قومن جي ترقي ۽ قومي قيادتون
هٽلر پهرين جنگ عظيم ۾ جرمنيءَ جي شڪست کان پوءِ جرمن قوم ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو ۽ جرمنيءَ کي ايترو ته مٿي کڻي آيو، جو ان وقت جون سپر طاقتون برطانيا ۽ فرانس به کائنس ڪَن هڻڻ لڳيون، پر پوءِ ملڪ گيريءَ جي حوس ۽ برتريءَ جي احساس سبب نه رڳو هٽلر ٻي جنگ عظيم جي شروع ٿيڻ جو سبب بڻيو، پر جرمني جي تباهي ۽ جرمني جي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ به سندس ئي کاتي ۾ لکجي ٿو.
گذريل صديءَ ۾ ڪيترائي اهڙا اڳواڻ پيدا ٿيا، جن پنهنجي قومن کي نئين سگهه ۽ توانائي ڏني ۽ پنهنجن ملڪن جون قيادتون ڪندي کين ترقي جي اهڙي ته شاهراهه تي چاڙهيو، جو انهن حيرت انگيز ترقي ڪئي، انهن مان هڪ گذريل مهيني وفات ڪري ويندڙ جديد سنگاپور جو باني ’لي ڪو آن يوڪا‘ به شامل آهي، ’لي ڪو آن‘ ايشيائي تاريخ جو اهم باب آهي، هن جي 91 سالن جي عمر ۾ وفات سان جيتوڻيڪ هڪ باب جي پڄاڻي ٿي، پر هن جي قيادت ۾ سنگاپور جيڪا حيرت انگيز ترقي ڪئي، ان سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، اهو سندس ئي قيادت جو معجزو هو، جو هن هڪ ننڍي ٻيٽ کي ٽين دنيا جي ڌٻڻ مان ڪڍي ترقي يافتا ملڪن جي پهرين قطار ۾ اچي بيهاريو ۽ سندس قيادت کي مثالي قيادت چيو ويو.
جيتوڻيڪ ’لي ڪو آن‘ جي شهرت هڪ آمر واري به رهي، پر سنگاپور جي معاشي ترقي ۽ معاشي خوبين بار بار اهو سوال اٿاريو ته ڇا گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن ايشيائي ملڪ ۽ ماحول ۾ جمهوري نظام جي ذريعي ترقي ۽ خوشحالي جو باب پورو ٿي سگهي ٿو، اسين جڏهن ايشيا ۾ جمهوريت جي ڳالهه ٿا ڪريون ته چين ۽ هندستان جا حوالا ۽ مثال ضرور ڏيون ٿا. چين آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي، اهو هڪ ڪميونسٽ يا اشتراڪي ملڪ آهي ۽ هڪ جماعتي نظام قائم اٿس ۽ هڪ جماعتي حڪمراني کي جمهوريت چئي نٿو سگهجي، هندستان جي جمهوريت کي واکاڻيو ويندو آهي، اڄڪلهه هندستان جي معاشي ترقي کي واکاڻيو پيو وڃي، هندستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ آهي، پر چين، آمريڪا کان پوءِ دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت آهي.
ڳالهه سنگاپور جي پئي هلي ته سنگاپور جي آبادي لڳ ڀڳ 55 لک آهي، يعني پاڻ هيئن کڻي چئون هڪ ڪراچي مان ٽي سنگاپور بڻجي وڃن، ۽ پکيڙ 650 هم چورس ڪلوميٽر اٿس. دنيا جي نقشي تي هڪ ٽٻڪي جيان وجود رکندڙ ۽ قدرتي وسيلن کان محروم هن ٻيٽ هڪ اهڙو اڳواڻ جنم ڏنو، جنهن جي شخصيت، حڪمراني ۽ ڪارنامن تي سڄي دنيا ۾ بحث جاري آهي.
’لي ڪو آن‘ جي حڪمرانيءَ جو طريقو ئي پنهنجو هو، هن جو فلسفو ئي الڳ هو، مثال طور هن اها تحريڪ هلائي ته شهري هڪٻئي سان مُرڪي ملن، ٽوائلٽ کي فليش ضرور ڪن، چيونگم نه کائين، رستن تي ڪن ڪچرو نه اُڇلين انهن حڪمن تي ايتري ته سختي سان عمل ٿيو، جو ڊپ جي فضا به طاري رهي.
’لي ڪو آن‘ هڪ شهري رياست جو اڳواڻ هو، جنهن جي صلاحيت نه رڳو سنگاپور کي زبردست معاشي ترقي وٺرائي، پر هڪ اهڙي سماج ۾ قومي وحدت پيدا ڪئي، جيڪو نسلي ۽ مذهبي سطح تي ورهايل هو، سنگاپور جي لڳ ڀڳ 77 سيڪڙو آبادي چيني نسل جي ماڻهن تي ٻڌل آهي. ملائي آبادي جو 14 سيڪڙو آهن ۽ جيڪي لڳ ڀڳ سڀ مسلمان آهن، اٺ سيڪڙو جو واسطو ڏکڻ هندستان سان آهي، جيڪي لڳ ڀڳ سڀ هندو آهن. ان پسمنظر ۾ لي چيني قوم جي تهذيبي روايتن ۽ ايشيائي قدرن کي جوڙي، ائين کڻي چئجي ته هڪ نئين قوم جو بنياد رکيو ۽ جوڙيل فارمولن تي سختي سان عمل ڪيو. ڏور اوڀر جي ملڪن جي ڪلچر تي ڪنفيوشس جو ڳوڙهو اثر آهي، ان جو هڪ اصول اهو آهي ته فرد ايترو اهم ڪونهي، جيترو سماج. اولهائين جمهوريت ۾ فرد جي آزادي سڀ کان اهم آهي. جاپان، چين ۽ ڪوريا جي سماجن ۾ بزرگن جي احترام ۽ محنت سان پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ کي اهميت ڏني وڃي ٿي، اتي مذهب جو ڪو به ڪردار ڪونهي، لي چوندو هو ته: سندس ڪا به آئيڊيالاجي يعني نظريو نه آهي، ڪنهن به مسئلي جي نبيري لاءِ جيڪو به طريقو عمل جوڳو ۽ فائديمند آهي، اهو ئي بهتر آهي، چين جي معاشي ترقي جو بنياد رکندڙ ’بينگ سيائوپنگ‘ به ان قسم جي ڳالهه ڪئي هئي، جڏهن ڪنهن کيس چيو ته ”تون ته ڪميونسٽ آهن پوءِ به سرمائيداري نظام جا ڪيترائي طريقا اختيار ڪري رهيو آهين“. ته هن وراڻيو: ”جيڪڏهن ٻلي ڪوئي کي جلهڻ ڄاڻي ٿي ته پوءِ ان سان ڪهڙو ٿو فرق پوي ته اهو ڪهڙي رنگ جو آهي.“ هڪ ارب کان به وڌيڪ آباديءَ واري ملڪ چين ۾ لي جي وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي ۽ چيني اڳواڻ ساڻس لڳاتار رابطي ۾ رهندا هئا، چيني اڳواڻن سان لي جي ويجهڙائپ جو هڪ مثال اهو آهي ته 1976ع کان پوءِ لي 33 ڀيرا چين ويو، چين کان سواءِ ٻين ايشيائي ملڪن ۾ به ليءَ کي قدر جي نظرن سان ڏٺو ويندو هو، گهڻن کي ياد هوندو ته 20 سال اڳ نواز شريف پنهنجي پهرين حڪومتي دور ۾ لي کي پاڪستان مدعو ڪيو هو ۽ پنهنجي ڪابينا جي وزيرن سان ملايو هو، باقي نواز شريف ۽ سندس وزيرن ليءَ مان ڪيترو سکيو، اهو چئي نه ٿو سگهجي. ڪجهه سال اڳ لي جو اهو تبصرو ڪٿي ڇپيو هو ته : ”آئون انهن ماڻهن کي ڇا سمجهايان جيڪي چون ٿا ته سندن اصلي احتساب ته سندن مرڻ کان پوءِ ٿيندو.“
جيئن مٿي چيو ويو آهي ته لي تي آمراڻي طريقي سان حڪومت ڪرڻ جا الزام پڻ لڳندا رهيا، پر لي جنهن نموني سنگاپور کي ڪرپشن کان پاڪ ڪيو، ان جي وڏي واکاڻ ڪئي وڃي ٿي، اهو ڪم ته چين کان به ٿي نه سگهيو، سنگاپور ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون تمام گهڻيون آهن، پر انهن ڳالهين جو مطلب اهو به ڪونهي ته لي جي ڪاميابي جمهوريت جي نفي ڪري ٿي، سنگاپور ۾ اڄ به شهري جمهوري آزادين جي خواهش رکن ٿا، جنهن جو لي کي پنهنجي آخري سالن ۾ اندازو ٿي ويو هو ته هڪ خوشحال سماج جمهوريت جي حصول جي ڪوشش ڪندو. ڏکڻ ڪوريا جي به اها ئي ڪهاڻي آهي، هڪ فوجي آمر پنهنجي ملڪ کي مادي انساني وسيلن سان مالا مال ڪري ڇڏيو، ان کان پوءِ جمهوريت جون پاڙون پختيون ٿيون. موٽروي جو سبق به ته ڪوريا کان ئي سکيو ويو، پر اسان وٽ وڏو مسئلو اهو آهي ته حڪومتون جمهوري هجن يا غير جمهوري، هر حڪمران کي مسيحا جي روپ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، پر اها مسيحائي عوام لاءِ، ملڪ جي ترقي جي لاءِ نه پر، پنهنجن اثاثن کي وڌائڻ، ڪرپشن، اقربا پروري، سفارش ۽ رشوت وڌائڻ ۾ ڪم اچي ٿي ۽ نظر ته ائين ٿو اچي ته في الحال ته پاڻ وٽ ملڪي مسئلن کي نبيرڻ ۽ عوام کي گهربل سهولتون مهيا ڪرڻ جو حل ڪنهن وٽ به ڪونهي.
ڏور اوڀر جي ملڪن جي ترقيءَ جو بنياد انهن جو ڪلچر آهي، جنهن ۾ تعليم جي، محنت جي، اجتماعي مفاد ۽ پنهنجي ڪٽنب، پنهنجي اداري سان وفا ڪرڻ جي وڏي اهميت آهي، ٻي پاسي پاڻ فڪري، سڀيتائي ۽ اخلاقي معنيٰ ۾ تشويشناڪ حد تائين پٺتي پيل آهيون، ان جو ڪارڻ اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسان کي ڊگهي عرصي کان اهڙو اڳواڻ ملي نه سگهيو آهي، جيڪو ڊگهي عرصي تائين تبديليءَ جي عمل جي نگراني ڪري سگهي.
لي 1959ع کان وٺي 1990ع تائين سنگاپور جو وزير اعظم رهيو، پوءِ پاڻ ئي عهدي تان استعيفيٰ ڏيئي ڪابينا جو سينيئر وزير بڻجي ويو ته جيئن نئين قيادت اڳيان اچي سگهي. هن وقت لي جسماني طور تي هن دنيا ۾ ڪونهي ۽ هاڻ اهو ڏسڻو آهي ته ايندڙ سالن ۾ سنگاپور ۾ ڪهڙي ٿي تبديلي اچي، البت اها ڳالهه طئي آهي ته هاڻ لي جي زماني جي آمريت باقي نه رهندي ۽ نه وري واپس ايندي . عام انسان هر هنڌ پنهنجي حقن ۽ پنهنجي آزاديءَ جي حصول لاءِ سرگرم رهندو، هو معاشي خوشحالي ئي نه پر ٻين نعمتن جي گهر به ڪندو. آمريڪا جي آئين ۾ ته خوشي جي جستجوءَ جو ذڪر ڪيل آهي، آزادي هڪ وسيع تصور آهي، ان تصور ۾ گهڻو ڪجهه شامل آهي ۽ ان وسيع تصور ۾ اٽو، لٽو، اجهو، تعليم، صحت ۽ روزگار جو حق، بهتر معاشي زندگي، بهتر ۽ روادار سماج جي تعمير، هر ڪنهن کي مذهبي ۽ صنفي آزادي، امن امان، جان ۽ مال جي حفاظت رياست پاران شهرين کي مهيا ڪرڻ شامل آهي.
اسان جهڙن معاشرن لاءِ اهو هڪ خواب آهي، پر دنيا ۾ اهو خواب حقيقي شڪل وٺي چڪو هو، سوشلسٽ سماج ان جي مثالي شڪل هئي، پر ڏٺو وڃي ته اڄوڪين حالتن ۾ ڇا ان قسم جي سماج جي اڏاوت اسان جي وس ۾ آهي؟ جي نه ته پوءِ اسين ڪهڙي ملڪ ۽ ڪهڙي سماج کي ”رول ماڊل“ جو درجو ڏئي سگهون ٿا، اهو سوال بظاهر ڪيترو نه سولو آهي، پر پاڻ ان جو ڪهڙو جواب ڏيون، اوهين به ان تي ٿورو سوچيو؟
(روزاني سوڀ- 2015ع)