زخم جو نشان
سوزن ابوالهوا، اها ڪهاڻي اهڙي ته پيرايي ۾ بيان ڪئي آهي جو ماڻهوءَ جي روح جي گهراين ۾ لهي ٿي وڃي ۽ فلسطين جو سڄو الميو ڪنهن فلم جيان اچيو سامهون بيهي، ليکڪا چواڻي، ”هي ناول تخليقي ادب ۾ فلسطين جو اظهار آهي.“
ناول جي ڪهاڻيءَ جي شروعات 1941ع ۾ هڪ فلسطيني ڳوٺ ”عين هود“ کان ٿئي ٿي، جنهن جو بنياد اٺ سؤ سال اڳ 1189ع ۾ سلطان صلاح الدين ايوبيءَ جي هڪ جنرل رکيو هو. جنهن ۾ فلسطيني رهاڪو سک ۽ آرام سان گذاري رهيا آهن ۽ انهن ئي ڏينهن سڄي يورپ مان هٽلر جي بربريت ۽ ڪنسٽرڪشن ڪئمپن مان بچي ويل يهودي، هڪ منظم رٿابنديءَ سان فلسطين ۾ اچڻ شروع ٿيا ۽ برطانيا جي آشيرواد سان منجهه ڳجهه ۾ اسرائيل جي قيام جي منصوبي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ يهودين منظم نموني سان دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ڪري رهيا هئا ۽ هنن نه رڳو فلسطيني رهاڪن کان زمينون خريد ڪري شروع ڪيون، پر هنن فلسطيني رهاڪن سان اهو ئي رويو اختيار ڪيو، جيڪو نازين ساڻن ڪيو هو. هنن دهشتگردي جي ذريعي مقامي فلسطينين کي تنگ ڪرڻ، مارڻ، کين لڏائڻ، سندن گهرن ۽ ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا، ان ڇڪتاڻ جا پڙاڏا ”عين هود“ ڳوٺ تائين به پهتا. 6 مئي 1948ع ۾ اسرائيل جي رياست جو باضابطه اعلان ڪيو ويو، جنهن کي آمريڪا فوري طور تي انساني همدرديءَ جي بنياد تي تسليم ڪري ورتو ۽ پوءِ هڪ اهڙي دور جي شروعات ٿي، جيڪو دهشت، قتل عام ۽ هڪ قوم جي منظم نسل ڪشي جو دور آهي، جيڪو اڄ تائين جاري آهي ۽ ان دهشتگرديءَ سڄي قوم کي جلاوطن ڪري دنيا ۾ ٽيڙي پکيڙي ۽ ڪئمپن ۾ رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ ”عين هود“ جي آبادي کي به ڪجهه ڪلاڪن جي نوٽس تي پنهنجي گهرن مان لڏائي ڪئمپن ۾ ڦٽو ڪيو ويو ۽ ”عين هود“ ۾ يورپ مان آيل فرانسيسي يهودين کي آباد ڪيو ويو، ليکڪا جي لکڻ موجب يورپ ۾ يهودين پاڻ مٿان ٿيندڙ ظلمن کانپوءِ اها ڳالهه پنهنجي دلين ۾ ويهاري ڇڏي ته پنهنجي گهرج جي هر شئي زبردستي حاصل ڪئي وڃي. ان لڏپلاڻ جي دوران ناول جي هڪ ڪردار ضاليه جو ننڍو پٽ اسماعيل ڪنهن نموني ڪٿ رهجي ٿو وڃي، جنهن تي هڪ يهودي سپاهي جي اک هوندي آهي، جنهن کي اولاد نه هوندو آهي، ڇو ته سندس زال نازي اذيتي ڪئمپ ۾ تشدد جو نشانو بنجڻ سبب ٻار پيدا ڪرڻ جي لائق نه هوندي آهي، اهو فوجي ننڍڙي اسماعيل کي کڻي ٿو وٺي ۽ پوءِ اسماعيل کي پنهنجو پُٽ ڪري ٿا پالين ۽ کيس ڊيوڊ جو نالو ٿا ڏين. ڊيوڊ جڏهن وڏو ٿئي ٿو ته هو اسرائيلي فوج ۾ ڀرتي ٿئي ٿو ۽ اسرائيل جي بقا لاءِ اهو ئي ڪردار ادا ٿو ڪري، جيڪو هر اسرائيلي پنهنجو فرض ٿو سمجهي يعني فلسطينين کي دٻائڻ، مارڻ ۽ دهشت پکيڙڻ. اسماعيل (ڊيوڊ) کي هڪ وڏو ڀاءُ يوسف ۽ هڪ ڀيڻ امل به هوندا آهن، يوسف اڳتي هلي فدائي بنجي ٿو وڃي ۽ 1982ع ۾ جڏهن اسرائيل، لبنان تي حملو ڪري پي.ايل.او کي اتان نڪرڻ تي مجبور ٿو ڪري ۽ پي ايل او آمريڪا جي ضمانت تي فلسطيني ڪئمپن صابرا ۽ شتيله کي خالي ڪري ٿي ته يوسف به لبنان مان تيونس هليو ٿو وڃي ۽ پويان پنهنجي زال فاطمه ۽ ڌيءَ فلسطين کي ٻين عورتن ۽ ٻارن سان گڏ شتيله ڪئمپ ۾ ڇڏي ٿو ڏي، يوسف جي ڀيڻ امل جيڪا ان دوران آمريڪا هلي ويندي آهي ۽ اتي گرين ڪارڊ هولڊر بنجي ويندي آهي، سا فاطمه ۽ فلسطين کي آمريڪا گهرائڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏيندي آهي. ان وچ ۾ آمريڪي ضمانت جي باوجود به اسرائيل منظم نموني سان شتيله ۽ صابرا ڪئمپن ۾ قتل عام ڪرائي ٿو، جنهن ۾ فاطمه ۽ فلسطين به قتل ٿي وڃن ٿيون، عورتن، مردن ۽ ٻارن جي ان قتل عام جون جڏهن دنيا جي اخبارن ۽ تصويرون ڇپجن ٿيون ته انهن مان هڪ تصوير فاطمه ۽ فلسطين جي لاشن جي به هوندي آهي، امل ۽ يوسف کي اها تصوير ڏسي خبر پوندي آهي ته فاطمه ۽ فلسطين قتل ٿي چڪيون آهن، ان قتل عام جو ذڪر جڳ مشهور صحافي رابرٽ فسڪ پنهنجي مشهور ڪتاب Pity the Nation “The Abduction of Lebanon” ۾ هنن لفظن ۾ ڪيو آهي، جيڪي سوزن ابوالهوا حوالي طور ڪتاب ۾ ڏنا آهن:
”مون ۽ جنڪز شتيله ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو، ان اسان جا هوش ۽ حواس ايترا ته خطا ڪري ڇڏيا، جو اسين اهو صدمون بيان ئي نٿا ڪري سگهون. اسين ڪجهه ماڻهن جي قتل يا مُنهان منهن ويڙهه ۾ درجنين ماڻهن جو مارجي وڃڻ ته بيان ڪري سگهون ٿا، پر هتي ته عورتون گهرن ۾ ائين مُيون پيون هيون- جو انهن جا اسڪرٽ ليڙون ليڙون ڪيا ويا هئا ۽ انهن جون ٽنگون چيريون ويون هيون. ٻارڙن جا ڪنڌ ڪپيل هئا، نوجوان مردن جون قطارون هيون، جن کي ڀت ڏانهن منهن ڪري بيهاريو ويو هو ۽ پوءِ کين پُٺ ۾ گوليون هنيون ويون هيون. ننڍڙن ٻارن جا لاش هئا، جيڪي ڪارا ٿي چڪا هئا، ڇو ته انهن کي 24 ڪلاڪ اڳ ماريو ويو هو ۽ هاڻ اهي ڳري سڙي رهيا هئا. انهن ٻارن جي لاشن کي ڪچري جي ان ڍڳ تي اڇليو ويو هو، جتي آمريڪي فوج جي راشن جا خالي ڏٻا، اسرائيلي فوج جا (استعمال ٿيل) ميڊيڪل اوزار ۽ وسڪيءَ جون خالي بوتلون پيون هيون.“
فلسطيني ماڻهن جو اهو قتل عام يوسف کي مجسم انتقام بڻائي ٿو ڇڏي ۽ هو پي ايل او ڇڏي ٿو ڏي ۽ پوءِ هو هڪ اهڙو گروهه منظم ٿو ڪري، جيڪو لبنان ۾ آمريڪي سفارتخاني سان بارود سان ڀريل ٽرڪ ٿو ٽڪرائي، جنهن ۾ 63 آمريڪي مارجي وڃن ٿا ۽ اهو انهن جي لاءِ جهنم بنجي وڃي ٿو.
اُتي ليکڪا آمريڪي ميڊيا جي پت به وائکي ڪئي آهي، جيڪا ان حملي تي سرخي لڳائي ٿي، ”دهشتگردن آمريڪي سفارتخاني تي حملو ڪري ڏنو“. پر سوزن ابوالهوا جي لکڻ موجب، صابرا ۽ شتيله جي قتل عام جي هڪ هفتي کانپوءِ ’نيوز ويڪ‘ رسالي جي لاءِ گذريل ستن ڏينهن جي سڀ کان اهم خبر شهزادي گريس (ڪيلي) جي چالاڻي جي هئي. ان جي ٻي هفتي جي سرورق جو مضمون هو. ”اسرائيلي سخت ذهني اذيت ۾،“ (اسرائيلي مظلوم).
ڪئمپ ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ جڏهن يوسف هڪ اسرائيلي فوجي چوڪيءَ وٽان لنگهي ٿو ته کيس هڪ اسرائيلي (يهودي) فوجي نظر ٿو اچي، جنهن جي شڪل ساڻس ملي ٿي ۽ ان فوجي کي اک وٽ لڳل اهو نشان به آهي، جيڪو يوسف ٻاروتڻ ۾ کيس هڻي ٿو. الائجي ڇو يوسف کي يقين ٿئي ٿو ته اهو فوجي ڊيوڊ سندس ڀاءُ اسماعيل ئي آهي.
سڄي ناول ۾ ڪيترائي ڊرامائي ۽ دل ڀڄائيندڙ منظر آهن، جنهن ۾ يوسف جو گم ٿي وڃڻ، ڊيوڊ پنهنجي شناخت جي ڳولا ڪري ٿو ۽ نيٺ پنهنجي ڀيڻ امل سان فلاڊلفيا ۾ اچي ملي ٿو ۽ پوءِ امل فلسطينين اچي ٿي، جتي هو ڊيوڊ (اسماعيل) جي مهمان آهي ۽ جنين ۾ پنهنجي ساهيڙي وٽ پنهنجي ڌيءَ سان گڏ وڃي رهي ٿي ۽ اتي هڪ اسرائيلي فوجيءَ جي گوليءَ جو نشانو بنجي وڃي ٿي.
ناول جي ڪهاڻي فلسطين جي ٽن نسلن جي ڪهاڻي آهي، هڪ اهڙي قوم جي ڪهاڻي، جيڪا ٽن نسلن کان در بدي، جلاوطني ۽ دهشتگرديءَ جو شڪار آهي، جنهن جي هر ٻار ۽ ٻچي کي اهو يقين آهي ته هو ضرور پنهنجي وطن فلسطين جي ڌرتي تي موٽي ويندا. سوزن جي لکڻ موجب، ”هن ناول جا ڪردار ته خيالي آهن، پر فلسطين خيالي ڪونهي ۽ نه ئي اهي تاريخي واقعا خيالي آهن، جيڪي هن ڪهاڻي ۾ بيان ڪيا ويا آهن، يقينن ”وچ اوڀر جي تڪرار“ جي بيان ۾ خيال آرائي اصل حقيقت جي مقابلي ۾ گهڻي ڪمزور ۽ ناموزون متبادل آهي، مون پنهنجي يادداشت ۽ رڪارڊ ڪيل تاريخ جي مدد سان هر ممڪن ديانتداريءَ سان واقعا ۽ تاريخ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
سوزن ابوالهوا آمريڪا ۾ رهي ٿي، جڏهن ته فلسطين سندس ڏاڏاڻون ڏيهه آهي، سندس مائٽ 1967ع جي عرب اسرائيل جنگ کانپوءِ بي گهر ٿي ان وقت پناهگير بنجي ويا، جڏهن ڪٽنب جا ڀاتي هڪٻئي کان وڇڙي ويا ۽ ٻالڪپڻ هڪ شهر کان ٻي شهر منتقل ٿيندي گذاريو، پهرين ڪويت، پوءِ اردن ۽ پوءِ اوڀر يروشلم ۾، جيڪو اسرائيل جي قبضي ۾ اچي چڪو هو. اعليٰ تعليم جي لاءِ هوءَ ننڍي وهيءَ ۾ ئي آمريڪا هلي وئي ۽ يونيورسٽي آف سائوٿ ڪيرولينا جي بائيو ميڊيڪل سائنسز مان گريجوئيشن ڪيائين، هن ان ئي شعبي ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي، پر کيس شهرت پنهنجي لکڻين جي ڪري حاصل ٿي.
فلسطين جي باري ۾ اولهائين ميڊيا، خاص ڪري آمريڪي اخبارن جي تعصب واري رويي سوزن ابوالهوا کي ڏاڍو بد دل ۽ برهم ڪيو، ان کانپوءِ هن آمريڪا جي مختلف اخبارن ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي، سندس اهي لکڻيون يا ڪالم آمريڪا جي مشهور اخبارن ۾ ڇپيون، 2002ع ۾ جڏهن اهي خبرون اچڻ لڳيون ته جنين جي پناهگيرن جي خيمه بستيءَ ۾ کلي عام فلسطينين جو قتل عام ٿي رهيو آهي. ته سوزن ابوالهوا فلسطين جو سفر ڪيو، هن اتي جيڪا درندگي ۽ بربريت ڏٺي ته هن پڪو ارادو ڪيو ته هوءَ جنين جي ظلم ۽ ستم ۽ اتي جي باهمت ماڻهن جو داستان سڄي دنيا جي ماڻهن کي سُڻائيندي. ’جنين‘ مان واپس موٽڻ کانپوءِ سوزن ابوالهوا پهريون ڪم اهو ڪيو ته هن هڪ فلاحي ادارو قائم ڪيو، جيڪو محڪوم ۽ والاريل علائقي ۾ رهندڙ فلسطيني ٻارن جي لاءِ راند جا ميدان قائم ڪري، هن ان اداري جو نالو Ply grounds for Palestine:inc رکيو، ان اداري تحت بيت اللحم، رافه، خان يونس ۽ هيبرون ۾ راندين جا ميدان قائم ڪيا ويا.
سوزن ابوالهوا جا مضمون Shatterd III usions (2002ع) ۽ Searching Jenin (2003ع) جي نالن سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيا، 2006ع ۾ سندس پهريون ناول The Scar of David ڇپيو. ڇپجڻ کانپوءِ جتي ان ناول کي گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ ادبي انعام به ڏنو ويو، اتي ڪن حلقن پاران ان جي سخت مخالفت به ڪئي وئي. سندس چوڌاري هڪ تڪرار ان وقت کڙو ڪيو ويو، جڏهن نيو يارڪ ۾ ڪتابن جي هڪ دوڪان ۾ ليکڪا کي ان ناول مان اقتباس پڙهي ٻڌائڻ جي بدران فقط ڪتاب تي صحيح ڪرڻ تائين محدود ڪيو ويو، ان واقعي کانپوءِ ڪيترين ئي اخبارن اهو مسئلو کنيو ته ليکڪا کي ان سنسرشپ کي رڳو ان ڪري منهن ڏيڻو پيو ته هوءَ فلسطين نواز موقف رکي ٿي ۽ نسلي طور تي سندس واسطو فلسطين سان آهي.
سوزن ابوالهوا جو ٻيو نازل Morning in Jenin، 2010ع ۾ ڇپيو، جنهن جو موضوع پڻ فلسطين ئي آهي.