خدا جا پرسرار ٻانها
(رنگ بدلتا ہے آسمان کیسے کیسے) منهنجي زندگي جو هي زمانو هڪ انقلابي زمانو هو ڪجهه ڏينهن اڳ آئون وارپ نٽنگ مشين آپريٽر هوس ۽ ڪپڙي جي صنعت ۽ ڪارخانيداري ماحول ۾ پنهنجي جواني جا سڄا سارا ڏهه سال نذر ڪري زندگي جي ڪتاب جو هڪ باب ٺپي زندگي جي ٻئي باب جو پهريون ورق ورائي رهيو هوس. ڪراچي ۾ منهنجي رهائش جا ٽي چار ڏينهن ڀيڻ شڪيلا جي گهر ۾ بسر ٿيا. شڪيلا ڀيڻ اسان جي پوري ڪٽنب لاءِ هڪ بهترين آئيڊل ڪردار هوندي هئي. منهنجي والده کي امان سڏيندي هئي ۽ اهو رشتو ڪراچي لڏي اچڻ کان پوءِ به ڀلي ڀت قائم رکيو آئي. ۽ مرڻ گهڙي تائين پنهنجا ناتا نڀائيندي آئي. پاڻ متقي ۽ پرهيزگار خاتون هئي. ورهاڱي کان پوءِ پنهنجي خاندان سان هندوستان کان لڏي آيل هئي. سندس تعلق علم و تهذيب جي گهر علي ڳڙهه سان هو ۽ علي ڳڙهه ۾ ئي ڄائي هئي. سندس مڙس افتخار احمد جو تعلق به علي ڳڙهه سان هو. هندوستان مان لڏي آيلن مان ڪي ڪي مکڻ ماڻهون به هئا. افتخار احمد اهڙن ماڻهن مان هڪ هئو. سدائين مسڪرائيندو رهندو هو. شريف النفس پڪو نمازي ۽ متقي انسان هو. لاڙڪاڻي علي گوهر آباد ۾ هن جو گهر ۽ اسان جو گهر هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هوندا هئا. رڳو وچ ۾ پنجن ڇهن فٽن جي گهٽي جو فرق هوندو هو. ڀيڻ شڪيلا جي منهنجي ڀيڻ ۽ مون سان گهڻي محبت هوندي هئي. جڏهن گهر ۾ ماني پچائيندي يا تيار ڪندي هئي ته اسان ڀيڻ ڀاءَ کي گهران سڏي ماني کارائيندي هئي. هي بختاور مائي امير گهراڻي جي هئي مگر رشتا ڇاڪاڻ ته آسمان تي جڙندا آهن. هر انسان جو مقدر به پنهنجو پنهنجو هوندو آهي. قسمت سانگي هن جي شادي غريب گهراڻي ۾ ٿي هئي. سندس مڙس افتخار احمد جون معاشي حالتون ڪي قدر ڪمزور هيون. لاڙڪاڻي ۾ رهائش دوران سندس ساهراڻي گهر وارا ڪجهه نه ڪجهه هن جي مدد ڪندا رهندا هئا. شڪيلا جنهن گهر ۾ رهندي هئي سو سنڌي هندن جو ترڪ ڪيل گهر هو. ان گهٽي وارن گهرن ۾ اڪثر ننڍيون کهيون هيون. جن مان گهر جي استعمال لاءِ پاڻي هٿن سان ڪڍڻو پوندو هو. پاڻي ڪڍڻ دوران جڏهن به سندس بالٽي کهي ۾ ڪري پوندي هئي تڏهن اها ڊيوٽي منهنجي هوندي هئي ته کهي ۾ لهي کيس بالٽي ڪڍي ڏيان. شڪيلا جي والد محترم ۽ ڀائرن جو هندوستان ۾ وڏو ڪتب فروشي جو ڪاروبار هو. لڏ پلاڻ سبب پاڪستان آيا ته سکر سنڌ ۾ اچي ساڳيو ڌنڌو اختيار ڪيائون. نيم ڪي چاڙهي تي هول سيل ۽ رٽيل اگهن جو علي ڳڙهه ڪتاب گهر انهن جو هئو جتان هو سموري سنڌ ۾ ڪتاب سپلاءِ ڪندا هئا.
ستر واري ڏهاڪي ۾ افتخار ڀائي مهاجرن سنڌين جي وچ ۾ وڌندڙ ڪشيدگي سبب لاڙڪاڻو ڇڏي اچي نيو ڪراچي ويٺو. ڪجهه ڏينهن افتخار ڀائي جي گهر ۾ رهڻ کان پوءِ مان انهن کي الوداع چئي پنهنجي پراڻي پاڙي شير شاهه جو رخ ڪيو. جتي مل ۽ ڪارخانن سان تعلق رکندڙ دوستن سان منهنجي چڱي ڏيٺ وائٺ هئي. شير شاهه ۾ اچي مون علي ٽيڪسٽائيل ملز واري ماسٽر ولي محمد جي ننڍي ڀاءُ خوشي محمد جي پڇا ڪئي مگر معلوم ٿيو ته هو سعودي عرب هليو ويو آهي. ان کان پوءِ وري ٻي دوست ماسٽر شفيع محمد جي ننڍي ڀاءَ جو وڃي در کڙڪايم. اهو دوست گهر ۾ موجود هو. ملي حال احوال ڪيائين ماني جو ٽائم هو همراهه هٿ ڌوئاري کٽ تي ويهاريو. ماني کائڻ کان پوءِ مون کيس ماجرا ٻڌائي ته مان ڪجهه ڏينهن هتي رهڻ چاهيان ٿو. جي مسواڙ تي ڪو گهر ملي پوي ته ڏاڍو سٺو چيائين ڪا ڳالهه ئي ناهي هي گهر تهنجو آ جيستائين دل گهرئي رهيو پيو هج. هي مزدور طبقي جا ماڻهو به خدا جا پراسرار بندا هوندا آهن. خاص طور تي ڪارخانيداري ماحول ۾ مان جتي انتهائي ڏکين ۽ ڏک ڀرين حالتن ۾ انهن جي قريب ويو آهيان ته انهن کي کرو، سچو، ايثار ۽ سون ورني دل جو مالڪ ڏٺو اٿم. گهرن ۾ ڏک ڏولارا، ٻار بک تي، اٽي جا ڪنستر خالي، لٽي ڪپڙي جي محرومي، زالن ٻارن جا پير اگهاڙا گهر ۾ ڳهه ڳٺو ندارد مگر غريب مزدور جي در تي جڏهن به ڪو مزدور ڀاءُ ڪهي ايندو آهي ته هو قرض وٺي به ان جا يار و مددگار ٿي بيهندا آهن. ان سلسلي ۾ مزدورن جي هڪ ٽولي جي ڪهاڻي ياد اچي ٿي ته لاڙڪاڻي ۾ ٽريڊ يونين ازم کڙو ڪرڻ جي پاداش ۾ ڪنهن بهاني سان مون کي نوڪري مان ڪڍيو ويو. مون کان پوءِ صاحب خان شيخ کي به اهو چئي نوڪري تان جواب مليو ته؛ ”پہلے تیرے موں میں زبان نهیں ہوتی تھی اب جو بھی تو بولتا ہے یے تیری زبان سے غلام رسول بولتا ہے۔“
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ صاحب خان شيخ ڪوٽڙي حيدرآباد وڃي سنڌ ٽيڪسٽائل ملز ۾ نوڪري هٿ ڪئي هئي. ٻن مهينن کان پوءِ هن منهنجي لاءِ به آپريٽر جي جاءِ جو بندوبست ڪيو.ستت ئي مان حيدرآباد حالي روڊ تي چوڙيگرن واري بستي ۾ ساڻس وڃي مليس. ان بستي ۾ پهرين ڏينهن ئي جنهن حالت ۾ مون مزدورن کي دکدائڪ حالت ۾ سمهندي ڏٺو ته منهنجو روح صفا ڪنبي ويو. رات جي پهر ۾ سنگت جا سڀ مزدور ڪٺا ٿيا ته هڪ ننڍي دڪان جيتري ڪمري ۾ وڏي ڪچهري ۽ کل ڀوڳ جو هڪ ماحول برپا ٿي ويو. ٽهڪڙا، موج مستي، اوڀاريون ۽ لهنواريون ڳالهيون ۽ حال احوال شروع ٿي ويا ان سمي ائين پئي لڳو ڄڻ هنن همراهن کي ڪنهن قسم جو ڪو ڏک درد يا زماني جو ڪو غم آهي ئي ڪو نه. مسجد جا ٻه دڪان هنن جو گهر هو جنهن ۾ هيٺان سوڙيون ۽ مٿان رليون وڇايل هيون ۽ انهن جي پاسن کان سندن سامان جا بيگ رکيل هئا. گرمي جي موسم هئي ڪمرن جا در کليل هئا مون کي استاد سمجهي اندرين پاسي مسجد جي ڀت سان لڳ سمهڻ لاءِ جاءِ ڏنائون ۽ باقي جيڪي ٽي ڄڻا ڀرپاسي ۾ ستا هئا انهن جا پير ڪمري جي چانٺ کان ٻاهر گهٽي ۾ پيا ڏيکارجن. مگر ڏهن منٽن جي گذرڻ کان پوءِ همراهن جا کهونگهرا پيا لڳن. مون انهن مزدورن ۾ ڪمال درجي جي محبت ۽ ڪمال درجي جو ايثار ڏٺو خدا جي انهن پراسرار ٻانهن جون ڳالهيون وسريون نٿيون وسرن.
شير شاهه ۾ منهنجو ميزبان محمد علي هو. جيڪو پنجاب جي ڪنهن مضافاتي ڳوٺ جو رهاڪو هو. سندس وڏو ڀاءُ محمد شفيع لاڙڪاڻي ۾ نور ٽيڪسٽائل ۾ ماسٽر جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو هو. ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ روين ۽ روش ۾ زمين آسمان جو فرق هو. جڏهن مان هن وٽ رهڻ آيو هوس ته کيس ان ڳالهه جي چڱي طرح ڄاڻ هئي ته سندس وڏو ڀاءُ مون کي پسند ناهي ڪندو. ان کان سواءِ اسان ٻنهي جي وچ ۾ لساني ۽ نسلي تفاوت پڻ موجود هو پوءِ به هن پنهنجي ٻچن سان مون کي پنهنجي گهر ۾ رهائش مهيا ڪئي ۽ مون سان اهڙيون ڀلايون ۽ ڀال ڪيا جهڙا ڪوئي فرشتو ئي ڪري سگهي ٿو. ٻئي ڏينهن نيرن کان اڳ محمد علي مون کي وهنجڻ جو چئي گهر جي غسل خاني ڏانهن وٺي ويو. جيستائين آئون وهنجي ٻاهر نڪتس تستائين هن آڳر ۾ رکيل کٽ تي نيرن ڪرڻ لاءِ دسترخوان وڇايو. مون ڏٺو ته آڳر ۾ هڪ پاسي سندس گهر واري ناشتو پئي تيار ڪري. هو خاتون تئي چاڙهيو ويٺي هئي جنهن ۾ اُڦراٽا ٿڦي پئي وجهندي وئي. مون کي علي محمد مسڪرائيندي پنجابي زبان ۾ چيو. تنهنجي ڀاڀي اڄ سچي گيهه ۾ پراٺا پئي پچائي. مون چيو مانس ته ڀائو اها تڪليف ڇو، ورايو ته اَمان پنجاب کان آئي آهي ۽ پاڻ سان اصلي گيهه جو ٽين کڻي آئي آ. سو هاڻي نه کپائينداسين ته وري ڪڏهن کپائينداسين. سندس والده سان منهنجي اڳ ۾ لاڙڪاڻي ۾ ملاقات ٿيل هئي هوءَ انتهائي سادي ڳوٺاڻي نيڪ ۽ ديندار خاتون هئي. بهرحال اڦراٽن سان گڏ ڏهي جي لسي هئي بس منهنجون ته پنجئي آڱريون گيهه ۾ هيون. نيرن ڪرڻ کان پوءِ آئون محمد علي کان موڪلائي پنهنجي ڊيوٽي ڏيڻ لياري ڪاليج هليو ويس. منجهند جي ماني مون ڪاليج جي ويجهو لي مارڪيٽ تي هڪ هوٽل تي کاڌي. شام جو گهر اچي اوطاق تي آرام ڪيم رات جي ماني کائي محمد علي مون کي پنهنجو ڪارخانو گهمائڻ لاءِ وٺي ويو جيڪو شير شاهه ۾ ئي هن جي رهائش کان فرلانگ کن پري مين روڊ تي هو. محمد علي ان ڪارخاني ۾ ويونگ ماسٽر هو. جتي هن پنهنجي سيڪشن جي مشينن جي چال ۽ پراڊڪشن چيڪ ڪئي. مشين آپريٽرس کان حال احوال وٺي انهن کي ڪم جون پارتون ڪري. چوڻ لڳو اچ ته هاڻي فلم ٿا هلي ڏسون. شير شاهه ۾ ڪارخانن جي وچ ۾ سينيما هئي جنهن ۾ اڪثر پنجابي فلمون لڳنديون هيون. فلم ڏسي رات جو ٻارهين بجي وري ڪارخاني جو چڪر لڳائي اچي گهر آرامي ٿياسين. موڪل جي ڏينهن محمد علي مون کي صدر بوهري بازار گهمائڻ لاءِ وٺي ويو جتان هن کي ڪي ضروري شيون کپنديون هيون، جن جي خريداري ڪرڻ کان پوءِ هن مون کي صدر جون سينيمائون ڏيکاري هوٽلن تي ڪيڪ پيس ۽ سموسا وغيره کارايا. ڪوشش ڪندي مون ڪٿي پئسن ڏيڻ جي کائنس اجازت پئي گهري ته ائين چئي منع ٿي ڪيائين ته توهان منهنجا مهمان آهيو توهان کي پگهار ملي ته پوءِ توهان خرچ ڪجو.
انهن ڏينهن دائود انجنيئرنگ ڪاليج ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي موضوع تي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان فنڪشن ٿي رهيا هئا. ايران کان قاضي نبي بخش مقالو پڙهڻ لاءِ مدعو هو. هن فنڪشن جا انتظامات اسان جي ڪاليج جي پرنسپل عبدالرئوف سمي کي ڪرڻا هئا سو مون کي به چيو هئائين ته اڄ وارو فنڪشن ضرور اٽينڊ ڪجانءِ، مان شام جو ٺهي سنڀري دائود ڪاليج پهتس. محترم قاضي نبي بخش قرآن فهمي جي موضوع تي رب سائين جي سهڻن نالن مان المصور کي پنهنجو موضوع بڻائيندي سير حاصل خطاب ڪيو. ٻين عالمن آرٽ و سائنس تي فهم و فراست ڀريون تقريرون ڪيون. پر مان جيئن فنڪشن کان ٻاهر نڪري ڪاليج جي دروازي وٽ پهتس ته پٺيان آواز آيو مائٽ، منهن ورائي ڏٺم ته لاڙڪاڻي جو دوست انسٽرڪٽر عبدالغفار سومرو سامهون بيٺو هو. چوڻ لڳو مائٽ تون هتي ڪيئن، جواب ڏنو مانس ته مان هتي لياري ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو آهيان. پڇيائين ڪٿي ٿو رهين وراڻيو مانس ته شير شاهه ۾. مائٽ ڀوڳ نه ڪر. چيو مانس نه ادا ڀوڳ ڇو ڪندس نيٺ ڀاڪر ڀري اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج جي هاسٽل ۾ آڻي ڪڍيائين. حال احوال هلن ئي پيا ته چوڻ لڳو مائٽ اٿ ته هلي ماني کائون. ائين چئي پنهنجي هاسٽل جي ميس ۾ وٺي آيو. ماني کائڻ کان پوءِ چوڻ لڳو مائٽ اچ ته توکي تنهنجي دوست سعيد احمد وارثي سان ملايان. مسٽر سعيد وارثي ميونسپل هائي اسڪول ۾ مون کان هڪ سال سينيئر هو ۽ جڏهن ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين ته هو ڪامرس سيڪشن جو شاگرد هو پر سنگت جي لحاظ کان هڪ ئي گروپ جا هئاسين. ان وقت هو اين اي ڊي ڪاليج جي فنانس سيڪشن ۾ فنانس آفيسر هو ۽ سيوا ڪنج هاسٽل جي وارڊنشپ به وٽس هئي. مسٽر عبدالغفار ان جي سامهون چيو ته مائٽ سڀاڻي سامان کڻي اچي مون سان گڏ رهه. انڌو گهري هڪ اک جي ٻه اکيون ملنس ته ان کي ٻيو ڇا گهرجي. رات جو گهر پهتس ته محمد علي دير سان اچڻ جو سبب پڇيو. مون کيس سربستو قصو ٻڌايو ۽ اهو به ٻڌايو ته سڀاڻي آئون سيوا ڪنج هاسٽل ۾ شفٽ ٿيندس. تنهنجي دعا سان چانس ملي آهي سو مهرباني ڪري خوشي سان اجازت ڏجائن. وراڻيو ته مون تنهنجي وڃڻ جي دعا ڪو نه ڪئي آهي منهنجي دل چوي ٿي ته تون مون وٽ رهيو پيو هج پر جي توکي سهولت ملي ٿي ۽ تنهنجو ڪاليج به اتان ويجهو پوندو ته پوءِ آئون توکي منع نه ڪندس.