شهيد بينظير ڀٽو جي سادگي۽ ضياءَ جي مڪاري
پاڪستان ۾ پي ٽي وي پنهنجي نشريات 26 نومبر 1964ع کان شروع ڪئي، جنهن جو افتتاح صدر ايوب خان ڪيو، لاهور ۾ قائم ڪيل ان ٽي وي اسٽيشن جي نشريات 10 ميلن تائين ڏسڻ ۾ ايندي هئي، لاهور کانپوءِ جنوري 1967ع ۾ راولپنڊي ۽ نومبر 1967ع ۾ ڪراچي کان نشريات شروع ڪئي وئي، انهن ٻنهي ٽي وي اسٽيشنن جو افتتاح به صدر ايوب خان ئي ڪيو، پشاور ۽ ڪوئيٽا مان ٽي وي جي نشريات 1974ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪم سان شروع ٿي، ان وقت بلڪ اينڊ وائيٽ پروگرام نشر ڪيا ويندا هئا، پي ٽي وي پنهنجي رنگين نشريات 1976ع ۾ شروع ڪئي ۽ سڀ کان پهرين اها سهولت لاهور ٽيليويزن کي مهيا ڪئي وئي، جڏهن پي ٽي وي پنهنجي نشريات شروع ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ ڪل ٽي سئو ٽي وي سيٽ موجود هئا.
جڏهن پي ٽي وي پنهنجي نشريات شروع ڪئي ته ان جو دورانيو فقط ساڍن ٽن ڪلاڪن تي مشتمل هوندو هو، شام جو ڇهين وڳي نشريات شروع ٿيندي هئي ۽ رات جو جو نوين ساڍي نوين قومي تراني سان نشريات پڄاڻي تي پهچندي هئي، سومر جي ڏينهن نشريات نه ٿيندي هئي. انهن ڏينهن ٽي وي وڏي وندر هوندي هئي ۽ اهي ئي ساڍا ٽي ڪلاڪ ٽي وي جي سامهون ڄڻ ڄمي ويهبو هو.
مٿين ڳالهين جي لکڻ جو پسمنظر اهو آهي ته تازو منهنجي نظر مان پي ٽي وي جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ’اختر وقار عظيم‘ جي پي ٽي وي جي ساروڻين تي ٻڌل ڪتاب ”هم ڀي وهين موجود تهي“ گذريو. آتم ڪهاڻين ۽ يادگيرين جا ڪتاب هونئن به وڏي شوق سان پڙهبا آهن، جو هڪ ته انهن مان لکندڙ جي باري ۾ معلومات ملندي آهي ۽ ٻيو ته ليکڪ جيڪي پنهنجا تجربا شيئر ڪندو آهي، انهن مان به گهڻو سکبو آهي ۽ مختلف شخصيتن ۽ ڪردارن جن سان لکندڙ جو واسطو پيو هوندو آهي، ان بابت ليکڪ جي اک سان ڏسبو ۽ پڙهبو آهي.
ڪتاب نهايت سادگي ۽ روان پر دلچسپ انداز ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي نوڪري جي دوران اکين ڏٺا ڪيترائي واقعا رڪارڊ تي آندا آهن، انهن ۾ اداڪارن، ليکڪن، شاعرن کان سواءِ سياستدانن، خاص ڪري ملڪ جي صدرن ۽ وزير اعظمن جي باري ۾ ذاتي مشاهدا بيان ڪيا ويا آهن، جڏهن هو قوم کي خطاب ڪرڻ لاءِ پي ٽي وي تي رڪارڊنگ واسطي ايندا هئا، انهن ۾ جنرل يحيٰ خان، جنرل ضياءَ الحق، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، جنرل پرويز مشرف، محمد خان جوڻيجو، ظفر الله جمالي ۽ شهيد محترما بينظير ڀٽو اچي وڃن ٿا، ان کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي سياستدانن ۽ ڪرڪيٽرن جي باري ۾ به ذاتي تاثر بيان ڪيا ويا آهن، ليکڪ چواڻي ته انهن مان محمد خان جوڻيجو، ظفر الله جمالي ۽ شهيد محترما بينظير ڀٽو پنهنجي سادگي جي ڪري ڏاڍو متاثر ڪندا هئا، هن جنرل مشرف جي باري ۾ لکيو اٿس ته سريلنڪا کان سڌو ايئرپورٽ تي لهڻ ۽ اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ سندس ڪيل مختصر تقرير ۾ رڳو ان ڪري دير تي جو ان مهل کيس سوٽ پاتل هو ۽ وردي تيار نه هئي، نيٺ جنرل مشرف ڪمانڊو جي وردي پائي خطاب ڪيو، ائين ملڪ تان غير يقيني جا ڪڪر هٽيا ، جيڪي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ملڪ تي ڇانيل هئا.
اختر وقار عظيم شهيد محترما بينظير ڀٽو جي سادگي جي باري ۾ نهايت دلچسپ واقعو ڪتاب ۾ لکيو آهي، هو لکي ٿو: ”بينظير ڀٽو تعليم پرڏيهه ۾ حاصل ڪئي هئي، سندس ڪٽنبي پسمنظر به سياسي هو، پر هوءَ پنهنجي طبعيت ۾ بي حد سادي هئي، هن جي شخصيت جي عوامي مزاج کي سمجهڻ لاءِ هڪ واقعو پڙهندڙن جي دلچسپيءَ وٽان آهي، هوءَ پنهنجي هڪ تقرير رڪارڊ ڪرائڻ جي لاءِ ٽي وي سينٽر آئي ۽ هميشه وانگر جنرل مئنيجر جي ڪمري ۾ اچي ويٺي سندس معمول هو ته هو تقرير ڪرڻ کان اڳ اتي ويهي هڪ نظر تقرير تي وجهندي هئي، هڪ ڀيرو هوءَ تقرير ڪرڻ جي لاءِ آئي ته ڪمري ۾ ويٺي هڪ اڌ ڀيرو هن ڪجهه چوڻ چاهيو، پر پوءِ ماٺ رهي، ان وقت ناهيد خان به ساڻس گڏ هئي، جيڪا عام طور تي ساڻس گڏ هوندي هئي، هُن مونکي مخاطب ٿي چيو: ” جي ايم صاحب! وزير اعظم اوهان کي ڪجهه چوڻ ٿي چاهي.“ منهنجو خيال هو ته هوءَ رڪارڊنگ جي حوالي سان ڪجهه پُڇندي يا ڪنهن پروگرام جي باري ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي، پر اهي ٻئي ڳالهيون غلط هيون، هن منهنجي ڌيان ڏيڻ تي چيو: هينئر مون ٽي وي سينٽر ڏانهن ايندي ويگن جي اسٽاپ وٽ هڪ مڪئي جي سنگن وارو ويٺل ڏٺو، اوهان ان کان ٻه سنگ گهرائي وٺو، مڪئي جا سنگ اچي ويا ۽ اُن ڏينهن وزير اعظم چانهه پيئڻ جي بدران مڪئي جو هڪ سنگ کاڌو، چانهه هوءَ کنڊ کان سواءِ پيئندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن هوءَ ان ۾ ماکيءَ جو هڪ چمچو به ملائيندي هئي، جنهن جو باقاعده بندوبست ڪيو ويندو هو (ص 69)
ڪتاب مان اها ڳالهه به معلوم ٿئي ٿي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ 1975ع ۾ محترما بينظير ڀٽو شاگردي واري زماني ۾ پي ٽي وي تان ميزباني جي حيثيت سان Encounter جي نالي سان نوجوانن جي لاءِ هڪ پروگرام به ڪيو، جنهن جا رڳو ڇهه ئي پروگرام نشر ٿي سگهيا، انگريزي ۾ نشر ڪيل هڪ پروگرام ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو به شريڪ ٿيو هو.
ڪتاب ۾ شهيد محترما بينظير ڀٽو جي حوالي سان هڪ ٻي نهايت دلچسپ ڳالهه بيان ڪئي وئي آهي، اهو فرانس جي صدر متران جي پاڪستان جي دوري دوران ڪيل پريس ڪانفرنس جي حوالي سان آهي، ليکڪ لکي ٿو ته فرانس جو صدر هڪ سوال جي جواب ڏئي رهيو هو، جو اسان جي وزير اعظم بي چينيءَ مان هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳي، پوءِ هن ڪاغذ جو هڪ ننڍو ٽڪرو کنيو ۽ ان تي ڪجهه لکڻ لڳي، ٻن چئن جملن لکڻ کان پوءِ هن اهو ڪاغذ ڀر ۾ بيٺل پنهنجي اطلاعات واري وزير کي ڏنو ۽ سامهون ويٺل صحافين ڏانهن ڏسي ڪجهه چيو، اطلاعات وارو وزير اها پرچي کڻي صحافين وٽ ويو ۽ اها ناليواري صحافي نصرت جاويد کي ڏنائين، نصرت جاويد چٺي تي نظر وڌي ۽ سوال ڪرڻ جي لاءِ هٿ مٿي کنيو، وزير اعظم پاڪستان، نصرت کي سوال ڪرڻ جي اجازت ڏيندي چيو جي پُڇو!
نصرت جاويد جو سوال فرانس جي ان واعدي جي باري ۾ هو، جيڪو هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان نيو ڪليئر ري ايڪٽر ڏيڻ جي باري ۾ ڪيو هو، ائين شهيد محترما بينظير ڀٽو ان پريس ڪانفرنس جي ذريعي هڪ اهڙي سوال جو جواب حاصل ڪري ورتو، جيڪو هوءَ فرانس جي صدر سان ڳالهين ٻولهين دوران حاصل ڪري نه سگهي هئي.
ڪتاب ۾ جنرل ضياءَ الحق جي مڪاري ۽ منافقي جي باري ۾ به هڪ دلچسپ واقعو بيان ڪيو ويو آهي، ليکڪ لکي ٿوته : قوم سان هڪ خطاب ۾ جنرل ضياءَ الحق ملڪ ۾ اسلامي نظام لاڳو ڪرڻ جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ته اسان سڀني کي اچي ان فڪر ورتو ته ان تقرير کان پوءِ ڪهڙو قومي گيت نشر ڪيو وڃي، آغا ناصر مئنيجنگ ڊائريڪٽر هو، واسطيدار کاتي جي سربراهه کيس ڪيترائي گيت ڏيکاريا پر ڪن ۾ گلوڪارن جي ڪپڙن ته ڪن ۾ اهڙن شعرن جي ڪري جن کي ٻٽي معنيٰ ۾ ورتو وڃي ها، آغا صاحب کي نه وڻيا، آئون سينٽر تي جنرل مئنيجر هئس منهنجي صلاح سان اهو طئي ٿيو ته تقرير کان پوءِ مشهور گيت سوهني ڌرتي الله رکي قدم قدم آباد، جي ڌن نشر ڪئي وڃي، پوءِ ائين ئي ٿيو ۽ شام خيريت سان گذري وئي ٻي ڏينهن يارهين بجي ڌاري ضياءَ الحق جو ملٽري سيڪريٽري منهنجي آفيس آيو ۽ ايندي ئي حڪم ڏنائين ته صدر ميريٽ هوٽل ۾ ڪنهن تقريب ۾ خطاب ڪري رهيو آهي، ٺيڪ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ٽي وي سينٽر ايندو ۽ ڪلهوڪي شام جي ٽرانسميشن جا اهي حصا ڏسڻ چاهيندو، جيڪي سندس تقرير کان پوءِ ٻن ڪلاڪن تائين نشر ٿيا، رڪارڊنگ ڏيکارڻ جو بندوبست ڪري وٺو ۽ ان موقعي تي اطلاعات وارو وزير، اطلاعات وارو سيڪريٽري، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي جي سربراهن کان سواءِ حڪومت جي پرنسل انفارميشن آفيسرن کي به گهرائي وٺجو، وقت بنهه گهٽ آهي، هي همراهه فون تي نه پيا ملن ڪوشش ڪريو ته هڙئي وقت تي پهچي وڃن.
فون تي ڪوشش ڪيم، پر ڪو به پنهنجي آفيس ۾ موجود نه هو، آئون پنهنجي دوست سينيئر پروڊيوسر جاويد اختر کي اڳ ۾ ئي ميريٽ هوٽل موڪلي چڪو هئس، ڇو ته منهنجو خيال هو ته اهي سڀ همراهه شايد ان موقعي تي اتي ئي موجود هجن ۽ ٿيو به ائين. جاويد وٽان صدر جو نياپو ٻڌي سڀ ٽي وي سينٽر پهچڻ شروع ٿي ويا، سڀني کان پهرين اطلاعات وارو وزير الاهي بخش سومرو ۽ اطلاعات وارو سيڪريٽري پهتا، سندن خيال هو ته صدر هيلي ڪاپٽر جي ذريعي ڪنهن ويجهي شهر وڃڻ وارو آهي، هيلي پيڊ جي سڀ کان ويجهي آفيس پي ٽي وي جي هئي، تنهنڪري هن شايد اُتي ميٽنگ رکي آهي، ٻيا آفيسر به هنن جا هم خيال ٿيا، رڳو هڪ آغا ناصر جو خيال هو ته هنگامي حالتن ۾ سڏايل هڪ گڏجاڻي ائين هرو ڀرو ڪنهن سبب جي ڪري نه گهرائي وئي آهي، ضرور ڪا ڳڙ ٻڙ آهي. ٿوري دير کان پوءِ صدر صاحب آيو، حسب روايت سڀني سان مرڪي هٿ ملايائين ۽ خيريت پڇائين ۽ پوءِ ويهي رهيو، صدر صاحب جي تقرير جي رڪارڊنگ ڏيکارڻ شروع ڪئيسين ته چيائين، ان کي ڇڏيو اڳتي هلو، سوهني ڌرتي جي ڌن وڄڻ لڳي ته ان تي صدر ۽ ٻيا به گنگنائڻ لڳا، ڌن ختم ٿي ته ان کان پوءِ جيڪي اشتهار هليا هئا سي به ڏيکاريا ويا، ڪو به اعتراض يا تبصرو نه ٿيو، خبر نامي جو وقت ٿي ويو هو، تنهنڪري ان جي رڪارڊنگ ڏيکارجڻ لڳي، اڌ ڪلاڪ جي خبر نامي ۾ ويهه منٽ صدر جي تقرير ۽ باقي ڏهه منٽ ٻين خبرن کي ڏنا ويا هئا، خبر نامي کان هڪدم پوءِ ڪراچي ٽيليويزن سينٽر تان هڪ نغمو نشر ڪيو ويو، جيڪو اوهان به ٻڌو هوندو، بنجمن سسٽرز جي آواز ۾ اهو ڏاڍو خوبصورت نغمو آهي.
خیال میں ایک روشنی ہے
یہ روشنی سدا رہے گی۔
نغمي ۾ ٽيئي ڀيڻون هٿن ۾ ڏيئا کڻي ڏاڪڻيون چڙهي رهيون هيون، نغمو ٻڌندي ئي صدر ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چيائين آئون اسلامي نظام جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان ۽ اوهين هي هندواڻي قسم جو نغمو نشر ڪري رهيا آهيو، ڇوڪرين جا ڪپڙا به مناسب ڪونهن، منهنجي ڳالهه کي، منهنجي سوچ کي ڪير سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه پيو ڪري، سب اخبارون به اهڙين خرافاتن سان ڀريون پيون آهن، اوهين سڀ ٻڌو ته آئون ڇا ٿو چاهيان ۽ پوءِ ان تي عمل ڪجو. ان کان پوءِ لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ تائين صدر سڀني کي پنهنجي خيالن کان مستفيد فرمايو. ڪاوڙ گهٽجي چڪي هيس، تنهنڪري مرڪندي مستقل جي پاڪستان جي حوالي سان هو سڀني آفيسرن کي مخاطب ٿيندو رهيو، وڃڻ مهل هن چيو: هاڻ اوهين سڀ پنهنجي آفيسن ۾ وڃو ۽ جيئن مون چيو آهي، ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجو، صدر ضياءَ الحق روانو ٿيو ته سڀئي آفيسر به روانا ٿي ويا، آغا ناصر جو گهر ٽي وي سينٽر کان پنجويهن منٽن جي دوريءَ تي هو، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ هن جي فون آئي يار آئون گهر پهتس ته هڪ خط رکيو هو، هن مونکي ته بدلي ڪري ڇڏيو آهي، ساڳيو ئي حال ٻين آفيسرن جو به هو، سڀني کان سندن ذميواريون واپس ورتيون ويون هيون، مونکي اڄ سوڌي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته جڏهن صدر وزارت اطلاعات جي انهن سڀني آفيسرن کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري آيو هو ته پوءِ کيس تفصيل سان پنهنجو ايندڙ لائحه عمل ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. ظاهري طور تي جنرل ضياءَ الحق نهايت خوش اخلاق ۽ خوش مزاج نظر ايندو هو، ڳالهه به مُرڪي ڪندو هو، پر سڀني کي خبر آهي ته مصطفيٰ زيديءَ جي شعر جي هي سٽ کانئس وڌيڪ ٻي ڪنهن تي به ٺهڪي نٿي اچي.
میرا مجلسی تبسم، میرا ترجمان نہیں ہے۔
(منهنجي ڪچهريءَ واري مُرڪ منهنجي ترجمان ڪونهي)