هر طرف ظلم ۽ ڊپ جو راڄ هجي. غير معمولي طنز سان ڀرپور هن ناول ۾ آرويل هڪ اهڙو ’فارم‘ ڏيکاريو آهي، جنهن ۾ رهندڙ جانور انقلاب آڻي، اُن تي قبضو ڪري ٿا وٺن. پوءِ اها حڪمراني بدترين آمريت ۾ بدلجي وڃي ٿي. چيو وڃي ٿو ته جارج آرويل کي هي ناول لکڻ جو خيال ان وقت آيو، جڏهن هن هڪ ڏهن سالن جي ڇوڪري کي اهڙي گاڏي هلائيندي ڏٺو، جنهن کي ڪيترائي گهوڙا ڇڪي رهيا هئا. آرويل سوچيو ته، ”جيئن هڪ ٻارڙو انهن گهوڙن کي چهٻڪ ذريعي ڪنٽرول پيو ڪري، بلڪ تيئن اشتراڪيت ۾ به ڪجهه ماڻهو جبر جي ذريعي سڄي سماج کي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا.“
جارج آرويل جو هي ناول پهريون ڀيرو 1945ع ۾ ڇپيو، پر اُن جي حقيقي مقبوليت 1950ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ شروع ٿي. اهو سرد جنگ جو دور هو ۽ هن ناول کي ’اشتراڪيت‘ جي خلاف پروپيگنڊهه طور به استعمال ڪيو ويو.
”اينيمل فارم“ جي ڇپائيءَ ۾ هڪ مرحلي تي رنڊڪ پئجي ويئي. 1945ع ۾ ناول جي اشاعت وقت روس ۽ برطانيا ۾ سٺا لاڳاپا هئا. برطانوي حڪومت اهو نٿي چاهيو ته عام چونڊن کان اڳ اهو ناول ڇپجي. هڪ پبلشر اهو چوندي ڪتاب ڇپڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته حڪومت ناول جي اشاعت تي پابندي وجهي ڇڏي آهي، پوءِ پتو پيو ته پبلشر کي سرڪاري حڪم نامو ڏيکارڻ وارو سرڪاري آفيسر دراصل سوويت جاسوس هو.
ناول جي ڪهاڻي هن ريت آهي ته ’مينر فارم‘ جو انعام يافته ’سوئر‘ اولڊ ميجر هڪ ڏينهن سڀني جانورن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ٻُڌائي ٿو ته هن هڪ خواب ڏٺو آهي ۽ فارم مان انسانن جو خاتمو ٿي ويو آهي ۽ هاڻ سڀ جانور آزادي ۽ خوشحاليءَ جي زندگي پيا گذارين. ’اولڊ ميجر‘ انسانن کي پرماريت ڪندڙ جيتن سان مشابهت ڏني ۽ هو سڀني جانورن کي انقلاب جو گيت ٿو سيکاري. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ’اولڊ ميجر‘ گذاري وڃي ٿو. هن جي مرڻ جي ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ ٻئي سوئر (نيپولين ۽ سنوبال) انقلاب جي راهه هموار ڪن ٿا. پوءِ هڪ رات جو سڀ بُکايل جانور گڏجي بغاوت ڪن ٿا ۽ فارم جي مالڪ کي هڪالي ڪڍن ٿا. فارم جو نالو هاڻ ”اينيمل فارم“ آهي ۽ سڀ جانور گڏجي مستقل جي خيالي جنت جي لاءِ ڪم ڪن ٿا. ”حيوانيت“ جي منشور طور ’ست‘ نوان اصول يا حڪم تيار ڪيا وڃن ٿا. اهي حڪم هڪ ڀت تي لکيا وڃن ٿا، ته جيئن سڀ جانور ويندي ويندي، انهن کي پڙهندا ۽ ذهن نشين ڪري وٺن.
جانورن جي لاءِ اهي ست حڪم هيٺين ريت هئا:
1. جيڪو به جاندار ٻن ٽنگن تي هلي ٿو، اهو اسان جو دشمن آهي.
2. جيڪو جانور چئن ٽنگن تي هلي ٿو ۽ اُڏام جي صلاحيت رکي ٿو، اهو اسان جو دوست آهي.
3. ڪوبه جانور ڪپڙا نه پائيندو.
4. ڪوبه جانور بستري تي نه سُمهندو.
5. ڪوبه جانور شراب نه پيئندو.
6. ڪوبه جانور ڪنهن به حالت ۾ ٻي جانور کي قتل نه ڪندو.
7. سڀئي جانور هر معاملي ۾ برابر آهن.
باڪسر هڪ گهوڙو آهي، جيڪو گهڻو محنتي آهي. هو ان اصول کي نٿو مڃي ته ڪو سڀ جانور برابر آهن. هو محنت ۾ تمام گهڻي خوشي ٿو محسوس ڪري ۽ چوي ٿو ته ”هو ٻين کان وڌيڪ محنت ڪندو.“ باڪسر پنهنجي سڀاءَ ۾ ملڪ جو غير معمولي وفادار آهي.
هاڻ سڀ جانور انقلاب آڻڻ جي لاءِ تيار آهن. سنوبال پڙهيل لکيل سوئر آهي، اهو سڀني جانورن کي پڙهڻ ۽ لکڻ سيکاري ٿو. اينيمل فارم ۾ فصل بيحد ڀلو ٿئي ٿو ۽ خوراڪ جي ڪابه کوٽ ڪونهي. فارم جو مالڪ ’جونز‘ فارم جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ’کُرن واري معرڪي‘ ۾ سڀ جانور گڏجي کيس شڪست ڏين ٿا.
جلدئي، نيپولين ۽ سنوبال جي وچ ۾ اقتدار جي جنگ شروع ٿي وڃي ٿي. سنوبال، پن چڪيءَ جي خيال پيش ڪري ٿو ته نيپولين اُن جي سخت مخالفت ڪري ٿو. هڪ اجلاس ۾ ان تي بحث مباحثو ٿئي ٿو ته نيپولين پنهنجي پالتو ڪتن کي گهرائي ٿو، جيڪي سنوبال کي ڊوڙائي ٻاهر ٿا ڪن. نيپولين فارم جي اڳواڻي سنڀالڻ جو اعلان ٿو ڪري ۽ هو فوري طور تي ڪجهه تبديليون متعارف ٿو ڪرائي. هاڻ ڪنهن به ’عوامي ميڙ‘ جي ڪابه ضرورت ڪونهي. ڪجهه سوئرن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي ٿي، جيڪا سڀني معاملن ۾ فيصلو ڪرڻ لاءِ بااختيار آهي. نيپولين پن چڪيءَ جو خيال ٻيهر زندهه ٿو ڪري ۽ دعويٰ ٿو ڪري ته اهو خيال اصل ۾ هن جو ئي هو. سڀئي جانور گڏجي ’پن چڪيءَ‘ جي تعمير ۾ جنبي ٿا وڃن. هڪ طوفان ۾ پن چڪي ڊهي اچي پٽ پوي ٿي ۽ نيپولين، سنوبال تي الزام هڻي ٿو ته اها هن جي سازش هئي. بغاوت جو الزام هڻي ڪيترن ئي جانورن کي ماريو ٿو وڃي.
هوريان هوريان شروعاتي ستن اصولن ۾ ترميمون ڪيون وڃن ٿيون ۽ حالتون وري ساڳيو رخ اختيار ڪرڻ ٿيون لڳن. ڪجهه سوئر گڏجي سڀئي رعايتون ۽ عيش آرام پنهنجي لاءِ وقف ڪرائي ٿا وٺن. نيپولين هاڻ انسانن وانگر زندگي گذارڻ ٿو لڳي.
ڪيترائي سال گذري ٿا وڃن. هاڻ ’اينيمل فارم‘ ۾ ڪيتريون ئي تبديليون اچي چڪيون آهن. سوئر، انسانن جيان ٽنگن تي هلڻ لڳا آهن. سڀ جانور برابر آهن. پر ڪجهه جانور ”وڌيڪ برابر“ آهن. جلدئي فارم جي جانورن کي احساس ٿيڻ ٿو لڳي ته هنن ۽ انسانن ۾ جيڪو فرق آهي، ان بابت کين اڃا به خبر ڪونهي. ڪيترائي سوئر هاڻ ٻن ٽنگن تي هلڻ ٿا لڳن. هنن انسانن واريون عادتون اختيار ڪري ورتيون آهن. اهي سڀ بنيادي اصول بدلجي ويا. ثابت ٿيو ته طاقت بدعنوان کي جنم ٿي ڏي، بي پناهه طاقت، بي پناهه بدعنواني جي راهه ٿي هموار ڪري. هوريان هوريان سڀئي بنيادي قانون ۽ حڪم تبديل ڪيا وڃن ٿا. اهي تبديليون فقط سوئرن جون آندل هونديون آهن، جيڪي هنن جي پنهنجي مفاد جي تابع هونديون آهن. هڪ بدليل حڪم هيءُ به آهي ته ڪوبه جانور بستري تي نه سُمهندو، پر چادر کانسواءِ. شراب پيئڻ تي ڪابه پابندي ڪونهي، پر ’وڌيڪ‘ پيئڻ تي پابندي آهي! ۽ ڪوبه جانور ٻي جانور کي ’بنا سبب‘ جي قتل نه ڪندو.
آخري حڪم يا اصول هيئن بدلايو ويو، ته ”سڀئي جانور برابر آهن، پر ڪجهه جانور ٻين جانورن کان وڌيڪ برابر آهن.“ اهو جملو گهڻو مقبول ٿيو ۽ اشتراڪيت تي ٿيندڙ بحث ۾ ان جو به حوالو ڏنو ويندو هو.
اينيمل فارم ”اڳوڻي سوويت يونين“ تي چٿر جي صورت ۾ لکيو ويو هو، پر اهو ضروري به ڪونهي ته هر واقعو ڪنهن حقيقي واقعي سان هڪجهڙائپ رکندو هجي. پر جارج آرويل جي اها ڪوشش ضرور هئي ته ناول کي حقيقتن جي تناظر ۾ پڙهيو وڃي.
آرويل کاٻي ڌر سان واسطو رکندو هو. اسپين جي گهرو ويڙهه ۾ ’جنرل فرانڪو‘ جي خلاف وڙهڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڇڏي، اسپين هليو ويو. ان ويڙهه ۾ هو زخمي به ٿيو ۽ کيس پهريون ڀيرو انهن اسٽالني طريقن جي خبر پئي، جن تي هن ناول ۾ چٿر ڪئي آهي. لڙائي ختم ٿيڻ کانپوءِ برطانيا ۾ هن ’ليبر پارٽيءَ‘ کي ووٽ ڏنو. ڇو ته هو سمجهندو هو ته مزدور طبقو ’ليبر‘ کي ووٽ ڏيندو. اسپين جي گهرو ويڙهه جي تجربن تي هن Homage to Catonia جي نالي سان ڪتاب لکيو.
جارج آرويل جو ٻيو مشهور ناول ’اوڻيهه سئو چوراسي“ (Nineteen Eighty Four) هو. جنهن کيس عالمي سطح تي مشهوري ڏني. اُن ۾ هن جي استعمال ڪيل ”بگ برادرز“ اصطلاح ۽ ٻيا گهڻو مشهور ٿيا. اهو ناول خود اسٽالني طور طريقن تي زبردست چٿر هو.
مشهور ليکڪ ”مارٽن سيمور سمٿ“ پنهنجي ڪتاب ”هڪ سئو عظيم ڪتاب“ ۾ ”اوڻيهه سئو چوراسي“ کي 93هين نمبر تي رکيو آهي. آرويل جي هن ناول جو ذڪر هڪ ڀيرو هندستاني پارليامينٽ ۾ جواهر لال نهرو به ڪيو.
جارج آرويل جو اصل نالو ”ايرڪ آرٿر بليئر“ هو. هن 1903ع ۾ بنگال (هندستان) ۾ جنم ورتو، جت پڻهنس سرڪاري ملازم هو. پهرين هن برما جي شاهي پوليس ۾ نوڪري ڪئي، ان جي تجربن جي آڌار تي هن ”برما جا ڏينهن“ ناول لکيو. هن مختلف نوڪريون ڪيون. سندس ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. آرويل 1950ع ۾ سلهه جي بيماريءَ وگهي وفات ڪئي.

10. ڪرامازوف ڀائر (دوستو فسڪي)
ول ڊيورانٽ ناليرو ليکڪ ۽ فيلسوف ٿي گذريو آهي. هن هڪ دلچسپ واقعو لکيو آهي ته ”هڪ ڀيري مونکي ڪجهه ليڪچر ڏيڻ جي سلسلي ۾ ٻي ملڪ وڃڻو پيو. آئون مهيني کانپوءِ واپس گهر موٽيوس. شام جو زال سان ڳالهيون ڪندي مون کانئس پڇيو، ”اڄڪلهه تون منهنجي لئبرريءَ مان ڪهڙو ڪتاب پئي پڙهين.“ هن وراڻيو، ”دنيا جو بهترين ناول.“ مون جواب ۾ چيس، ”تون غلط پيئي چوين، ڇو ته دنيا جو بهترين ناول دوستو فسڪيءَ جو ’ڪرامازوف ڀائر‘ ته خود آئون پيو پڙهان ۽ اهو پاڻ سان گڏ کڻي ويو هوس.“ پوءِ جڏهن مون زال کان اهو ناول وٺي ڏٺو ته اهو دوستو فسڪيءَ جو هڪ ٻيو ناول ”ڪرائيم اينڊ پنشسنٽ“ (ڏوهه ۽ سزا) هو. جڏهن مون اهو پڙهيو ته منهنجي زبان مان بي اختيار نڪري ويو ته آئون ۽ منهنجي زال ٻيئي صحيح هئاسين، ڇو ته بلاشڪ اهي ٻيئي ناول دنيا جي بهترين تخليقن مان هئا.“
ول ڊيورانٽ جي انهن لفظن ۾ ذرو به شڪ جي گنجائش ڪونهي. دنيا جا سڀ وڏا نقاد اڄ ان ڳالهه تي سهمت آهن ته ناول نويسيءَ جو فن فيودر دوستو فسڪيءَ تي ختم آهي. روسي ادب ۾ دوستو فسڪيءَ کي روسي ليکڪن جو سرتاج ليکڪ ڪري مڃيندا آهن.
آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته جڏهن ڏات ورهائي پئي ويئي ته اها ڏات روسي ليکڪن دوستو فسڪي، ٽالسٽائي، چيخوف، پشڪن، گوگول ۽ گورڪي وغيرهه کي مڙيئي سَرس ملي ويئي.... جو هو دنيا جا عظيم ۽ وڏا ليکڪ مڃيا وڃن ٿا. مون جڏهن به دوستو فسڪي جو ڪو ناول پڙهيو آهي، پوءِ اهو ’جوئاري‘ هجي يا ’ويچارا ماڻهو‘، ’ذلتن جا ماريل ماڻهو‘ هجي يا ’ڪرامازوف ڀائر‘. آئون انهن جي مَنڊ ۾ مَنڊجي ويو آهيان.
مٿين ڪتابن کانسواءِ دوستوفسڪيءَ جي ٻين ناولن ۾ ’ايڊيٽ‘، ’ڏوهه ۽ سزا‘، ’ڀوت پريت‘ وغيرهه شامل آهن. ڪرامازوف ڀائر اڻويهين صديءَ جي روس جي فئشني مادي پرستي، ڪٽر عيسائي اعتقاد پرستي ۽ لذت پسنديءَ جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽڪراءَ جو مجموعو آهي. جت ٽڪرائن جي نمائندگي ڪرامازوف ڪٽنب جا فرد ۽ ترتيبوار ايوان، اليوشا ۽ دمتريءَ جا ڪردار ڪندي نظر اچن ٿا. روس جي تاريخ جو هي اهو دور آهي، جنهن ۾ سڀئي مذهبي ڌريون، روسي شهنشاهيت ۽ لبرل قوتون هڪٻئي جي خلاف جاکوڙيندي ۽ پاڻ کي سگهارو ڪندي نظر اچن ٿيون. ’ڪرامازوف ڀائرن‘ جي وچ ۾ ٿيندڙ خيالن جي رساڪشي، دراصل اُن دور جي روسي سماج ۾ ٿيندڙ فڪري ۽ اختياري تضادن جو اولڙو آهي.
ان ناول بابت دوستو وسڪيءَ پنهنجي زال ۽ پريمڪا کي هڪ خط ۾ لکيو ته: ”هن ئي ناول سبب جي دنيا ۾ منهنجو نالو رهيو ته رهندو، نه ته مونکي پنهنجي ٻي ڪم منجهان امرتا ملڻ جي ڪابه اُميد ڪانهي.“
جوانيءَ ۾ دوستو فسڪيءَ جي نوجوانن جي اهڙي گروهه سان واقفيت ٿي جن لاءِ مشهور هو ته اهي ڪي سٽاءَ سٽي رهيا آهن ۽ ’زار‘ جو تختو اونڌو ڪرڻ پيا چاهين. توڻي جو انهن جذباتي نوجوانن جا اهڙا سڀ منصوبا رڳو زباني ڪلامي ۽ ڪاغذي هوندا آهن ۽ منجهن اهو سڀ ڪجهه عملي طرح سان ڪري ڏيکارڻ جي همت نه هئي. دوستو فسڪيءَ کي نوجوانن جي ان گروهه سان گڏ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيس هلائي کين گوليءَ سان اُڏائڻ جي سزا ڏني وئي ۽ عين موقعي تي کين گولي هڻي مارڻ کان ڪجهه گهڙيون اڳ، سندن موت جي سزا معاف ڪري، عمر قيد ۽ جلاوطنيءَ جي سزا ڏيئي سائبيريا موڪليو ويو. جتي هو سخت اذيت ۾ رهيو ۽ چئن سالن تائين قيد جي کوليءَ ۾ دوستو فسڪيءَ کي بائيبل کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ نه ڏنو ويو. کيس ”اوسڪ“ نالي جيل ۾ رکيو ويو ۽ اُتي به ان حالت ۾ جو پهچڻ شرط سندس هڪ مُڇ ۽ اڌ مٿو ڪوڙي بيحد ذليل ڪيو ويو. اُن جيل ۾ روس جا گهڻا نامي گرامي ٺڳ، رهزن، چور، بشني ۽ قاتل رکيا ويا هئا. بهرحال، اُتي رهڻ جو فائدو اهو ٿيس، جو انهن جي عادتن ۽ طور طريقن جو ڀرپور مشاهدو ڪيائين، جيڪو اڳتي هلي کيس لکڻ ۾ ڪم آيو.
طبيعت جي لحاظ کان دوستو فسڪي اڪثر بيمار رهندو هو. هو حد درجي جو شڪي مزاج، عادي جواري، باغي ۽ تکو شخص هو. پر لکت جي حوالي سان سندس ڏات جا جلوا سندس شاهڪار ناولن ۾ پَسي سگهجن ٿا.

والٽيئر چيو آهي ته، ”اوهان کي اُن حقيقت جو شعور هئڻ گهرجي ته جڏهن کان دنيا ٺهي آهي، وحشي نسلن کي ڇڏي، اُن تي ڪتابن ئي حڪمراني ڪئي آهي.“
ڪتابن نه رڳو فردن، پر قومن جا ذهن ۽ تقديرون به بدلايون ته کين اُونهيءَ کاهيءَ ۾ به ڪيرايو. ايڊولف هٽلر جي ڪتاب ”مين ڪيف“ (منهنجي زندگي) جرمن قوم کي اهڙو ته چريو ڪري ڇڏيو، اها اکيون پوري هٽلر جي پويان لڳي پيئي.
”مين ڪيف“ جي اثرن جي حوالي سان غلام رباني آگرو پنهنجي ڪتاب ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ ۾ ڊاڪٽر اينميري شمل تي لکيل خاڪي ۾ لکي ٿو:
”ڊاڪٽر شمل هڪڙي سال ڪراچي آئي ته مون کيس چيو ته ”هٽلر جو ڪتاب ’مين ڪيف‘ (منهنجي جدوجهد) الائي ڪٿان ملندو؟“
پُڇيائين، ”ڇو....؟“
مون چيو، ”ادبي بورڊ جو ڇپائيءَ لاءِ منظور ٿيل آهي. پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه کي ترجمي لاءِ مليل آهي. پر سندس دلچسپي ڪانهي. مونکي چيو اٿس ته ”تون وڃي ترجمو ڪر.... منهنجي ان ترجمي ۾ دلچسپي اُن ڪري آهي جو ٻي مهاڀاري لڙائي تاريخ جو تمام وڏو واقعو آهي. هٽلر جي ڪتاب مان معلوم ٿيندو ته هن پنهنجي نقطهءِ نگاهه جي وضاحت لاءِ منجهس ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن.“
ڊاڪٽر شمل چيو ته، “It is a Bad book”.
مان ٻيهر کانئس سوال ڪرڻ وارو هئس، پر اکيون کڻي جو ڏسان ته چهري تي ڏُک جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا اٿس. اکيون ڀرجي آيو اٿس ۽ آرام ڪرسيءَ تي ڪنڌ پوئتي ڪري ٿڌا ساهه پئي ڀريائين. مونکي ٻيهر سوال ڪرڻ جي همت ته ڪانه ٿي، پر دل ۾ پڇتايم ته، ”مون ساڻس اها ڳالهه ڇو ڪئي!“

ائين به ڪونهي ته رڳو مٿيان ڪتاب آهن، جن مون کي گهڻو متاثر ڪيو ۽ مون تي اثر ڇڏيا. ڪجهه ٻيا ڪتاب به آهن. جن جي به هڪ ڌار فهرست ٺهي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن مٿين ڏهن ڪتابن کانسواءِ هڪ ٻي ڏهن ڪتابن جي فهرست جوڙيان ته اها هن ريت هوندي:
1. هڪ سئو تاريخ ساز شخصيتون (مائيڪل هارٽ)
2. ابراهام لنڪن (ڊيل ڪارنيگي)
3. فڪر جي آزادي (اسٽيفن زويگ / محمد ابراهيم جويو)
4. لوح ايام (مختيار مسعود)
5. اسپارٽيڪس (هاورڊ فاسٽ)
6. تغلق (گريش ڪرناڊ جو ڪنڙ زبان ۾ لکيل ناٽڪ)
7. ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن (روسي انقلاب جي ڪهاڻي، ليکڪ: جان ريڊ)
8. برٽرنڊرسل جي آتم ڪٿا
9. ٿئنڪ يو مسٽر گيلارڊ (ناول، ليکڪ: انل بروي)
10. ایک گرم موسم کی کہانی (ناول- انيس ناگي)
هاڻ جڏهن پاڻ پهرين ڏهن ڪتابن جو جائزو ورتو آهي، ته پوءِ ڇو نه هنن ڏهن ڪتاب جو به مختصر تعارف ڏجي:

1. هڪ سئو تاريخ ساز شخصيتون
ڊاڪٽر مائيڪل هارٽ جو هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1987ع ۾ ڇيپو ۽ حضرت محمدﷺ کي پهرين نمبر تي رکڻ جي ڪري عيسائي ۽ يهودي بنياد پرستن وڏو گوڙ ڪيو. پر ڊاڪٽر مائيڪل هارٽ جا دليل، جن جي بنياد تي هن انهن هڪ سئو ماڻهن کي چونڊيو، پوءِ تاريخي اهميت ۽ سندن اثرن جي لحاظ کان درجي بندي ڪئي، پنهنجي طور تي ايترا ته ٺوس ۽ سگهارا هئا، جو وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هن ڪتاب سنجيده نقادن ۽ پڙهندڙن جو ڌيان ۽ پذيرائي حاصل ڪئي. اڳتي هلي، سوويت يونين جي زوال کانپوءِ هن ڪتاب جو سنواريل ۽ سُڌاريل ڇاپو ڇپيو، جنهن ۾ حالتن جي حساب سان سڌارا ۽ واڌارا ڪيا ويا.
جيتوڻيڪ هي ڪتاب نج اولهائين نقطه نظر کان لکيو ويو آهي ۽ ڪن ڪردارن جي سياسي اهميت وڌائي چڙهائي پيش ڪئي ويئي آهي. پر پوءِ به ڪتاب ڏاڍو شاندار آهي.
مونکي هي ڪتاب مرحوم احمد ضياءَ پڙهڻ ۽ ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو. هاڻ اهو ڪتاب ”هڪ سئو تاريخ ساز شخصيتون“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ڇپجي چڪو آهي.

2. ابراهام لنڪن (ڊيل ڪارنيگي)
مون جڏهن پهريون ڀيرو، ڊيل ڪارنيگي جي لکيل ابراهام لنڪن جي سوانح پڙهي ته اُن مون تي ايترو ته اثر ڪيو، جو ڪيترو ئي عرصو اها منهنجي اکين جي اڳيان ڪنهن فلمي سين جيان ڦرندي رهي ۽ ڪتاب جي ڪن حصن ته اصل منهنجي اکين مان لڙڪ جاري ڪري ڇڏيا. جيتوڻيڪ ان کانپوءِ مون ابراهام لنڪن جي زندگيءَ تي ڪيترائي ڪتاب پڙهيا ۽ هڪ آمريڪي ليکڪا اسٽرلنگ نارٿ (Sterling North) جو ٻارن لاءِ لکيل سوانحي ڪتاب ABE Lincon: Long Cabin to white House جو سنڌيءَ ۾ ”ابراهام لنڪن: جهوپڙي کان صدارت تائين“ جي نالي سان ترجمو به ڪيم، پر ڊيل ڪارنيگيءَ جو لکيل هيءَ ڪتاب مون کان ڪڏهن به نه وسريو.
ابراهام لنڪن، آمريڪا جو سورهون صدر هو، جيڪو هڪ جهوپڙيءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي ذاتي صلاحيت ۽ محنت جي سهاري ايوان صدارت تائين پهتو. بقول مائيڪل هارٽ ”ابراهام لنڪن نه رڳو آمريڪا جو، پر تاريخ جي نهايت مقبول ۽ ڪامياب سياسي سرواڻن مان هڪ آهي.“
ابراهام لنڪن جي زندگي عجيب حالتن ۽ پيڙائن سان ڀريل هئي. هو بنهه غريب گهراڻي ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو ’ٽام لنڪن‘ ۽ امڙ جو نينسي هو. سندس پيدائش جو ذڪر ڪندي ڪارنيگي لکي ٿو، ”اهو 1809ع جو واقعو آهي، هو آچر جي ڏينهن صبح ڌاري بانس جي هڪ کُڏ تي، جنهن تي بُهه وڇايل هو، پيدا ٿيو، ٻاهر زبردست طوفان آيل هو. فيبروريءَ جي تيز ۽ تکين هوائن سان گڏ گهر جي سوراخن مان برف سندس گهر ۾ گهڙي رهي هئي.“
ابراهام لنڪن جي جنم جي ڏينهن جيان سندس زندگي به طوفانن سان جهيڙيندي ۽ مٿن سوڀون ماڻيندي گذري. اڃا هو نَون سالن جو هو، جو سندس امڙ حالتن جي سختيءَ سبب گذاري ويئي. جنهن جو مٿس ڪافي اثر رهيو. پنهنجي شروعاتي زندگيءَ جو ذڪر ڪندي ايب هڪ ڀيري چيو هو، ”منهنجي زندگيءَ جي ابتدائي واقعن کي اختصار، پر جامع نموني فقط هڪ ئي جملي ۾ هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو، ”غريبن جي سادي ۽ مختصر ڪهاڻي.“
لنڪن جي ڪريڊٽ تي جيڪي ٻه وڏا ڪم آهن. انهن مان پهريون غلاميءَ جو خاتمو ۽ ٻيو آمريڪا جي ڏاکڻين رياستن جي علحدگي پسنديءَ جي خلاف جنگ ۽ ان ۾ ڪاميابي. ائين هو آمريڪا کي ته متحد رکڻ ۾ ڪامياب ته ويو، پر ان جي عيوض کيس پنهنجي زندگيءَ جي قرباني ڏيڻي پئي. کيس 1865ع تي واشنگٽن جي فورڊ ٿيٽر ۾ هڪ جنوني اداڪار ”جون وائڪس بوٽ“ قتل ڪري ڇڏيو.
ابراهام لنڪن نه رڳو آمريڪا، پر سڄي دنيا ۾ عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو، سندس مشهور چوڻي آهي ته، ”سڀ انسان پيدائشي طور تي هڪ جهڙن حقن جا مالڪ آهن.“
هن ڪتاب جو ليکڪ ڊيل ڪارنيگي 24 نومبر 1888ع ۾ آمريڪا ۾ پيدا ٿيو ۽ 1955ع ۾ وفات ڪيائين. ڪارنيگي لازوال شهرت جا حامل ڪتاب لکيا، جيڪي اڄ به وڏي پيماني تي پڙهيا وڃن ٿا. ڪارنيگي رڳو ڪتاب نه لکيا، پر قائل ۽ متاثر ڪندڙ طريقن تي ڳالهه ٻولهه ۽ تقرير جي فن کان روشناس ڪرائيندڙ ادارا به هلايا، جتي اهڙن فنن ۽ علمن جي عملي سکيا ڏني ويندي هئي. ڪارنيگي آمريڪا جي ستر اخبارن ۾ مخصوص موضوعن تي ڪالم به لکندو هو. ڊيل ڪارنيگيءَ جا ڪتاب لڳ ڀڳ دنيا جي مڙني ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن ۽ ڪروڙن جي تعداد ۾ ڇپجي چڪا آهن.
ڊيل ڪارنيگي جي لکڻ جو انداز سادو، سولو ۽ عام ماڻهن جي مزاج وٽان هو، هن جي لکڻيءَ ۾ هڪ قسم جو جادو هو ۽ هن جي دل ۽ دماغ ۾ اها ڳالهه ويهي رهي هئي ته انسانيت جي فلاح ۽ بهبود ڪئي وڃي ۽ انهن جي مسئلن جي ڪُن ۾ ڦاٿل ٻيڙيءَ کي ان مان ڪڍي ڪاميابيءَ جي ڪنڌيءَ تائين پهچايو وڃي. هو چوندو هو، ”يقين ۽ ڀروسي جي ڏور پنهنجي هٿن مان متان ڇڏيو، پوءِ اوهان جي خواهشن جا لغڙ نيري آسمان جي اُتاهين کي وڃي ڇُهندا.“

3. فڪر جي آزادي (اسٽيفن زويگ / محمد ابراهيم جويو)
جڏهن لفظ ’فڪر‘ اچي ٿو ته ان جي معنيٰ اها ٿي ته سوچ جي آزادي، عمل جي آزادي، خيال جي آزادي، پر بدقسمتيءَ سان پاڻ وٽ ائين ڪونهي. پاڻ وٽ آزاد فڪر ۽ عقل جي آڌار تي فڪر جي واڌ ويجهه تي ڄڻ ته پابندي وڌل آهي. محمد ابراهيم جويي چواڻي، ”اسان وٽ جيئن ئي ’آزادي‘ آئي آهي، تيئن ٻيئي سڀ خيال تي قلف ۽ پهرا بيهي ويا آهن، سوا هڪ خيال جي.... جنهن ۾ ڪا جان رهي ڪانهي. رڳو ڍانڍي وانگر پيو وڄي ۽ وڄندو رهي.“
محمد ابراهيم جويو، عظيم اُستاد ۽ ڏاهو، جنهن جو سنڌ ۾ ڪردار ۽ حيثيت هڪ فڪري اُستاد ۽ سونهين واري رهي آهي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ جن ڪتابن جو ترجمو ڪيو آهي. سراج چواڻي، ”ترجمي لاءِ ڪتابن جي چونڊ ۾ محمد ابراهيم جويي جي فڪر کي وڏو دخل رهيو آهي ۽ اهو فڪر آهي ته جيڪي ڪتاب ترجمو ٿين، سي نه رڳو ادب ۾ اضافو آڻين، پر سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي زبان کي ذهني سفر ۾ ٻه قدم اڳتي نين.“
”فڪر جي آزادي“ به اهڪ اهڙو ئي ڪتاب آهي، جيڪو جڳ مشهور جرمن ليکڪ اسٽيفن زويگ جو لکيل آهي.
هي ڪتاب 16هين صدي عيسويءَ جي زماني ۾ مسيحي دين کي درپيش فرقيوار مسئلي ]ڪئٿولڪ بمقابل پروٽيسٽنٽ[ بابت هٺ ڌرمي ۽ تشدد جي واقعن جي هڪ دل ڏاريندڙ سلسلي سان ڳنڍيل ٻن بي خوف ۽ باضمير مردان حق ۽ عظيم شهيدن، مائيڪل سرويٽس ۽ سيباسٽيان ڪاسٽيلو، جي عظيم ۽ انتهائي قربانيءَ جو قصو آهي، جيڪو ڏاڍي ٻاجهاري، دل ڀڄائيندڙ ۽ حڪيمانه انداز سان پيش ڪيو ويو آهي.

سيباسٽيان ڪاسٽيلو ڪير هو؟
محمد ابراهيم جويي، سندس تعارف ڏاڍي خوبصورت نموني ڪرايو آهي:
”سيباسٽيان ڪاسٽيلو هڪ اڪيلو آدرش پسند انسان هو. هن فڪر جي آزاديءَ خاطر ’ڪال وِن‘ جي بيعت کان ۽ پڻ ٻي هر قسم جي روحاني غلاميءَ ۽ ذهني تشدد کان بغاوت جو اعلان ڪيو هو. هو ڇا هو؟ ڪال وِن جي مذهب ۽ حڪومت انهن جي شمار کان وڌيڪ ديولين ۽ پادرين جي طاقت ۽ انهن جي قانون ۽ ان جي زنجيرن، ڪال ڪوٺڙين، ڦاسي گهاٽن ۽ باهه جي آڙاهن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه. ٺلهو هڪ نالو، هاٿيءَ جي کڄيل پير هيٺان هڪ ماڪوڙي، طوفان جي آڏو هڪ ڪک، هو هڪ مسڪين ماستر هو، جيڪو پنهنجي زال ۽ پنهنجن ٻچن جي پيٽ ڀرڻ ۽ بُت ڍڪڻ لاءِ ڪتابن جا ترجما ڪندو هو ۽ خانگي ٽيوشنون ڏيندو هو. هو پنهنجي ملڪ کان جلاوطن، ڌارئين ملڪ ۾ هڪ پناهگير هو. جتي هن کي نه شهرت جو ڪو درجو هو ۽ نه رهائش جو ڪو حق هو. دنيا ۾ اهڙا دور به ايندا آهن، جڏهن انسان جي خير ۽ خوشين جو ڪو طالب هٺ ڌرميءَ ۽ ڪروڌ ۾ ورتل ٻن ڌرين جي وچ ۾ ائين هيڪلو ۽ بيوس بنجي ويندو آهي، جيئن وڙهندڙ سانن جي تکن کُرن هيٺان ڪو ٻُوڙو. سيباسٽيان ڪاسٽيلو پنهنجي دور جو اهو ٻُوڙو هو.“
اِهو اُهو دور هو، جڏهن جنيوا ۾ پروٽيسٽنٽ شريعت غالب هئي ۽ ’جيهان ڪال وِن‘ هڪ اهڙي مذهبي آمر جي حيثيت سان جنيوا جو حاڪم اعليٰ ۽ مذهبي اڳواڻ هو. جنهن جي زبان مان نڪتل لفظ ’حرف آخر‘ هوندو هو ۽ جنيوا تي هڪ مذهبي ۽ شخصي مرونپڻي حاوي هئي ۽ ڪاسٽيلو ان مرونپڻي جي خلاف آواز اُٿاريو. ’جيهان ڪال وِن‘ اعلان ڪرايو ته، ”اهو جو اسين سيکاريون ٿا، سو سچ آهي ۽ جو اسين نٿا سيکاريون، سو ڪوڙ آهي.“
سيبا سٽيان ڪاسٽيلو، اُن ڪٽر مذهبي ۽ حڪمراني جي انڌ ۾ ورتل جيهان ڪال وِن جي خلاف، پنهنجي نظرياتي اظهار نامي جو مسودو تيار ڪيو هو، تڏهن اُن جي پهرئين صفحي تي مٿان ئي مٿان لکيو هئائين، ”هيءَ منهنجي ڪوشش ائين آهي، جيئن هاٿي تي مک جو حملو.“
اسٽيفن زويگ جو هي ڪتاب جيڪو اصل جرمني ٻوليءَ ۾ ڇپيو ۽ محمد ابراهيم جويي ان جي انگريزي ترجمي The Right to Heresy تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، سو هڪ اهڙي دور ۾ ڇيپو، جڏهن ملڪ جي مٿان جيهان ڪال وِن جهڙي ئي هڪ جابر ۽ مذهب جي نالي ۾ حڪمراني ڪندڙ ”مرد ملعون، مرد منافق، ضياءُ الحق“ جي حڪومت هئي. اُف! اها ڪيڏي نه ننگي آمريت هئي. پُٺن تي ڪوڙا وسائڻ، ڦاسيون ڏيڻ، قيد ۾ وجهي ڇڏڻ ۽ پنهنجي فڪر جي اظهار جي ڳالهه ڪندڙن سان ڇا ته جٺيون ڪيون وينديون هيون. هن ڪتاب اُن دور ۾ اُن آمريت جي خلاف، پنهنجي فڪر جي، عمل جي آزادي، انصاف ۽ جمهوريت لاءِ جهيڙيندڙن لاءِ مشعل راهه جي حيثيت اختيار ڪئي.
هن ڪتاب جو ليکڪ اسٽيفن زويگ اصل جرمنيءَ جو هو، جيڪو پوءِ جرمنيءَ ۾ ’ايڊولف هٽلر‘ جي فاشزم جي قبضي کان بيزار ٿي، پنهنجي زال ايلزبيٿ شارلوٽ زويگ، سان گڏجي، برازيل ۾ جلاوطني اختيار ڪئي ۽ اُتي ئي هنن ٻنهي ’پيٽروپولس‘ ۾ شهر 23 فيبروري 1942ع تي پنهنجي هٿن سان پنهنجو انت آندو.

4. لوح ايام (مختيار مسعود)
منهنجو هڪڙو دوست آهي غلام نبي سومرو صاحب جيڪو ليکڪ به آهي، سندن ڪافي ڪهاڻيون ۽ مضمون به ڇپيل آهن، پر هو سٺو پڙهاڪو به آهي. هڪ ڏينهن ڪچهري ڪندي، کانئس موڪلائڻ لڳس ته مونکي هڪ ڪتاب کڻي ڏنائين ۽ چيائين، ”هن ڪتاب کي نظر مان ڪڍي وٺجو....“ اهو ڪتاب مختيار مسعود جو ”لوح ايام“ هو. اهو ڪتاب ايراني انقلاب جي موضوع تي لکيل آهي. ليکڪ انقلاب کان ڪجهه مهينا اڳ ”آر. سي. ڊي“ جي سيڪريٽري جي حيثيت سان تهران ۾ مقرر ٿيو هو. هن ايراني انقلاب کي پنهنجي اکين سان ايندي ڏٺو ۽ ان جو مشاهدو ڪيو. هن شاهه کي ايران ڇڏيندي ۽ خمينيءَ کي ايران ايندي ڏٺو. ڪتاب ڏاڍو خوبصورت ۽ مائيدار نثر ۾ لکيل آهي، جيڪو ڏاڍو متاثر ٿو ڪري، آخر ۾ ڪجهه صفحا بور به ڪن ٿا، ان جو سبب طوالت به آهي. پر هڪ ڀيرو هٿ ۾ کڻڻ کانپوءِ اڌ ۾ ڇڏڻ تي دل ئي نٿي چوي. مونکي محترم غلام نبي سومري چيو ته ’تو ڪاپوشنسڪي جو ايراني انقلاب تي ڪتاب ”شهنشاهه“ به پڙهيو آهي ۽ هاڻ هي به پڙهي ڏس.“ ٻيئي ڪتاب پڙهيل هئڻ جي ناتي اهو رايو بيٺو اٿم ته ٻيئي ايراني انقلاب جي موضوع تي زبردست ڪتاب آهن. البت ڪاپوشنسڪي عالمي سطح جو ليکڪ هئڻ سبب، سندس ڪتاب جي وڌيڪ پذيرائي ٿي.
مختيار مسعود جا ٻه ڪتاب ٻيا به آهن. ”آواز دوست“ ۽ ”سفر نصيب“، پر ”لوح ايام“ ٻنهي ڪتابن کان ڪافي مٿي آهي.
لوح ايام، مون 3 جولاءِ 2011ع تي شام جو پڙهڻ شروع ڪيو هو ۽ 6 جولاءِ تي شام جو پڙهي پورو ڪيم. ڪتاب جا صفحا ڪُل 494 آهن.

هيٺ ڪتابن مان مارڪ ڪيل ڪجهه خوبصورت جملا اُتاريان ٿو.
• ايرانين کي سمجهڻ جي لاءِ انهن جي شاعريءَ کي سمجهڻ ضروري آهي.
• هو خيالي محبوبَ جي ياد ۾ شعر پڙهندا آهن ۽ موقعو ملندي ئي پنهنجي زال کي ڪُٽڪو ڏيئي ڇڏيندا آهن.
• بادشاهه ماريندو آهي ۽ پونئيرن کان مبارڪون به وصول ڪندو آهي.
• حڪومت اُن مهل جاڳندي آهي، جڏهن پاڻي مٿي تان وري ويندو آهي، ٽرڪون، بلديه جو عملو ۽ پوليس موقعي تي پهچي ويندي آهي. جتي هيڻا ماڻهو آباد هوندا آهن، اتي بلڊوزر هلائي ڇڏيندي آهي ۽ جتي ڏاڍا ماڻهو آباد هوندا آهن، اُتان پوليس ۽ عملو ڀڄي ويندو آهي.
• نظريه ضرورت جي رعايت سان پاڪستان واقعي هڪ نظرياتي رياست آهي.
• جيڪي ماڻهو سُکيا آهن، جن جا پيٽ ڀريل آهن. جن سڀني کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪيو، انهن جو ئي رويو سڀني کان خراب ۽ مايوس ڪندڙ آهي.
• وقت جي حڪومت هڪڙي ڳالهه ٿي چوي ۽ وقت ٻي ڳالهه ٿو چوي.
• جيڪي سياسي ۽ سماجي سڌارا وقت تي نه ٿين، اهي بي اثر ٿين ٿا ۽ انهن جي حيثيت سياسي تماشي ۽ سودي بازيءَ کان وڌيڪ نه هوندي آهي.
• ڊپ جي ڀت کڙي ٿي وڃي ته سڀ رشتا اُن جي ٻي پاسي رهجي وڃن ٿا.
• جن ماڻهن جي اهميت ۽ اختيارن ۾ ڪنهن جي ويچارپ جي ڪري واڌارو ٿئي ٿو، اهي ڪٺ پتلين جي تماشي کي ڊيگهه ڏيڻ چاهيندا آهن.
• نعرو گلي مان نڪري ته آواز جهڙي رفتار سان سفر ٿو ڪري، دل مان نڪري ته خيال جي رفتار کان به اڳتي نڪري وڃي ٿو.
• اسان جي پسماندگيءَ ۾ سڀ کان وڏو حصو اُن خوف ۽ ماحول جو آهي، جنهن جي ڪري، اسين حڪمرانن کان سندن حڪمراني جي دوران ڪوبه سوال نه پُڇندا آهيون.
• اڪيلي ڄڻي کي هر ڳالهه تي ڊپ ٿيندو آهي، پر جلوس ۽ ميڙ سدائين بهادر هوندو آهي.
• جڏهن گهڻا ماڻهو گڏجي وڃن ته ڊپ هنن جي ويجهو به نه ايندو آهي.
• سياري ۾ سج به لوڊشيڊنگ جي پروگرام تي عمل ڪندو آهي.
• تجربي موجب هنگامي حالتن ۽ اختيارن جو واسطو قاعدن سان نه پر حوصلي سان هوندو آهي. جيترا حوصلا تيترو اختيار.
• ماتحت ادارا هجوم جي تعداد جو اندازو لڳائڻ تي ايتري محنت نه ڪندا آهن، جيترو اُن ڳالهه جو اندازو لڳائڻ ۾ ته حڪومت کي ڪيترو تعداد راس ايندو.
• ملڪ جي خذمت جو هڪ طريقو ٻيو به آهي ته جڏهن اقتدار تي ويٺل همراهه کي ماڻهو ناپسند ڪرڻ لڳن ۽ ان جي ذات فساد جو بنياد بنجي وڃي ته ان وقت سندس راضي خوشيءَ سان منظر تان هٽي وڃڻ ئي ملڪ ۽ قوم جي سڀ کان وڏي خذمت آهي.
• عهدو ۽ ڪرسيءَ جو ڇڏڻ هجي يا تخت ۽ تاج تان دستبرداري، فيصلو جيڪڏهن بروقت ٿي وڃي ته ويندڙ ٿوري گهڻي عزت بچائي پاڻ سان کڻي ويندو آهي، نه ته ويندڙ خوار، ماڻهو پريشان ۽ ملڪ جو خانو خراب.
• نعرا هڻائڻ به هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي. اهو به هڪ فن آهي، ماهر فنڪار اهو هوندو آهي، جيڪو سُتل ميڙ کي جاڳائي ۽ جاڳيل ميڙ کي چيڙائي ڇڏي.
• امن، لڙائيءَ جي فيصلي ٿيڻ جو نالو آهي.
• جنگ جيان انقلاب به سدائين نوجوانن جي ڪلهن تي چڙهي ايندو آهي، جڏهن کيس بُک لڳندي آهي ته چڙهندڙ جوانين کي ڳڙڪائي وٺندو آهي. ايراني انقلاب ڪو روزو ته نه رکيو آهي.
• تجربو شاهد آهي ته جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪو انقلابي لمحو اچي ٿو ته دل ۾ پاڻ مرادو هڪ دري کلي وڃي ٿي.
• عوام جو آواز دٻائڻ هڪ فن آهي ۽ وقت جي حڪومت سدائين اُن وقت جي سرپرست ۽ قدردان رهي آهي.

5. اسپارٽيڪس (هاورڊ فاسٽ)
• جڏهن انسان غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندو آهي، تڏهن هو بنهه گهٽ سوچيندو آهي، ۽ هو هميشھ اُن کان وڌيڪ نه سوچيندو آهي ته کيس ٻيهر کاڌو ڪڏهن ملندو....؟
• ڪرسي ڪڏهن به ڪافي نه هوندي آهي. دولت ڪڏهن به ڪافي نه هوندي آهي، ڪرسي ۽ دولت مان ماڻهو ڍاپندو ئي ڪونهي.
• خدا فقط اميرن جون دعائون ٻُڌندو آهي. تنهنڪري هن خدا کي نه ٻاڏايو. امير ماڻهن کي صليب تي ڪونه چاڙهيو ويندوآهي. جڏهن ته هن جي جي سڄي زندگي صليب تي ٽنگجي گذري هئي ۽ سندس هٿ جي ترين ۾ ڪوڪا ازل کان ابد تائين ٺوڪيا پيا هئا.
• سمورا خواب سچا نه هوندا آهن، ڪجهه خواب ته انهن مسئلن جو اولڙو هوندا آهن، جن ۾ اسين جاڳندا گهيريل هوندا آهن.

مٿيان جملا ’هاورڊ فاسٽ‘ جي ناول ’اسپارٽيڪس‘ مان ورتا ويا آهن. پنهنجي زندگيءَ ۾ مون جيڪي به ٿورا ناول پڙهيا آهن ۽ جن مونکي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ مون هڪ ڀيرو نه، ٻه ٽي ۽ چار ڀيرا پڙهيا ۽ دوستن کي پڙهڻ جي لاءِ هرکائيندو رهيس. اهو ٻيو ڪونه پر ”هاورڊ فاسٽ“ جو لکيل شاهڪار ناول ”اسپارٽيڪس“ آهي.
اسپارٽيڪس ڪير هو، جنهن کي موضوع بنائي ”هاورڊ فاسٽ“ شاندار ناول لکيو. ڪارل مارڪس چواڻي، ”سڄي پراچين تاريخ ۾ سڀني کان وڌيڪ شاندار شخص ۽ عظيم جرنيل جيڪو ڪردار ۾ پاڪ هو ۽ قديم پرولتاريه جو حقيقي نمائندو هو.“ عظيم لينن وري چيو، ”اسپارٽيڪس انهن عظيم بغاوتن جي تمام وڏن هيرن مان هو، جيڪي غلامن ٻه هزار سال اڳ برپا ڪيون. روم جي ظاهري طور سگهاري سلطنت، جنهن جو سڄو دارومدار غلامن تي هو، ڪيترن ئي سالن تائين انهن غلامن جي زبردست بغاوتن جا ڌڪ سَٺا ۽ چوٽون کاڌيون، جن اسپارٽيڪس جي اڳواڻيءَ ۾ هٿياربند ۽ متحد ٿي وڏي فوج ٺاهي ورتي هئي.“
اسپارٽيڪس هڪ پيدائشي غلام هو، جنهن کي قتل ڪرڻ جي سکيا ڏني ويئي هئي ته جيئن هو خاص طور تي ٺاهيل آکاڙي ۾ غلام، غلام کي قتل ڪري وانڌن، بيڪار ۽ بدڪردار مالڪن جي لاءِ تفريح جو سامان مهيا ڪن. اهڙن ويڙهاڪن کي ”گلڊي ايٽر“ چئبو هو. هو ’روم جي سلطنت‘ جي انهن هزارين لکين غلامن مان هڪ هو، جنهن جي پنهنجي ڪابه شخصيت نه هئي ۽ جن کي جيئڻو ئي ان ڪري هو ته هو ڪنهن به مهل پنهنجي مالڪ (آقا) کي خوش ڪرڻ لاءِ مري وڃن. رومي سلطنت ۾ غلامن سان جيڪا بدترين حالت هئي، تنهن نيٺ غلامن کي بغاوت تي مجبور ڪيو ۽ انهن غلامن اسپارٽيڪس جي اڳواڻيءَ ۾ اها عظيم بغاوت برپا ڪئي، جنهن رومن ايمپائر جي بنيادن کي ئي لوڏي ڇڏيو. هن آقائن جي ظالماڻي ۽ ڳريل سڙيل حڪمرانيءَ جي خلاف بغاوت ڪئي. مايوس مردن، عورتن ۽ ٻارن بورچي خانن، طنبيلن ۽ ٻنين مان نڪري، عظيم ترين بغاوت ۾ سندس اڳواڻيءَ ۾ حصو ورتو. اسپارٽيڪس رڳو غلامن جي بغاوت جو ڪمانڊر ۽ قائد ئي نه هو، پر هو سندن لاءِ ٻاجهارو ۽ مهربان پيءُ به هو. هو هڪ عاشق به هو. نظريي دان به هو. هن جي سورهيائي، سمجهه ۽ ساڃاهه، روشن مستقل تي سندس پختو ايمان، دراصل اهڙيون خوبيون هيون، جيڪي آزاديءَ جي لاءِ وڙهندڙ عوام (هيٺين طبقن ۽ غلام قومن) جي اڳواڻن ۾ هوندي آهي. غلامن جي اُن بغاوت کي چٿڻ جي لاءِ ٻه وڏيون فوجون موڪليون ويون، پر غلامن کين تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. انهن شڪستن رومن ايمپائر جا لاهه ڪڍي ڇڏيا. اها بغاوت 73 قبل مسيح ۾ شروع ٿي ۽ 71 ق. م تائين جاري رهي.
اسپارٽيڪس ان جنگ ۾ سِر ڏيئي سرهو ٿيو. هو رڳو غلامن جي (73 ق.م) جي آزاديءَ جي جنگ جو هيرو ۽ رهبر ئي نه هو، پر هو بلند نظريي ۽ عظيم انساني آدرشن جي لاءِ وڙهي ويندڙ هر جنگ جو رهبر ۽ ليجنڊ ڪردار آهي.
”اسپارٽيڪس“ تي ناول لکندڙ آمريڪن اديب ”هاورڊ فاسٽ“ شاندار صلاحيتن سان ڀريل اديب هو. جنهن اَسي کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا، جن ۾ پنجاهه ناول، ڏهه ڊراما ۽ 20 نان فڪشن ڪتاب شامل آهن. رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته هن جا ناول هڪ سئو ملين کان به وڌيڪ تعداد ۾ وڪرو ٿيا. ويهين صديءَ ۾ هو سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس لکڻيون 82 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن.
هاورڊ فاسٽ، آمريڪا جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر هو. هو ”روءِ زمين تي سڀني غريبن ۽ محڪومن سان پنهنجي سڃاڻپ جي احساس جو سهرو“ پنهنجي پيءُ جي نالي ڪري ٿو، جنهن جو مزدور طبقي سان واسطو هو. سندس والدين يوڪرين جا هئا ۽ جتان هو لڏي آيا هئا. هاورڊ فاسٽ ۽ سندس ڀائر انتهائي غربت ۾ پلجي وڏا ٿيا. ان انتهائي غربت هارورڊ فاسٽ کان ”سٽيزن ٽام پين، The Unvanquished، فريڊم روڊ، دي آمريڪين، The Last Frontier ۽ اسپارٽيڪس جهڙا شاندار ناول لکرايا.
هاورڊ فاسٽ، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي معزز ميمبرن مان هو. هو 1949ع ۾ ’ورلڊ پيس ڪانفرنس‘ ۾ شرڪت جي لاءِ پئرس ويو ته اُتي مشهور مصور پڪاسو کيس چُميو ۽ کيس پنهنجي پسند جي ڪابه پينٽنگ کڻڻ جي آڇ ڪئي. بعد ۾ پبلو نرودا مٿس هڪ نظم لکيو. فاسٽ کي 1954ع ۾ ”اسٽالن پيس پرائز“ ڏنو ويو.
’اسپارٽيڪس‘ ناول لکڻ جو واقعو به ڏاڍو دلچسپ آهي. اهو آمريڪي فاشزم جو دور هو. هڪ اهڙو دور جنهن ۾ نوجوانن جو نعرو هو، ”حضرت عيسيٰ عه جي نالي تي هڪ ڪميونسٽ ماري ڏيو.“ ميڪارٿي ازم جو ڪميونسٽ دشمن دور. اُن سوچ، ڪميونسٽ تحريڪ کي دٻائڻ ۽ چٿڻ جا جيترا به طريقا اختيار ڪيا، اهي سڀ فاسٽ تي آزمايا ويا. اپريل 1946ع ۾ ”غير آمريڪي سرگرمين“ جي الزام هيٺ پارليامينٽ جي هڪ ڪميٽيءَ فاسٽ سان گڏوگڏ ڏکڻ فرانس ۾ رهندڙ سڀني ريپبلڪي مهاجرن جي مدد ڪندڙ تنظيم ”جوائنٽ اينٽي فاشسٽ رفيوجي ڪميٽي“ جي پندرهن ٻين ميمبرن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو، پارليماني ڪميٽي کانئن گهر ڪئي ته تنظيم جي ٽيهن هزار چندو ڏيندڙن جي نالن جي فهرست کين ڏيکاري وڃي. تنظيم جي بورڊ ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ پارليامينٽ جي 56 جي مقابلي ۾ 262 ميمبرن جي اڪثريت کين، پارليامينٽ جي توهين ڪرڻ تي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. فاسٽ کي جيل ۾ وڌو ويو. جيل ۾ رهڻ جي دوران ئي هن پنهنجو مشهور ناول ”اسپارٽيڪس“ لکڻ شروع ڪيو.
ڪميونسٽ دشمن ڪارروايون وڌنديون ويون. 1949ع ۾ سندس مشهور ناول ”سٽيزن ٽام پين“ کي نيويارڪ جي لئبررين مان ڪڍيو ويو. هو سدائين جاسوسن جي نگرانيءَ ۾ رهيو. هن جو پاسپورٽ ضبط ڪيو ويو ۽ جڏهن ’اسپارٽيڪس‘ ناول مڪمل ٿيو ته سڀني پبلشر اهو ڇاپڻ کان انڪار ڪيو. نيٺ 1951ع ۾ اهو نجي طور تي ڇاپيو ويو. ان جون پنجاهه هزار ڪاپيون وڪرو ٿيون. هاورڊ فاسٽ 88 سالن جي عمر ۾ 2003ع ۾ وفات ڪئي.
هاورڊ فاسٽ ’اسپارٽيڪس‘ ناول لکي، هر دور جي غلامن ۽ محڪومن (قومون ۽ طبقن) کي جدوجهد لاءِ اُتساهيو آهي. سندس چواڻي، ”اسپارٽيڪس جي اڳواڻيءَ ۾ غلامن جي اها جنگ بهادر مردن ۽ عورتن جي ڪهاڻي آهي. جيڪي پراچين دور ۾ گذريا ۽ جن جا نالا ڪڏهن به نه وساريا ويا آهن. هن ڪهاڻي جي هيرن انساني وقار ۽ آزاديءَ کي عزيز رکيو ۽ هو شرافت ۽ نيڪيءَ سان جيئرا رهيا. مون اهو ان ڪري لکيو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي اهي پڙهندا (منهنجا ٻارڙا ۽ دوست) اهي مستقل جي لاءِ سگهه حاصل ڪري سگهن ۽ ظلم ۽ بديءَ جي خلاف جدوجهد ڪن، جيئن اسپارٽيڪس جو خواب اسان جي پنهنجي دور ۾ پورو ٿي وڃي.“
هي هڪ اهڙو ناول آهي جيڪو جيترا ڀيرا به پڙهجي نئون اُتساهه ۽ سگهه ٿو ڏي. ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ چواڻي، ”سچي ڳالهه اها آهي ته مون کي اڄ ڏينهن تائين ان ناول جو ٻيو مَٽ ناهي مليو، نه دوستو فسڪي، نه ٽالسٽائي نه گورڪي ۽ نه ترهه ڪي. هي ناول سڀني ناولن جو بادشاهه آهي. هن ۾ مواد ئي مواد آهي، سبق ئي سبق آهي ۽ سڄي تاريخ آهي. اهو سماجيات جي الف بي آهي، اهو طبقن کي سمجهڻ، طبقاتي جدوجهد جي سببن ۽ دليلن تي دسترس رکڻ ۽ انقلاب جي سائنس سمجهڻ هڪ ڪُنجي آهي.“
خوش قسمتيءَ سان ’اسپارٽيڪس‘ ناول جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ ۽ مترجم پرويز ڪيو آهي.

6. تغلق (گريش ڪرناڊ)
عادت موجب ڪراچيءَ جي هڪ ڪتاب ۾ گهر ۾ ڪتاب ڦلهوريندي منهنجي نظر هڪ ننڍي ڪتاب تي وڃي پيئي، جنهن جو عنوان هو: ”تغلق“. اهو ڪنڙ زبان جي ليکڪ ”گريش ڪرناڊ“ جي ڊرامي جو اردو ترجمو هو، جيڪو آصف فرخيءَ ڪيو هو. ڪتاب خريد ڪري آيس ۽ پوءِ ٻين ڪتابن سان رکي ڄڻ وساري ڇڏيم، پوءِ هڪ ڏينهن پنهنجي لئبرريءَ ۾ ڪو ڪتاب ڳولهيندي ’تغلق‘ تي وڃي نظر پيم ۽ اُتي بيٺي بيٺي پنا اُٿلائڻ لڳس. ڪتاب ڏاڍو دلچسپ لڳم ۽ پوءِ جڏهن پڙهڻ شروع ڪيم ته هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي پورو ڪيم.... ۽ زبان مان بي اختيار واهه واهه نڪري ويئي.
ڪنڙ، هندستان ۾ ڳالهائي ويندڙ زبان آهي، جيڪا هندستان جي 26 قومي ٻولين مان هڪ آهي. ’تغلق‘ پهريون ڀيرو 1964ع ۾ ڇپيو، جيڪو ليکڪ جو ٻيو ڊرامو هو. تغلق اسٽيج تي پيش ٿيڻ شرط ئي ڪاميابي ماڻي ورتي. تنهن کانپوءِ اهو هندي، بنگالي ۽ مراٺي زباني ۾ به پيش ڪيو ويو ۽ جڏهن 1970ع ۾ ممبئي ۾ انگريزيءَ ۾ اسٽيج تي پيش ڪيو ويو ته ڊرامي جي هاڪَ هنڌين ماڳهين پکڙجي ويئي.
’تغلق‘ هندستان جي ناظرين ۾ ايترو گهڻو مقبول ڇو ويو؟ ۽ ماڻهن کي ايترو متاثر ڇو ڪيائين. ان جي ذڪر ڪندي ”گريش ڪرناڊ“ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
”تغلق جي تاريخ ۾ جنهن شئي مونکي سڀ کان گهڻو متاثر ڪيو، اها سندس عم عصريت هئي. اها حقيقت ته اسان جي سامهون آهي ته هو سڀني کان وڌيڪ آدرش وادي ۽ سڀني کان وڌيڪ ذهين بادشاهه هو، جنهن کي دهليءَ جي تخت تي ويهڻ نصيب ٿيو.... ۽ هو ئي ناڪام ترين حڪمرانن مان هڪ هو. ويهين سالن جي عرصي ۾ اهو بي پناهه باصلاحيت همراهه وکري چڪو هو، ان جو ڪارڻ سندس آدرش واڌ به معلوم ٿئي ٿو ۽ سندس پنهنجا اوگڻ به. جيئن تڪڙ، سندس تشدد پسندي ۽ خود سندس اهو غلط احساس ته هر سوال جو صحيح جواب رڳو وٽس ئي آهي، ۽ مونکي اهو احساس ٿيو ته سٺ واري ڏهاڪي ۾ هندستان ٻيهر ان طرف گهڻو اڳتي وڌي چڪو هو، ويهن سالن جو عرصو مونکي ان دور جو متوازي خط معلوم ٿيڻ لڳو....“
ان ڳالهه تي تبصرو ڪندي ڪتاب جي مهاڳ ۾ ’يو- آر آتٿ مورتي‘ لکي ٿو:
”هندستاني ناظرين ۾ ’تغلق‘ جي بي پناهه ڪاميابيءَ جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته اهو ’اڄ‘ جو ڊرامو آهي. ڪنهن ٻي ڊرامي جي ڀيٽ ۾ ”تغلق“ وڏي ڪاميابيءَ سان شڪست ۽ خواب جي ان سياسي موڊ کي ظاهر ڪيو، جيڪو نهروءَ جي آدرش وادي دور کان پوءِ هن ملڪ تي ڇانئجي ويو.“
هن ڊرامي جو موضوع تاريخ مان اخذ ڪيو ويو آهي. (مکيه ڪردار سلطان محمد تغلق)، پر ڪرناڊ جنهن انداز ۾ ان موضوع کي نباهيو آهي، اها رڳو تاريخ ڪونهي. مثال طور: اهو ڏسو ته ڪرناڊ ڪيئن هڪ اهم اشاري ’نماز‘ کي ورتو آهي. خاص طور تي ان منظر ۾ جنهن ۾ درٻار جا ڪجهه امير شهاب الدين سان گڏجي سلطان محمد تغلق کي نماز جي دوران قتل ڪرڻ جي رٿا ٺاهين ٿا. قتل جي مقصد لاءِ نماز جي وقت جي چونڊ، اهڙي طريقي سان ياد ٿو ڏياري، جنهن سان خود سلطان محمد پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ کي قتل ڪيو. نماز جو اهو عمل جيڪو سلطان کي ايترو عزيز آهي، سو، سلطان ۽ سندس دشمن، ٻنهي جي هٿان بي حرمت ٿئي ٿو ۽ اها ان ڳالهه جي علامت آهي ته سندس زندگيءَ جي ابتدا ۽ انتها مسخ ۽ خراب ٿي چڪي آهي. اهو سڄو منظر طنز جو مثال آهي. ان واقعي ۾ ملوث ٿيندڙن ۾ شهاب الدين به آهي، جيڪو بذات خود آدرش وادي آهي ۽ جنهن کي تغلق عهد حڪومت تي وڏو ڀروسو آهي ۽ اهوئي سازش جو شڪار ٿي مارجي وڃي ٿو. ان سازش جو ذميوار رتن سنگهه آهي، جيڪو سلطان جي خلاف ٿيندڙ سازشن کي وڏي چالاڪيءَ سان پنهنجي انتقامي مقصد جي تڪميل جي لاءِ استعمال ڪري ٿو. اها سازش نه رڳو ناٽڪ جي ڊرامائي خصوصيتن ۾ واڌارو ٿي ڪري، پر تغلق جي پنهنجي اذيت واري ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايل شخصيت جو ڊرامائي اظهار ٿي ڪري. ائين ناٽڪ جو سڄو خارجي عمل، سڄو وقت تغلق جي اندرينءَ ڊرامي کي ظاهر ٿو ڪري. تغلق سان گڏوگڏ شروع ۾ سندس دشمن به آدرش وادي نظر ٿا اچن، پر پنهنجي آدرش جي حصول خاطر هو ان جي بلڪل مخالف ڏوهه جا ڏوهاري ٿين ٿا. ان سڄي ڊرامي جي اُڻت ئي انهيءَ ضد تي آهي: آدرش ۽ حقيقت. نيڪ ارادا ۽ مڪار سازشون، پنهنجي سڄي خود آگهي ۽ مذهب سان لڳاءَ جي باوجود تغلق جيڪو آهي، سو آهي. هو پنهنجي زندگيءَ جي هر ان ضد کان مڪمل طور تي واقف ٿي وڃي ٿو. جڏهن مٿس ظاهر ٿئي ٿو ته ’عزيز‘ ئي اهو شخص آهي، جنهن سلطان جي سڀني منصوبن کي انتهائي ڪاميابيءَ سان پنهنجي مفاد جي خاطر استعمال ڪيو آهي ۽ اهوئي شخص غياث الدين کي قتل ڪري هڪ متبرڪ ۽ مقدس سفير جو ويس بدلائي سلطان جي درٻار ۾ اچي ٿو ته جيئن نماز ۽ ٻين عبادتن کي ٻيهر جاري ڪرائي. هن طنز جون حدون الميي سان وڃي ملن ٿيون. نيٺ سلطان تغلق ۽ سندس سلطنت ٻيئي انتشار جو شڪار آهن ۽ ان ڳالهه کان سلطان به باخبر آهي.
فيبروري 2011ع ۾ جڏهن پنهنجي دهليءَ جي سفر دوران، قطب مينار ڀرسان ’مسجد قوت الاسلام‘ جي کنڊرن لڳ محمد شاهه تغلق جي قبر وٽ بيٺو هوس ته منهنجي اڳيان نه رڳو گريش ڪرناڊ جي هن ڊرامي جا سين ڦري رهيا هئا، پر سندس درٻار ۾ رهندڙ مشهور سيلاني ابن بطوطه جي سفرنامي ۾ ان بادشاهه جي سفاڪي ۽ رهزني جا لکيل واقعا به ياد اچڻ لڳا. ابن بطوطه سلطان محمد تغلق جي هڪ ڀاڻيجي جي حوالي سان هڪ واقعو لکيو آهي ته: ”سندس هڪ ڀاڻيجي ”بهاالدين گشت“ سندس خلاف بغاوت ڪئي. بغاوت جي ناڪامي کانپوءِ جڏهن کيس گرفتار ڪري بادشاهه جي اڳيان آندو ويو ته بادشاهه حڪم ڏنو ته هن کي حرم ۾ سندس عزيز عورتن ڏانهن موڪليو وڃي، جتي انهن عورتن کيس گهڻو ئي گهٽ وڌ ڳالهايو، ٿڪون هنيون ۽ ’بجا ڏنا. ان بعد بادشاهه حڪم ڏنو ته سندس جيئري کل لاٿي وڃي ۽ ان کانپوءِ هن جي گوشت ۾ پلاءُ رڌائي، ان مان ڪجهه هن جي اهل اولاد کي موڪليو ويو ۽ باقي بچيل پلاءُ ٿالهه ۾ وجهي هڪ هاٿڻ کي کائڻ لاءِ ڏنو ويو، جو هن نه کاڌو، سندس لاٿل کل ۾ بهه ڀرائي سڄي ملڪ ۾ گهمايو ويو.“
هن ڊرامي جي معنويت ۽ اهميت ’اڄ‘ جي حوالي سان به آهي ۽ اُن تاريخ جي حوالي سان به آهي، جنهن ۾ اسين هر گهڙي جيئون ٿا ۽ جنهن جي جبر ۾ اسين گرفتار آهيون.

7. ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن
گذريل سال، ڪنهن ڏينهن موبائيل ميسيجز جي ذريعي پنهنجي دوست ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ سان هلڪي ڦلڪي گفتگو هلي رهي هئي، جو اوچتو هن مون کان سوال پُڇيو، ”اڄڪلهه ڪهڙو ڪتاب پيو پڙهين؟“
”جان ريڊ جو آڪٽوبر انقلاب جو اکين ڏٺو احوال ’ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن‘ وري پڙهڻ شروع ڪيو اٿم.“ وراڻيومانس.
”زبردست.“ ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ وراڻيو، ”اهو ڏاڍو زبردست ڪتاب آهي. ڪامريڊ لينن جي خواهش هئي ته اهو دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ترجمو ٿئي ۽ لکن جي تعداد ۾ ڇپجي. مون ڪامريڊ لينن جي خواهش کي نظر ۾ رکندي ان ڪتاب جو بلوچيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.“
”ڇا ڪتابي صورت ۾ اچي ويو آهي.“ مون پڇيومانس.
”نه، اڃا ته نه ڇپيو آهي، پر جلدئي ڇپجي ويندو.“ جواب ڏنائين.
”جڏهن به ڇپجي ته مونکي ان جي هڪ ڪاپي ضرور موڪلجو.... جيتوڻيڪ بلوچي مونکي نٿي اچي، پر اهو آئون پاڻ وٽ رکڻ چاهيندس.“ مون چيس.
”اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو آهي؟“
”نه، سنڌيءَ ۾ ترجمو نه ٿيو آهي.“ وراڻيومانس.
”ته پوءِ تون ڪامريڊ لينن جي خواهش کي نظر ۾ رکندي، اهو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪر.“ ڊاڪٽر شاهه محمد موقعي مان فائدو وٺندي چيو.
مون گهڙي کن سوچي پوءِ وراڻيومانس، ”هائو، آئون ڪامريڊ لينن جي خواهش پوري ڪرڻ خاطر اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ضرور ترجمو ڪندس.“
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ان سنڌي ترجمي جو ٽائيٽل ڇپجي ويو ۽ ڪتاب جي ڇپائي شروع ٿي ته مون ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ کي ٻڌايو ته آگسٽ 2013ع ڌاري اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ويندو ته پاڻ ٻڌايائين ته ان ڪتاب جو سندس ڪيل، بلوچي ترجمو به آگسٽ ۾ ئي ڇپجي ويندو.
آڪٽوبر انقلاب گذريل صديءَ جو عظيم واقعو هو. جنهن نه رڳو دنيا جي نقشي کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو، پر عوامي خواهشن، اُمنگن ۽ خوابن جي ساڀيان طور پهرين سوشلسٽ رياست کي جنم ڏنو. جيتوڻيڪ گذريل صديءَ جي آخري ڏاڪي ۾ ’سوويت يونين‘ جو وکرڻ خود هڪ عظيم الميو هو، پر اُن الميي، پوءِ هڪ ٻي جي پويان ڪيترن ئي المين کي جنم ڏنو. حق باطل بنيو ۽ باطل حق. سٺائي، بدي بنجي ويئي. ملڪن جا نقشا بدلجي ويا. ڪيترائي نوان ملڪ وجود ۾ اچي ويا. ڪيترائي پُراڻا ملڪ يا ته پاڻ ۾ ضم ٿي ويا يا نابود ٿي ويا، جيڪو ڪوڙ ٿي لڳو، اهو سچ ٿي پيو ۽ جيڪو سچ هو، اهو وهم بنجي ويو.... ۽ آمريڪا ۽ سندس سرمائيداري نظام سڀ کان وڏي حقيقت ۽ طاقت بنجي اسان جي سامهون آيو ۽ دنيا هاڻ نه رڳو ان جو نتيجو لوڙي رهي آهي ۽ سوشلسٽ سماج جي سُٺائين جي ڀيٽ ۾، سرمائيداري نظام پنهنجي سڀني ذلالتن سان اُڀري سامهون آيو آهي.
”ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن“ ان آڪٽوبر انقلاب جي اکين ڏٺي ڪهاڻي آهي، جيڪا ’جان ريڊ‘ بيان ڪئي آهي ۽ هن اها ايڏي ته پرجوش نموني بيان ڪئي آهي جو پڙهندڙ خود ان جو حصو بنجندو ٿو وڃي، جان ريڊ انهن ڏهن ڏينهن جي احوال کي، جنهن جي ڪُک مان پوءِ ’سوويت يونين‘ جنم ورتو، نهايت پيرائتي ۽ دلچسپ نموني بيان ڪيو آهي. پاڻ کي ان جدوجهد کان ڌار سمجهڻ بدران چوي ٿو، ”ان جدوجهد ۾ منهنجون همدرديون اڻ ڌريون نه هيون.“
جان ريڊ هڪ ڪميونسٽ ۽ آمريڪي ليکڪ هو. جنهن جو جنم 22 آڪٽوبر 1887ع تي ’پورٽ لينڊ‘ نالي آمريڪا جي شهر ۾ ٿيو. سندس پيءُ هڪ مزدور هو. جنهن کي نه رڳو ظلم کان نفرت هئي، پر هن ظلم جي خلاف جهيڙيو به. ائين جان ريڊ جي رڳن ۾ هڪ مجاهد ۽ سرڪش انسان جو رت گردش ڪري رهيو هو.
جان ريڊ ڪهاڻيون، مضمون، شاعري ۽ ڊراما لکيا. سندس طرز تحرير ۾ ايترو ته اثر هو، جو پبلشر سندس لکڻيون حاصل ڪرڻ لاءِ سندس پويان ڀڄندا وتندا هئا ۽ کانئس سٺن معاوضن تي سندس لکڻيون خريد ڪندا هئا. وڏيون وڏيون اخبارون کيس بين الاقوامي واقعن تي تبصرا لکڻ جي لاءِ دعوت ڏينديون هيون.
جان ريڊ هڪ اهڙو انقلابي ليکڪ هو، جيڪو جت به ڪو واقعو ٿيندو هو ته سڀني کان اڳ پهچڻ جا جتن ڪندو هو. سندس ان خصلت جو ذڪر ڪندي سندس دوست ۽ ساٿي ’البرٽ. آر. وليمس‘ لکي ٿو، ”هو دنيا جي رستن تي جهان گرد بنجي ويو، جيڪي ماڻهو سهيوڳي مامرن کان باخبر رهڻ چاهين ٿا، تن کي فقط ان جي ضرورت آهي ته هو جان ريڊ جي پويان پويان هلن، ڇاڪاڻ ته جت به وڏيون شيون ٿينديون هيون، هو اُتي ڪنهن طوفاني پکيءَ جيان اک ڇنڀ ۾ پهچي ويندو هو.“
ان سلسلي ۾ هو سدائين خطرا کڻڻ کان به نه مُڙندو هو. البرٽ آر. وليمس لکي ٿو، ”خطرو کڻي ڪيترو به هجي، پر اهو جان کي اُتي پهچڻ کان روڪي نه سگهندو هو. خطرو کڻڻ ته ڄڻ هن جي ضمير ۾ شامل هو ۽ هو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اُت پهچڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هڪ ڀيري اسين ’ريگا‘ جي محاذ تي موٽر ڪار ۾ ’ويندن‘ وڃي رهيا هئاسين، جو جرمن توپ خاني ان ننڍي ڳوٺ تي گولا وسائڻ شروع ڪيا ۽ اوچتو اهو ڳوٺ جان ريڊ لاءِ دنيا جي سڀ کان دلڪش جاءِ بنجي ويئي. هن اسان تي زور ڀريو ته ته اسين اوڏانهن هلئون. اسين احتياط سان سُرندا اڳتي وڌي رهيا هئاسين، جو اوچتو هڪ گولو اسان جي پويان اچي ڦاٽو ۽ اسين رستي جي جنهن حصي تان گهڙي کن اڳ لنگهيا هئاسين، اهو دُونهه ۽ مٽيءَ جو ڦوهارو بنجي ويو. ڊپ سبب اسين هڪٻئي کي چهٽي وياسين. پر هڪ منٽ کانپوءِ جان جو چهرو خوشيءَ سبب ائين ٻهڪڻ لڳو، ڄڻ سندس ڪا اندروني گهرج اجهو پوري ٿي هجي.“
جان ريڊ، سڄي دنيا جو، سڀني ملڪن ۽ محاذن جو سفر ڪيو. هو هڪ غير معمولي ڪارنامي مان گذري ٻي طرف هليو ويندو هو. پر هو ڪو مهم جو نه هو. هو هڪ اهڙو سفري اخباري خاطو، هڪ اهڙو تماشائي هو، جيڪو ماڻهن جي تڪليفن کي غير جذباتي انداز ۾ ڏسندو هو. سڄي افراتفري، گندگي ۽ رتوڇاڻ جي ڪري سندس انصاف وارو احساس ۽ شائستگي متاثر ٿيندي هئي ۽ هو تيزيءَ سان انهن بڇڙاين جون پاڙون ڳولهڻ شروع ڪندو هو ته جيئن انهن کي ڪڍي ڦٽو ڪجي.
”ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن“ (Ten Days that shook the world) پهريون ڀيرو 1919ع ۾ آمريڪا ۾ ڇپيو ۽ روسي زبان ۾ 1923ع ۾ سوويت يونين ۾ ڇپيو. لينن هن ڪتاب جي آمريڪي ايڊيشن لاءِ جيڪو پيش لفظ لکيو، تنهن ۾ هن ڪتاب جي گهڻي واکاڻ ڪئي ۽ لکيو ته ’هن ڪتاب ۾ عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جو سچو پچو احوال پيش ڪيو ويو آهي.‘
آمريڪا ۾ هن ڪتاب کي ڇپجڻ کان روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويئي، ڇو ته آمريڪي فاشسٽن نٿي چاهيو ته هي ڪتاب عوام تائين پهچي ۽ هن ڪتاب جو مواد چورائڻ جي لاءِ هو ڇهه ڀيرا پبلشر جي آفيس تي حملي آور ٿيا.
جان ريڊ کي سندس انقلابي سرگرمين سبب آمريڪا ۾ ڪيترن ئي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو. مٿس ڪيس هلايا ويا، پر هو پنهنجي انقلابي ڪم کان نه مُڙيو ۽ ائين ڪرڻ هن جي وس ۾ به نه هو. سماجواد انقلاب سندس روح ۽ دل کي کٽي ورتو هو. هڪ ڀيري جڏهن هو ڳجهي نموني نيويارڪ وڃي رهيو هو ته هڪ جهازي جي دغابازي سبب کيس فن لينڊ ۾ لاهي جيل ۾ قيد تنهائي ۾ رکيو ويو. اتان کان هو پوءِ واپس روس موٽي آيو، جو آمريڪا ۾ پنجن سالن جي قيد جي سزا سندس آڌرڀاءُ ڪرڻ جي لاءِ تيار هئي. روس ۾ هن ’ڪميونسٽ انٽرنيشنل‘ ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ باڪو ۾ مشرقي قومن جي ڪانگريس ۾ ڊيلي گيٽ جي حيثيت سان شريڪ ٿيو. هو ٽائفس جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو ۽ 17 آڪٽوبر 1920ع تي وفات ڪيائين.
جان ريڊ کي ان هنڌ دفنايو ويو، جيڪو هنڌ کيس سڀ کان گهڻو پسند هو. ماسڪو ۾ ڪريملن جي ڀت جي ڇانوَ ۾ چوڪ وٽ. اتي سندس قبر تي هڪ يادگار کوڙيو ويو، جيڪو سندس ڪردار تي ڀرپور روشني وجهي ٿو. ”جان ريڊ ٽين انٽرنيشنل ڪانگريس ۾ ڊيلي گيٽ 1920ع“.
’ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن‘ بنا ڪنهن وڌاءَ جي هڪ وڏو ۽ شاهڪار ڪتاب آهي، جيڪو انقلابي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ هر فرد کي پڙهڻ گهرجي.

8. برٽرنڊ رسل جي آتم ڪهاڻي
”ٽي سادا، پر پرجوش جذبا منهنجي زندگيءَ تي حڪمراني ڪندا رهيا آهن. (1) محبت جي ڳولا، (2) علم جي جستجو، ۽ (3) انساني نسل جي لاءِ بي پناهه ڏُک.
اهي ٽيئي جذبا، تيز هوائن جيان منهنجي زندگيءَ جي ٻيڙيءَ کي ڪڏهن هِتي ته ڪڏهن هُتي ڌڪيندا رهيا آهن.
- مون محبت جي ڳولا اُن ڪري ڪئي ته اهو هڪ وجد ۾ آڻيندڙ جذبو آهي. ايترو ته وجد ۾ آڻيندڙ، جو اهڙي خوشيءَ جي هڪ گهڙيءَ جي لاءِ آئون سڄي زندگي فدا ڪري ڇڏيان. مون انَ جي جستجو ان ڪري به ڪئي، جو اها اڪيلائي جي احساس کي ختم ٿي ڪري. اها ڀوائتي اڪيلائي جنهن ۾ ڏڪندڙ ڪنبندڙ شعور، سرد، حد کان وڌيڪ ۽ زندگيءَ کان محروم اٿاهه گهرائين ۾ ڪائنات جي آخري ڪُنڊ کي ڌيان ۾ آڻي ٿو. مون محبت جي جستجو ڪئي ۽ اها حاصل ڪيم.
- ايتري ئي شدت سان مون علم جي جستجو به ڪئي. مون انسان جي دلين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڄاڻڻ چاهيو ته تارا ڇو ٿا چمڪن، تنهن کانسواءِ مون اُن فيثا غورثي سگهه کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سان انگ ڦيرگهير کان مٿانهان رهن ٿا- گهڻو نه پر، ان جو ڪجهه حصو مونکي ضرور نصيب ٿيو.
- محبت ۽ علم مونکي ممڪن حد تائين آسمان جي اُتاهين طرف وٺي ٿي ويا، پر هر ڀيري ڏُک ۽ پيڙائون مونکي واپس ڇڪي زمين تي وٺي ٿي آيون، درد جي رڙين جا پڙاڏا منهنجي دل کي ڪنبائي ڇڏيندا آهن.... ڏُڪاريل ٻارڙا، حملي آورن جا ستايل، اولاد جي لاءِ بي زاري جو سبب بنيل پوڙها، اڪيلائي، مفلسي، ڏکن ۽ پيڙائن جي ستايل دنيا منهنجي آدرشي زندگيءَ جو مذاق اُڏائي ٿي. آئون بديءَ کي گهٽائڻ چاهيان ٿو، پر گهٽائي نٿو سگهان. تنهنڪري آئون پاڻ به نقصان ۾ رهان ٿو.
اها منهنجي زندگي آهي. مون اُن کي جيئري رهڻ جي قابل سمجهيو آهي. جيڪڏهن مونکي ٻيهر موقعو ملي ته آئون خوشيءَ سان گهارڻ چاهيندس.“

مٿيان لفظ گذريل صديءَ جي عظيم ڏاهي، لبرل ۽ انسان دوست قدرن جي اهم نمائندي برٽرنڊرسل پنهنجي آتم ڪهاڻي جي مهڙ ۾ هن ”ٽي مقصد“ جي عنوان سان لکيا آهن. اهي لفظ ئي اهو لائحه عمل هو، جنهن تي عمل ڪندي رسل پنهنجي زندگي گذاري. رسل جي فڪري عمل جي هم آهنگيءَ کيس عظمت سان نوازيو. هو هڪ بي مثال رياضي دان ئي نه پر وڏو فلاسافر ۽ هڪ بهترين انسان به هو. هن جي نظرين سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر هن جون تهذيب ۽ انسانيت، حق ۽ انصاف، امن ۽ خوشحالي، شعور ۽ سمجهه جي بالادستيءَ خاطر ڪيل خذمتون نظر انداز ڪرڻ ممڪن نه آهن.
لارڊ برٽرنڊ آرٿر وليم رسل 18 مئي 1872ع تي انگلينڊ جي هڪ وڏ گهراڻي ”رسل“ ۾ پيدا ٿيو. هن جي جنم جي ٽي ڏيهاڙي سندس امڙ هڪ خط ۾ سندس بابت لکيو، ”هو پنهنجي ڪنڌ کڻي حيرانيءَ سان آسپاس ڏسي ٿو.“
۽ سڄي زندگي هو دنيا کي ائين ئي ڏسندو رهيو.
برٽرنڊرسل هڪ اهڙو فلسفي هو، جنهن دنيا کي امن جو گهوارو بنائڻ ٿي چاهيو. هن پنهنجي ضمير جي سڏ تي لبيڪ چيو. ان سلسلي ۾ هن ڪيترائي اهم قدم کنيا، پمفليٽ لکيا، مظاهرا ڪيا، ظلم ۽ تشدد جي مخالفت ڪرڻ تي رسل کي سماج دشمن ۽ غدار قرار ڏنو ويو. سندس ليڪچرن ۾ هُل ۽ هنگاما ۽ تشدد سان مداخلت ڪئي ويندي هئي. دوست يار به ساٿ ڇڏي ويس. ميڪ ٽيگرٽ جيڪو رسل جو دوست هو، تنهن لاڳاپن کي نظر انداز ڪندي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان کيس ڪڍڻ جي لاءِ جلوس ڪڍيو ۽ ڪيترائي مظاهرا ڪيا. سندس هڪ ٻي سنگتي ۽ ناليواري اديب دوست ’ايڇ. جي ويلز‘ کيس سرعام گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ مٿس گند اُڇليندي چيو، ”رسل اهڙو فلسفو ٿو جهاڙي، جيڪو ڪنهن کي به سمجهه ۾ نٿو اچي. هو اقليدس جي رياضي تي بيڪار ۽ اجائي تنقيد ٿو ڪري.“
امن پسنديءَ جي وڪالت ۾ هڪ پمفليٽ لکڻ تي 15 جون 1916ع تي رسل تي هڪ سئو پائونڊ ڏنڊ وڌو ويو، پر هن ڏنڊ ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي سندس لئبرري جو هڪ حصو نيلام ڪيو ويو، جنهن ۾ رياضيءَ جا ڪيترائي ناياب ڪتاب به شامل هئا، پر هن جي ارادن ۾ لوڏو نه آيو. کيس 1918ع ۾ هڪ مضمون لکڻ جي ڏوهه ۾ چار مهينا قيد جي سزا ڏني ويئي. ان مضمون ۾ هن لکيو هو ته، ”انگلينڊ ۾ هڙتال کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ آمريڪي فوج کي گهرايو وڃي، جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ اهو فرض ادا ڪرڻ جي عادي آهي.“
ويٽنام جي جنگ دوران هن جنگي ڏوهن ۽ جنگي ڏوهارين کي انساني ضمير جي آڏو پڌرو ڪرڻ جي لاءِ دنيا جي ناليوارن قانوندانن ۽ دانشورن تي ٻڌل هڪ ٽربيونل قائم ڪيو، جنهن ۾ زال پال سارتر ۽ سيمون دي بوار به شامل هئا. ان ٽربيونل جو مقصد اهو هو ته جنگ پسند آمريڪا جي حڪمرانن کي هڪ اهڙي عالمگير انصاف جي آڏو بيهارجي، جنهن کي هو نٿا مڃين، پر هو هڪ اهڙي گهري ملامت جو شڪار ٿين، جنهن جي سمجهه حاصل ڪرڻ جي منجهن ڪونهي. ٽربيونل جي ڪاروائي پئرس ۾ ٿيڻي هئي، پر فرانس جي حڪومت پاران اجازت نه ڏيڻ سبب ڪاروائي جي شروعات 2 مئي 1967ع تي اسٽاڪ هالم (سويڊن) ۾ ٿي. ٽربيونل ويٽنام مان حاصل ڪيل سڌين سنئين شاهدين جي آڌار تي 10 مئي 1967ع تي آمريڪا ۽ سندس اتحادي آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ ڪوريا کي ڏوهاري قرار ڏنو ۽ ان وقت جي آمريڪي صدر لنڊن بي جانسن کانسواءِ آمريڪي عملدارن ڊين رسڪ، رابرٽ ميڪنامارا، هينري ڪيسٽ لاج ۽ جنرل مرولينڊ کي موت جي سزا جو حڪم ٻُڌايو. اهي جنگي ڏوهاري ايترا ته سگهارا هئا، جو جسماني طور تي کين اها سزا ڏيڻ ممڪن ته نه هئي، پر ’رسل ٽربيونل‘ جو فيصلو دنيا جي ضمير جو آواز هو. جنهن بااثر ڏوهارين تي اهڙي ته گهري ملامت ڪئي، جنهن کي سمجهڻ سندن وس جي ڳالهه نه هئي.
رسل بني نوع انسان کي ائٽمي هٿيارن جي تباهي کان بچائڻ جي لاءِ به ڀرپور آواز اُٿاريو. 1961ع ۾ کيس نوي سالن جي عمر ۾ ان وقت مظاهرو ڪندي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن هو هڪ رستي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيو هو.
رسل جيتوڻيڪ شروعاتي دور ۾ اشتراڪيت کي بهتر سماج اڏڻ لاءِ سٺو سمجهندو هو ۽ روسي انقلاب جي شروعاتي ڏينهن ۾ هو چوندو هو، ”هي جهان نفرت جوڳو آهي ۽ رڳو لينن ۽ ٽراٽسڪي ئي روشن ستارا آهن.“ پر روس جي دوري کانپوءِ سندس خيال بدلجي ويا. ساڳئي طرح هن چين جو به دورو ڪيو ۽ هڪ سال تائين اُتي رهيو. ان زماني ۾ چين اشتراڪي انقلاب ڏانهن وڌي رهيو هو. رسل روسي تجربن تي ٻڌل The Practice and Theory of Bolshevism جي نالي سان ڪتاب لکيو. ان ڪتاب ۾ هن کليل نموني روس ۾ ٿيندڙ تجربن بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. رسل ته انقلابي حڪومت کي زار جي حڪومت کان به وڌيڪ جابر سڏيو. هن هڪ هنڌ لکيو، ”اشتراڪيت هڪ اهڙو حمام تعمير ڪري ٿي جتي تازي هوا جي هر ساهه کي پري رکڻ ضروري خيال ڪيو وڃي ٿو.“ هن چين جي سياحت جا تاثرات The Problems of China جي نالي سان لکيا، رسل ان زماني ۾ اڳ ڪٿي ڪئي هئي ته دنيا ۾ ٽي وڏيون قوتون آمريڪا، روس ۽ چين وڃي بچنديون ۽ مائو جي قيادت ۾ اها اڳ ڪٿي سندس زندگي ۾ ئي پوري ٿي چڪي هئي.
اشتراڪيت ۽ مذهب کي رد ڪرڻ کانپوءِ رسل پنهنجي نصب العيني دنيا جا خط و خال چٽا ٿو ڪري. هن جنهن يوٽوپيا جو تصور پيش ڪيو آهي، اهو بنيادي خصوصيت جي لحاظ کان اشتراڪيت جي بلڪل ويجهو آهي. ٻين اشتراڪي نظامن کان مٿڀرو ثابت ڪرڻ جي خاطر ان کي ’جمهوري اشتراڪيت‘ جو نالو ڏيئي سگهجي ٿو. مروجه اشتراڪيت جي مخالفت جو مقصد اهو به ڪونه هو ته اسان جو هي انسان دوست فلسفي انسانيت ڪش سرمائيداريت جو حامي آهي. سندس نظر ۾ اهي ٻئي نظام فرد جي پرماريت جون ڌار ڌار شڪليون آهن. جيڪڏهن اشتراڪي سماج ۾ انساني ماحول کي هڪ خاص سانچي ۾ وڌو وڃي ٿو ته ٻي طرف غير اشتراڪي سماج ۾ به اشتراڪيت جي خلاف نفرت کي بنيادي اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ نئين نسل کي خاص طور تي اهو سيکاريو وڃي ٿو ته اهو نظام بني نوع انسان جو سڀ کان وڏو دشمن آهي. ان لحاظ کان اهي ٻيئي نظام هڪجهڙن بنيادن تي فرد دشمن آهن.
مٿي ذڪر ڪيل رسل جي آتم ڪهاڻي، رسل پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي ٽن جلدن ۾ ڇپرائي. پهريون جلد 1967ع، ٻيو 1968ع ۽ ٽيون 1969ع ۾ ڇپيو. پوءِ انهن ٽنهي جلدن کي گڏي ڇپيو ويو. اهو ڪتاب رسل جي سڄي زندگيءَ جي تجربن جو نچوڙ آهي. پوئين عمر ۾ رسل افسانا به لکڻ شروع ڪيا. هو چوندو هو ”مون زندگيءَ جا پهريان اَسي سال فلسفي جي خاطر وقف ڪيا هئا. هاڻ آئون ايندڙ 90 سال فڪشن جي هڪ ٻي صنف جي لاءِ وقف ڪرڻ ٿو چاهيان.“
اسان جو هي انسان دوست دانشور چوٿين فيبروري 1970ع تي وفات ڪري ويو. ٻي ڏينهن هڪ مقامي ديول ۾ سندس وصيت موجب سندس لاش کي ساڙيو ويو. هو اوڀر جي انسان دوستي ۽ اولهه جي سائنس پرستيءَ جو علمبردار هو. ڪنهن اڪيلي فرد جهالت، ظلم ۽ شر جي خلاف ايڏي ڊگهي جنگ نه وڙهي هئي. جيتري هن وڙهي. هو چوندو هو، ”آئون پنهنجي اکين جي تصور ۾ انساني نسل جي هڪ خوشيءَ واري لهر ڏسي رهيو آهيان. جڏهن ته ڊپ ۽ نفرت جي ڊگهي رات ختم ٿي ويندي. آئون هڪ اهڙي سونهري دور جي اوسيئڙي ۾ آهيان، جيڪو تاريخ ۾ اڳ ۾ ڪڏهن به نه آيو هو. اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي، جڏهن انسان موت کان وڌيڪ زندگيءَ کي ترجيح ڏي.“

9. ٿئنڪ يو مسٽر گيلارڊ (ناول، ليکڪ: انل بروي)
ممبئي مان هڪ اردو رسالو ’اوراق‘ نڪرندو آهي. ڳچ سال اڳ ڪراچيءَ ۾ هڪ دوست وٽ ان جو هڪ پرچو پيل ڏٺم. سرسري طور ڏسڻ سان پرچو وڻيم ۽ کانئس منٿ ڪري پڙهڻ جي لاءِ اُڌارو وٺي آيس. ان ۾ هندستان ۾ ڳالهائيندڙ مراٺي ٻوليءَ جي ليکڪ ”انل بروي“ جي هڪ ننڍي ناولٽ جو ترجمو ”ٿئنڪ يو مسٽر گيلارڊ“ جي نالي سان ڇپيل هو. جيئن ئي ناولٽ پڙهڻ شروع ڪيم ته ان جي مَنڍ ۾ منڊبو ويس ناولٽ ته کڻي ننڍڙو هو، پر اهو ايترو ته دلچسپ هو ۽ ان جي اُڻت ايتري ته شاهڪار هئي، جو ڄڻ هڪئي ساهيءَ ۾ ٻه ڀيرا پڙهي ويس. انل بروي اهو ناولٽ هندستان جي ”نڪسلاهٽ“ هلچل جي پسمنظر ۾ لکيو آهي.
ناول جي مکيه ڪردار هڪ انقلابي کي، جيڪو پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر ۽ سندس نالو ’ڊاڪٽر وير ڀوشن پٽنايڪ‘ هو، تنهن کي ڦاسي جي سزا مليل هئي ۽ سزا تي عمل ڪرڻ لاءِ کيس، جنهن جيل ۾ موڪليو وڃي ٿو، ان جو سپرنٽنڊنٽ مسٽر گيلارڊ پنهنجي وقت جو ناليرو ۽ ظالم آفيسر هو. سندس نالي ٻُڌڻ سان ئي گهڻن قيدين جا مُٽ وهي ويندا هئا. پر نڪسلي انقلابيءَ کيس کنگهيو به ڪونه. کيس پنهنجي مقصد تي ايترو ته يقين هو، جو موت هن لاءِ ڄڻ هڪ راند هئي. گيلارڊ گهڻي ڪوشش ڪئي، ظلم ۽ تشدد ڪيو، پر قيدي هيڻي نه ٻولي.
مسٽر گيلارڊ، جيڪو بظاهر ظالم ۽ دهشت جي علامت هو، تنهن ڪنهن زماني ۾ هڪ جرمن يهودڻ عورت مريم سان پيار جو پرڻو ڪيو هو. مريم مان مسٽر گيلارڊ کي هڪ ڌي هئي ’جيني‘، جيڪا نه رڳو سراپا سونهن هئي، پر باشعور ۽ شاعرا به ئي. هوءَ انهن ڏينهن هندستاني روايتن موجب پنهنجي پهرين ويم لاءِ مسٽر گيلارڊ وٽ هندستان ايندي آهي. مسٽر گيلارڊ کيس جيل گهمائيندي نڪسلي قيديءَ سان پڻ ملائيندو آهي، پوءِ ٻنهي ۾ ڪافي ميل ملاقاتون ۽ بحث مباحثا ٿيندا آهن.
جنهن رات نڪسلي قيدي کي ڦاسي ملڻي هوندي آهي. اُن رات جينيءَ کي به ويم جا سُور شروع ٿي ويندا آهن. اتفاق سان اها رات ڏاڍي طوفاني ۽ سخت برسات واري هوندي آهي. برسات سبب ٻنا ٻوڙ ٿي ويندي آهي ۽ شهر وڃڻ جي لاءِ رستا ٻُڏي ويندا آهن. نرس، مسٽر گيلارڊ کي چوندي آهي ته جيني جو نارمل ويم ممڪن ڪونهي، کيس آپريشن لاءِ شهر جي اسپتال وٺي وڃڻو پوندو. ٻي صورت ۾ جيني جو بچڻ ممڪن ڪونهي.
مسٽر گيلارڊ پريشان ٿي ويندو آهي. نرس کيس صلاح ڏيندي آهي ته نڪسلي قيدي، جيڪو سٺو سرجن به هو، اهو جيني جي آپريشن ڪري. ٻي پاسي قيديءَ جي ڦاسيءَ ۾ باقي ڪجهه ڪلاڪ هوندا آهن.
اچو ته اهو منظر آئون اوهان کي ڪتاب مان پڙهايان.

ڦاسي جي کوليءَ ۾ ڦندو لڙڪي رهيو هو. ٻاهر ڪڪرن جي گوڙ ۽ تيز بارش حالتن کي خراب ڪري ڇڏيو هو. نڪسلي پنهنجي کوليءَ ۾ سڪون سان سُتو پيو هو. ماياڪو وسڪي جي شاعريءَ جو کليل ڪتاب هن جي دل جون ڌڙڪنون ڳڻي رهيو. سينئر جيلر ٿورو حيران ٿي ويو. چئن ڪلاڪن کانپوءِ ڄڻ هن کي مرڻو ئي نه هو. کيس گيلارڊ صاحب جي ڌيءَ جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪيئن چوي؟ هن هٿن سان رول کي سيخن تي هنيو.

ڪڙڪڙ جي آواز سبب نڪسلي جي ننڊ ڦٽي ويئي. ”ڊاڪٽر.... ڊاڪٽر.“ سينئر روئڻهارڪي آواز ۾ سڏڻ لڳو.

نڪلسي اُٿي ويهي رهيو ۽ هن ڏانهن ڏٺائين ۽ پُڇيائين.
”هلڻ جو وقت ٿي ويو آهي ڇا؟“
سينئر نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
”ته پوءِ مونکي ڊسٽرب ڇو ڪيوَ.“
سينئر گهڙي کن خاموش رهيو ۽ پوءِ چيائين، ”گيلارڊ صاحب اوهان جو اوسيئڙو ڪري رهيو آهي. جيني سخت تڪليف ۾ آهي.“
نڪسليءَ حيرت مان پڇيو، ”ڇا ڪو ٻيو ڊاڪٽر موجود ڪونهي.“
”باءِ گاڊ! اونلي يو آر هيئر.“
”۽ اوزار؟“
”نرس بنگلي تي کڻي ويئي آهي.“
نڪسلي ڪجهه دير سوچيندو رهيو ۽ پوءِ چيائين، ”ٺيڪ آهي، ٿورو ثواب ڪمائي وٺان.“
پوءِ نڪسلي جيني جو آپريشن ٿو ڪري. ڪامياب آپريشن.
گيلارڊ صاحب نڪسلي جي پٺي ٿو ٺپري، ”ريئلي يو آر اي گريٽ سرجن! ڦاسي جو ڦندو سامهون هئڻ جي باوجود به تو ايترو سٺو آپريشن ڪيو آهي.“
”ڦاسي!“ نڪسلي هوريان چيو. پوءِ حالتن کي سمجهندي زور سان کِلي پيو ۽ چيائين، ”ڏٺئي مسٽر گيلارڊ! ڪنهن کي بچائڻ جو نشو دنيا جي هر نشي کان وڏو هوندو آهي. ماڻهو پنهنجي موت کي به وساري ٿو ڇڏي، گهڻو وقت ٿيو آهي؟ مونکي ڪيڏي مهل ڦاسيءَ تي چڙهڻو آهي؟“

مون ان ناولٽ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. پهرين سنگت جي ٽن پرچن (18 کان 20) پرچن ۾ قسطوار ”ٿئنڪ يو مسٽر گيلارڊ“ جي نالي سان ڇپيو. پوءِ اهو ”انقلابي جو موت“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو.
هن ناول جو ليکڪ انل بروي دنيا ۾ ڪو گهڻو ڪونه ٿو سڃاتو وڃي، منجهس لکڻ جي تمام گهڻي صلاحيت هئي. پر بدقسمتي سان 32 سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ گذاري ويو ۽ ايئن سندس تخليقي جوهر تڙپندو ئي رهجي ويو. مراٺي ٻولي جي هن ناولن جو پهريون گجراتي ۾ ترجمو ٿيو، جتان پوءِ اردو ۾ ترجمو ٿيو ۽ مون اردو مان ئي ترجمو ڪيو.

10. ایک گرم موسم کی کہانی (ناول- انيس ناگي)
اردو ٻوليءَ ۾ ڪيترائي سٺا ناول لکيا ويا آهن. جيڪڏهن ائين چئجي ته اردو ٻولي ادبي حوالي سان سُنڍ ڪونهي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه هوندو. اردو جا ڪيترائي ناول نگار جهڙوڪ: ڪرشن چندر، عبدالله حسين، بانو قدسيه، انتظار حسين، مستنصر حسين تارڙ ته پڙهندڙ جو ڪريز رهيا آهن ۽ انهن جي ذهنن مٿان ڇانيل رهيا آهن. انهن ۾ هڪ نالو انيس ناگي جو پڻ آهي. انيس ناگي جي شخصيت ۽ فن تي ڪتاب لکندڙ ڊاڪٽر شاهين مفتي لکي ٿي:
”....اڌ صديءَ کان اردو ادب ۾ انيس ناگي انڪار جي سلطنت جي شهنشاهه جي حيثيت سان پنهنجي ڌار سُڃاڻپ ٺاهي چڪو آهي. هن جو ادبي محاذ ڏاڍو وشال آهي. سندس گهڻ پهلوئي تخليقيت، نظريي سازي ۽ نظرياتي ڀَڃ ڊاهه جا ڪيترائي تجربا ڪندي هلي آهي. لسانيات، نفسيات، ثقافت، تاريخ، مذهب ۽ معيشت ۽ عمرانيات سان گڏ سهيوڳي ساهت جي مستقل مطالعي سندس لکڻين کي زمان ۽ مڪان جي تسلسل ۾ اهڙي طرح پوئي ڇڏيو آهي، جو ليکڪ ۽ سندس موضوع نفي ۽ اثبات جي گنگا جمنا منظر نامي جو حصو بنجي ويا آهن.“
انيس ناگيءَ ڪيترائي ناول لکيا آهن پر پاڻ جنهن ناول جوذڪر پيا ڪريون، ان جو نالو آهي: ”ایک گرم موسم کی کہانی“. هن ناول ۾ ٽي ڪهاڻيون گڏ گڏ هلن ٿيون ۽ پوءِ هڪ ئي ڪهاڻيءَ ۾ سمائجيو وڃن. ڪهاڻي جو مرڪزي هيرو جاويد، پنجاب حڪومت جو رڪارڊ انچارج آهي ۽ اتفاقي طور تي باضمير، ايماندار ۽ حساس پڻ آهي. سندس ٻن نائبن کي شڪ ٿو پوي ته جاويد تاريخ جو رڪارڊ درست ڪرڻ ٿو چاهي، تنهنڪري ذهني ٽڪراءَ شروع ٿي وڃي ٿو ۽ جاويد تاريخ جي سچائيءَ جي ڳولا ۾ 1857ع تائين ٿو وڃي پهچي. ناول جي اندر جيڪا هلچل آهي، اها انگريز آفيسرن ۽ پادرين جي تشويش جي چوڌاري گهمي ٿي. ناول ۾ هندو، مسلمان ۽ سک ڪردار موجود آهن. ناول ۾ جاويد جي هڪ پوڙهي اهلڪار کي سڄو رڪارڊ زباني ياد آهي، ڇو ته هو 1857ع جي آزاديءَ جي جنگ جو آخري مجاهد آهي. هڪ ڏينهن اهو رڪارڊ موسم جي گرميءَ سبب گم ٿي وڃي ٿو ۽ ان دوران جاويد پنهنجي تحقيق جا تفصيل نعم البدل طور گم ٿيل رڪارڊ جي جاءِ تي رکي ٿو ڇڏي.
ناول ۾ 1857ع جي جنگ آزاديءَ جي دوران لاهور ڇانوڻيءَ ۾ پيش آيل واقعي، جنهن ۾ ديسي سپاهين بغاوت ڪئي، ڏاڍي خوبصورت ۽ متاثر ڪندڙ پيرائي ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جو ماڻهو ان ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
انيس ناگي جي هن ناول جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر محمد علي صديقي لکي ٿو:
”....انيس ناگيءَ جو هي تاريخ ناول 1857ع جي جنگ جي باري م هڪ نقطه نظر پيش ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته جيڪڏهن هڪ سماج سياسي طور تي مغلوب ٿي وڃي ته ان مٿان ماٺار ڇانيل هئڻ جي باوجود، ان ۾ حوصلي مند ماڻهو موجود هوندا آهن، جيڪي اجتماعي وجود جي بقا جي لاءِ انفرادي قرباني ڏيندا آهن. انيس ناگيءَ هن ناول ۾ گذريل صديءَ جي لاهور جي زندگيءَ کي ڏاڍي اثرائتي طريقي سان پيش ڪيو آهي.“
انيس ناگي جا ٻيا به ڪيترائي ناول لکيل آهن، هو ڏاڍو بولڊ ليکڪ آهي، ’ناراض عورتين‘ ناول ڇپجڻ تي انيس ناگيءَ تي عورتن کي بدنام ڪرڻ ۽ عورت دشمنيءَ جا الزام هنيا ويا. اهو ناول هن اين. جي. او ڪلچر تي لکيو. ان ناول ۾ هڪ هنڌ هو لکي ٿو ته: ”وياگرا جي ايجاد عورتن جي خواهشن جو نتيجو آهي.“ (آهي نه ناگي ظالم ليکڪ؟)
انيس ناگي جا مختلف موضوعن تي هڪ سئو کان به وڌيڪ ڪتاب لکيل آهن.
انيس ناگي منهنجي پسند جي ليکڪن مان رهيو آهي. سندس اردو ادب ۾ هڪ منفرد سڃاڻپ آهي. پاڻ سارتر ۽ وجودي فلسفي کان گهڻو متاثر هو. هن نه رڳو ڪاميو جي مشهور ناول ”پليگ“ جو ”طاعون“ جي نالي سان اردو ۾ ترجمو ڪيو، پر پليگ جي موضوع تي ئي ”چوہوں کی کہانی“ جي نالي سان ڏاڍو خوبصورت ناول لکيو اٿس.
جولاءِ 2009ع ۾ جڏهن ’اڪاڊمي ادبيات پاڪستان‘ پاران سنڌي، بلوچي، اردو ۽ پشتو جي اديبن کي پنجاب جو دور ڪرايو ويو ته مونکي به اُن ۾ شامل ڪيو ويو. اسين جڏهن لاهور پهتاسين ته پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر وفد جي مان ۾ رات جي مان جلهي، اها ڊنر اسيمبليءَ جي ئي هڪ هال ۾ ڏني ويئي هئي. ان دعوت ۾ انيس ناگي به آيل هو.
تقريرن جو سلسلو پڄاڻيءَ تي پهتو ته آئون وڌي وڃي ساڻس مليس ۽ پنهنجو تعارف ڪرايم. ڏاڍو خوش ٿيو. جڏهن مون کيس ٻڌايو ته مون سندس فلاڻا فلاڻا ڪتاب پڙهيا آهن ته حيرت مان پڇيائين، ”سنڌ ۾ منهنجا ڪتاب پهچن ٿا؟“
”هائو!“ مون وراڻيو، ”ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪتاب گهرن تي پهچن ٿا.“
ناگي ٿور ڳالهائو لڳم. پنهنجي ڌن ۾ مگن ۽ پنهنجيءَ ۾ مست. سندس ناول پڙهبا ته انهن ۾ هڪ شخص سدائين ذهني جبر ۽ سماجي ناهموارين جو شڪار نظر ايندو. ناگي سان گڏجي محسوس ٿيو ته اهو هڪ شخص خود ناگي ئي آهي. سوال جو تمام مختصر جواب ٿي ڏنائين.
ناگيءَ سان مختصر ڪچهريءَ کانپوءِ مون کانئس ايڊريس ورتي ۽ واپس اچي مون کيس پنهنجي ڪهاڻين جو اردو ترجمو ”نوحه گر“ ڏياري موڪليو. جيڪو ضرور کيس مليو هوندو. ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ انيس ناگي وفات ڪري ويو.


مونکي اُن ڳالهه جو به اعتراف آهي ته مون وٽ موجود هوندي به اڃا ڪي شاهڪار ناول ڪتاب پڙهي نه سگهيو آهيان. جهڙوڪ: ’انناڪارننيا‘ (ٽالسٽاءِ)، ’جنگ ۽ امن‘ (ٽالسٽاءِ)، ’ايڊيٽ‘
(دوستو وسڪي)، ’گون وٿ دي وِنڊ‘ (مارگريٽ مچل) وغيرهه ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مونکي پنهنجي پهرين ۽ ٻي فهرست ۾ بدل سدل ڪرڻي پوي.
مونکي ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته منهنجو مطالعو ايڏو وسيع ڪونهي. ۽ اڃا اهڙا ڪيترائي ڪتاب آهن، جيڪي مون کي پڙهڻا آهن ۽ منهنجي لائبرري ۾ ڪيترائي اهڙا ڪتاب موجود آهن، جيڪي مون وڏي شوق ۽ اُتساهه مان خريد ڪيا، پر اڃا تائين پڙهي نه سگهيو آهيان.
وقت گذرڻ سان گڏ منهنجي پڙهڻ جي رفتار به سُست ٿيندي پئي وڃي ۽ گڏوگڏ موضوعن جي چونڊ به بدلجي پيئي وڃي. اڳ ناول ۽ ڪهاڻي وڏي شوق سان پڙهندو هوس، پر هاڻ انهن ڏانهن ڌيان گهٽ ٿو وڃي. اُن جي ڀيٽ ۾ تاريخ، ادبي تاريخن، ٻولين، سوانح ۽ آتم ڪهاڻين ۽ تاريخي ڪتابن ڏانهن وڌيڪ ڌيان اٿم.

مٿيان سڀ ڪتاب اهي آهن، جن جو سنڌي ٻوليءَ جي ادب سان ڪوبه واسطو ڪونهي. ان جو مطلب اهو به ڪونهي ته آئون سنڌي ادب نه پڙهندو آهيان.... منهنجي خواهش آهي ته مون سنڌي ادب جا جيڪي ڪتاب پڙهيا آهن، انهن تي هڪ ڌار مضمون لکان، مون پنهنجي پسند جي اهڙن ڏهن ڪتابن جي هڪ فهرست به ٺاهي آهي.
ڀلا اوهان مان ڪو محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز، غلام رباني آگري، رسول بخش پليجي، نصير مرزا، ايوب کوسي ۽ اڪبر سومري جي نثر جي چَس کان انڪار ڪري سگهندو؟