لاڙڪاڻو باغن جو شھر
ذرخيز ۽ ججھي پاڻي ڪري آبادڪاري جي لحاظ کان گهاڙ واهه لاڙڪاڻي جي زمينن کي اھڙا رنگ لائي ڇڏيا جو سنڌ جو ھي خطو باغن جو شھر سڏائڻ لڳو. ۽ ڪيترن ئي ٻين تحقيقي ۽ معلوماتي ڪتابن توڙي ريسرچ پيپرس ۾ اسان کي ڀلي ڀت ڄاڻ ملي ٿي ته انگريزي دور حڪومت ۾ لاڙڪاڻو پنھنجي سنھري دور مان گذري رھيو ھو ۽ کيس باغن جو شھر سڏيو ويندو ھو. سنڌ جي عالمن، ڏاھن اديبن ۽ خاص ڪري لاڙڪاڻي جي اديبن ۽ عالمن جي مقالن جو مطالعو ڪبو ته واضح دليل ملندا ته لاڙڪاڻو ميراڻي دور ۾ پنھنجي ترقي جي عروج تي ھو. جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي ۾ زرعي آبادڪاري جي دور جي شروعات ڪلھوڙن حڪمرانن جي زماني ۾ ان وقت شروع ٿي جڏھن سنڌ جي جوڌي فوجي سرواڻ وزير ۽ نگران نظام آبپاشي ميان شاهل محمد ڪلهوڙي چانڊڪي پرڳڻي جي ھن ڳوٺ ۾ وھندڙ سنڌو درياھ جي (ڪريڪ) درياھ جي قدرتي ڦاٽ جي اھميت جو اندازو لڳايو. ان کي وسعت ڏئي ڪشادي واھ جي صورت ۾ آندو. دراصل گھاڙ لفظ گھار جو بگڙيل صورتي لفظ نظر اچي ٿو. گھاري سنڌي ٻولي جو لفظ آھي. جنھن جي معني آھي پنھنجي ڪينواسي نظام مان وچ خالي ٿيل جيئن ڪوري جي آڏاڻي تي ڪپڙي اڻڻ وقت ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ تندون حادثاتي طور ٽٽي پونديون آھن ته ڪپڙي جو ڪينواس اڻندڙ رڇ اھا جاءِ اول کان آخر اڌ حصي يا ان کان گھٽ ايريا ۾ ھڪ جاءِ خالي ڇڏيندو ويندو آھي اھڙي خال کي سنڌي ۾ گھاري چئبو آھي. بھرحال چانڊڪي پرڳڻي جي ھن حصي ۾ قرب و جوار کان ۽ ڏور ڏور کان گھاڙ واھ جي وھڪري جي ھاڪ ٻين بحرن ۽ تڙن تي مڇي ماريندڙ يا واپاري مال جي ترسيل جي ڪمن ڪارن سان سلهاڙيل مھاڻا ميربحر ۽ مانجھي ملاح پنھنجا ڊونڊا ٻيڙا ڪاھي اچي گھاڙ واھ ڀيڙا ٿيا. انھن جي اچ وڃ ۽ ٻيڙن ذريعي واپار کي ھٿي ملڻ ڪري گھاڙ واھ جي اوڀارين ڪپ تي مھمان واپاري لوڪن لاءِ نوان گھر اڏجڻ لڳا. واپاري ڏيتي ليتي ۽ مال جي ترسيلي سرگرمين ۾ تيزي ۽ ترقي جي ڪري خطي ۾ خوشحالي آئي جنھنجي نتيجي ۾ واپاري گروھن ۽ انھن جي ڪاروباري ڪارندن توڻي ڀلاوڻن ھن ننڍي واپاري ڪالوني ۾ وڏا خانگي مھمان خانا اڏيا. جن کي اڳتي ھلي سراءِ سڏيو ويو. وڌي واپار ته لڳي ڀاڳ جي مصداق ھتي گھاڙ واھ ذريعي ھلندڙ واپار ڪري ماڻهن جا ڀاڳ کلي پيا. گھاڙ جي ڪپ تي ننڍي ڳوٺ وڏي واپاري شھر جي صورت اختيار ڪئي. چانڊڪي جي ھن حصي ۾ معاشي ترقي ۾ جيئن پوءِ تئين اضافو ٿيندو ويو. ٻاھران ايندڙ واپارين جي قافلن جا قافلا اچي هتي رھڻ لڳا. اھي رھائشون ۽ مھمان خانا اڳتي ھلي قافلا سراءِ سڏجڻ لڳا اھا قافلا سراءِ لاڙڪاڻي ۾ اڄ به ساڳي جاءِ تي ساڳوڻي نالي سان موجود آھي. ھن خطي ۾ لاڙ مان ايندڙ ميربحر، مانجھي، ملاح، مھاڻن مان ڪي پاڻ کي لاڙڪ ڪوٺائيندا ھئا تنھنڪري بندرگاھ ويجھو رھائشگاھن، قافلي سراءِ ۽ لاڙڪن جي ماڳن مڪانن تي ھڪ نئين شھر جو اضافو ٿيو.
لاڙڪاڻي ۾ ترقي ۽ خوشحالي ميرن جي دور ۾ ڏينھون ڏينھن وڌندي وئي. مطالعي مان ھي ڳالھ سامھون اچي ٿي ته گھاڙ واھ جي ڪشادي پيٽي وارو علائقو جنھنجو مون اڳ به ذڪر ڪيو آھي تقريبن سرلا ديوي واري اسپتال کان ويندي گجڻ پور تائين وڏين ڊونڊين، ٻيڙين، غورابن ۽ واپاري مال آڻيندڙ نيندڙ ٻيڙن جي باقاعدہ ھڪ گودي بڻجي پيو. اھڙن واپاري سرگرمين جيڪا خطي ۾ ترقي آندي تنھنجو نظارو لاڙڪاڻي جي ٻه ماڙ ٽي ماڙ عمارتن، باغن بستانن ۽ سماجي و معاشي حالتن مان عيان ٿيڻ لڳو. اھوئي سبب آھي جو لاڙڪاڻو باغِ عدن ۽ شھر گلستان سڏجڻ لڳو. انگريزي دور جي آفيسرن ڪليڪٽرن ۽ سرندي وارن صاحبن ۽ سيٺين لاڙڪاڻي جي اپت ڪاري خزانن جي رقم مان شھر جي خوبصورتي تي مال خرچ ڪري باغن جي اڏاوت تي خاص توجہ ڏنو. انگريز آفيسرن بولس باغ ۽ ريالي باغ اڏايو ريالي باغ جي آبياري لاءِ ڪليڪٽري بلڊنگ پويان سول سرجن جي رھائشگاھ وٽ وڏو کوھ کوٽي تيار ڪيو ويو. بولس باغ ته ھيوئي گھاڙ واھ ۽ گھاڙ مان ڀرجندڙ تلاءَ جي ڪپ مٿان. ٻيو وري باغ کي سيراب ڪرڻ لاءِ ھڪ وڏو کوھ پڻ ھو جيڪو ڌرمداس ڌرمون جي ٽڪاڻي پٺيان اڙدو پي. وي اسڪول جي گرائونڊ ۾ هوندو هو. بولس باغ اسان جي سانڀر ۾ آباد ھو. ان جي سھڻن ٻارن ۽ ڪيارن ۾ لڳل گلن جا خوبصورت منظر اکين ۾ اڃا به ڦرن ٿا.
لاڙڪاڻي جي معروف صوفي شاعر ڌرمداس ”ڌرمون“ جو ننڍڙو پوڄا گھر بولس باغ جي وٽ ۾ آھي جنھن ۾ مٿا ٽيڪ ٿيندي آھي ۽ کيس ٽڪاڻو سڏيو ويندو آھي سو اڄ سوڌو قائم آھي. ان ساڳي جاءِ تي بولس باع جي ڪشادي لان ۾ مسٽر بولس ڪليڪٽر صاحب ھڪ ڪلاڪ ٽاور تعمير ڪرايو ھو. اھو ٽاور اڄ ھڪ سھڻو نظارو پيش ڪري ٿو. ھاڻي اھو ڪلاڪ ٽاور ۽ سمورو باغ ڪينڊري مارڪيٽ سڏجي ٿو.
لاڙڪاڻي جي تاريخي پسمنظر ۾ ھن باغ جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي طور وڏي اھميت رھي آھي. ورھاڱي کان اڳ لاڙڪاڻي جو بولس باغ سياسي سرگرمين جو مرڪز رھيو آھي، سياسي تحريڪن ۽ سماجي سرگرمين جي حوالي سان ڏسجي ته ھن باغ جو لاڙڪاڻي جي تاريخ جي جوڙجڪ ۾ اھم ڪردار آھي. لاڙڪاڻي جا ڪانگريسي اڳواڻ 1930ع کان 1935ع واري دور ۾ پنھنجي سياسي سرگرمين لاءِ بولس باغ کي استعمال ڪرڻ لڳا. اھڙي طرح ورھاڱي تائين بولس باغ ھندن جي سياسي و سماجي تحريڪن جو مرڪز رھيو.
لاڙڪاڻي جي ھن خوبصورت باغ ۾ جڏھن وڏي کنڊ جو مھان سياسي اڳواڻ موھن لال ڪرمچند گانڌي ڪانگريسي سياسي مقصد کي ھٿي وٺائڻ لاءِ پنھنجي سياسي ٽيم سان لاڙڪاڻي ۾ آيو ھو ته کيس ھن باغ ۾ پنڊال ٺاھي سجائي ڏنو ويو. لاڙڪاڻي جي جعفري محلي لڳ رھندڙ انوقت جو ٻالڪ رام پنجواڻيءَ ان سياسي جلسي ۾ ھڪ گيت گايڪ جي حيثيت ۾ اينٽري ڏني ھئي. ان ڏس ۾ رامچند جي رھنمائي لاڙڪاڻي جو مشھور شاعر ۽ ڪانگريسي ليڊر ”ڪشنچند بيوس“ ۽ هوندراج ”دکايل“ ڪئي ھئي. ھن محفل ۾ مٺڙي ۽ سھڻي آواز ۾ گيت پيش ڪرڻ تي رام کي مھاتما گانڌيءَ آشرواد ۽ شاباشي ڏني ھئي. رامچند پنجواڻي جيڪو بعد ۾ ڪراچيءَ جي ڊي_جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. سو ورھاڱي کانپوءِ بمبئي ھليو ويو ۽ اتي کيس بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. ھن صاحب ھندوستان ۾ رھندي ھڪ سنڌي ڊراما آرٽسٽ، ھڪ گايڪ ڪلاڪار ۽ شاعر جي حيثيت سان وڏو نالو ڪميايو.
لاڙڪاڻي ۾ ڪرما باغ جو بنياد به انھن سياسي ۽ سماجي سرگرمين واري زماني ۾ پيو جنھن زماني ۾ مھاتما گانڌي لاڙڪاڻي آيو ھو. جن سياسي، سماجي اڳواڻن ڪانگريس جي پليٽ فارم تان ان زماني ۾ اھم ڪردار پئي ادا ڪيو انھن ۾ ماستر ڪشنچند کتري، پرڀداس تولاڻي دولترام جيرام داس ۽ مسٽر هوندراج ”دکايل“ گھڻو متحرڪ رھندا ھئا. لاڙڪاڻي جي نوان تڪن ۽ دڙي محلي ۾ ھندن جي گھڻائي ھئي ۽ انھن جي ڪميونيٽيز ۾ امير ماڻھن جي پڻ کوٽ ڪانه ھئي. تنھنڪري ھن علائقي ۾ ڪرما باغ جي بنياد وجھڻ وقت وڏي جشن جو سمو برپا ڪيو ويو. دراصل دڙي محلو ۽ نوان تڪ ھندن جا اڪثريتي علائقا ھئا جنھن ۾ ھندن جا ننڍا وڏا مندر ۽ ٽڪاڻا قائم ھئا. ٽڪاڻن ۽ مندرن جي ڀرسان مين بيڪر روڊ جي ٽِواٽي تي ريجھومل جو بوتو نصب ٿيل ھو. ان زماني ۾ پيسي پنجڙ جي لحاظ کان ھتان جي ھندو ڪميونٽي گھڻو سگھاري ھئي جنھن ڪرم چند گانڌي کي لاڙڪاڻي ۾ گھرائڻ کان اڳ ۾ ھن علائقي ۾ ھڪ نئين باغ لڳائڻ جو مڪمل بندوبست ڪيو ھو. جنھن جي افتتاح وقت باغ جو نالو به ڪرمچند باغ رکيو ويو جيڪو اڳتي ھلي ڪرما باغ سڏجڻ لڳو. ھن باغ جي آبياري لاءِ باغ جي اوڀر ۾ ھڪ وڏو کوھ کوٽيو ويو ھو. ٻيو وري گھاڙ واھ کان ايندڙ ھڪ ننڍي بمبرجي شاخ پڻ باغ جي پويان وھندي ھئي جيڪا ابوبڪر مقام تائين ھلي ويندي ھئي جيڪا ڪرما باغ جي آبياري ڪندي ھئي.
لاڙڪاڻي جو گيان باغ
ھي باغ لاڙڪاڻي جي مڙني باغن کان ڪشادو ۽ خوبصورت ھو. خاص ڳالھ ته ھي باغ لاڙڪاڻي جي ھڪ مخير ۽ محنتي ماڻھو گيانچند جو لاڙڪاڻي جي عوام لاءِ ھڪ تحفو ھو. لاڙڪاڻي جي ھن فقير منش لاءِ چيو وڃي ٿو گيانچند پنھنجي پتا جي ديھانت بعد مالي مشڪلات سبب بدحالي جو شڪار ٿي پيو، مگر ھن پنھنجي زندگي جي سفر ۾ ڪاروبار تي خاص ڌيان ڏيندي ھٿ بيٽرين جو دڪان کوليو جتان کيس وڏو فائدو حاصل ٿيو ۽ چڱي ترقي ٿي. گيانچند اڪثر جرمني ۽ گريٽ برٽن مان ھٿ بيٽريون گھرائيندو ھو. لاڙڪاڻي ۾ رھندي ئي ھن کي اھڙي واپار ۾ ججھا فائدا حاصل ٿيا. مگر ڪاروبار کي وڌائڻ لاءِ ان زماني ۾ ھن بمبئي جي ھڪ شاپنگ مال ۾ وڃي دڪان کوليو جتان پڻ کيس وڏو فائدو ۽ ترقي ٿي . پنھنجي مٺڙِي ماتا جي ديھانت کانپوءِ ھو اڪثر مايوس رھڻ لڳو. ستت ئي پوءِ پياري گھرواريءَ سيتا ديوي جو شمشان جو سفر سنواريو ته ھو نھايت دل شڪستو ٿي پيو ۽ ڏک ۽ غم سندس ھردي کي ويڙھي ويو. گيانچند پنھنجي غمن جو اونٽار لاھڻ لاءِ سنتن ۽ فقيرن جي سنگت ساٿ ڏانھن ڌيان ڏيڻ لڳو. ھن چاھيو پئي ته کيس اھڙو ڪو گيان ملي جنھن سان ھن جي غمن جو اونٽار ھلڪو ٿي ۽ من کي شانتي ملي. صوفي سنتن جي سنگت ۾ پھريون گيان کيس اھو مليو ته ھو لوڪ جي چڱ ڀلائي لاءِ ڪم ڪري.
گيانچند فطرتن قدرت ڏانھن مائل ھو ۽ زماني جي لحاظ کان به ذوق شوق وارو ماڻھو ھو. سو گھاڙ واھ جي پرين ڀر تي زمين جو ھڪ وڏو ٽڪرو خريد ڪري ان جي ھڪ حصي تي انبن، زيتونن ۽ توتن جا وڻ پوکرايائين. زمين جو ھڪ حصو مخصوص ڪري ان تي ھڪ سھڻو پارڪ ٺھرايائين جنھن تي پنھنجي پياري استري سيتا ديوي جو نالو رکيائين. پارڪ جي ان حصي ۾ سيتا جي نالي تي ھڪ يادگار چوڪنڊي ٺھرايائين. باغ جي ھن حصي ۾ ھڪ وڏو لان ٺھرايائين جنھن جي سائي ڇٻر جي چوڌاري وٽن تي قسمين قسمين جا گل ٻوٽا رکيائين. گيانچند لاڙڪاڻي جي شوقين ماڻھن ۾ پھريون ماڻھو ھو جنھن سيتا پارڪ واري لان ۾ گل لالا جا وڻ پوکايا جيڪي مون پنھنجي زندگي ۾ پھريون دفعو ڏٺا. سيتا پارڪ کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ عورتن ۽ ٻارن لاءِ ٻه وڏيون پينگھون لڳل ھونديون ھيون جن تي مزا وٺڻ لاءِ سڄي شھر جا ماڻھو پنھنجي عورتن ۽ ٻارن کي شام جي وقت گھمائڻ لاءِ وٺي ايندا ھئا. مان به گجڻ پور محلي کان پنھنجي پڦي، والدہ ۽ ڀيڻ سان گڏجي انھن پينگھن تي اچي لڏندو ھوس. سيتا پارڪ جو اھو حصو رڳو ٻارن ۽ خواتين لاءِ مخصوص ھوندو ھو.
گيانچند پنھنجي ذاتي رھائش لڳ زير زمين ھڪ بھُرو پڻ ٺھرايو هو جيڪو گرمي جي ڏھاڙن ۾ ٿڌو رھندو ھو. ان زير زمين جاءِ جي حد کان ويندي سيتا پارڪ تائين گيانچند عام ماڻھن لاءِ ھڪ ڪشادو لان ٺھرايو ھو. ان لان ۾ ديسي ڇٻر ۽ گلاب جي گلن جون چڪيون لڳل ھونديون ھيون. خبر ناھي ته ان ۾ جيڪو ھڪ وڏو پکو لڳل ھوندو ھيو اھو ڪيتري ھارس پاور جو ھو پر جڏھن باغ ۾ اھو ھيوج پکو ھلندو ھو ته ويھن پنجويھن ڦٽن تائين ھوا ڏيندو ھو. شھر جا گرميءَ جا ستايل ماڻھو شام جو اچي ان پکي جي ٿڌڙي ھوا ۾ ويھي آنند وٺندا ھئا.
گيانچند پارڪ جي ھڪ حصي ۾ پنھنجي ذاتي رھائش رکي ھئي. مگر ورھاڱي بعد اھا عمارت ڪسٽوڊينٽ آفيس جي نذر ٿي وئي. ان عمارت جي بلڪل سامھون گھاڙ واھ جي ڪپ تي ھڪ وڏو مھمان خانو جوڙايائين جنھن ۾ اڪثر ساڌو، سنت ۽ فقير فقرا قيام ڪندا ھئا. علاوہ ازين ان عمارت ۾ صوفي شاعر ولايت راءِ کتري جي نگراني ۾ صوفي فقيرن، شاعرن ۽ راڳين جون محفلون لڳنديون ھيون.
لاڙڪاڻي جو تجر باغ
لاڙڪاڻي جو تاريخي تجر باغ جنھن کي ھاڻي جناح باغ سڏيو وڃي ٿو. تنھن تي ھي نالو ورھاڱي کان پوءِ پيو ھن باغ جي آبياري لاءِ پڻ ھڪ وڏو کوھ کوٽيو ويو ھو. جنھن جي ڪري ھتي وڻن، ٻوٽن ۽ گلڪاري ڪري ھر وقت بھاري لڳي پئي ھوندي ھئي.
ورھاڱي کان اڳ 1926ع ڌاري ھن باغ ۾ ھڪ ليڊيز ڪلب قائم ڪيو ويو، جنھن کي شھر جي سماجي شخصيت ڀومي ٻائي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. خواتين جي ھن ڪلب ۾ عورتن جون سماجي، ثقافتي ۽ سياسي سرگرميون رھنديون ھيون. خاص ڪري ھتي ڪانگريس پارٽي جي ھندو عورتن جو ھولڊ رھندو ھو. پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ ڀومي ٻائي ڪلب ۾ خواتين جون ساڳيون سرگرميون قائم رھيون البته نئين دور ۾ ھن ڪلب جي ميمبر خواتين جي تعاون سان جناح باغ ۾ مينا بازاريون پڻ لڳڻ لڳيون.
جناح باغ جي مرڪزي حصي ۾ مرحوم نواب ولي محمد لغاري جي مرقد ھوندي ھئي، جنھن ۾ مرحوم امانتن مدفون ھئو. سندس مزار جي مٿان ھڪ خوبصورت تجر ٺھيل ھوندي ھئي. مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مرحوم جي امانتن دفنائڻ واري مدت معاد پوري ٿيڻ بعد ھن جي لاشي کي تجر مان ڪڍي سندس اباڻي ھنڌ مطلوب جاءِ تي منتقل ڪيو ويو.
ھن پررونق باغ ۾ لاڙڪاڻي جي پبلڪ لاءِ ھڪ وڏو ٽائون ھال تيار ڪيو ويو ھو بعد ۾ جتي ھڪ عاليشان لائيبريري قائم ڪئي وئي آھي. ھن ٽائون ھال ۽ لائيبريري ۾ ادبي، علمي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرميون پڻ رھنديون ھيون. جناح باغ جي حدن ۾ شھر جي اپر ڪلاس شھرين لاءِ ھڪ سٽيزن ڪلب قائم هئي، جيڪا اڄ تائين موجود آھي. ان کانسواءِ ھتي ھڪ پريس ڪلب آھي جنھن ۾ هڪ بھترين لائيبريري پڻ قائم آھي.
جناح باغ ۾ في زمانا عيد جون نمازون، عوامي ميڙ، اجتماع،نمائشون،مينابازاريون، ادبي محفلون، سيرت ڪانفرنسون، سياسي ۽ سماجي نوعيت جا جلسا ۽ گڏجاڻيون ٿينديون رھنديون آھن. ڏٺو وڃي ته لاڙڪاڻي جو جناح باغ شھر ۾ ھڪ ھائيڊ پارڪ جي حيثيت رکي ٿو.
لاڙڪاڻي جو راڻي باغ
گھاڙ واھ سان قربت، انس، اڪير ۽ وابستگي جون جيڪي يادگيريون منهنجي ذهن ۾ آھن، چاھيان ٿو ته اھي ساڃاھه وند دوستن اڳيان بيان ڪريان. گھاڙ واھ ڪٿا ڪھاڻي جي ارڙھين حصي ۾ مون گھاڙ واھ جي اصل حقيقت، ان جي تاريخي سفر، ان جي توسيع ۽ ترقي، ان جي ڪنارن تي شھر لاڙڪاڻي جي انسائڪلوپيڊيائي حيثيت سان اڀري City of Gardens جو جنم وٺڻ کان ويندي باغ عدن ۽ باغن جي شھر ۾ مشھوري جي ھڪ عالمي رڪارڊ ۾ داخل ٿيڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ھن باغ جي محل ۽ وقوع جي اھميت ۽ غائيت منھنجي نظر ۾ لاڙڪاڻي جي ٻين باغن کان گھڻي آھي. لاڙڪاڻي جو راڻي باغ منھنجي زندگي جي ڪھاڻي جو پڻ مرڪز ۽ محور رھيو آھي. ان جو سبب اھو آھي ته ھن باغ جي چئني ڪنڊن تي منھنجي ٻالڪپڻي، جواني ۽ پيري جو سڄو داستان لکجي اختتام پزير ٿئي ٿو.
راڻي باغ لاڙڪاڻي جي ان حصي ۾ آھي جتي لاڙڪاڻي جو جنم ٿيو ۽ اھو ئي پاڙو ۽ ماڳ لاڙڪاڻي جي جنم ڀومي آھي. راڻي باغ جي اتر اوڀر ۾ گھاڙ واھ وھندو ھو. باغ جي اوڀر ۾ بھارپور جو تاريخي محلو آھي جنھن جي تاريخي حيثيت پڻ باغن جي ھن شھر سان سلھاڙيل آھي. راڻي باغ جي ڏکڻ ۾ تاريخي محلو قافلي سراءِ ۽ علي گوھرآباد واقع آھن. ڏکڻ اولھ ۾ ايمپائر روڊ ۽ نگار ۽ ايمپائر سينيمائون آھن ۽ اولھ ۾ جيلس بازار، ميونسپل آفيس، شاھ محمد اسڪول ۽ سرلا ديوي واري اسپتال موجود آھن. لاڙڪاڻي جي شھر جو ھي نقشو ماضي قريب جو آھي. جنھن ماضي ۾ ھڪ لحاظ سان ڄڻ مون پاڻ کي اسٽاپ ڪري ڇڏيو آھي. راڻي باغ جو ذڪر آئون ضرور ڪندس مگر ان جو مذڪور صرف انهن سڄڻن کي دل سان لڳندو ۽ سمجھ ۾ ايندو جن راڻي باغ کي گھمي ڦري ڏٺو ھوندو. ھاڻي ان جاءِ کي جنھن حيثيت ۽ نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو اھو نالو منھنجي اڳيان اچي ٿو ته اکين ۾ رت جا لڙڪ وھڻ لڳن ٿا.
ٻالڪپڻي تقريبن 1950_52 ۾ جنھن وقت منھنجي عمر اٺ ڏھ سال کن ھئي آئون پنھنجي والدہ سان راڻي باغ لڳ عورتن جي عام مشترڪ لٽن ڌوئڻ جي جاءِ تائين ميرن ڪپڙن جي ڳنڍ کڻائي ويندو ھوس. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ به چند سالن تائين Collective ladies washing area جو ڪلچر ملڪ جي وڏن شھرن ۾ موجود ھئو. اھو گھاٽ صرف ۽ صرف خواتين لاء مخصوص ھوندو ھو تنھنڪري مونکي ٻه ٽي ڪلاڪ کن ٻاھر ترسڻو پوندو ھو جيسيتائين امڙ ڪپڙا ڌوئي پورا ڪري. ان گھاٽ سان لڳو لڳ راڻي باغ ھوندو ھو. وقت گذاري لاءِ مان وڃي راڻي باغ جي گلن ڦلن جو واس وٺندو ھوس. باغ جي صدر دروازي اڳيان برٽش دور جو ھيڊرالڪ پريس سيمينٽيڊ فرش ھوندو ھو ان زماني ۾ ان روڊ جي ڪا چٿڙي به لٿل ڪانه ھوندي ھئي. ان جي مٿان ھلڻ ۾ يا وري سائيڪل ھلائڻ ۾ ڏاڍو لطف ايندو ھو.
ھن باغ جو نالو راڻي الزبيٿ جي نالي سان منسوب ھو تنھن ڪري ان کي راڻي باغ سڏيو ويندو ھو. باغ ۾ اندر داخل ٿيڻ تي گلن جي ھڪ مخصوص خوشبو ايندي ھئي مگر ان خوشبو تي ڪنڊي، ڪڪر ۽ ديوي جي ڦلڙين ۽ سڱرين جي خوشبو غالب ھوندي ھئي. باغ جي چوڌاري چار ديواري لڳل ھئي جنهن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ رڳو ھڪ دروازو ھوندو ھو. ايريا جي لحاظ کان باغ اوڀر کان اولھ ڊريگھ ۾ گھڻو ويڪرو ھو. شڪل ۾ مستطيل ھو وچ ۾ وڏو حوض ھوس جنھن ۾ پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ترندڙ للي جا ٻوٽا پيا ھوندا ھئا. باغ جي اوڀارين پاسي آخر ۾ ھڪ پراڻي دور جو بنا در ۽ درين جي خالي ڪمرو پيو ھوندو ھو جيڪو تقريبن گھاڙ واھ جي ڪناري سان لڳل ھو تنھن کان پوءِ باغ جي آخري حد واري چوديواري ھوندي ھئي. راڻي باغ جو پڪو فرش صاف سٿرو ۽ چمڪندڙ ھوندو ھو. ٻار نه ڏسندا ھا صبح نه شام. نه ڏسندا ھا سردي نه گرمي ان تي پيا سائيڪلون ھلائيندا ۽ سکندا ھئا. ٻارنھن سالن جي عمر ۾ مون به سائيڪل ھلائڻ اتي سکي. ان زماني ۾ ننڍي سائيڪل جي پندرنھن منٽن جي مسواڙ ھڪ آنو، اڌ ڪلاڪ ٻه آنا، ڪلاڪ جو ڪرايو ھڪ پاولي يعني رپئي جو چوٿون حصو ھوندي ھئي ۽ ساڳي زماني ۾ ٿرڊ ڪلاس ۾ فلم ڏسڻ جي ٽڪيٽ به چار آنا ئي ھوندي ھئي.
راڻي باغ جا چارئي پاسا خالي ھئا ڏکڻ ۾ بھارپور ڏانھن ويندڙ روڊ ھو ۽ وچ ۾ باقي خالي ميدان ھو. اتر ۾ گھاڙ واھ پر انھن ٻنھي وچ ۾ وڏو خالي ميدان ھوندو ھو. ڏکڻ اولھ ۾ ايمپائر روڊ ھوندو ھو ان وقت روڊ جي سائيڊ تي ھڪ يا ٻه دڪان ھوندا ھئا جن مان ھڪ ڪنڊ تي اٽي پيھڻ جي مشين لڳل ھئي جيڪا پوءِ برف فيڪٽري ۾ تبديل ٿي وئي، ٻيو شايد ليٿ مشين جو ڪارخانو ھوندو ھئو. ڪارخانن جي پٺيان ڪپڙن ڌوئڻ جو زنانو مشترڪ گھاٽ ھوندو ھو. ڏکڻ ۾ ايمپائر روڊ کان راڻي باغ جي آخري حصي تائين خالي ميدان پيو ھوندو ھو. تنھن کانپوءِ به گهڻي زمين خالي پئي ھئي جنھن تي ٽريش لينڊ فل قائم ھئي. اھو سمورو خالي ميدان معاشي ڪاروباري ثقافتي ۽ تفريحي مقاصد لاءِ استعمال ٿيندو رھندو ھو. توڙي جو اھو ميدان اسان جي گھر کان معمولي پري ھو پر امن امان جو بھترين ماحول ھجڻ ڪري اسان اتي وڃي راند روند ڪندا ھئاسين. اسان جي گھر جي در کان ھڪ ئي ڪچي سڙنڪ ھئي جيڪا اچي ان ميدان ۾ بيھاريندي ھئي. تقريبن ٽن چئن پاڙن جا ٻار راڻي باغ جي ميدان تي مختلف رانديون کيڏڻ ۽ سائيڪلون ھلائڻ ايندا ھئا. اسان ڏيٽي ڏڪر ۽ تاس راند ڪندا ھئاسين. سگريٽن جي خالي پاڪيٽن جي پتن سان به راند ٿيندي ھئي جنھن کي پڙن جي راند سڏبو ھو. سائيڪل سکڻ جو شوق جاڳيو ته گھران چار آنا وٺي ايمپائر روڊ تان حافظ جي ڪيرم بورڊ واري دڪان تان بنا ضمانت جي سائڪل ملي ويندي ھئي ڇاڪاڻ جو ان دڪان تي شام جو ڪيرم راند وڃي ڏسندا ۽ کيڏندا ھئاسي. شام جو ٺري ڏينھن کانپوءِ سائيڪل ھلائڻ ۾ گھڻو مزو ايندو ھو سائيڪل ھلائڻ دوران راج ڪپور ۽ ديو آنند جي سائيڪل ھلائڻ واري ايڪٽنگ ۽ اسٽائل اختيار ڪندي آواره ھون وارو گانو جھونگارڻ وڏي مست چال جي نشاني ھوندي ھئي، جنھن جي نقالي ھر نوجوان ڪندي نظر ايندو ھو.
راڻي باغ جي ميدان تي سائيڪل ھلائڻ وارن ۾ جعفري محلي امام بارگاھ کان رحمت حسين جعفري سٺا سھڻا ڪپڙا پائي پنھنجي سائيڪل تي شھزادن وانگر ايندو ھو. گڏ سائيڪل ھلائيندا ھئاسي مگر ٻاروتڻ جون ڪھڙيون ڳالھيون ڪجن. ڪنھن کي ڪھڙيون ڳالھيون ياد بيھن ٿيون يا نه. البته ڪمال ٻن خوجن ڀائرن جو ھو جيڪي ميان جي ڳڙھي کان ٻاھر گاھ پڙي واري ميدان کان راڻي باغ ۾ لغڙ اڏائڻ ۽ سائيڪل ھلائڻ ايندا ھئا. ٻئي ڀائر طبعن ڏاڍا ويڙھاڪ ھئا. انھن جي پيءُ جي الحقيقت پرنٽنگ پريس جي ڀرسان اٽي پيھڻ جي مشين ھوندي ھئي. انھن مان ننڍي ڀاءُ سول انجنيئرنگ ڪئي ھئي. ۽ اسي واري ڏھاڪي ۾ ڪراچي ۾ ٺيڪيداري ڪندو هو. سياري جي ڏينھن ۾ فرسٽ فلور تي. ھڪ ڏينھن مون پنھنجي دھلي ڪاليج جي احاطي جي پهرين منزل تي ڪرسيءَ تي ويٺي تڙڪو پئي کاڌم ته اھو منھنجي اڳيان اچي بيٺو ۽ سڃاتائين. لفظ ئي اِھي چيائين ته توھان لاڙڪاڻي جا آھيو. مان توھان کي سڃاڻان ٿو راڻي باغ ۾ توھان ننڍي ھوندي سائيڪل ھلائيندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ڪي ماڻھو پنھنجي غيرمعمولي يادگيري سببان حيران ڪري ويندا آھن.
راڻي باغ جي وسيع ميدان ۾ سٺ واري ڏھاڪي ۾ سرڪس لڳي ھئي. ٽي چار ماڙ تائين اونچو وسيع شاميانو لڳندو ڏسي اسان ٻار حيران پيا ٿيندا ھئاسي. ٻن ٽن ڏينھن جي مسلسل محنت کانپوءِ سرڪس جا ڪارندا مڪمل طور سرڪس جو مانڊاڻ تيار ڪندا ھئا. سرڪس جي ھيوج شامياني کان علاوہ به ننڍا وڏا شاميانا لڳي تيار ٿيندا ھئا. اھڙي سمي ھڪ Zoo به قائم ڪيو ويندو ھو. ائين پئي لڳندو ھو ڄڻ شھر ۾ ھڪ شھر ٻڌجي ويو آھي. سرڪس وارن جا ھڪ پاسي زو ۾ جھنگلي جانور ۽ انمول پکي پڻ رکيل ھئا جن کي ڏسڻ لاءِ ڏينھن جو ٻارن جا ھنبوہ جمع ٿيندا ھئا. سرڪس جي ماحول ۾ ممتاز محل پڻ تيار ڪيو ويندو ھو جنھن ۾ ممتاز بيگم جل پري جي روپ ۾ ويھي پنھنجي هٿ ٺوڪي ڪٿا ڪھاڻي بيان ڪندي ھئي ۽ چرچائي ماڻھن جي سوالن جا جواب ڏيندي ھئي. شينھن ۽ ھاٿي به Zoo ۾ شامل ھوندا ھئا. جن کان سرڪس جا اداڪار ڪم وٺي ڪمال ڏيکاريندا ھئا. انھن جانورن کي ڏسڻ لاءِ سمورو ڏينھن ماڻهن جا ھشام جمع رھندا ھئا. سرڪس جي برپا ٿيل سڄي ميلي جو مزو سج لٿي کانپوءِ لڳندو ھو، جڏھن سرڪس جا شو شروع ٿيندا ھئا. سرڪس وارن وٽ ڪرتب ڏيکارڻ وارا سمارٽ ينگ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڻ ھوندا ھئا جيڪي سرڪس ۾ پبلڪ کي حيران ڪن ڪمالات ڏيکاريندا ھئا جيڪي اڪثر ويل ڊريسڊ رھندا ھئا. شام جو جڏھن ميلي جو سمو برپا ٿيڻ وارو ھوندو ھو ته ڪيترا ڪاروباري ماڻھو ۽ گھورڙا ميدان ۾ اچي رانديڪن جا اسٽال ۽ فروٽ ۽ ٻين شين جون ريڙھيون لڳائيندا ھئا. اسان شام جو ٻي آني جا اڌ پاءُ مڱيرا خريد ڪري وڏو عيش ڪندا ھئاسي. علي گوھرآباد جي ڇوڪرن جو مزو ته سڄو ڏينھن جاري رھندو ھو.
سرڪس وارن جو ھاٿين کي گھمائڻو ضرور ھوندو ھو ۽ انھن کي گاھ به ججھو درڪار ھوندو ھو تنھنڪري سرڪس وارا لوسي ۽ ليسلي نالي ھاٿين کي ٺاري خان کھاوڙ جي باغ ۾ وڏي کوھ جي ڀرسان وڻن جي ڇانو ۾ زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيندا ھئا. جتي ھاٿين لاءِ ڪڙٻ ۽ جھنگلي گاھ سھنجائپ سان مھيا ٿي ويندا هئا. راڻي باغ جي ميدان تي اڳتي ھلي گاھ پڙي قائم ٿي. جيڪا ان کان اڳ مڇي مارڪيٽ اڳيان ھوندي ھئي، جڏھن اتي قبضي مافيا ڪم ڏيکاريو ۽ ميونسپالٽي به پنھنجا دڪان ٺاھيا تنهن کان پوءِ گاهه پڙي اتان ختم ٿي راڻي باغ منتقل ٿي وئي. ان کان اڳ ساڳي ميدان تي مويشي منڊي قائم ٿي چڪي ھئي. جانورن جي پڙي ۽ گاھ پڙي جي ماڻھن کان ميونسپل ٽيڪس اڳاڙيندي ھئي. ڇاڪاڻ جو باغ ۽ ان جي اردگرد واري سموري زمين سرڪاري ۽ ميونسپل جي حدن جي ھئي. مگر جڏھن ڪا سرڪس، ڪارنيوال يا ڪو ميلو ملاکڙو لڳندو ھو ته پڙيون ڪنڊ پاسي ھليون وينديون ھيون. 1964_65ع ڌاري راڻي باغ وٽ ڪارنيوال لڳي جنھن ۾ اسٽيج ڊانس پروگرام لڳايا ويا. ڪارنيوال ۾ جوا بازي جو وڏو ڄار وڇايل ھوندو ھو جنھن ۾ معاملو کٽڻ ھارائڻ جو ھو پر چالبازيون ڪجھ اھڙيون پيچيدہ ۽ مڪارانا ھونديون ھيون جنھن ۾ سادا توڙي سياڻا سڀ لٽجي ويندا ھئا. انهن سرڪسن ۽ ڪارنيوالن جي شهر ۾ ۽ اسٽيج تي مشهوري لاڙڪاڻي جو مشهور ڏندن جو ڊاڪٽر رمضان جمبوري ۽ ڪشنچند بيوس جي جاءِ ۾ رهندڙ شاهه صاحب ڪندو هو ۽ جوا بازي ۾ پڻ ڪارنيوال وارن جا پارٽنر ٿي بيهندا هئا.
ٻارن جي تفريح ۽ دلچسپي لاءِ شھر جا ماڻھو چوڏيلون ۽ چيڪلا ھڻندا ھئا. زو ۾ جانور ھوندا ھئا ڇاڪاڻ ته ڪارنيوال جي ڪمائي جو ذريعو جوا بازي ھوندو ھو. اسان جو انٽرميڊيئيٽ ۾ پڙهڻ جو زمانو ھو. ڪاليجي شاگرد بڻجي چڪا ھئاسي. لٽا بوٽ ڪپڙا سمارٽنيس تيل ڦليل سينٽ پرفيوم جي ھڻ ھڻان ھوندي ھئي ۽ شام جو سنيمائن جا چڪر شڪر به لڳائيندا ھئاسين پر ان زماني ۾ اسان جي سنگت جو ھڪ ٽولو بڻجي چڪو ھو. ان ٽولي ۾ بشير احمد شاد، محمد يوسف شيخ، غلام مصطفي بولاڻي جيڪو سال ٻن کانپوءِ پنھنجي ذات شوق سان مٽائيندو ھو. مولا بخش ڀٽو، غلام سرور شيخ، فضل اللہ تنيو، اللہ بخش شيخ، رسول بخش شيخ، عبدالخالق شيخ، اللہ بخش جوکيو ۽ ٻيا دوست شامل ھئا. پر اسان جي سنگت جي ٽولي جو سرواڻ سڀني جو استاد غلام اللہ شيخ ھوندو ھو. جيڪو گھمائڻ ڪرڻ سان گڏوگڏ اسانجي شحصيت سازي ۽ ڪردار سازي به ڪندو ھو ۽ ان وقت زندگي ۾ جيڪا وک وک کڻڻ لڳاسين تنھن ۾ هو اسانجي رھنمائي ڪندو رھندو ھو.
ڪارنيوال جي جانورن واري سيڪشن ۾ جتي لنگور ۽ ڀولڙا پڃرن ۾ مستيون پيا ڪن سائين غلام اللہ مان ۽ ڪو ٻيو دوست انھن جي حرڪتن مان محضوظ پئي ٿياسين ته ڀر ۾ بيٺل ٻار ڀولڙن کي ڪيلن جون کلون، صوفن جا ٽڪرا ۽ مڱيرا وغيرہ کائڻ لاءِ اڇلائن پيا. اھو رونشو جاري ھو ته سائين غلام اللہ جنھنجي ھٿ ۾ ڪتاب ھو سو ھن ڀولڙي ڏي وڌايو ڀولڙي پنھنجو ھٿ ٻاھر ڪڍيو سائين ڪتاب پاڻ ڏانهن ڇڪيو ته ڀولڙي پنهنجو ھٿ اندر ڪيو. سائين کي لڳو مزو، وري ڀولڙي سان چرچ ڪندي ھن ڏانھن ڪتاب وڌايائين ڀولڙو ايڏو چالاڪ ھو جو سائين اڳيان چالاڪي ڪندي ھٿ ٻاھر ڪڍي اکيون ٻوٽي ويھي رھيو ڄڻ ته سائين ڏانھن ھن جو ڪو توجہ ڪونھي، سائين غلام اللہ ڀولڙي ڏانھن ڪتاب وڌائيندي تقريبن ھن جي ھٿ جي ڀرسان کڻي ويو، ڪمال ڦڙتي سان ڀولڙي پنھنجو ھٿ ڊگهڙي سٽ ڏئي سائين کان ڪتاب کسي ھڪ دم پڃري جي مٿين حصي ۾ کڻي ھليو ويو ۽ مٿي وڃي ڏند ڇيڪيندي عجيب آواز ڪڍي ڪتاب کي ڦاڙيندو ورقن جا ورق ٻاھر اڇلائيندو ويو. سائين حيراني سان ٽڪ ٻڌي رڳو ڀولڙي کي پئي ڏٺو. سائين مون ڏانهن ڏٺو مون کيس چيو ته توھان ھن کي ڪتاب ڇو ڏنو. سائين وراڻيو ته مونکي اهو اندازو ھو ته ڪتاب اندر کڻي نه سگھندو جي کسي به ويو ته وڌ ۾ وڌ ھن جي سٽ سان ڪتاب ھيٺ ڪري پوندو ۽ اسان کڻي وٺنداسي. مگر ايڏانھن ته منھنجو خواب خيال ئي نه ھو ته ھي ڪو ڪتاب کي اھڙي طرح مٿي کڻي وڃي ڦاڙيندو. جيتري قدر ياد اٿم ته اھو ڪتاب انگريزي معروف ناول نويس ھارڊي جو ناول ٽيس ھو. جنھنجو سائين کي ڏاڍو ڏک ٿيو.