جنهن جو روح رلندو رهيو!
موتي پر ڪاش، جنهن ڳوٺ جي ياد اڄڻ کانپوءِ ، ڳوٺ جون ساروڻيون ساريندي ڳوٺ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ياد ڪندي، ڳوٺ جي تارن ڀري راتڙيءَ کي ساريندي، ڳوٺ جي هوائن جي هُٻڪارن کي محسوس ڪندي، ڳوٺ ۾ پوندڙ برسات کي ياد ڪندي، الائجي ڪهڙي ڪيفيت ۾ لکيو هو:
اڄ ويٺي ويٺي، هينئن ڇو مَن واسجي ويو آهي،
جا ڀونءَ دڙي جيءَ تي اڄ مينهن وٺو هوندو.
جڏهن ڪجهه ڏيهاڙا ڳ دڙي جي ڀونءَ تي مينهن وٺو هو، ڌرتي جل ٿل ٿي هئي، تڏهن موتي پرڪاش لاڙ کان آڌيپو ويندڙ هوائن جي هڳاءُ مان دڙي جي ڀونءَ تي وسندڙ مينهن کي ضرور محسوس ڪيو هوندو.
دڙو جيڪو موتي پرڪاش جي جنم ڀومي هو ۽ دڙو جيڪو منهنجي جنم ڀومي آهي، دڙو جنهن کان تاريخ جي الميسي موتي پرڪاش کي ڌار ڪري ڇڏيو، پر هو ان دڙي کي ڪڏهن به وساري نه سگهيو، هو ته پنهنجي ڳوٺ کي آخري ڀيرو سلام ڪرڻ، مٽي کي ڇهڻ ۽ موڪلائڻ کان سواٰءِ ئي بمبئي هليو ويو هو. ” بابي لکيو هو ته تنهنجي ڳوٺ اچڻ جو ضرور ڪونهي، ملڪ جون حالتون خراب ٿي ويون آهن، اسين به لڏڻ جو تياريون ڪري رهيا آهيون، تون اسان لاءِ نه ترسجءَ، اتان ئي پنهنجي ڀيڻو ئي سان بمبئي هليو وڃج.“ اڌ صدي کان به وڌيڪ عرصو پوءِ جڏهن ڊسمبر 2004ع ۾ موتي پرڪاش کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ پنهنجي ڳوٺ جا وڻ ڏسڻ نصيب ٿيا ته هن مٿان لفظ ” سنڌي ادبي سنگت دڙي پاران“ ڏنل آجياڻي ۾ ڀنل اکين سان چيا. ” آڪٽوبر 1947ع ۾ مان پنهنجي ڀيڻويي سان گڏ ڪراچي کان بمبئي روانو ٿيس، نه مون پنهنجن يارن دوستارن کان موڪلايو، نه پنهنجي گهر ۽ گهر جي درن، ديوارن تي پڇاڙي جي نگاهه وڌي، نه مونکي ڳوٺ جي گهٽين ۾ آخري گهمرو ڊڪڻ ، ڊوڙڻ جو موقعو مليو، نه مون پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي احاطي ۾ وڏي شاهي گدا مڙيءَ جي وڻ جي گدامڙي کاڌي، نه پنڃاري واهه ۾ وهجينس ۽ نه مون ” واڻين واري وائيءَ“ِ جو پاڻي پيتو“
دڙو جيڪو دل وارن جو شهر آهي، اهو موتي ٻاهران ئي ڇڏي جلاوطن ٿي ويو، سالن کانپوءِ هن دبئي مان مونکي خط ۾ لکيو ” دل ته ڏاڍي ٿي چوي ته هڪ ڀيرو سنڌ جي زيارت ڪجي. قسمت هوندي ته ملنداسين، نه ته دوريءَ تان اوهان سڀني کان موڪلائينداسين.“
4 آگسٽ تي موتي پرڪاش، سنڌ جي،دڙي جي زيارت ۽ يارن دوستارن سان موڪلائڻ کان سواءِ ئي موڪلائي ويو ۽ اسين دڙي وارا تاريخ جي اُن ستم ظريفيءَ تي ” هئه هئه ۽ وو وو“ ڪندا، لڙڪ لاڙيندا کيس پري کانسواءِ ئي الوداع ٿا چئون.
موتي پرڪاش دڙي ۾ئي پندرهين مئي 1931 تي مهاراج سکر امداس جي گهر ۾ جنم ورتو، مهاراج سکر امداس کي ڊگهي عرصي تائين دڙي جا وڏي عمر وارا، جن کيس ڏٺو هو، ’مهاراج سکان‘ چئي سندس ڳڻ ڳائيندا هئا، مهاراج سُکان نه رڳو هنڌو ڪميونيٽي جي مسئلن ۾ حصو وٺندو هو ۽ پر هو انيڪ معاملن ۾ به سرگرم هوندو هو، ان وقت دڙي ۾ ايندڙ ٽپال جي ورهاست جو ذمون به مهاراج سُکان جي حوالي هو، اڄ کان لڳ ڀڳ مني صدي اڳ ٽپال کاتو ۽ ايندڙ ٽپال ئي ٻاهرين حال احوال ۽ دنيا جهان سان ڳانڍاپي جو واحد ذريعو هو، اخبارون به پنهنجن خريدارن وٽ، پنهنجي اشاعت کان پوءِ ٻن يا ٽن ڏينهن جو سفر ڪري پهچنديون هيون، موتي جڏهن اين-جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي پڙهڻ ويو ته ان وقت دڙي ۾ اي – وي ڪلاسز شروع ڪيا ويا هئا ۽ مهاراج سکان، موتي پرڪاش تي اها پابندي لاڳو ڪئي ته هو موڪلن وارا ڏينهن ، ڪراچي ۾ گذارڻ جي بدران دڙي جي انهن اي وي ڪلاسز ۾ رضا ڪارا ڻي طور تي ٻارن کي اچي پڙهائي. اهو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڪم پوءِ موتي پرڪاش سڄي عمر ڪيو، ممبئي کان وٺي دبئي جي انڊين هاءِ اسڪول جي پرنسپال هئڻ تائين،. هن چؤڏس علم جي روشني ڦهلائي ۽ ان سان گڏ هو ادبي دنيا ۾ به سرگرم رهيو، سنڌ ۾ هو ته هن جو پهريون شعر هري دلگير پنهنجي رسالي گلستان ۾ ڇپيو، پوءِ موتي پرڪاش به ٻال ساهت جي واڌاري لاءِ ” ٻال سنديش“ جي نالي سان هڪ مخزن ڪڍيو، جنهن جا ڇهه ست پرچا نڪتا، جيڪو پوءِ ورهاڱي سبب بند ٿي ويو.
موتي پرڪاش نه رڳو شاعري ڪئي ،پر ڊراما لکيا، اخباري ڪالم لکيا، يادگيريون لکيون ۽ ترجماپڻ ڪيا، پاڻ جڏهن سنڌ ۾ هو ته جاتي ۾ ڪجهه عرصو پڙهڻ جي دوران ” پنڊت ڪندن شرما“ جي هدايتڪاري هيٺ ٿيندڙ اسٽيج ناٽڪن ۾ پارٽ ادا ڪندو هو، ان وقت عورت اداڪارائون نه هيون، تنهن ڪري پنڊت ڪندن شرما کائنس اڪثر ڇوڪرين جا رول ادا ڪرائيندو هو، نه رڳو اداڪاري، پر موتيءَ پنڊت ڪندن شرما کان هار مونيم جي سکيا به ورتي.
موتي پرڪاش جو پهريون شعري مجموعو ” آءٌ ته چوريون چنگ“ 1959ع ۾ ڇپيو، جنهن جو مهاڳ هري دلگير لکيو، سندس ٻيو شعري مجموعو ” چڻنگ وچ چولي“ 1983ع ۾ ٿيو، ۽ ٽيون مجموعو ”تنهنجي گلي جون ڳالهيون“ جي نالي سان ڇپيو.
موتي پرڪاش 1954 ع ۾ هندستان ۾ ليکڪا ڪلاپرڪاش سان پيار جي شادي ڪئي، 1956ع ۾ آل انڊيا ريڊيو سان وابستا ٿيو، ڪلا پرڪاش سان پرڻي ۽ ريڊيو سان وابستگيءَ سبب، پوءِ انهيءَ اديب جوڙي سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي، ڪلا پرڪاش خود به هڪ وڏي ليکڪا آهي، جنهن جا ڪيترائي ناول ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب ڇپيل آهن.
موتي پرڪاش جو واسطو ترقي پسند لڏي سان هو، هن هندستان ۾ ترقي پسند تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو، انهيءَ دوران سندس ناٽڪ ۾ ٻيهر دلچسپي پيدا ٿي ۽ سندس ڪيترائي لکيل ڊراما آل انڊيا ريڊيو تان نشر ٿيا، هن 1960ع ۾ ” سنڌو ڪلامندر“ جو بنياد وڌو، جنهن ۾ ساڻس گڏ ڀڏو آڏواڻي ۽ ايس –پي منگهاڻي ٻانهن ٻيلي هئا، هن سرڪل کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته انهيءَ پهريون ڀيرو هندستان ۾ سنڌي ڏسندڙن جي اڳيان ٽه فصلو ناٽڪ پيش ڪيو، اهو ناول رميش مهتا جو ” انڊر سيڪريٽري “ هو، جيڪو موتي پرڪاش سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، پوءِ اهو ساڳئي نالي سان ڪتابي صورت ۾به ڇپيو، انهيءَ کانپوءِ انهي ” ناٽڪ منڊل “ ڪيترائي ننڍا وڏا ناٽڪ اسٽيج ڪيا.
سنڌي ناٽڪ جي حوالي سان موتي پرڪاش جو هندستان ۾ اهو به ڪريڊٽ آهي ته هند ۾ سنڌي جو پهريون اصلوڪو ناٽڪ ” رات هڪ طوفان جي “ جيڪو نئين ڍنگ ۽ جديد خيالن تي ٻڌل هو، موتي پرڪاش ئي لکيو، اهو نه رڳو ممبئي ۾ ڪاميابي سان اسٽيج ڪيو ويو، پر ساڳئي نالي سان فلمايو به ويو، موتي پرڪاش جو ٻيو اصلوڪو ناٽڪ ” پردي اڳيان پردي پٺيان“ آهي، جيڪو طنز و مزاح تي ٻڌل آهي، انهيءَ ناٽڪ تي کيس ” اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ پاران ٻيو نمبر انعام مليو، موتي پرڪاش جي ناٽڪ کيتر ۾ ڪيل خدمتن جو اعتراف ڪندي آنند ٽهلراماڻي لکي ٿو ” موتي پرڪاش سنڌي رنگ منچ سان پڻ وڏو وڙ ڪيو آهي، ورهاڱي بعد جن نوجوانن سنڌي رنگ منچ جي شروعات ڪئي، موتي انهن مان هڪ هو.“
موتي پرڪاش شاعري ۽ ناٽڪ کانسواءِ هڪ ناول ” انديرو اُجالو“ پڻ لکيو ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جا ترجما پڻ ڪيا.
موتي پرڪاش 1984ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو سنڌ گهمڻ آيو ته هن ان سفر جي ساروڻين تي ٻڌل پنهنجي شاندار سفر نامو ” سي سڀ سانڍيم ساهه سين“ لکيو ، جنهن کي هندستان جي ” ساهتيه اڪيڊمي “ انعام پڻ ڏنو ۽ اهو هنڌيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو، اهو سفرنامو ،جذبن ، سڏڪن، آهن ۽ وڇوڙي جي ورلاپن جو هڪ مهاساگر آهي، اهو جنهن به پڙهيو ان لڙڪ ضرور ڳاڙهيا،ان سفرنامي کي سنڌ ۾ ڇپڻ جو اعزاز مونکي حاصل ٿيو ۽ جڏهن اهو ڇپيو ته موتي پرڪاش مونکي هڪ شاندار خط لکيو جنهن ۾ لکيائين ” منهنجي ئي ڳوٺ جو اديب ۽ ادب جو شائق-39-40 سالن بعد مونکي سُڃاڻي ۽ منهنجي سڃاڻپ ۽ ڪلا جي سڃاڻپ اسان جي ڪتابن جي وسيلي منهنجي ڳوٺ واسين سان ڪرائي، ان کان وڌيڪ خوشي ڪهڙي ٿيندي؟ اسان نهايت صادق جذبي سان سنڌ جو فرض چُڪايو آهي، موٽ قرض چڪائڻ بعد ته ملندي ڪانهي، اوهان اسان کي پنهنجي بي غرض پيار ۽ خلوص سان مالا مال ڪيو آهي.“
دڙو، موتيءَ تڏهن ڇڏيو، جڏهن کيس مُڇين جي اڃا ريهه به ڪين آئي هئي، پر دڙو سدائين سندس ساهه ۾ وسيل رهيو، هو جتي به رهيو، ممبئي يا دبئي يا آديپور ۾.هو سدائين دڙي کي ياد ڪندو رهيو، سنڌ کي ياد ڪندو رهيو، دڙو جڏهن موتي ڇڏيو ، ان وقت ، ان جي وچ ۾ ڄار جو وڏو وڻ هو، جنهن ۾ پيرون موتيءَ جي داڻن جيان چمڪندا هئا، باکي حلوائي جي مٺائي، ڄيٺي پساريءَ ۽ ڏڻي شيخ جا پسارڪا ۽ ريزڪي جا دڪان، حڪيم حاجي ناٿي ميمڻ ، حڪيم انور ۽ حڪيم عبدالله جا حڪمت جا دوڪان هئا، ٽيڪو مل گيهه واري جو ننڍڙو دوڪان هو، جنهن جي ٻاهران مکڻ سان ڀريل ديڳيون بدلجي گيهه ٿينديون هيون ۽ دڙو گيهه جو گهڙو مشهور هو، رامون چڻن واري جي پڙي، عارب جي ڪبابن جي پڙي، سيٺ ڪرمون مل، سيٺ ڄيٺمل ۽ وڏيري خدا بخش جون اوطاقون ۽ انهن تي ٿيندڙ ڇيڙيون نبيريون. اهي ساروڻيون ، موتي پرڪاش کي ڪڏهن به نه وسريون، ۽ نه ئي وري ٻائي سيتارام ، ڌاڃوري شڪاري، بدوخفخاني، خادم شيدي جمع کيدي ۽ ٻين انيڪ انوکن ڪردارن جي شهر دڙي ۽ ان جي رهواسين ڪڏهن موتي پرڪاش کي وساريو، انهن جو موتي سان عجيب رشتو هو، دڙي جا وڏڙا ته موتي جو ذڪر وڏي حُب ۽ اڪير مان ڪندا آهن، پر دڙي جي نئين ڇات جن جو ادب سان واسطو آهي يا جن کي موتي جي باري ۾ خبر آهي، اهي موتي، کي ائين ياد ڪندا آهن، جيئن پنهنجي وجود جي حصي کي ياد ڪبو آهي.
هن وقت جڏهن موتي جو روح سندس جسم کي ڇڏي چڪوآهي ته مونکي يقين آهي ته هن جسم جي قيد مان آزاد ٿيندي ئي اچي دڙي جي فضا ۾ پنهنجو ديرو ڄمايو هوندو ۽ هن پنهنجي مستقبل جو مَسڪن دڙي جي مٽي کي ئي ڪيو هوندو.