سوچون ساراهه ڀريون
ذاتي طور سائين جوهر بروهي سنجيده طبيعت رکنڊر فقيراڻي انداز جو هڪ عالم آهي. هڪ دفعي پاڻ چيائين ته شاعري لاءِ فقيري ضروري آهي. جيڪو فطري شاعر هوندو سندس طبيعت ۾ فقيري انداز هوندو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي فقيري سلسلي جو سرواڻ هيو. اسان جي وقت ۾ شاهاڻي زندگي گذاريندڙ مخدوم طالب الموليٰ به مڪمل فقير هيو. سائين جوهر بروهي چيو فقيري جو اهڙو انداز مونکي ملاقات دوران شيخ اياز ۾ به نظر آيو ۽ استاد بخاري ته ان سلسلي جو هڪ مڃيل پانڌيئڙو هيو.
علم ساڃاهه سان واهپو رکندڙ سائين جوهر بروهي فريدآباد ۾ علمي جلوو روشن ڪيو آهي. هو شاعري ۾ منهنجو استاد آهي. مون تي ڪافي شفيق به آهي. هن رڳو منهنجي شاعري جي اصلاح ڪانه ڪئي آهي. بلڪ زندگي جي اٿڻي ويهڻي به وڏي پيار پاٻوهه سان سمجهائي آهي. پنهنجن دوستن کي سندن تلقين اها هوند آهي ته وڌ ۾ وڌ مطالعو ڪريو. جيڪڏهن ڪو ڪتاب هٿ نه اچي ته روزانو ڇپجندڙ اخبار جو مطالعو ئي ضرور ڪندا رهن.
سندس ڪلام جو هي مجموعو ”ساراهه“ جي عنوان سان اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن پنهنجي ڪافي شاعري منجهان حمد نعت ۽ شان صحابه متعلق ڪجهه ڪلام ترتيب ڏنو آهي. سندس لفظ لفظ ۽ سٽ سٽ ۾ عقيدت ۽ ادب جو انداز سندس قادر الڪلامي سان گڏ الاهي حڪمن مطابق عقيدي جو اظهار به آهي.
ڪاڇي جي ڪنڊ ۾ رهي هن سنڌ سان گڏ بلوچستان ۾ پاڻ مڃايو آهي. سندس سنڌي مذهبي شاعري عام طور ڳائي وڃي ٿي. ان ڳائڻ ۾ به هڪ لطف آهي. پر جي بنا ڳائڻ جي به سائين جوهر بروهي جو ڪلام پڙهيو وڃي ته به سرور حاصل ٿيندو.
مان دعاگو آهيان ته سندس ڏات ۽ ذات اسان لاءِ رڻ نٽهڻ ويلي ڇانورو هجي.
گرڪڻ، ميهڙ، محسن رضا چانڊيو
4 اڪٽوبر 2000ع