نوجوانن جو گيت
مون سان به اها ئي حالت آهي، جتي به وڃان ڪتابن جي دڪانن ۽ لائبريريون ڦلهورڻ کان سواءِ رهي نه سگهان، دهلي جي سفر ۾ جڏهن به ڪنهن ڪتابن جي دڪان تي ٿي چڙهيس ته ڊاڪٽر مشتاق ڦل بور ٿيڻ ٿي لڳو، تهران، مشهد يا مڪي ۽ مديني ۾ وري آفتاب شاهه ۽ سارنگ سهتو منهنجي اُن عادت سبب بور ٿيندا هئا، پر ڇا ڪجي ڪتابن جي دوستي يا انهن جو خوشبوءِ ئي اهڙي آهي جو انهن کي نظر انداز ڪري اڳتي وڌڻ مون کان نه پُڄندو آهي ۽ جڏهن ڪو سٺو ڪتاب هٿ چڙهندو اٿم ته پوءِ اصل لئه ٿي ويندي اٿم، سمورا ٿڪ لهي ويندا اٿم ۽ پوءِ اهو ڪتاب هوندو آهي هي حقير فقير.
هينئر چين وڏي ڳالهه آهي، سڄي دنيا جي مارڪيٽ کي چيني مصنوعات وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهندي پئي وڃي، هونئن به چين ڪيترن ئي حوالن سان هڪ عجوبو آهي ۽ اهو عجوبو مائوزي تنگ ۽ سندس ڪامريڊ ساٿين ۽ پوءِ جي هم فڪر ڪامريڊ جي ڪري، چين جي گذريل هڪ صديءَ جي تاريخ عالمي تاريخ جو هڪ دلچسپ ۽ ڌيان جوڳو باب آهي، ڪروڙين انسان جاگيرداريت جو سنگهرون ٽوڙي صنعتي سماج ۾ زندهه آهن، جنهن جي شڪل بهرحال سامراج جهڙي ڀوائتي ڪونهي. نظرياتي طور تي سوشلسٽ بلاڪ جي وکري وڃڻ جي باوجود چين جو هڪ سوشلسٽ نظام جي طور تي موجود هئڻ بذات خود هڪ انفراديت آهي، جنهن سوويت يونين جي مقابلي ۾ پاڻ کي بقا جي لاءِ وڌيڪ مناسب پاتو ۽ پنهنجي انڌي منڊي سوشلزم کي حتمي موت مرڻ نه ڏنو آهي، جيتوڻيڪ هن وقت ڪٿي ڪٿي چين جي ورتاءُ ۽ آمريڪا جي بدمعاشين ۾ فرق گهٽ ٿو نظر اچي. اڄوڪو چين ڪٿي ڪٿي عوام ۽ عوامي تحريڪ جي بدران بنياد پرست مارشل لا جو خدائي خدمتگار ٿو نظر اچي، پر پنهنجو موضوع اهو ڪونهي، پنهنجو موضوع ته ان انقلابي چين جي لاءِ جدوجهد جي دوران جنم وٺندڙ اهو ناول آهي، جيڪو يانگ مو جو لکيل آهي، چين ۾ سياسي شعور ۽ جدوجهد جي حوالي سان چين جي ليجند ليکڪن لوهسون، زوشي ۽ باجين جيان يانگ مو به هڪ اهم ليکڪا آهي ۽ يانگ مو جو ناول Song Of Youth جيڪو چين جي شاگرد جدوجهد تي لکيل آهي، هر دور جي انقلابين ۽ شاگرد تحريڪن جي لاءِ اُتساهه جو سبب رهيو آهي ۽ رهندو ايندو.
محترم نجم عباسي پنهنجي ڪتاب ”ڪهاڻي جو قافلو“ ۾ لکي ٿو: ”جڏهن ڳالهائيندڙ ڄاڻ سڃاڻ ڪرائيندي چيو ته هيءَ يانگ مو (Yang Mo) آهي ته عزت ۽ عقيدت منديءَ کان منهنجون اکيون آليون ٿي ويون، کوڙ سال اڳ تاج بلوچ مونکي هڪ چيني ناول Song Of Youth پڙهڻ لاءِ ڏنو هو، هي چيني قومي ۽ طبقاتي تحريڪ جو انقلابي ناول آهي، منهنجي ذهن ۾ ايترو ته ڄمي ويو هو، جو ان کي وڌيڪ کان وڌيڪ سمجهڻ جي لاءِ ٽي ڀيرا پڙهي چڪو هوس، ان جي لکندڙ جو نالو هو يانگ مو..... ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ چيني ساهتڪارن جو هڪ ٽولو هتي آيو هو، مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ هنن کي آجياڻو ڏنو ويو هو، مان به ڪوٺ تي ويو هوس، ان چيني ٽولي جي اڳواڻ جي سڃاڻپ ڪرائيندي جڏهن رسول بخش پليجي چيو ته ”هي جڳ مشهور ناول Song Of Youth جي ليکڪا آهي ته حيرت ۽ خوشيءَ کان منهنجون نظرون هن ۾ کپي ويون، حيرت ان ڪري به لڳم جو نالي مان مون سمجهيو هو ته ”يانگ مو“ مرد هوندو، پر هيءَ ته عورت هئي، منهنجي ڪاٿي موجب هن جي عمر ستر سالن کان سرس هئي، پنهنجي تقرير ۾ رسول بخش پليجي هن ناول جي ڳچ واکاڻ ڪئي، پوءِ جڏهن ان وقت جو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري تقرير ڪرڻ آيو ته هن اعلان ڪيو ته يانگ مو جي ناول ”نوجوانن جو گيت“ جو بورڊ طرفان سنڌي ترجمو ڪرائي ڇپايو ويندو، ان تي ميڙ ۾ ويٺلن ساهتڪارن ۽ ٻين ڏاڍيون تاڙيون وڄايون، پر انهيءَ وقت ئي ويٺي ويٺي ويچاريو هوم ته سرڪاري يا نيم سرڪاري ادارن جي ذميواري آفيسرن جي جذباتي ۽ غيرذميداراڻي اعلانن جو توڙ ڇا ٿيندو آهي؟ (صفحو 47-46).“
سنڌي ادبي بورڊ ته ان وقت ان ناول جو سنڌي ترجمو ڪري نه ڇپرايو، پر گهڻو پوءِ جڏهن ان ناول جو اردوءَ ۾ ترجمو ”نوجوانون ڪا گيت“ جي نالي سان ٿيو ته نوي واري ڏهاڪي ۾ ڪنهن دوست انتهائي بيڪار ۽ ڪَٽيل سَٽيل سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ ڪنهن رسالي ۾ قسطوار ڇپجڻ کان پوءِ ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيو، پر اهو سنڌي پڙهندڙن وٽ ڪا پذيرائي حاصل نه ڪري سگهيو.
”نوجوانن جو گيت“ يانگ مو، 1930ع واري ڏهاڪي ۾ پيڪنگ جي شاگردن جي محب وطن تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيو، جڏهن 1931ع ڌاري جپانين اترينءَ چين تي قبضو ڪيو هو ۽ چين جي اڳوڻي شهنشاهه ڦو اي جي اڳواڻي ۾ مانچوڪو جي نالي سان ڪٺ پتلي حڪومت قائم ڪئي هئي، 1935ع ۾ جاپان جي قبضي جي خلاف مزاحمتي جنگ شروع ٿي وئي هئي ۽ هي ناول ان ئي دور جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو پسمنظر بيان ڪندي ناول جي ليکڪا يانگ مو لکي ٿي ”جن سالن جي هيءَ ڪهاڻي آهي، انهن ڏينهن ۾ آئون خود شاگردياڻي هيس، پر تعليم جاري رکي نه سگهيس ۽ گذر سفر جي ڳولا ۾ به ناڪام رهيس، اهو منهنجو ذاتي تجربو آهي ته انهن ڏينهن چين جا دانشور سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا هئا ۽ نوجوانن جي لاءِ ان کان سواءِ ٻي ڪا به واهه ئي نه هئي ته هو ڪميونسٽ پارٽي جو ساٿ ڏين ۽ انقلاب ۾ شريڪ ٿين، اها ڳالهه ذهن ۾ رکي مون ”لين تائو چنگ“ جو ڪردار تخليق ڪيو، هيءَ ڪهاڻي پراڻي سماج جي خلاف هڪ نوجوان دانشور جي احتجاج جو آواز آهي.“
ناول جو هيرو، لين تائو چنگ نه رڳو يونيورسٽيءَ ۾ دانشوراڻن بحثن ۾ حصو ٿو وٺي، پر شاگرد جدوجهد جي قيادت به ڪري ٿو، هو پنهنجي ساٿين سان گڏ ڪومنتانگ جي ظلمن جي خلاف احتجاجي مظاهرا منظم به ڪري ٿو ۽ تحريڪ ۾ گهڙي ايندڙ موقعي پرستن ۽ جاسوسن جي چالن ۽ بدمعاشين کي پڻ منهن ٽوڙ جواب ڏي ٿو، حڪومت شاگرد سياست کي هائيجيڪ ڪرڻ ۽ ناڪام ڪرڻ لاءِ ڪهڙا حربا ٿي هلائي ۽ شاگرد قيادت انهن کي ڪيئن ٿي منهن ڏي، ليکڪا يانگ مو اهو سڀ ڪجهه اهڙي ته سُهڻي نموني لکيو آهي جو ناول هڪ ڀيرو هٿ ۾ کڻڻ کان پوءِ ڇڏڻ تي دل ئي نٿي چوي. ويجهڙ ۾ جڏهن مون اهو ناول ٻيهر پنهنجي لائبريري مان کڻي پڙهيو ته مونکي خيال آيو ته اهڙيون جدوجهدون ته سنڌ ۾ به هليون آهن، پر افسوس جو انهن کي فڪشن واري انداز ۾ نه لکيو ويو آهي، چوٿين مارچ جي تحريڪ جي حوالي سان ڪجهه ڪهاڻيون ته لکيل آهن پر ڪو ناول ڪونهي.
”نوجوانن جو گيت“ جي ليکڪا ”يانگ مو“ 1915ع ۾ پيڪنگ ۾ ڄائي، مڊل پاس ڪرڻ کان پوءِ پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي به ٿي رهي ۽ پيڪنگ يونيورسٽي مان ”آف ڪئمپس شاگردياڻي“ جي حيثيت سان تعليم حاصل ڪيائين، جاپان جي خلاف مزاحمتي جنگ شروع ٿي ته ان ۾ حصو ورتائين، هو ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽر ۽ ڪيترن ئي سرڪاري عهدن تي پڻ رهي، يانگ مو 1934ع ۾ لکڻ شروع ڪيو، ”نوجوانن جو گيت“ سندس پهريون ناول هو، جيڪو 1958ع ۾ ڇپيو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ نوجوانن توڙي انقلابين ۾ بي حد مقبوليت ماڻيائين.