سنڌ سلامت پاران :
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر ستهٺ (67) اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب “روشني ئي روشني” مانواري شاعر، نعت گو ۽ ثنا خوان محترم جوهر بروهي جي حمد ۽ نعتن تي مشتمل آهي..
هي ڪتاب براهوي پبليڪيشن فريدآباد، ميهڙ پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com