ڪالم / مضمون

سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون

ڊاڪٽر غلام رسول سومري جون ساروروڻيون نہ رڳو اُهي ڪھاڻيون آهن جيڪي سندس حقيقي وارتائون ۽ واقعا آهن، پر سندس ساروڻين ۾ آکاڻيون، ڪھاڻيون، افسانا ۽ هڪڙا پوئٽريٽ آهن. انھن ۾ ڪيترائي ڪردار آهن، توڙي جو سندس يادگيرين جا ڪجهہ ڪردار هي دنيا ڇڏي چڪا، پر ڊاڪٽر صاحب جي لکڻين جو انداز اهڙو آهي جو مطالعو ڪندي ڄڻ پاڻ اُن زماني ۾ پھچي اُنھن انمول ڪردارن سان رهاڻيون ڪندا هجون.

Title Cover of book سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون

مهاڳ - هڪ دور جي ڪٿا

مهاڳ - هڪ دور جي ڪٿا


ساروڻيون انسان جي زندگيءَ جو انمول سرمايو آهن. خاص طور ڪنهن به انسان جي ٻالڪ پڻي جون يادگيريون ڏاڍيون حسين هونديون آهن، جن ۾ ننڍيون ننڍيون شرارتون ۽ رانديون، رساما ۽ پرچاءَ ۽ انيڪ معصوم جذبا سمايل هوندا آهن، پر ماضيءَ جون ڪي سارون سورَ به ڏينديون آهن. شايد انهيءَ ڪري اردو جي شاعر اختر انصاري چيو هو ته:
يادِ ماضي عذاب هے يا رب
چھين لے مجھ سے حافظه ميرا

پر ڳالهه اِتي پوري ڪونه ٿي ٿئي ڪي يادون انسان جي ذهن تي خوشگوار ۽ اڻ مٽ نشان به ڇڏي وينديون آهن، جن کي ماڻهو عمر ڀر وساري نه سگھندو آهي...... بهرحال ڪجھ به هجي اُهي پَل جيڪي زندگيءَ جي وڻ تان پکيئڙن وانگر اڏرندا ويندا آهن، سي تلخ هجن يا شيرين پر انسان کي پيارا ئي هوندا آهن. اصل ۾ سهڻيون ساروڻيون ڪنهن به انسان جي دل ۽ ذهن ۾ موجود هڪ اهڙو خزانو آهن، جنهن کي اگر هو پنهنجي ذهن جي اسٽور روم يا اندر جي تهه خاني ۾ سانڍي رکندو ته منجھس سرهاڻ رهندي پر جيڪڏهن اُهي جڳ سان ونڊيندو ته ڄڻ اها سڳنڌ پکيڙيندو ۽ ائين پنهنجي مَنَ کي هلڪو ڀائيندو.
ڪي ماڻهو ته جيئندا ئي يادن جي سهاري آهن، اُهي ساروڻيون ئي سندن جيون لاءِ ٻَلُ هونديون آهن. ساروڻين جو اهو سلسلو جيڪو انسان جي ذهن ۾ قافلن جيان قطارون ٺاهي هلندو آهي، انهن کي اگر ڪو ماڻهو پنن تي اتاري ته اُهي ادب جو شاهڪار به ٿي سگھن ٿيون. اهڙيون ساروڻيون جيڪي ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿين ٿيون اصل ۾ ڪنهن به انسان جي آتم ڪٿا جو حسين حصو هونديون آهن ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ماڻهن، جيڪي اڳ ليکڪ نه هئا، جڏهن پنهنجون آتم ڪٿائون ۽ يادگيريون لکيون ته وڏا ليکڪ بڻجي ويا. آتم ڪهاڻين ۽ يادگيرين مان ماڻهن جي زندگيءَ جي کوڙ سارن تجربن، مشاهدن ۽ وقت جي طوفانن توڙي خوشيءَ جي لمحن جو اندازو ٿيندو آهي. مون کي ته ننڍي لاءِ کان وٺي ٻين جي زباني سندن زندگيءَ جي ڪهاڻي ۽ يادگيريون ٻڌڻ جو گھڻو شوق رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو مان اڪثر پنهنجي ڏاڏا سائين کان سندس زباني سندس زندگيءَ جي تجربن ۽ واقعن بابت قصا پيو ٻڌندو هيس ۽ ائين ئي بابا سائين به جڏهن پنهنجي يادن جا ورق ورائيندو آهي ته بيحد لطف ايندو آهي.
يادگيريون هونءَ ته ڪنهن به انسان جو ذاتي سرمايو آهن، جنهن کي هو لوڪ کي آڇي يا نه اها سندس ئي مرضي آهي، پر جڏهن ڪي ساروڻيون ڇپجي پڌريون ٿين ٿيون ته اُهي سڀني ماڻهن لاءِ اهميت جوڳيون بڻجي وڃن ٿيون، ڇوته انهن ۾ رڳو ڪنهن به ليکڪ جي ذاتي ۽ انفرادي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن جو قصو نه هوندو آهي پر اجتماعي طور سڄي سماج جو نقشو به سامهون ايندو آهي. ڪيترن ئي اهڙن ڪردارن جو ذڪر به ايندو آهي، جن بابت عام ماڻهن کي ڪا خاص ڄاڻ نه هوندي آهي. اهڙين ساروڻين ۾ ليکڪ جي داخلي جذبات سان گڏ خارجي حالتن جي ڄاڻ به ملندي آهي. نامياري ليکڪ ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي ساروڻين تي مشتمل هن ڪتابَ ”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ ۾ به اوهان کي اهو سڀ ڪجھ نظر ايندو.
ڊاڪٽر غلام رسول سومرو هڪ محنتي ۽ اورچ ليکڪ آهي. جيڪو هڪ وڏي عرصي کان سنڌي ادب ۾ هڪ مضمون نگار، ڪالم نگار ۽ مقاله نگار جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هو بنيادي طور سنڌي ادب جو استاد رهيو آهي ۽ ڪراچي جي مختلف ڪاليجن ۾ تدريسي سرگرمين ۾ مصروف رهڻ سان گڏ لکڻ پڙهڻ کي به وقت ڏيندو رهيو آهي. هن 1992ع ڌاري ”ضلعي لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ ــ ورهاڱي کان اڳ“ جي موضوع تي پي ايڇ. ڊي لاءِ مقالو لکي هڪ محقق جي سڃاڻپ به ماڻي. اهو مقالو 2019ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي ۽ ان کي علمي ادبي حلقن طرفان گھڻو پسند ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر غلام رسول سومري جو هي ڪتابُ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي، اصل ۾ سندس يادگيرين جو البم آهي، ان ۾ ڪيئي رنگين ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ تصويرون آهن، تصويرون جن کي هن سهڻن لفظن سان چِٽيو آهي. انهن تصويرن ۾ ستن ڏهاڪن جي ڪٿا آهي، انوکا ڪردار آهن، واقعا آهن ۽ سڀ کان اهم ڳالهه انهن تصويرن ۾ حسين احساس ۽ ڏک سُک جا لمحا آهن. هي ساروڻيون لکي ڊاڪٽر صاحب انهن لمحن کي جيئرو ڪيو آهي، جيڪي وقت جي دز هيٺان دٻجي گم ٿي ويا هئا. اُهي لمحا جن جي حسن ۽ ڪرب کي ليکڪ هر لمحي محسوس ڪيو هوندو اڄ هنن ساروڻين جي طفيل اسان سڀني تائين پهتا آهن ۽ انهن کي حياتِ جاودان ملڻ جو امڪان آهي.
جيڪڏهن زندگيءَ کي ناول سان تعبير ڪجي ته زندگيءَ جا ننڍا ننڍا لمحا، ننڍين ننڍين ڪهاڻين وانگر ئي آهن. جيتوڻيڪ هن وقت زندگيءَ جي وشال ڪينواس بدران ڪي ناول به جيون جي چند لمحن تي به لکيا وڃن ٿا، بهرحال ڪجھ به هجي پر زندگيءَ جِي ڪهاڻي لمحن جي ذرن سان ملي اڳتي وڌي ٿي. ڊاڪٽر غلام رسول سومري جون هِي يادگيريون به ننڍڙين ننڍڙين ڪهاڻين وانگر ئي آهن، جن ۾ ڏاڍا خوبصورت منظر ۽ احساس موجود آهن. هنن يادگيرين ۾ هن زندگيءَ جي انهن پلن کي محفوظ ڪيو آهي، جن کي هن اهم سمجھيو آهي، انهن تاريخي حقيقتن کي عيان ڪيو آهي، جيڪي لڪل هيون، انهن انسانن کي ياد ڪيو آهي، جيڪي اسان کان وسري چُڪا هئا، انهن منظرن کي چِٽيو آهي، جيڪي اڄ رهيا ئي ڪونهن. هي يادگيريون جيڪي ليکڪ جي آتم ڪٿا وانگر ئي آهن، انهن ۾ هُن هڪ دور جي ڳالهايل تاريخ پڻ لکي آهي. هنن ساروڻين ۾ اسان کي سماج ۽ قدرن جي تبديلي جا آثار به نظر ايندا ته سياسي، سماجي، ثقافتي، معاشي، تجارتي ۽ اقتصادي تاريخ جا اولڙا به پَسبا. هنن يادگيرين ۾ سکر، لاڙڪاڻو، ڪراچي بلڪه سڄي سنڌ جي ڪالهه کي پَسي سگھجي ٿو. ڪالهه، جيڪو ماضي هيو، اهو حال کان بهتر هيو يا بدتر....! ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي هنن يادگيرين جي جھروڪن مان اسان اها سنڌ پَسي سگھون ٿا، جيڪا اڄ هڪ خوابَ وانگر ڀاسي ٿي.

ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي هنن ساروڻين جو سلسلو سنڌوءَ جي ڪناري کان شروع ٿئي ٿو. سنڌو، جيڪو هزارين سالن کان هن ڌرتيءَ کي سيرابُ ڪندو اچي ٿو، انهي سنڌوءَ بابت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ لکيل آهي ته ”سنڌو ندي اولهه ٿٻيٽ (Tibet) جي ڪيلاش جبل کان شروع ٿئي ٿي، جيڪو ڌرتيءَ جي سطح کان 17000 فوٽ اوچائيءَ تي آهي. هيءَ ندي جنهن هنڌان نڪري ٿي، اُن کي سنڌونديءَ جي پهرين ماٿريءَ جي ٿٻيٽي لوڪن جي ٻوليءَ ۾ ’سنگي سَمبو‘((Lion River، شينهن درياهه ۽ بلتي لوڪ ان کي گيمتش ۽ ’تسه فو‘ (Tsah-Fo) (ٻلوان ندي) سڏين ٿا. جنهن هنڌان هيءَ ندي وهي نڪري ٿي، اُن کي ’سنگهي- ڪا- باب (Singhi- ka-Bab) يعني’شينهن جو مُنهن‘ سڏجي ٿو.“ سنڌوءَ جو طويل سفر سنڌ جي ڊيلٽا واري علائقي کاري ڇاڻ تائين اچي پورو ٿئي ٿو ۽ هيءُ درياهه پنهنجي موج ۽ مستي ۾ وهندو اچي سمنڊ ۾ سمهي پئي ٿو. ان سنڌو شينهن درياهه سان ڊاڪٽر غلام رسول سومري جو ڄمڻ کان وٺي ساٿ ۽ سُٻنڌ رهيو ۽ زندگيءَ جا کوڙ سارا حسين ۽ قبيح لمحا هن سنڌو جي سنگ گذاريا. سنڌو ڪڏهن هن لاءِ موت جو هنج بڻيو ته ڪڏهن ان کيس جئدان بخشيو. ٻال وهيءَ ۾ هو انهيءَ سنڌوءَ مان ٽي ڀيرا ٻڏندي ٻڏندي بچيو هو. اوهان هي ڪتاب پڙهندي کوڙ جاين تي محسوس ڪندا ته سنڌو هن جي ساروڻين جو مرڪز آهي. هي ساروڻيون ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي زندگي جي ڏکن سکن جي پوتاميل آهن. هنن ساروڻين ۾ ليکڪ جي ٻال پڻي ۽ جواني جا ڏينهن ۽ انهن ڏينهن ۾ ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگيءَ جا عڪس ۽ اولڙا جابجا ته نظر اچن ٿا پر سماج جا بدلجندڙ رخ به ڏسي سگھجن ٿا.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري خاص طور ٻال وهيءَ ۾ جيڪا ڏُکي زندگي گذاري آهي، پنهنجي حياتي جا اهڙا لمحا ياد ڪندي هو لکي ٿو: ”پراڻي لاوارث مندر جي اجاڙ ماحول ۾ اسان جيڪي زندگي جا ڏينهن گذاريا سي اسان جي زندگي جا مشڪل ترين ڏينهن هئا سواءِ پارومل پڪوڙائي جي پڪوڙن جي مزي ۽ سواد کان علاوہ ڪا به اهڙي مزي جي يا خوشي جي ڳالھ ڪانهي جنهن کي ياد ڪري سگھئون.“
ڊاڪٽر غلام رسول جي زندگي کوڙ سارن ماڻهن لاءِ مثالي زندگي آهي. هو هڪ اهڙو ٻار هيو، جنهن کي زندگيءَ جون بنيادي سهولتون به ميسر نه هيون، سندس جو جنم ته سکر ۾ سنڌو جي ڪناري ٿيو پر هن نج ڳوٺاڻي زندگي به گذاري، خاص طور هن جا پنهنجي خاندان سان گڏ لاڙڪاڻي جيلس بازار لڳ هڪ اجاڙ مندر ۾ گھاريل ڏينهن، ڏاڍا عجيب آهن. ڊاڪٽر صاحب انهن ڏينهن کي به پنهنجين ٻاراڻين شرارتن ۽ موج مستين ۾ گذاري پنهنجي ساروڻين ۾ خوبصورت نموني بيان ڪيو آهي. مندر ۾ رهڻ وارن ڏينهن جون اهي يادون ۽ پَلَ ساريندي هڪ جاءِ تي هو لکي ٿو ” 1949_1950ع ڌاري گھاڙ واهه جي پل جي جيلس بازار واري پهرين دروازي جي اوڀر ۾ مندر هو. مٿس بڙ جي وڻ جو پکڙيل وڏو ڇانورو هو. اسان ميروخان سان لڳ ڳوٺ ڪنگن کان لڏي پهريون مندر جي آڳر ۾ اچي ٽپڙٽاڙي رکياسي، ياد ناهي ته گھڻان ڏينهن مندر ۾ ٽڪيا رهياسي. منهنجي وڏي ڀيڻ ۽ مان روز مندر جو آڳر ٻهاريندا هئاسي ...... گھاڙ واه جي پل وارو منظر ۽ ان سان وابستا يادگيرين کي وساري سگھيو آهيان نه وري مندر واري اڱڻ کي ۽ نه ئي اتي قائم ميخاني ۽ ميخاني جي موالين جي ڪرتوتن کي. آءُ جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو آهيان ته منهنجيون اکيون اهي هنڌ ماڳ ڏسڻ لاءِ آتيون رهنديون آهن.“
ساروڻين جو هي ڪتاب سنڌوءَ جي اوج جي ڪهاڻي به ٻڌائي ٿو. پس منظر ۾ سکر بيراج جي اڏاوت جا تفصيل ۽ ان ۾ انگريز دور جي جھلڪ به نظر اچي ٿي. ڊاڪٽر غلام رسول، ڪتاب جي منڍ ۾ ئي سنڌوءَ سان پنهنجو عجيب سُمٻنڌُ ٻڌائي ٿو، ۽ اهو سُٻنڌ اڄ تائين هن ٽٽڻ نه ڏنو آهي. هن جا ابا ڏاڏا ڳوٺ عاقل خالد ۾ سنڌو درياهه تي رهندا هئا جن کي هو فليش بئڪ ۾ ياد ڪندو رهي ٿو.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري پنهنجي هن ڪتاب ۾ ورهاڱي کان اڳ واري دور کي ياد ڪندي سنڌ ۾ خوشخالي ڀائيچاري، مذهبي رواداري ۽ انسان دوستي واري ماحول کي جنهن ريت چِٽيو آهي، ان کي ياد ڪري رڳو هڪ ٿڌو ساهه ئي ڀري سگھجي ٿو، اهڙي طرح ٻال وهي جي يادگيرين مان سکر جي گئوشالا جو چٽيل منظر به من موهيندڙ آهي ته پپل جي ٿڌڙي ڇانوَ ۾ نار تي تيل ميٽ هڻي وهنجڻ واري ياد جو به جواب ناهي. اِهو اُهو دور هو جڏهن ماڻهن جا من نفرتن ۽ ڪدورتن جي غلاظتن کان پاڪ هئا. مذهب، رنگ، نسل، فرقي ۽ ٻولين جا سنڌا هوندي به ڪوئي ڪنهن کي رنجائيندو نه هو، بلڪه منجھن باهمي محبت ۽ ڀائيچارو هوندو هو. اهو ڪالهه جي خوشحال سنڌ جو نقشو آهي، ۽ اڄ هر طرف اجاڙ جو منظر آهي. جڏهن ڊاڪٽر صاحب جي عمر رڳو چار يا پنج سال مس هئي ته هندوستان جو ورهاڱو ٿيو هو، سکر مان هندن جي لڏ پلاڻ جو ڪجھ ڌنڌلو منظر هن کي ياد آهي، جنهن کي هنن يادگيرين ۾ غلام رسول صاحب ڏاڍي درد سان بيان ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته ”انهن ڏينهن ۾ سکر مان هندن جي وڏي لڏ پلاڻ ٿي. روهڙي سکر اڌ تي خالي ٿي چڪا. هندن جي لڏ پلاڻ سبب سڀ کان وڏو ڪاپاري ڌڪ سنڌ جي واپار کي لڳو. واپاري منڊيون، بازارون، بينڪون، سرڪاري دفتر سڀ ٺپ ٿي ويا ۽ چئو طرف ڏڪار جھڙي ڪيفيت پيدا ٿي پئي هئي. غريب طبقو جيڪو آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا جي ڪار تي هريل هئو تنهنجي زندگي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي پئي. امڙ ٻڌائيندي هئي ته انهن ڏينهن راشن ڪنٽرول تي ملندو هو مهري جي دال، اٽو، کنڊ، چانور، گھ تيل ۽ گاسليٽ وغيره سڀ مشڪل سان ملندا هئا. پئسي جي وڏي کوٽي هئي.“
ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي زندگيءَ جي ڪهاڻي ته سکر شهر مان شروع ٿئي ٿي، جتي سندس والد هڪ انگريز عملدار وٽ ملازم هيو. اهي سندن زندگيءَ جا نسبتاً بهتر ڏينهن هئا پر جنگ عظيم ٻي جي اگرن نتيجن سبب بعد ۾ جڏهن شهري زندگي کي خيرباد چئي هن پنهنجي والدين سان گڏ نج ڳوٺاڻي زندگي به گذاري، ان وقت کي ياد ڪندي هن پنهنجين هنن يادگيرين ۾ ان دور جي زرعي زندگي ۽ ثقافتي رنگن کي خوب نروار ڪيو آهي. حيرانگي ٿي ته ان دور تائين به بارٽل سسٽم جون ڇاڙون موجود هيون جو ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي ته ”بابي جي دڪان تان ماڻهو ڪپڙا رنگائي ويندا هئا ۽ بدلي ۾ چانور، ڀاڄيون ۽ مڇي وغيره ڏئي ويندا هئا. مگر حساب ڪتاب ٿيندو هو. هر شي ۽ وٿ جي تور تڪ ٿيندي هئي اگھ پار لڳندو هو پوءِ جنهنجو جيترو حساب ٿيندو هو ڪٽ جوڙ ڪري سڀ ڪجھ برابر ڪيو ويندو هو.“ جيتوڻيڪ اها ڪا سنهنجي زندگي نه هئي پر هو انهن ڏينهن کي به سٺن لفظن ۾ ياد ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته ”ان وقت ٻهراڙي جي زندگي جيتري سادي هئي اوترو سنهنجي ۽ پر امن هئي. بدڪارين، براين، بدامني ۽ قتل و غارت جو نالو نشان نه هو. غريب غربي جي به عزت هوندي هئي. ان جي زندگي به سادي سنهنجي هئي. ڳوٺ جا ماڻهون هڪ ٻئي جي عزت ڪندا هئا ۽ سندن دل ۾ هڪ ٻئي لاءِ تمام گهڻي محبت هوندي هئي. ماڻهو هڪ ٻئي جي ڏک سک جا ساٿي هئا....... ايترو ياد اٿم ته وڏيرن جي گھران صبح جو گھاٽي لسي جي چونري مفت ۾ ملندي هئي ۽ شام جو سج لٿي بابو سائين سچي کير جو ڀريل لوٽو کنيو ايندو هو. اسان هتان جي کير ڀت ۽ ماني مڇي تي اهڙو هِري وياسين جو شهر واريون چاپون، ڪباب، ڍٻلون، ٽوسٽ ۽ پيسٽريون سڀ وسري ويا......“ اڳتي هلي ڳوٺاڻي ماحول ۽ پُر بهار منظر کي هو هنن لفظن ۾ ياد ڪري ٿو: ”سارين جي پوکڻ جي مند آئي ته ڳوٺن جي چوڌاري دونهين جي ماحول کي ڏاڍو انجاءِ ڪرڻ لڳس. ڳوٺ جي چئني طرف رونبن جي بهار، وانگارون، ٻنين تي چڙهيل پلاءُ جي ديگين ۾ ڪفگيرن جا کڙڪا. ديڳين کي ڪفگير گھمائڻ وقت سڳداسي چانورن جي جيڪا هٻڪار اٿندي هئي سا ته وڃي ميل کڻندي هئي. ڪڙمي خوش، مزدور خوش، ٻنيون ٻارا ساوا ته زميندار خوش. زميندار خوش ته سارو جھان خوش اهو هو ٻهراڙي جي ماحول جو راز ۽ رمز.“
ڊاڪٽر غلام رسول سومرو ڳالهين جا ڳوٺ ٻَڌڻ جو ماهر آهي. هن جي يادگيرين جو هي ڪتاب ”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ کوڙ سارن ايڊوينچرز ۽ مسٽريءَ سان به ڀرپور آهي ۽ اهو عين افسانوي انداز آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب نه رڳو خوبصورت نموني پيش ڪيو آهي پر ان طرح هي ساروڻيون دلچسپ ۽ دلڪش به بڻجي پيون آهن. ان جو هڪ مثال ”ڳالهيون جي وسريو نه وسرن“ ۾ پيش ڪيل واقعو آهي جنهن ۾ اسپتال جي خالي ڪمري ۾ گليل سان ڪبوتر جو شڪار ڪرڻ يا اهڙي طرح ”ڪاري پکيءَ جو اثر“ واري باب ۾ به انهي ئي قسم جو مسٽيريس واقعو آهي.
هنن يادگيرين ۾”لاڙڪاڻي جي گھاڙ واهه جي ڪٿا“ هڪ شاندار چيپٽر آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي ماضي جي ننڍين ننڍين يادن ۽ معمولي کان معمولي منظرن کي به حسين انداز ۾ بيان ڪيو آهي. ڊاڪٽر غلام رسول سومرو، جيڪو بابا سائين جو ڀائرن جهڙو ڀاءُ آهي، جنهن ڪري آئون کيس چاچا چوندو آهيان سو جڏهن به لاڙڪاڻي آيو آهي ته هن گھاڙ واهه جو چڪر ضرور لڳايو آهي. مان اڪثر کانئس پڇندو هيس ته ”اوهان جو هر ڀيري گھاڙ واهه پاسي چڪر لڳائڻ پٺيان ڪهڙو سبب آهي ۽ ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا اوهان کي ان طرف ڇِڪي وڃي ٿي، چاچا اڪثر هڪ سرد آهه ڀري چوندو آهي ته ”بابا ان پٺيان وڏي ڪهاڻي آهي.“ سچ ته هي ساروڻيون اها ساري ڪهاڻي بيان ڪن ٿيون. هُن گھاڙ واهه جو عروج ۽ حسن کي اکين سان پَسيو هيو، اُتي زندگيءَ جا ڪي يادگار ڏينهن گذاريا هئا پر ان کي اُجڙندي به هن پنهنجي نيڻين پَسيو، هن گھاڙ واهه جي اجڙڻ جي ڪهاڻي ڏاڍي ڏکائتي انداز ۾ بيان ڪئي آهي، هن اهو سڀ ڪجھ تڙپندڙ دل ۽ اداس ۽ ملول من سان لکيو آهي، ڇوته هن جي گھاڙ واهه سان جذباتي وابستگي رهي آهي. حقيقت ۾ گهاڙ واهه ۽ آس پاس جا نظارا ليکڪ جي ناسٽيلجيا آهن. هن ڪتاب ۾ اهي منظر مختلف ڪهاڻين ۾ مختلف روپ ڌاري وري وري اڀري اچن ٿا، جن کي هو هڪ سرد آهه سان ياد ڪري ٿو. ڊاڪٽر غلام رسول هي يادگيريون لکندي ڏاڍي جذيات ۾ ويو آهي. ان دور ۾ گجڻ پور، شاهه بهاري ۽ جيلس بازار جي گھٽين ۽ رستن جا منظر دل فريب انداز ۾ چِٽڻ، برائون رنگ جي ڏوڪن کي باغائن جو عيدن شاهه جا ڪُپڙا چوڻ واري ڳالهه، کارڪن جو نالو ساوڙو، سرڪس ۾ ايندڙ هاٿين جا نالا لوسي ۽ ليسلي ۽ اهڙيون ٻيون ڳالهيون پڙهي مان ڊاڪٽر سومري کي داد ڏيان ٿو ته 77 سالن جي ڄمار ۾ به هن کي اهو سڀ ڪجھ ائين ئي چِٽيءَ طرح ياد آهي، ڄڻ اهي سڀ ڪالهه جون ئي ڳالهيون آهن. هي يادگيريون لکي ليکڪ پاڻ کي ڏاڍو هلڪو محسوس ڪيو هوندو، ڇوته هُن، ڪيناڊا جي سرد ۽ برفاني راتين واري ماحول ۾ لکيل هِن ڪتاب ۾ اهو سڀ ڪجهه لکي ڇڏيو آهي، جنهن کي ان کان اڳ هو رڳو ياد ڪندو هو.

ڊاڪٽر غلام رسول سومرو هڪ اهڙي خاندان سان تعلق رکي پيو، جتي علم جي روشني جهڪي هئي، ڊاڪٽر صاحب انتهائي جهد واري زندگي گذاري اڳتي وڌيو، جڏهن هن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ته ڄڻ سندس والدين جون اميدون پوريون ٿيون، سندس والده جو خواب هيو ته منهنجو پُٽ ڪلارڪ ٿيندو پر کيس پتو نه هيو ته سندس پُٽ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي سَندَ پي ايڇ. ڊي حاصل ڪري پروفيسر جهڙي اعلى مقام تي پهچندو ۽ هڪ اعلى اديب ۽ محقق طور سڃاڻپ ماڻيندو. پروفيسر ڊاڪٽر غلام رسول سومري جون هي يادگيريون جنهن ۾ هن پنهنجي جيون جا ورق ورايا آهن، اُهي گھڻن ئي اهڙن ماڻهن لاءِ مثال آهن، جيڪي زندگيءَ جي جنگ ۾ هارائي ويهڻ کان پوءِ وري اُٿڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ نه چاهيندا آهن. ڊاڪٽر سومرو هڪ پورهيت طبقي سان تعلق رکڻ باوجود پنهنجي محنت ۽ ڪوشش سان ان رتبي تي پهتو، جتي پهچڻ هزارين انسانن لاءِ ڪنهن سپني جهڙو ئي هوندو آهي.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري عملي زندگيءَ جي شروعات ميڊيڪل اسٽور تي ملازمت سان ڪئي، جنهن بعد علي ٽيڪسٽائيل ملز ۾ منشيگيري، مشين هلپر ۽ مشين آپريٽر طور ڪم ڪيو1965ع ڌاري مل جي ٽيڪنيڪل جاب جي سلسلي ۾ هن ڪراچي ايڇ ايم سلڪ مل ۾ ٽريننگ به ڪئي. هنن يادگيرين ۾ ”لاڙڪاڻي ۾ جديد صنعتن جو قيام“ ۽ لاڳاپيل عنوانن ۾ ڊاڪٽر غلام رسول لاڙڪاڻي جي صنعتن ۽ ڪارخانن جي ماحول کي سٺي نموني اجاگر ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته ” 1965ع کان 1970ع واري زماني ۾ صنعتي طور لاڙڪاڻي ۾ وڏي ترقي ٿي. مين وڳڻ روڊ تي يوسف شاهه جيلاني ڳوٺ وٽ وڏي پيماني تي پيداواري صلاحيت جو حامل سٽ جو ڪارخانو لڳايو ويو. هي ڪارخانو جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪوشش سان ٺهي تيار ٿيو هو. رتيديري روڊ تي منگي وولن مل به ڀٽي صاحب جي تعاون سان ڀٽي صاحب جي دوست قائم ڪئي. ساڳئي روڊ تي حئي سنز وارن پنهنجو ڪارخانو قائم ڪيو. اڳي جتي رڳو سرن جا بٺا هوندا هئا هاڻي انهن هنڌن ماڳن تي جديد آٽوميٽڪ مشينن تي وولن سوٽنگ، ٽيٽران، نائلون ڊيڪران سوٽنگ، ڪيرولين شرٽنگ ۽ سينٿيٽڪ فائبر جا دوپٽه ۽ ليسس تيار ٿيڻ لڳا...... ڳوٺ وليدن ۾ ڪاٽج انڊسٽري جو قيام عمل ۾ آيو جنهن ۾ بهترين قالين ٺهڻ لڳا جنهن جو سهرو وليدن جي ميان منور عباسي جي خاندان جي سر آهي“ ڊاڪٽر صاحب ملِ ۾ پورهيو ڪرڻ دوران جڏهن مل مالڪان جي هٿان مزدورن جا حق غصب ٿيندي ڏٺا ته باضابطه طور مزدور يونين جي قيام لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ آخرڪار يونائٽيڊ ورڪرس يونين جو قيام عمل ۾ آندو جنهن جو پهريون سيڪريٽري جنرل پڻ هن کي ئي چونڊيو ويو، هن جون مزدور يونين لاءِ اڻ ٿڪ محنتون هڪ الڳ باب جون گھرجائون آهن.
هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر غلام رسول سومري ان دور جو لاڙڪاڻو ڏيکاريو آهي، جيڪو ڪنهن خوبصورت خواب جهڙو هيو. ان تي جيترو افسوس ڪجي ته ڪري سگھجي ٿو ته ڪالهه جيڪو باغن جو شهر ۽ شهرِ عدن سڏبو هيو اڄ اهو شهر گندگي ۽ پوليوشن سان ڀرجي چڪو آهي. هي ڪتابُ لاڙڪاڻي جي ان سونهري دور سان تعارف ڪرائي ٿو، جنهن جي باري ۾ اڄوڪي نسل جي نواجوانن کي ڪا ڄاڻ نه آهي، کين خبر ناهي ته ڪالهه هنن جو شهر ڇا هيو؟ اڄ جي نئين نسل مان شايد ئي ڪنهن کي خبر هجي ته ان دور ۾ شهر ۾ ڪيترا ئي باغ هئا، اڄوڪي نسل کي اها ڄاڻ به نه آهي ته گيان باغ جي پويان ڪهڙي ڪهاڻي آهي؟؟ ڪرمان باغ محلو ڪرمچند گانڌيءَ جي نالي قائم ڪيو ويو هو، جيڪو اڄ شهر جو هڪ اهم محلو آهي، اهو باغ ڪنهن ٺهرايو ۽ اڄ اهو اجاڙ ڇو آهي؟؟؟ راڻي باغ، راڻي ايلزبيٿ جي نالي واري باغ جو هاڻي وجود ئي ظاهر ڪونهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ پنهنجي حسن ۽ خوبصورتي جو مثال پاڻ هيو، ان باغ جي اجاڙڻ پٺيان ڪهڙي سازش هئي؟؟؟؟ اهي اهڙيون حقيقتون آهن جيڪي ڊاڪٽر غلام رسول هن ڪتاب ۾ ڀرپور نموني واضح ڪيون آهن. اهڙي طرح 1926ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڀومي ٻائي ليڊيز ڪلب جو قيام هن شهر جي روشن خيال هجڻ جو ثبوت آهي، جنهن جو پڻ هن ڪتاب ۾ تذڪرو موجود آهي. هن ڪتابَ ۾ هڪ جڳهه تي ليکڪ لکيو آهي ته ”لاڙڪاڻي شهر جو هي نقشو ماضي قريب جو آهي، جنهن ماضي ۾ مون هڪ لحاظ سان ڄڻ پاڻ کي اسٽاپ ڪري ڇڏيو آهي.“
”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر غلام رسول سومري پنهنجي ٻاروتڻ کان جواني تائين جون ساروڻيون وڏي تفصيل سان لکيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن ڪتاب جو نوي سيڪڙو لاڙڪاڻي جي يادگيرين تي مشتمل آهي. اهو لاڙڪاڻو جيڪو باغن جو شهر هيو، جنهن جي هڪ هڪ باغ تي ڊاڪٽر صاحب دل کولي لکيو آهي. خاص طور بولس باغ، ريالي باغ، گيان باغ ۽ راڻي باغ جا منظر خوب چٽيا آهن. اهو لاڙڪاڻو جنهن جي علي گوهر آباد، سامٽيا روڊ توڙي لاهوري محلي جي گھٽين جو پُر بهار ماحول ۽ انوکا ڪردار ياد ڪندي ليکڪ ماضيءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿو. ڪتاب جا اُهي باب پڙهندي گھڙي پل لاءِ اهو دور اسٽل لائيف جهڙو ڀاسي ٿو. ڊاڪٽر غلام رسول صاحب جي جوانيءَ وارن ڏينهن ۾ مان ساڳي ئي محلي علي گوهر آباد ۾ پنهنجي ٻالڪپڻي جا ڏينهن پئي گذاريا، تنهن ڪري مون کي ساروڻين جو هي ڪتاب پڙهندي پنهنجي بچپن جون ڪي يادون به ذهن تي ترنديون رهيون، علي گوهر آباد جي گھٽين جا اُهي منظر جيڪي ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ پيش ڪيا آهن ۽ اهي ڪردار جيڪي مون به ڏٺا ۽ جن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر آهي منهنجي ذهن جي پردي تي ڦري آيا آهن. جڏهن ڊاڪٽر غلام رسول ان دور جي ميلادن، مجلسن ۽ ماتمي جلوسن کي ياد ڪري ٿو، آهنگرن جي بستي جا منظر پَسائي ٿو، ايمپائر سينيما جون رونقون بيان ڪري نگار سينيما جي ڇاڇو مڪراني جي ڪردار تي روشني وجھي ٿو ۽ ان دور ۾ شهر جي هڪ وڏي تفريحي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي مرڪز غريب مقام جي رنگن ۽ رونشن کي کولي ٿو ته سچ پچ اڻ ڏٺي به اهو سڄو دور ڪنهن جي به اکين اڳيان ڦري سگھي ٿو.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري پنهنجي ساروڻين جي هن ڪتاب جي شروعات سنڌوءَ جي ڪناري کان ڪئي آهي، بعد ۾ گھاڙ واهه، لاڙڪاڻي شهر ۽ پس گردائي جا احوال اوريا آهن پر اڳتي هلي هن پنهنجي ليڪچررشپ ۽ پي ايڇ ڊي واري سفر جي ڪٿا به بيان ڪئي آهي ته ڪراچي جي منفرد ڪردارن تي به ڳالهايو آهي. سيوا ڪنج هاسٽل جي يادن جا ورق به ورايا آهن ته ڪراچي جي ڪاليجي ماحول تي به روشني وڌي آهي. هنن يادگيرين ۾ ڊاڪٽر سومري صاحب پنهنجن عزيز دوستن، استادن، رشتيدارن ۽ ٻين اهم شخصيتن جو دل کولي ذڪر ڪيو آهي ۽ ساڻن گھاريل يادگار لمحن ۽ ڏينهن کي ياد ڪيو آهي، جن ۾ خاص طور بشير احمد پٺاڻ، محمد يوسف شيخ، مولا بخش ڀٽو، ڊاڪٽر اياز قادري، پروفيسر غلام الله شيخ، ظهير الدين صديقي، محمد وسيم بخاري، عبدالحفيظ شاهه، محمد عمر سومرو وغيره شامل آهن. هنن ساروڻين ۾ ليکڪَ سماج جي ڪيترن ئي سٺن ڪردارن سان گڏ اوڇن ڪردارن تي به خوب لکيو آهي ۽ ڪنهن به وڌاءَ کان ڪم نه ورتو آهي، حتاڪه پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي به رڳو روشن ۽ ڪاميابيءَ وارن پهلوئن کي اجاگر نه ڪيو آهي پر پنهنجي ڍِلائين ۽ ناڪامين جو به پوري سچائيءَ سان اظهار ڪيو آهي. ”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن کي هڪ دور جي ڪٿا چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. مون کي اميد آهي ته هنن ساروڻين مان پڙهندڙن کي هڪ دور جي سچائين ۽ تلخين جو شعور ئي حاصل نه ٿيندو پر ان دور جي سياسي، سماجي، ثقافتي، معاشي ۽ جاگرافيائي حالتن جي به پروڙ پوندي. مان پنهنجي چاچا ڊاڪٽر غلام رسول سومري کي پنهنجين ساروڻين جا ورق ورائي ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ تي دل سان واڌايون پيش ڪريان ٿو.

ڊاڪٽر احسان دانش
1 مارچ 2021ع