وطن پرست ۽ سيڪيولر جناح
”ليڪچر ڪهڙي موضوع تي آهي.؟“ پڇيومانس.
” محمد علي جناح تي..“
پهرين ته خيال آيم ته نه وڃان جو ساڳئي روايتي انداز ۾ هوندو، پر جناح صاحب جي شخصيت سان دلچسپي هئڻ سبب ساڻس گڏ هليو ويس، ليڪچر ٻُڌڻ کان پوءِ ان ڳالهه جي خوشي ٿي ته چڱو ٿيو جو مون ليڪچر اٽينڊ ڪيو. جيڪو نهايت دلچسپ ۽ معلوماتي هو.
ورهاڱي کانپوءِ پاڻ وٽ جناح صاحب جي شخصيت کي جنهن نموني پيش ڪيو ويندو رهيو آهي، ان ۾ فقط هن جي زندگي جي پوين ڏهن سالن جو وڏي شد مد سان ذڪر ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ هن مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان هندستان جي مسلمانن جي لاءِ هڪ ڌار وطن لاءِ ڪوششون ڪيون، ان کان اڳ سندس سياست کي صفا نه ڇهيو ويندو آهي يا فقط ان جو سرسري ذڪر ئي ڪيو ويندو آهي.دادا ڀائي نوروزجي ۽ گوکلي کان سياست جا سبق سکندڙ جناح صاحب جي به اها خواهش هئي ته” مسلم گوکلي بنجڻ منهنجي خواهش آهي.“ کيس هنڌو مسلم اتحاد جو سفير قرار ڏنو ويندو هو ۽ ان لاءِ جناح جيڪو ڪردار ادا ڪيو ، ان لاءِ خود هندستاني ليکڪن جسونت سنگهه جو ڪتاب ” جناح اتحاد کان ورهاڱي تائين“ ۽ ايس ڪي موجمدار جو ڪتاب ” جناح ۽ گانڌي“ دماغ کولي ٿا ڇڏين.
ورهاڱي کانپوءِ جيئن پاڻ وٽ پاڪستان ۾ سرڪاري سطح تي يا نظريه پاڪستان جي پرچارڪي محققن مهاتماگانڌي جي ڪردار کي ناڪاري ڪري پيش ڪيو آهي. تيئن هندستان ۾وري جناح صاحب کي منفي شڪل ڏني ويئي ، کيس عجيب لقبن سان نوازيو ويو، پر ڊاڪٽر اجيت جاويد پنهنجي ليڪچر ۾ جنهن نموني جناح صاحب جي شخصيت ۽ سياست جي حوالن ۽ دلين سان تشريح ڪئي ۽ سندس ڪردار کي واکاڻيو، سو دلچسپي ۽ معلومات کان خالي نه هو، ڊاڪٽر اجيت جاويد چواڻي جناح جي زندگي جا آخري ڏهه سال ، جنهن ۾ هن جو ڪردار علحيدگي پسندي ۽ مسلم ليگي سياست وارو هو، سندس باقي سڄي سياسي زندگي پرجوش ديش ڀڳت ۽ وطن پرستيءَ واري هئي، جناح صاحب چوندو هو” مونکي فرقي وارانه نعرن کان نفرت آهي.“ يا هو چوندو هو ” آئون پهرين وطن پرست آهيان، پوءِ به وطن پرست آهيان ۽ آخر ۾ به وطن پرست آهيان.“ کيس خود به انهن لفظن تي فخر هو ۽ هو اهو به چوندو هو ” آئون پهرين هندستاني آهيان ۽ پوءِ مسلمان.“ سندس اهي لفظ رڳو ٺلها لفظ نه هئا، پر سندس رويو، عمل ۽ تقريرون ورهاڱي کان ڏهه سال اڳ تائين انهن لفظن جي ماهيت کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن، هو جديد هندستان ۽ ڪانگريس پارٽي جي اڏيندڙن مان هڪ هو، هن ” هندستان فقط هندستانين جي لاءِ “ جو نعرو ڏنو، هن جي سپنن جو هندستان، گڏيل هندستان هو، جنهن ۾ وڏي پئماني تي صنعتون، سائنس، زراعت ۽ تعليم جو فروغ هجي، جتي سڀ هندستاني بنا ڪنهن رنگ، نسل، مذهب ۽ فرقي جي پنهنجي زندگي خوشي ۽ آزاديءَ سان گذاري سگهن، هن پنهنجي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ چاليهن سالن کان به وڌيڪ عرصو دستوري ذريعن وسيلي جدوجهد ڪندي گذاريو.
ڊاڪٽر اجيت جاويد، جناح صاحب جي وطن پرستي ۽ سيڪيولر سوچ جا ڪيترائي مثال ڏنا، هن ٻڌايو ته هڪ اجلاس ۾ هندستان جي وائسراءِ لارڊ ولنگڊن هندستاني اڳواڻ تلڪ سان توهين آميز رويو اختيار ڪيو، جنهن تي سڀ هندستاني اٿي هليا ويا، پر جناح ويٺو رهيو ۽ پنهنجي تقرير جي واري اچڻ تي هن ولنگڊن سان اها جُٺ ڪئي جو بس. پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان گرجدار تقرير ۾ هن ولنگدن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون ۽ پوءِ اٿي ٻاهر هليو ويو، جناح صاحب، ولنگڊن طرفان تلڪ سان اختيار ڪيل بي عزتيءَ وارو رويو ڪڏهن به نه وساريو، جڏهن 1918 ع ۾ بمبئي جي ٽائون هال ۾ ولنگڊن کي سپاس نامو پيش ڪرڻ جي لاءِ گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي ته جناح صاحب ۽ سندس ساٿي هال ۾ موجود هئا، ان وقت هزارين بمبئي جا شهري ٽائون هال ۽ ان جي ڏاڪڻين تي موجود هئا ۽ هنن جناح جي اڳواڻي ۾ اهڙو ته احتجاج ڪيو، جو نيٺ ولنگڊن کي سپاسنامو پيش ٿي نه سگهيو ۽ گڏجاڻي د رهم برهم ٿي ويئي.
ڊاڪٽر اجيت جاويد ٻڌايو ته ” جناح صاحب پنهنجي زندگي ۾ ئي قابل تقليد شخصيت بنجي چڪوهو، هو هندستان جي سياست جي ميدان هڪ نمايان پاڻ اڳواڻ ٿي اُڀريو. 16-1915ع ۾ هي تلڪ جي تعاون سان ڪانگريس پارٽي جي اعتدال پسند ۽ انتهاپسند ڌڙن ۾ اتحاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ٻنهي ڄڻن هنڌن ۽ مسلمانن کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته هو مادر وطن جي آزاديءَ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن، ان سلسلي ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ لکنوءَ ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن کي تلڪ-جناح پئڪٽ جو نالو ڏنو ويو.“
جناح بنگال جي ورهاست جي به مخالفت ڪئي هئي، سندس نظر ۾ ان جو مقصد هندن ۽ مسلمانن جي ٻڌيءَ کي ٽوڙڻ هو، سندس چوڻ هو ته سرڪارفرقيواريت جي بنياد تي صوبي کي ورهائي، فرقي پرستن جي پاڙن کي مضبوط ڪرڻ ٿي چاهي، هو مسلمانن جي لاءِ ڌار چونڊن جي به خلاف هو، هن لارڊ منٽوءَ کي مخاطب ٿي لکيل ميمو رينڊم تي صحيح ڪئي، جنهن ۾ ڌار چونڊن ( مسلمانن جي لاءِ ) کي منٽو مارلي سڌارن ۾ شامل ڪرڻ جي رٿ جي مخالفت ڪئي ويئي هئي. پر جڏهن سرڪار 1909ع ۾ مسلمان کي اهو خصوصي حق ڏنو ته جناح ان کي بدنيتي سان هندستان جي سياسي زندگي ۾ زهر کي شامل ڪرڻ قرار ڏنو.
جناح ڪڏهن به مولانا محمد علي جوهر جي هلايل خلافت تحريڪ ۾ گانڌيءَ جيان شامل نه ٿيو هو ، خلافت تحريڪ کان لاتعلق رهيو ۽ گانڌي جي شرڪت کي سُٺو نه سمجهيو ، جناح ليجسلٽو اسيمبلي ۾ ڪڏهن به سرڪار کي سُک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو. برطانوي سرڪار جناح کي پنهنجو طرفدار بنائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، کيس وڏن وڏن عهدن جي لالچ ڏني. پر هن اهي ٿڏي ڇڏيون، کيس هاءِ ڪورٽ جي جج، ايڊوڪيٽ جنرل جا عهدا آڇيا ويا، لارڊ ريڊنگ جناح کي لالچ ڏني ته کيس ڪابينا ۾ قانون وارو وزير ڪري کنيو وڃي، پر جناح انڪار ڪيو ، لارڊ ريڊنگ ٻي ڪوشش ڪئي ۽ کانئس پڇيو ته جيڪڏهن هو چاهي ته کيس ” سر“ جو خطاب ڏنو وڃي، پر جناح جواب ڏنس، ” آئون سر محمد علي جناح بدران مسٽر جناح سڏرائڻ وڌيڪ پسند ڪندس.“
هتي اهو ٿو سوال پيدا ٿئي ته وطن پرست ۽ سيڪيولر جناح، اڳتي هلي مسلم ليگ جي فرقي واراڻي سياست جي ڌارا ۾ ڪيئن شامل ٿيو ۽ هن شدت سان پنهنجي سياسي لائين ڇو تبديل ڪئي، ان جو جواب ڏيندي ڊاڪٽر اجيت جاويد جو موقف هو ته ” جناح ۾ اها تبديلي ڪو ترت ظهور پذير نه ٿي، پر ان جي پويان ڪانگريس پارٽيءَ جي ڪن اڳواڻن جهڙوڪ، گانڌي ، نهرو ۽ پٽيل وغيرهه جو رويو ۽ پاليسيون هيون، جن جناح صاحب کي ڌڪي الڳ ٿلڳ ڪري بيهاريو“ هاڻ ته اها ڳالهه ڊاڪٽر اجيت جاويد کانسواءِ ڪيترن ئي محققن بحث هيٺ آندي آهي ته جي ڪانگريس پارٽي، گانڌي ۽ نهرو وغيره اندر ئي اندر ٻي سوچ نه رکن ها ته شايد ورهاڱو نه ٿئي ها.
اُن سلسلي ۾ ڊاڪٽر اجيت جاويد پنهنجي ڪتاب” وطن پرست ۽ سيڪيولر جناح “ ۾ تفصيلي بحث ڪيو آهي، جيڪو هاڻ پاڪستان ۾ به ڇپجي چڪو آهي، ڊاڪٽر اجيت جاويد جي ليڪچر ٻڌڻ کان پوءِ جڏهن مون اهو ڪتاب خريد ڪري پڙهيو ته حيران رهجي ويس ۽ ليڪچر دوران چانهه جي وقفي ۾ تاج حيدر جي چيل انهن لفظن سان سهمت ٿيس ته ” جناح صاحب کي سمجهڻ جي لاءِ ڊاڪٽر اجيت جاويد جو ڪتاب ” وطن پرست ۽ سيڪيولر جناح “ هر ڪنهن کي پڙهڻ گهرجي.“