ڪالم / مضمون

سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون

ڊاڪٽر غلام رسول سومري جون ساروروڻيون نہ رڳو اُهي ڪھاڻيون آهن جيڪي سندس حقيقي وارتائون ۽ واقعا آهن، پر سندس ساروڻين ۾ آکاڻيون، ڪھاڻيون، افسانا ۽ هڪڙا پوئٽريٽ آهن. انھن ۾ ڪيترائي ڪردار آهن، توڙي جو سندس يادگيرين جا ڪجهہ ڪردار هي دنيا ڇڏي چڪا، پر ڊاڪٽر صاحب جي لکڻين جو انداز اهڙو آهي جو مطالعو ڪندي ڄڻ پاڻ اُن زماني ۾ پھچي اُنھن انمول ڪردارن سان رهاڻيون ڪندا هجون.

Title Cover of book سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون

چاچو عبدالرحمان ٽپالي

چاچو عبدالرحمان ٽپالي

هي پوش علاقو جنهن ۾ اسان رهندا هئاسين هڪ سحر انگريز علاقو هو. گھر جي سامهون انگريز انجنيرس جي بنگلن جو لامتناهي سلسلو هئو جيڪو پنج گلي تائين هليو ٿي ويو 1948ع واري زماني ۾ سکر بيراج ۽ ان مان نڪرندڙ واهه بيگاري. رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال واهن جي سنگھٽن وارو هنڌ نهايت گل وگلزار. پر سڪون ۽ سهڻو تفريح گاهه هوندو هو. ان زماني ۾ انکي پنج گلو سڏيو ويندو هو. هنن تفريح گاهن تي پي. آءِ. اي هوٽل ۽ لب مهراڻ جھڙيون رونقون گھڻو پوءِ آئيون. سکر جي انهن آبپاشي کاتي جي وڏن بنگلن جي سحر انگريزي ۽ رومانٽڪ ماحول اهڙو هوندو هو جو انهن جي وچ ۾ جيڪي روڊ ور ڏئي نڪرندا هئا تن جي ٻنهي پاسن کان سرهن جا وڏا وڏا درخت هوندا هئا جن جون لامون ۽ ٽاريون مٿي وڃي پاڻ ۾ ملي وينديون هيون. جنهن ڪري بيراج ٽائون جون سموريون سڙڪون گھاٽي ڇانوري هيٺ هونديون هيون. انهن وڻن جي مخملي پيلن ۽ گلابي رنگن جي گلن جي خوشبو چار سو پکڙيل هوندي هئي. بنگلن جي ڪشادن لان. واڙين ۽ نرسرين کي پاڻي پهچائڻ لاءِ واهيون وهنديون هيون، جاڏي ڪاڏي پاڻي جي موجودگي سبب ۽ ڀرسان دريا شاهه بادشاهه جي موجودگي ڪري اهو سڄو علاقو اهڙو ٿڌو لڳو پيو هوندو هو جهڙو ايئر ڪنڊيشن. بيراج ٽائون جي انهن بنگلن جي پلاننگ اهڙي خوبصورت هوندي هئي جو روڊن کي ڪراس ڪندڙ سموريون گھٽيون دريا جي بند تي وڃي نڪرنديون هيون ۽ جتي هر وقت ننڍيون وڏيون ڦلاٽون لانچون ۽ آگبوٽ موجود بيٺيا هوندا هئا. جن جي ذريعي لائيڊ بيراج ۽ ان مان نڪرندڙ واهن جي درن جي صفائي جو ڪم ٿيندو رهندو هو. ان وقت جيڪي آگبوٽ ۽ ٻيڙيون هلنديون هيون سي ساڌ ٻيلي کان روهڙي تائين پيسنجرس کي آڻينديون ۽ نينديون هيون. ان جاءِ تي بعد ۾ ننڍيون لانچون، ٻيڙيون ۽ بتيلا هلڻ لڳا.
اسان جي حويلي نما گھر جي گھٽي واري ڀت جي ٻئي پاسي سومرن جي حويلي هئي. انهن سومرن جو تعلق صوڀي ديري راڻي پور سان هو ۽ ان وقت ان خاندان جو سربراه چاچو عبدالرحمان ٽپالي هوندو هو. سندس ننڍي ڀاءُ جو نالو محمد موسيٰ هو. اهي ٻئي بزرگ منهنجي ناني ميان البرادي ۽ والد محترم محمد اسمائيل جا هڏ ڏوکي دوست هئا. سکر جو شهر جڏهن سنگين حالتن سان دوچار هو تڏهن اسان جا هي پاڙيسيري ائين ڪم ايندا هئا. جيئن هڪ ايڪي واري برادري جا ماڻهو هڪ ٻي کي ڪم ايندا آهن. چاچي عبدالرحمان کي ٽي پٽ هئا جن مان وڏو مشتاق احمد هو جيڪو ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت ڪندو هو. سندس ٻئي پٽ جو نالو سلطان احمد هو جيڪو منهنجو هم عمر ۽ هم ڪلاسي هو. ٽيون بشير احمد هئو جيڪو مونکان چار پنج سال ننڍو هو. اسانجي حويلي ۾ رهندڙ مسٽر گلزار احمد ۽ مسٽر الله ڏتو چوڌري منهنجا دوست هئا مگر منهنجو گھڻو اچڻ وڃڻ سومرن جي گھر ۾ ٿيندو هو ۽ سلطان احمد سومري سان منهجي پڪي دوستي هئي جيڪا هن وقت تائين قائم آهي في زماني هو قاسم آباد حيدرآباد ۾ مقيم آهي. سلطان احمد ۽ مان پاڙي جي گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول بيراج ڪالوني ۾ پڙهڻ لاءِ گڏجي ويندا هئاسين. ياد اٿم ته ڪچي پهرين ۾ اسان جو استاد ماستر محترم الھڏنو هوندو هو جيڪو پوءِ پڪي پهرين تائين رهيو. ڪتاب جي ڪا خبر ناهي ته مون وٽ ڪو ڪتاب هئو يا نه باقي هڪ ٿلهي هيڊل واري ڦرهي مون وٽ هوندي هئي جيڪا روزانو پاڻياٺي ميٽ سان ميساري اسڪول کڻي ويندو هوس. اسڪول جي سامهون وڏو ميدان هوندو هو. جنهن ۾ بيڪار پراڻيون انجڻيون، ڪلون، موٽر، ڪنهن نه ڪم جا مشيني پرزا ۽ ٻئي ڪاٺ ڪٻاڙ جا انبار نظر ايندا هئا در اصل اهو ميدان ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۽ ورڪشاپ جو اوپن اسٽور هوندو هو جنهن ۾ فالتو سامان رکيو ويندو هو. مگر منهنجي ديد هميشه ان ننڍي ريل جي لوڪو موٽو انجڻ ۾ هوندي هئي جنهن جي باري ۾ ٻڌو هو ته اها انجڻ لائيڊ بيراج جي ڪنسٽرڪشن ۾ جيڪو پٿر استعمال ٿيندو هو سو ان انجڻ ذريعي پهچايو ويندو هو. اهو زمانو هو به لوڪوموٽو انجڻن جو پر هي انجڻ ريلوي کاتي جي انجڻين کان گھڻو مختلف نظر ايندي هئي. ٻي ڳالهه ته اسانجي پهچ ۾ هئي. ڪڏهن وڃي ان تي چڙهي چيڪ چڪاس ۽ راند روند ڪندا هئاسين. بيراج ٽائون جو خوبصورت منظر. جبل جيڏي اونچي واٽر ٽينڪ جيڪا سڄي ڪالوني کي پاڻي سپلائي ڪندي هئي ۽ ان جي ڀرسان ٽائون شپ کي پاور سپلاء ڪرڻ واري اليڪٽرڪ سب اسٽيشن. وري ان جي ارد گرد ساوڪ، گلن جو نرسيون اهي سڀ منهنجي من کي گھڻو لڀائينديون هيون. منهنجي لاءِ اهو سمورو ماحول هڪ جادو نگري کان گھٽ نه هوندو هئو. منهنجو خيال آهي ته علاقي جي رومانٽڪ ماحول جو ئي اثر هو جو مان ان ماحول ۾ پيو رلندو ۽ ڀٽڪندو رهندو هوس.
بقول امڙ سانئڻ جي ته ننڍي هوندي تون اسڪول کان موٽي ايندو هئين ته سڀ کان اول اسڪول جا ڪپڙا مٽائي هٿ پير ڌوئي پوءِ ماني کائي سمهي پوندو هئين. پڙهڻ ۾ تنهنجي دلچسپي ڏسي خوشي ٿيندي هئي. منهنجي لاءِ امڙ جو اهو سونهري ريمارڪ هو جو وسريو نه ٿو وسري پر مان منڍ کان اسڪول کان گسائڻ واري علت کي ڏسان ٿو ته مان ته هميشه اڀو وهيو آهيان اوڀار. مائن جو ٽيڪون، دلاسا ۽ آسرا ته هر ٻالڪ جو سڀ کان وڏو سرمايو هوندا آهن. پر اسان جي چال مستاني به ڪو ڏسي نه. پنج گلي کان مسجد منزل گاه تائين بند جي هڪ پاسي نم، سرهن پپل ۽ ٽالهين جا درخت هوندا هئا. گرمين جي مند ۾ سرهن جي ڳاڙهن گلن جي خوشبو سان سڄو جو سڄو ٽائون معطر معطر رهندو هو. نم جي وڻن جي ڦولار ۽ نمورين جي بهار کي ڏسي جان فدا فدا ٿيندي هئي. هڪ ڀيري شايد اهو پهريون ڀيرو هو. جو سلطان احمد جي سنگت ۾ اسڪول کان گسائي ٽائون شپ جي ٿڌين گھٽين ۽ سڙڪن تان گذري وڃي پنج گلي جي سير تي نڪتاسين. اسان پنهنجون ڦرهيون گھر ڀرسان استاد محمود واري مسجد جي تڏن هيٺان لڪائي رکي ويا هئاسين. اها صلاح يا اٽڪل ڪنهن جي هئي پتو ناهي پر اسان جي چالاڪي جو اهو پهريون ايڪٽ هو. سرڪٽ هائوس جي ساوڪ ۽ گلن ٻوٽن جو ديدار درشن ڪري پنج گلي کان رلي پني مين روڊ ڏئي جتي هاڻي لب مهراڻ جون سموريون موجون مزا آهن. گھر موٽندي هڪ جاءِ تي نم جون ڪريل نموريون چونڊي رهيا هئاسين ته مون پنهنجي ڪن جي مروٽجڻ تي پنهنجو ڪنڌ وارئي مٿي نهاريم ته چاچو عبدالرحمان ٽپالي، هڪ هٿ سلطان جي ڪن ۾ ٻيو هٿ منهنجي ڪن ۾ ٻنهي کي روڊ کان هيٺ لاهي ويو ۽ پيرن مان جوتو لاهي شروع ٿي ويو. مان جو ڪن ڇڏائي ڀڳس ته خطن سان ڀريل ٿيلو ڦيرائي اهڙو وهائي ڪڍيائين جو مان منهن ڀر وڃي واهي جي ڀرسان ڪانهن جي ٻوڙن ۾ وڃي ڪري پيس. ايتري ۾ وري چاچي عبداارحمان اچي مونکي جھليو پوءِ ته ٻنهي کي گهر تائين واري وٽي سان ڪٽيندو آيو. زندگي جي ڊگھي سفر جي انهن ڳالهين تي سوچيندو آهيان ته چاچي عبدالرحمان جي انهن پادرن جو سلطان احمد تي سٺو اثر ٿيو. جو هو ايريگيشن ۾ سٺي عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ سموري عمر سرڪاري ڪواٽرن ۽ بنگلن ۾ مفت جي رهائش جا مزا ماڻيندو رهيو. پر مان هميشه زندگي جي وڏين ڦيرين گهيرين ۽ انقلابن جي زد ۾ رهيس.