علي گوھر آباد جو سماجي ماحول ۽ باغ بھاريون
دور ديس ۾ مون وٽ وقت آھي مگر ڪو ڪتابي سرمايو ڪونھي. ايتري قدر جو ڪاغذ جو چوٿاڙ به ڪونھي بس ماضي آھي بقول شاعر ماضي عذاب ھي يارو. پر منھنجو ماضي عذاب ناھي پر قادر ڪريم جو ڏنل املھ تحفو آھي جنھن ۾ مالڪ جي طرفان ڏنل خوشيون به آھن ته ڏک به آھن. مان ھڪ عام پريڪٽيڪل ماڻھو آھيان. منھنجي دل جي اِڇا رڳو اھا آھي ته مان پنھنجن دوستن ۽ احبابن اڳيان پنھنجي زندگي جا ڪجھ ويچار ونڊڻ چاھيان ٿو. منھنجيون لکڻيون ميسيج ناھن ساروڻيون آھن. گھاڙ ڪٿا جي قصي ٺپڻ وقت مضمون تي آخري سٽن وارا جملا غور طلب آھن جن ۾ منھنجي استاد غلام آللہ شيخ ڪيٿرين پورٽر کي ان جي سوال جي جواب ۾ چيا ھئا. ته غلام رسول اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ ڊفر شاگرد ھو. بي شڪ سائين سچ واري زماني جو ٽيچر ھو جو ڀري محفل ۾ ھڪ بين الاقوامي اخبار Toronto star canada جي رپورٽر اڳيان ھڪ اھڙو سچ ڳالھايو جنھن جي مونکي اميد ھئي نه خواب خيال.
ڪھاڻي ڪٿا جي اختتام ۾ مون لکيو ھو ته نائين جماعت جي امتحان ۾ ڏنل سمورن مضمونن مان رڳو سنڌي ۽ جنرل سائنس جا سبجيڪٽ پاس ڪري سگهيو ھوس. منھنجي لاءِ ھي بدقسمتي يا ڀاڳ نڀاڳ جو معاملو نه ھو مگر ھي سمورو سارو مسئلو سماجي رولڙن ۽ انسان نفسيات جو ھو. ڇاڪاڻ ته انسان جيڪو چاھي ٿو، جيڪو پسند ڪرڻ گھري ٿو ۽ جنھن ماحول ۽ سنگت ساٿ ۾ رھي ٿو ان جا ئي مثبت ۽ منفي اثرات ان تي پون ٿا. ۽ کيس نتيجا به ان مطابق ملن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته 1955_60 واري زماني ۾ علي گوھرآباد ۾ امن وامان وارو ماحول ھو. ان زماني ۾ ھن محلي جي پڇاڙي وارن حدن جو محل و وقوع ڪجھ ھن طرح ھو. قاضي ھدايت اللہ پيرزادي جي انبن، ڪيلن، زيتونن ۽ گلاب جي گلن جي باغ کان ننڍي بمبر مان ھڪ ڪاريز وھي ٺاري خان کھاوڙ جي مينھن جي واڙي واري اوڏڪي ڀت سان اچي وھندي ھئي جيڪا ڏکڻ طرف کوھ جي ڀرسان لنگھي انب واري مسجد ۽ محمد فيصل کھاوڙ وارن جي گھر اڳيان وھندي قاضي ھدايت اللہ، ڪمال ۽ مظفر پيرزادن جي گھر کان نڪري وڃي ڪني نالي ۾ پوندي ھئي. اھا واھي علي گوھرآباد پاڙي جي آخري حدن جو تعين ڪندي ھئي. جنھن کان پوءِ واڙي جي پوکن سان گڏ انبن زيتونن ۽ کارڪن جي باغن جا سلسلا شروع ٿيندا ھئا جيڪي بھارپور واري تاريخي محلي سان وڃي ملندا ھئا. اھو ھو سٺ پنجھٺ سال اڳ جو علي گوھرآباد جنھن ۾ اسان پرائمري اسڪول جي تعليم پوري ڪري ھاءِ اسڪولن ڏانھن پنھنجا پيرڙا وڌائي رھيا ھئاسين. ان زماني ۾ ھتان جي جيڪا سماجي جوڙجڪ ھئي. جيڪو تعليمي ۽ علمي ماحول ھو تنھن جي حالت ابتر ھئي. ان زماني جا قصا ۽ ڪھاڻيون سڀ سورن سان ڀريل آھن. ڪٿان جا چريا به سياڻا سڏبا ھا. ھتان جا ته سياڻا به چئي کڻي بس ڪر.
سائين وڏي عبدالرشيد پيرزادي واري اڇي مسجد کان سامٽيا روڊ واري پاڙي جي ٽڪري ۾ ڪي ذھين طالب علم رھندا ھئا جن ۾ محمد نواز مھيسر عرف قينچي، بشير احمد پٺاڻ ۽ غلام علي سامٽيو قابل تعريف آھن. سامٽيا روڊ واري حصي ۾ نثار احمد سامٽيو، اسرار احمد سامٽيو، سراج احمد سامٽيو، نور محمد سميجو، اختر ميراڻي، گروڏنو ۽ لڇمڻداس آڏواڻي، سخاوت حسين، خادم حسين کوکر عبدالغني سومرو، عبدالغفور سومرو، خوش محمد کهڙو ۽ عبدالقيوم صديقي جهڙا هوشيار شاگرد هئا جيڪي پنهنجي بھترين تعليمي ڪيريئر ۾ داخل ٿي رھيا ھئا. اسان جي پاڙي ۾ سينيئر شاگردن مان محمد وارث ولد تاج محمد سامٽيو پاڙي جو وڏو تعليم يافته ماڻهو سڏبو ھو جيڪو ھندستان جي مشھور يونيورسٽي علي ڳڙھ مان گريجوئيشن ڪري آيو ھو. باقي آبادي ۾ رھندڙ دوست جن سان منھنجا گھر۽ در گڏ ھئا ۽ جن سان ڏينھن ۽ رات اٿڻ ويھڻ ھو سي تقريبن اڌ پڙِھيا، اڻ پڙھيا، رول شڪاري، ڪاسائي يا اسڪولن جا گوسڙو شاگرد ھوندا ھئا. منھنجو ساٿ ۽ شمار ان ڪيٽيگري جي ڇوڪرن ۾ ھوندو ھو. پڙھڻ سان منھنجي دل نه لڳندي ھئي. اڪثر اسڪول کان گسائي گھٽي جي دوستن خاص ڪري پيرزادي غلام نبي، غلام سرور، غلام حيدر ۽ انھن جي ننڍي ڀاءُ غلام حسين سان صبح جو اسڪول جي ٽائيم تي گڏھ گاڏي تي چڙھي رائس ڪئنال جي پرين پاسي رتيديري روڊ تي نارائڻ داس جي سرن جي بٺي تي سرون کڻڻ ويندا ھئاسي. انھن پيرزادن ڀائرن جو والد محترم محمد عثمان سيٺ نارائڻداس وٽ منشگيري ڪندو ھو. سندس ذمي سرن جي پيداوار ۽ نيڪالي شامل ھوندي ھئي. ھنن پيرزادن دوستن سان مان ان ڪري گڏ ويندو ھوس ته جيئن اسڪول جو ٽائيم پورو ڪري پنھنجي گھر موٽي وڃان.
غلام نبي جو وڏو ڀاءُ محرم پيرزادو اڻ پڙھيل ھوندو ھو جيڪو لاڙڪاڻي جي گول سان لڳ ڳوٺ گلاب ڀٽي جي ڏکڻ ۾ وھندڙ گھاڙي تي کجين جي باغن ۾ کجين ڏارڻ جي ڪم تي معمور ھو. محرم کجي وڍي ان جا ٻه ٽڪر ڪري انھن کي ڇهتيرن جي شڪل ڏيڻ ۾ وڏي مھارت رکندو ھو. جنھن ھنڌ ۽ جنھن ماحول ۾ ھو اھو ڪم سرانجام ڏيندو ھو ان جھڙو دلڪش منظر مونکي زندگي ڀر وري ڪٿي ڏسڻ لاءِ نه مليو. غلام نبي پيرزادو ۽ مان ڪڏھن ڪڏھن گڏجي محرم پيرزادي کي نيرن جي ماني پڄائڻ ويندا ھئاسين. ھڪ ڏينھن اسان ھن لاءِ ماني کڻي سندس ڪم واري جاءِ تي پھتاسين ته اسان کي پري کان ايندو ڏسي ھن ڪم مان ھٿ ڪڍيا ۽ ڀرسان وھندڙ نار جي پاڻي مان ھٿ ڌوئڻ لڳو. جيسيتائين ھن ويٺي ماني کاڌي تيسيتائين اسان ھن جي ھنر جي شاھڪارن ڇهتيرن جو معائنو ڪرڻ لڳي وياسين. اتان سري وڃي نار جي مٺي رون ران ٻڌڻ سان گڏ اکين ٻڌل ڏاند جا ڦيرا، کوھ جو چاندي جھڙو پاڻي ۽ لوٽين جي قطار جو کوھ ۾ اچڻ وڃڻ جو منظر ڏسڻ لڳاسين. کوھ جي سڄي ھٿ تي گھاڙ واھ مان نڪتل ننڍي واھي وھندي ھئي جنھن کي گھاڙي سڏيو ويندو ھو. تنھن کي ڏسڻ لاءِ ادا محرم کان اجازت وٺي گھمڻ وياسين. گھاڙي مٿان منھنجي سئوٽ محمد عمر جي دوست ادا غلام نبي ڀٽي، حاجي ڀٽي ۽ ان جي ننڍي ڀاءُ غلام رسول ڀٽي جن جو ٻه ماڙ ڪچين سرن جو گھر ھو پر انھن جي گھر وڃڻ لاءِ اسان وٽ وقت ڪونه ھو، تنھنڪري کجين ۽ انبن جي وڻن جي خوبصورتي ۽ واڙين ۾ بيٺل چهچ سائي گوبين جي پنن ۽ گوبي جي گلن جا نظارا اکين ۾ رکي موٽي آياسين. ايتري ۾ ادا محرم ماني کائي پوري ڪئي ۽ اسانکي سڏڻ لڳو.