شيخ عبدالله جون يادگيريون: آتش چنار
ويجهڙ ۾ اهڙا ٻه ڪتاب منهنجي مطالعي هيٺ رهيا، جن بابت پنهنجا خيال پڙهندڙ سان شيئر ڪرڻ چاهيندس، ٻيئي ڪتاب آتم ڪهاڻيون آهن. پهرين آتم ڪهاڻي مشهور ڪشميري اڳواڻ شيخ محمد عبدالله مرحوم جي ”آتش چنار“ ۽ ٻي حيدرآباد ڄائي سنڌي ۽ هاڻ دبئي ۾ رهندڙ سنڌي واپاري ۽ سماج سڌارڪ رام بخشاڻي جي انگريزي ۾ لکيل آتم ڪهاڻيءَ جو سنڌي ترجمو ”آکيرا آڪاس ۾“ آهي. رام بخشاڻي جي آتم ڪهاڻي تي پاڻ ڪنهن ٻي ڀيري لکنداسين، في الحال وٺون ٿا شيخ عبدالله جي ڪتاب ”آتش چنار“ کي. هن کان اڳ پاڻ هڪ ڪشميرڻ مائي ڪرشنا مهتا جي آتم ڪهاڻيءَ بابت به لکي چڪا آهيون، جنهن ۾ هن ورهاڱي کانپوءِ، ڪشمير تي قبائلين جي حملي ۽ سندن ظلمن ۽ ستمن جو اکين ڏٺو احوال بيان ڪيو آهي. ڪشمير هڪ اهڙو خطو آهي، جيڪو ورهاڱي کانپوءِ يڪو تڪراري حيثيت رکندو پيو اچي، هندستان ان کي پنهنجو اٽوٽ انگ قرار ٿو ڏي ته پاڪستان جي نقشي ۾ اهو پاڪستان جو حصو ڏيکاريو ويو آهي، باقي اصل ڌُر ڌڻي يعني ڪشميري ڇا ٿا چاهين، تنهن بابت خبر تڏهن پوندي جڏهن ڪشميرين کان راءِ ورتي ويندي، يا ميڊيا ۾ انهن تنظيمن کي به ڪوريج ڏني ويندي، جيڪي ٿرڊ آپشن جي ڳالهه ڪن ٿيون، هونئن ڪشمير اهڙو علائقو آهي، جنهن تان ٻيئي ملڪ ٽي ڀيرا جنگ به وڙهي چڪا آهن ۽ جنگين جو اهو خطرو تيستائين رهندو، جيستائين ان مسئلي جو نبيرو نٿو ٿئي.
شيخ عبدالله جي هيءَ آتم ڪهاڻي سندس وفات کانپوءِ 1985ع ۾ ڇپي، شيخ عبدالله جو خيال هو ته سندس هيءَ آتم ڪهاڻي سندس 77 هين سالگرهه جي موقعي تي 5 ڊسمبر 1982ع تي ڇپجي پڌري ٿئي، جنهن جي تياري به ڪئي ويئي هئي، پر سندس اها خواهش پوري ٿي نه سگهي ۽ شيخ عبدالله 8 سيپٽمبر 1982ع تي وفات ڪري ويو، ائين هُن ڪتاب جي ڇپائي ڪجهه سالن لاءِ روڪي ويئي. شيخ عبدالله پنهنجي جيون ڪهاڻي سندس هڪ دوست محمد يوسف ٽينگ جي چوڻ تي 1977ع کان لکرائڻ شروع ڪئي، پهرين شيخ عبدالله اها بيان ڪندو هو ۽ محمد يوسف ٽينگ اها ڊڪٽيٽ ڪندو ويندو هو ۽ پوءِ هو اها لکرايل فيئر ڪري، شيخ عبدالله کي ڏيکاريندو هو ۽ ائين اهو سلسلو اڳتي وڌندو رهيو، ان جو آخري باب 1981ع ۾ لکيو ويو. 962 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ٻاهتر بابن ۽ پنجن ضميمن تي مشتمل پنهنجي اندر ۾ ڪئين ڪهاڻيون ۽ انڪشاف سمايو ويٺو آهي، شيخ عبدالله جنهن لاءِ فيض احمد فيض چيو هو ته:
”ڪشمير ۽ ڪشميرين جي سياسي سجاڳي، پنهنجي خوديءَ جي سڃاڻپ ۽ پنهنجي ادراڪ جو منظرنامو، ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مستقل باب جو واڌارو آهي، جيڪو قيامت تائين شير ڪشمير شيخ عبدالله سان منسوب رهندو، آئون شيخ عبدالله کي مهاتما گانڌي ۽ خان عبدالغفار خان جي صف جو اڳواڻ مڃيندو آهيان.“ هتي اها ڳالهه به ٻڌائڻ ضروري آهي ته جڏهن فيض احمد فيض ۽ ايلس فيض شادي ڪئي ته سندن نڪاح شيخ عبدالله ئي پڙهايو.
شيخ عبدالله پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات رياست ڪشمير جي راجا مهاراجه هري سنگهه جي شخصي ۽ راجائي نظام جي خلاف جدوجهد کان ڪئي. رياست ڪشمير انگريزن پنهنجي هڪ وفادار گلاب سنگهه ڊوگرا کي 75 لک روپين جي عيوض وڪڻي ڏني هئي ۽ پوءِ هن پنهنجي سڄي زندگي ڪشمير ۽ ڪشميرين جي حقن جي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي. شيخ عبدالله پهريون ڀيرو 1948ع ۾ ڪشمير جو وزيراعظم مقرر ٿيو ۽ ٻيو ڀيرو 1975ع کان وٺي پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن تائين ڪشمير جو وزيراعظم رهيو. شيخ عبدالله نه رڳو پنهنجي سياسي جدوجهد جي دوران رياستي راجائي نظام ۾ رياستي جبر جو شڪار رهيو ۽ جيلن ۾ ويو، پر ورهاڱي کانپوءِ پنهنجي پياري دوست جواهر لال نهرو جي دور حڪومت ۾ به ڪيترائي سال جيل ۾ رهيو ۽ مٿس ”سازش ڪيس“ پڻ هلايو ويو. ڪتاب ۾ شيخ عبدالله ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي اهم سياسي اڳواڻن جهڙوڪ: مهاتما گانڌي، محمد علي جناح، جواهر لال نهرو، سردار ولڀ ڀائي پٽيل، مولانا ابوالڪلام آزاد، خان عبدالغفار خان سان پنهنجي اُٿي ويٺي ۽ سياسي وابستگين کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي، تنهن کانسواءِ هن جڏهن هندستان ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن ۾ پيش ڪيو ته هندستاني وفد ۾ پنهنجي شموليت ۽ گڏيل قومن ۾ وفد جي سرگرمين جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون لکيو آهن، ڪتاب ۾ شيخ عبدالله، گڏيل قومن ۾ پاڪستاني وفد ۾ شامل ڪشميري اڳواڻن جي حيثيت جي حوالي سان هڪ بي حد دلچسپ واقعو بيان ڪيو آهي، شيخ عبدالله لکي ٿو:
”نيو يارڪ ۾ پاڪستاني وفد منهنجي مقابلي ۾ سردار ابراهيم کي ڪشمير جو اصل نمائندو ڪري پيش ڪري رهيو هو ۽ ان جي نالي کي خوب اُڇاليو پي ويو، پر کين سردار ابراهيم جي اهليت تي شڪ هو يا سندس وفاداريءَ تي اعتبار نه هو. تنهن ڪري هنن اُتي جي هڪ مشهور اخبار ۾ ڊاڪٽر محمد دين تاثير (پنجاب جي اڳوڻي مقتول گورنر سلمان تاثير جو والد) جي تصوير ڇپرائي ويئي ۽ ان جي هيٺان سردار محمد ابراهيم جو نالو لکيو ويو، تاثير صاحب کي سردار ابراهيم ثابت ڪري هيڏانهن هوڏانهن گهمايو پي ويو، سردار ابراهيم اها حالت ڏسي ٻي ڏينهن کڻي پويان پير ڪيا ۽ پاڪستان موٽي ويو، نيٺ اخبارن ۾ اهو ڪوڙ جلهجي پيو ۽ وڏي کلاساڻي ٿي.“ (ص454)
ڪتاب ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون به لکيون ويون آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيئن نه ننڍن ننڍن معاملن جي ڪري ڪشمير جو مسئلو حل ٿيندي رهجي ويو، جهڙوڪ هڪ هنڌ هو لکي ٿو ته ڪشمير جي تڪرار جي حل ۾ رڳو اهو مسئلو رڪاوٽ بنجي ويو ته ڪشمير ۾ ريفرينڊم جي دوران، ڪشمير ۾ هندستان جي گهڻي فوج موجود هجي، هندستان 27 هزارن جي تعداد تي زور ڀري رهيو هو، جڏهن ته پاڪستان جو موقف هو ته هندستاني فوج جو تعداد ٻاويهن هزارن کان وڌيڪ نه هجي... ائين ٻيئي ڌريون پنهنجي موقف تي قائم رهيون ۽ ڳالهين جو سلسلو ٽٽي پيو.
ڪشمير جي مسئلي جي نبيري جي حوالي سان اها ڳالهه به ڪتابن ۾ اچي ٿي ته جناح صاحب جي زندگيءَ ۾ سردار ولڀ ڀائي پٽيل، لياقت علي خان کي نياپو موڪليو هو ته پاڪستان، حيدرآباد دکن جي دعويداريءَ تان هٿ کڻي ته هندستان ڪشمير تان پنهنجي دعويٰ ختم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، پر لياقت علي خان جواب ڏنو ته ڪشمير جهڙي جابلو رياست جي بدلي حيدرآباد دکن جهڙي مالا مال رياست تان ڪيئن ٿو هٿ کڻي سگهجي؟ نتيجي ۾ 11 سيپٽمبر 1948ع ۾ جناح صاحب جي وفات جي ٻن ڏينهن کانپوءِ 13 سيپٽمبر 1948ع تي هندستان پوليس ائڪشن ذريعي حيدرآباد دکن تي قبضو ڪري ورتو.
ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي دلچسپ ۽ تاريخي حقيقتون ۽ واقعا بيان ڪيا ويا آهن، جيڪي تاريخ جي شاگردن، خاص ڪري، انڊو-پاڪ جي سياست سان دلچسپي رکڻ وارن لاءِ اهميت وارا آهن ۽ هو انهن جي پس منظر ۾ ڪشمير جي مسئلي کي سمجهڻ ۽ ان جي نبيري واسطي ٻنهي ملڪن جي نقطه نظر کي سمجهي سگهن ٿا. شيخ عبدالله لکي ٿو ته جواهر لال نهرو پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ ڪشمير جو مسئلو نبيرڻ واسطي گهڻو سنجيدو هو ۽ کيس اهو اختيار ڏيئي پاڪستان جي دوري تي موڪليائين ته پاڻ صدر ايوب کي راضي ڪري ٻنهي ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي ويهاري، پر سندس پاڪستان جي دوري دوران ئي جواهر لال نهرو وفات ڪري ويو ۽ هو پاڪستان جو دورو اڌ ۾ ڇڏي هندستان موٽي آيو، ائين سندس ڪوششون اڌ ۾ رهجي ويون. نهرو جي وفات کانپوءِ هندستان ۾ جيڪا قيادت اقتدار ۾ آئي، ان ۾ ايتري دور انديشي نه هئي، نتيجي ۾ معاملو سلجهڻ بدران الجهندو ويو ۽ نهرو جي وفات کان هڪ سال پوءِ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ سيپٽمبر 1965ع واري جنگ لڳي.
ڪشمير ۾ شيخ عبدالله جي حيثيت مهاتما گانڌي ۽ خان غفار خان جهڙي هئي، کيس سندس جدوجهد ۽ قربانين جي صلي ۾ ’باباءِ قوم‘ ۽ ’شير ڪشمير‘ جهڙن لقبن سان ياد ڪيو وڃي ٿو، هندستاني آئين ۾ ڪشمير کي فقري 370 تحت خصوصي حيثيت حاصل آهي، جنهن جو پس منظر بيان ڪندي شيخ عبدالله لکي ٿو: ”اول ته ڪشمير هندستاني يونين ۾ شامل ٿيندڙ اڪيلي اهڙي رياست هئي، جنهن جي آباديءَ جي گهڻائي مسلمانن تي مشتمل هئي، اسان جي رياست ٽن طرفن کان پاڪستاني علائقي ۾ گهيريل هئي، پاڪستان ان تي پنهنجي دعويٰ ڪري رهيو هو، هندستان ريفرينڊم ڪرائڻ جي حامي ڀري هئي، جنهن جي ذريعي رياست جي آئيندي جو فيصلو ٿيڻون هو، اهو سڄو معاملو گڏيل قومن جي فورم تي زبردست بحث و مباحثي ۽ سفارتي سرگرمين جو مرڪز ۽ محور بنجي ويو هو، جتي هندستان بار بار اهو يقين ڏياري رهيو هو ته هندستان کي ڪشمير جي سرزمين تي ڪڏهن به قابض رهڻ جي نه اڳ ۾ خواهش هئي ۽ نه ئي هاڻ آهي. هو رڳو اهو ٿو چاهي ته رياست ۾ گڏيل قومن جي نگرانيءَ ۾ راءِ شماري ڪرائي وڃي ۽ هتان جي ماڻهن کي اهو حق ڏٺو وڃي ته هو فيصلو ڪن ته هو پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا يا هندستان ۾، يا هو پنهنجي رياست کي آزاد رکڻ جي حق ۾ آهن. تنهن ڪري انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي هندستاني آئين ۾ فقرو 370 رکيو ويو.“