ڪالم / مضمون

سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون

ڊاڪٽر غلام رسول سومري جون ساروروڻيون نہ رڳو اُهي ڪھاڻيون آهن جيڪي سندس حقيقي وارتائون ۽ واقعا آهن، پر سندس ساروڻين ۾ آکاڻيون، ڪھاڻيون، افسانا ۽ هڪڙا پوئٽريٽ آهن. انھن ۾ ڪيترائي ڪردار آهن، توڙي جو سندس يادگيرين جا ڪجهہ ڪردار هي دنيا ڇڏي چڪا، پر ڊاڪٽر صاحب جي لکڻين جو انداز اهڙو آهي جو مطالعو ڪندي ڄڻ پاڻ اُن زماني ۾ پھچي اُنھن انمول ڪردارن سان رهاڻيون ڪندا هجون.

Title Cover of book سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون

لاڙڪاڻي ۾ سينما جو دلنشين ماحول

لاڙڪاڻي ۾ سينما جو دلنشين ماحول

لاڙڪاڻي ۾ سينما جو دلشين ماحول 1955ع کان 1965ع واري زماني ۾ لاڙڪاڻي ۾ سينيما گهرن جي وڏي رونق ۽ بهاري هوندي هئي. ورهاڱي کان اڳ هتي جي سينيما گهرن جا مالڪ اڪثر هندو ئي هئا. هتان جون مشهور سينيمائون جن تي شام جو ماڻهن جا هشام گڏ ٿيندا هئا ۽ پنهنجي پسند جا فلم ڏسندا هئا. سي هيون ايمپائر سينيما، نگار سينيما ۽ رائل سينيما پهريون ٻئي سينيمائون محمد ايوب کهڙي صاحب جي بنگلي جي ڀرسان ايمپائرروڊ تي هيون ۽ ٽين سنيما جناح باغ لڳ بيڪر روڊ تي هوندي هئي جنهن جو نالو رائل سنيما هوندو هو. 1965ع جي جنگ کان پوءِ هندوستان ۽ پاڪستان جا حالات خراب ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان گورنمنٽ هندوستاني فلمن تي پابندي لڳائي ڇڏي تنهن بعد سينيمائن تي اها رونق ۽ ڀيڙ ڪا نه رهي. تنهن هوندي به فلم بينن لاءِ ستر واري ڏهاڪي ۾ پاڪستاني فلمن ماحول کي چڱو گرمائي رکيو مگر فلم انڊسٽري جيئن جيئن وئي اڳتي وڌندي تيئن تيئن تباهي جي رخ تي گامزن رهي.
لاڙڪاڻي ۾ فلمن جي اوج جي زماني ۾ اسان جو ٻاروتڻ هوندو هو. قصن، ڪهاڻين، ڳالهين ۽ فلمن جي اسٽورين جي ٻڌڻ ۾ اسان هر وقت مست ۽ مگن رهندا هئاسين. پڙهڻ ڪرڻ ڏي ايترو توجهه نه هوندو هو بس رات ڏينهن ذهن تي هندوستاني فلمن جون اسٽوريون، سنيمائن تي لڳل وڏا وڏا پوسٽر ۽ سنيما اندر شوڪيسن ۾ سينگاريل فلمي پوسٽر ۽ ڦوٽو اسان جي ذهنن تي ڇانيل هوندا هئا. ان کان سواءِ لاڙڪاڻي ۾ سينيمائن جي ارد گرد چانهه جي هوٽلن، پان ٻيڙي جي مانڊين، مٺاين جي دڪانن جون وڏيون رونقون برپا هونديون هيون ۽ لاڙڪاڻي جي پبلڪ مان گهڻا شوقين کير پتي چانهن نوش ڪرڻ ۽ پنهنجي فلمي گانن جي فرمائش ٻڌڻ پٺيان سرائي ۽ گادن جي هوٽلن تي ويهي پنهنجو وقت ضايع ڪندا هئا. اسان جا گهر ايمپائر ۽ نگار سينيما جي بلڪل ويجها هئا تنهن ڪري مان به پاڙي جي ان رنگين ۽ رونق افزا ماحول ۾ گم رهندو هوس. خير هوٽل تي ويهي چانهن پيئڻ جي اڃا اسان جي وستا ڪا نه هئي. مگر مٿي تي فلم بيني جو وڏو ڀوت سوار رهندو هو. ان ۾ پهريون هٿ اسان جي وڏن جو ئي هئو. اسان جو مامو هدايت الله سومرو درديلي شاعري ۽ فلمن جو شوقين هوندو هو ۽ جڏهن شوق جاڳندو هوس تڏهن منهنجي والد صاحب کي فلم ڏيکارڻ وٺي ويندو هو. مون انهن سان گڏ پهرين فلم پرڇائين ڏٺي. تنهن بعد دليپ ڪمار، راج ڪپور ۽ نرگس جي رومانٽڪ فلم انداز ڏٺي. گهريلو فلم بابل، بيجو باورا ۽ برسات فلمون به مون پنهنجي گهروارن سان گڏ ڏٺيون. انهن فلمن جي ڏسڻ کان پوءِ اسان کي فلم بيني جو نشو چڙهيو.
مون کي پاڻ هرتڙو يا پنهنجي سر فلم ڏسڻ جي همت ٿي چڪي هئي مگر ان لاءِ پئسن جي وڏي گهرج هئي، ان زماني ۾ اسان کي اسڪول وڃڻ وقت رڳو ٻه آنا خرچي ملندي هئي جڏهن ته ٿرڊ ڪلاس جي فلم جي ٽڪيٽ چار آڻا هوندي هئي.ٻه آنا به اسڪول ۾ رسيس جي ٽائم ۾ کپي ويندا هئا. ان زماني ۾ ايمپائر ۽ نگار سنيما وارا صبح جو يارهين بجي سينيما ۾ لڳل فلم جي مشهوري خاطر ننڍن وڏن پوسٽرن جي شهر ۾ جلوس جي شڪل ۾ نمائش ڪندا هئا. انهن جلوسن ۾ ٽي ڦيٿي ريڙهين ۾ ٻنهي پاسن امداد حسين ۽ مقبول حسين جعفري پينٽرن جي هٿن سان پينٽ ڪيل پوسٽر هڻندا هئا جن کي سينيما جا مستقل ملازم ريڙهيندا هئا ان کان سواءِ ننڍا پوسٽر جن کي جهنڊيون سڏيو ويندو هو ۽ جنهن جي هڪ پاسي فلم جو پوسٽر لڳل هوندو هو سو ڊيلي ويجز تي پاڙي جا مزدور، جوان ۽ ٻار کڻي جلوس سان هلندا هئا. اهو جلوس روزانو نڪرندو هو جيڪو سنيمائن کان هلندو ميونسپل آفيس کان ٿيندو اناج منڊي ويندو هو جتان وري حبيب بينڪ کان ٿيندو سيئو بازار کڻندو هو ۽ پاڪستان چونڪ کان ڦري مڇي مارڪيٽ کان ٿيندو اچي سينيما گهرن وٽ اختتام پزير ٿيندو هو. شروع ۾ فلم ڏسڻ لاءِ مون جهنڊي کڻي فلمن ڏسڻ جو رستو اختيار ڪيو. هڪ جهنڊي کڻڻ جا ڇهه آنا ملندا هئا جنهن مان چئن آڻڻ جي ٽڪيٽ خريد ڪندو هوس ۽ باقي پيسا ڪمند جون ڳنڍيريون، ڏهي، ڇولا ڀلا ۽ مڱيرا وغيره وغيره خريد ڪرڻ تي خرچ ٿي ويندا هئا.
اسان جو استاد محترم غلام الله شيخ به شوقين فلم بين هو. آچر جي ڏينهن اڪثر سنيمائن ۾ مارننگ شو تي انگريزي فلمون لڳنديون هيون تن کي ڏسڻ لاءِ لاڙڪاڻي جو پڙهيل ۽ سنجيده طبقو ايندو هئو. انهن مارننگ شو ۾ مون هنچ بيڪ آف ناٽيڊرم، بن حور. فال آف دي رومن ايپمائر ۽ زورو جهڙيون فلمون ڏٺيون. ڪڏهن ڪڏهن شام جو سائين غلام الله سان اسان گڏجي فلمن جا پوسٽر به ڏسڻ سينمائن تي ويندا هئاسين. سائين نه رڳو فلمن جو شوقين هو پر فلمن جي موسيقي ۽ گانن کي سمجهڻ ۽ ڳائڻ جو هنر به ڄاڻندو هو. هو باقاعدي موسيقي جو تربيت يافته ۽ ڄاڻو هو. اسان جي ميونسپل هاءِ اسڪول جي ساليانو فنڪشن ۾ ڊراما وغيره ٿيندا هئا جن کي مسٽر عبدالله مڪاني اسٽيج ڪرائيندو هو ۽ انهن ڊرامن جي موسيقي ۾ سائين غلام الله شيخ جو هٿ هوندو هو. ان زماني ۾ ڪڏهن ڪڏهن مڪاني صاحب ۽ ٻين ڪليگس جي فرمائش تي سائين غلام الله جن فلم بيجو باورا جو محمد رفيع جو هاءِ پچ تي ڳايل سرمالڪونس ۾ ڳايل گانو ڀگوان ڀلا هو تيرا، اب تو نير بهالي... اگر تو ساگر تو پتوار مين هون.... ڊبو دوگي نيا تو هم ڍونڊ لين گي، ڳايا هئا. سائين جا نهايت سريلي رنگ ۽ ڍنگ ۾ ڳايل اهي گانا ان وقت اسان کي موسيقي جي دنيا ۾ محو ڪري ڇڏيندا هئا. سائين غلام الله جڏهن ترنگ ۾ ايندو هو ته اسان کي ميان جي ٽوڙي، دادرو، ڀيروي، سرڀيم، ڪلياڻ ۽ ٻيون ڪيتريون ڪلاسيڪي موسيقي جون ڌنون ۽ راڳ جهونگاري ٻڌائيندو هو. ان خيال سان ته تنهن زماني ۾ اسان شاگردن کي به جيئن موسيقي جي سڌ ٻڌ ۽ ڄاڻ رهي.
نگار سينيما لاڙڪاڻي جي پراڻين سنيمان مان هڪ هئي ان سنيما جو پهريون نالو شايد بسنت ٽاڪيز هوندو هو. جنهن زماني اڃا گونگيون فلمون هلنديون هيون. تنهن زماني ۾ ان سينيما ۾ ڊراما پڻ اسٽيج تي ٿيندا هئا. جيڪي اڪثر ڪري ڪوي ڪشنچدن بيوس ۽ هوند راج دکايل تحرير ڪندا هئا. اها ڳالهه مون کي چاچي يار محمد سومري ٻڌائي هئي جيڪو ورهاڱي کان اڳ انهن ڊرامن ۾ اسٽيج اداڪاري ڪندو هو. ڊرامن جو روح روان ۽ ڊائريڪٽر لاڙڪاڻي جو مشهور ڪوي هوند راج دکايل هوندو هو جنهن جو لاڙڪاڻي جي هندو سنڌي ڪلچر علم ادب ۾ هڪ اهم ڪردار هوندو هو.