چنڊ، چانڊوڪي
سوا لک انبيائن جو سڄڻ سالار ٿي آيو،
يتيمن جو اجهو بيواهه جو غمخوار ٿي آيو،
الاهي شان سان، سائين اڙين آڌار ٿي آيو.
وسائي چنڊ ڄانڊوڪي جتي مدني قدم پاتو،
سندس آئي الاهي مانُ ڪاغذ ۽ قلم پاتو.
مليو ڪمزور ماڻهن کي سنيهو ڏات قوت جو،
مليو انسان کي ڪافي سليقو سونهن عزت جو،
وري ڌرتي تي ورجايو ويو آ درس فطرت جو،
جتي هو راڄ نفرت جو، اتي دستور الفت جو.
هيا وحشي، محمد جي ڪري انسان سڏجن ٿا،
ازل جا بيوفا، بي شڪ وفا جو شان سڏجن ٿا.
نه عورت جي هئي عزت، نه سنگت ۾ وفاداري،
هيو انسانيت جي روح تي ڪو زخم ڪاپاري،
هيو هر شهر غنڊن، ظالمن جي لاءِ پاٿاري،
ڪميڻن کي ملن پيا هر قدم تي کوڙ ساٿاري.
انهي ويلي ڇپر ڇٽ ۽ ڀلائي ڀال ٿي آيو،
ته رحمت جو ڪڪر بس” آمنه جو لال“ ٿي آيو.
نوازش ٿي نماڻن تي نڌڻڪن لئه ڇپر بڻيو،
بيابانن ۾ رونق ٿي ڪو رحمت جو ڪڪر بڻيو،
اجهو برڪت ڀريوجڳ منجهه هر شام و سحر بڻيو،
۽ هيڻن لاءِ هي ” نالو مٺو“ سڃ ۾ ثمر بڻيو.
قدم چمندي وري ڌرتي سوين مولود ٿي ڳايا،
محمد جي ثنا جا گيت هر مسعود ٿي ڳايا.
علم فتح مبين ان جو ۽ ”طٰہٰ“ آ لقب ان جو،
شرافت جي شهنشاهي ۾ اعليٰ تر نسب ان جو،
بلاشڪ سنڌ ان جي آ،عجم ان جو،عرب ان جو،
خدا جو سنهن خدا ڪندو رهيو آهي ادب ان جو.
خليل الله جي آهي دعائن جو اثر مدني،
چمي جبريل سا مٽي، جتان ڪندو گذر مدني.
اهو سرواڻ اول جو، اهو سردار آخر جو،
مليو اعزاز ان کي رب پاران حوض ڪوثر جو،
هليو سو شان سان معراج تي محبوب داور جو،
محمد مير ۾ آ، آسرو بدڪار ”جوهر“ جو.
گنهگارو! رکو اميد اهڙي شان اطهر ۾،
حشر ويلي ڪنن،ڪوجهن کي رکندو پنهنجي ڀاڪر ۾.