آهنگرن جي بستي
منهنجا لکڻ پڙهڻ ۾ حال پورا هئا. آئون پنهنجي ساروڻين ۾ تعليمي معاملي جي باري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه حال احوال اوريندو رهيو آهيان. انسان پنهنجي ڪرمن ۽ نصيبن کي ڪيترو پٽيندو. جيڪڏهن ڪو انسان غريبي ۽ مسڪيني جي ور چڙهيل آهي ته ان ۾ هن جو ڪو به ڏوهه ڪونهي. جيڪي ابتر معاشي حالتون ننڍي ڄمار ۾ والدين کان ورثي ۾ ملن ٿيون تن جو سور انسان کي ڀوڳڻو پوي ٿو. مگر انسان جي وس ۾ هڪ ڳالهه ضرور آهي ته هو پنهنجي رب مان آس اميد نه لاهي پر يقين محڪم رکي پنهنجي رب کي ٻاڏائيندو رهي ۽ پنهنجا عمل نيڪ رکي. انسان جيڪڏهن اهڙي روش ۽ روين جو سهارو وٺي هلندو ته اڄ نه ته سڀاڻي ضرور ڪاميابي ماڻيندو. ڪنهن نه ڪنهن طرح منهنجي دل ۾ اميد جاڳي هئي ته مان پنهنجي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪريان دل ۾ اهڙن ويچارن جي اچڻ کان پوءِ مون پاڙي جي انهن دوستن کان پاسو ڪرڻ شروع ڪيو جن سان سرن ڍوئڻ جي ڪم سان بٺن تي پيو رلندو هوس. يا گهوڙن کي وهنجارڻ محض ان ڪري ويندو هوس ته جيئن اسڪول کان گسائي اسڪول جو ٽائم دفع ڪري سگهان. نون ويچارن جي ڪري هاڻ منهنجو توجهه پاڙي جي انهن شاگردن ڏانهن مرڪوز پئي ٿيندو ويو جيڪي پڙهڻ ۾ ڪاميابيون حاصل ڪري اڳتي وڌي رهيا هئا. سن اڻويهه سئو ايڪهٺ ٻاهٺ واري سيشن جي نائين جماعت جو خير سان بورڊ جو نتيجو ظاهر ٿيو جنهن ۾ رڳو ٻه مضمون مس پاس ڪري سگهيو هوس. اهڙي نتيجي جي ڪري ماءُ ۽ پيءُ جون سموريون اميدون ختم ٿي چڪيون هيون ۽ منهنجي ذهني حالت به نهايت مايوس ڪندڙ هئي. گهر ۾ ٻوسٽ سناٽو خاموشي، ڪجهه ڏينهن ويچاريندو رهيس مگر اهڙي ڪيفيت ۾ ائين پئي محسوس ٿيو ته اهو ٻوسٽ سناٽو ۽ خاموشي منهنجي اندر ۾ هليا ويا آهن. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، اهڙي ڪيفيت ۾ مون پنهنجي سماج کان فرار اختيار ڪرڻ جو سوچيو. ڇاڪاڻ جو انهن حالتن کي آئون ڪهڙي به طرح منهن ڏئي نه ٿي سگهيس.
زندگي ۾ پهريون قدم سنجيدگي سان کڻندي سائين فيض محمد سيال واري مسجد جي پاڙي جي دوستن علي گوهر سومري ۽ بگو انصاري سان لاڙڪاڻي مان فرار اختيار ڪرڻ جو سوچيم. مذڪوره دوست مسجد جا نمازي هوندا هئا ۽ منهنجو انهن تي گهڻو ڀروسو هوندو هئو.وجهه وٺي مون ٻنهن سان پنهنجي دل جي ڳالهه ڪئي ته مان ڪيڏانهن بر منهن ڪرڻ چاهيان ٿو. سياڻا چوندا آهن ته چنڊو چنڊي کي سئو ڪوهه تي ڳولهي لهي. هنن منهنجي اها ڳالهه ٻڌي چيو ته اسان وري هتي ڪهڙو خوش آهيون. جيڪا صلاح تنهنجي اها اسان جي. اسان ٽنهي دوستن جي اهڙي هم آهنگيءَ اسان کي وڃي ڪوئيٽا ڪڍيو. شهر کان فرار ٿيڻ وقت به دل ڪتابن جي ڪجهه ورقن ۾ ڦاسي پئي هئي جو ڪوئيٽا فرار ٿيڻ وقت انگريزي، ميٿميٽڪ ۽ جاگرافي جا ڪتاب ڪپڙن جي ڳنڍ ۾ ٻڌي پاڻ سان گڏ کڻي ويو هوس. ڀاڙو ڀتي ڪري ڪوئيٽا ته پهچي وياسين پر رهڻ گهمڻ ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ پئسي جي ضرورت هئي تنهن ڪري اتي پهچي اچي مون کي فڪر لڳو ته هاڻي پئسا ڪيئن ڪمائبا. منهنجا ٻئي دوست اڳ ۾ هڪ ڀيرو ڪوئيٽا ۾ رهي ڪمائي کائي پي ويا هئا. بگو انصاري لاڙڪاڻي ۾ مڇي مارڪيٽ کان پاڪستان چونڪ ڏانهن ويندڙ روڊ تي لوهي تغارين ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو. ان دوست جي ڪهاڙين ۽ ڏاٽن ٺاهڻ وارن بروهي لوهرن سان دوستي هئي. سو ڪوئيٽا ۾ انهن سان ملڻ بستي آهنگران وياسين. لوهرن جي هي خيمن جي هڪ وڏي بستي هئي. انهن بروهن لوهرن مان ڪن سان علي گوهر سومري ۽ منهنجي پڻ ڄاڻ سڃاڻ هئي. اهي لوهر سخت سردين واري موسو ۾ لاڙڪاڻي ۾ مڇي مارڪيٽ ۽ کچين جي پاڙي اڳيان خالي پلاٽ تي پنهنجا خيما کوڙي ڏاٽا، ڪهاڙيون، ٽڦڻيون ۽ چهريون وغيره ٺاهي پنهنجو روزگار ڪندا هئا. بهرحال لوهر غريب ضرور هئا مگر هئا وڏي دل وارا. هنن اسان ٽنهي کي پاڻ وٽ نه رڳو رهايو پر دل سان مهمانداري ڪندي پنهنجو هڪڙو خيمو خالي ڪري ان ۾ سٺيون فراسيون وڇائي اسان کي ڏنيون ۽ اسان جي خاطر مدار دل سان ڪيائون. رات جي ماني کائي اوڙي پاڙي جو چڪر لڳائي اچي فراسين تي سمهي رهياسين. فجر جو سوير آهنگرن جي بستي ۾ لوهه ڪٽڻ جو ڪم شروع ٿي ويو اهڙي زبردست قسم جي ڪٽ ڪٽان ۾ اسان جي ننڊ ڪافور ٿي وئي. ڪجهه دير ۾ چانهه ماني جي نيرن ڪري اسان لوهر دستن جي اجازت سان ڪوئيٽا شهر گهمڻ لاءِ نڪري وياسين. منجهند جي ماني ٻاهر ڳلي ڪوچي جي هوٽل تي کاڌيسين. هڪ ٻه ڏينهن اهڙي طرح گذريا ٽين ڏينهن منهنجا دوست پنهنجي پنهنجي ڪمن سان لڳا. بگو انصاري لوهه ڪٽڻ شروع ڪيو. علي گوهر سومرو ڀر واري ڪالوني ۾ ڌوٻي گهاٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ هليو ويو. ڏينهن جا يارهن کن ٿيا ته مون واري دوست اعظم علي لوهر چيو ته جي تون چاهين ته مان پنهنجي هوٽل واري دوست بيري کي چوان ته تنهنجي لاءِ هوٽل ۾ بيراگري لاءِ ڪو ڪم ڳولهي. هتي ته سوائي ڪم ڪرڻ جي ٻي ڪا واٽ ئي ڪا نه هئي. سو ٻئي ڏينهن مان به شهر جي هڪ هوٽل تي ٽيبل صاف ڪرڻ جي ڪم سان لڳي ويس. هوٽل تي سڄو ڏينهن ڪم ڪندي گذري ويندو هو. دوستن سان سج لٿي کان پوءِ خيمي ۾ ملاقات ٿيندي هئي. خيمي جي ڊريگهه ۽ ويڪر ايتري هئي جو رڳو ٽن ماڻهن جي سمهڻ جي جاءِ مشڪل سان ٿيندي هئي. خيمي ۾ روشني لاءِ شيشي وارو ليمپ هئو جيڪو خيمي جي وچ واري ڏنڊي ۾ لڳل ڪلي تي ٽنگي رکندا هئاسين. رات جي خاموشي ۾ جيستائين ننڊ اچي تيستائين مان ليمپ جي ٻرندڙ وٽ کي پيو تڪيندو رهندو هوس جيڪا آهستي آهستي هيڏي هوڏي پئي پنهنجو ڪنڌ لوڏيندي رهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن رات جي ڪنهن خاموش پهر ۾ پاڻ سان آندل ڪتابن کي ڪڍي اٿلائي پٿلائي ڏسندو هوس. ان سمي ائين لڳندو هو ڄڻ مان انهن ورقن ۾ ڪنهن وڃايل شئي کي تلاش ڪري رهيو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن اهو به احساس ٿيندو هو ته جيڪڏهن هنن ڪتابن سان سچائي ڪيان ها ۽ اسڪول کي صحيح معنيٰ ۾ برابر وقت ڏيان ها ته هيئن آهنگرن جي خيما بستي ۾ فراسي تي نه ستو پيو هجان ها.
ڪوئيٽا جي شهر ۾ ٽي مهينا سخت محنت ڪندي گذري ويا ان وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڀاءُ ڀيڻ، ۽ پيءُ ماءُ جي ياد ستائڻ لڳندي هئي. هوٽل ۾ پهريون مان چانهن پيئڻ واريون ٽيبلون صاف ڪندو هوس. ٻه ٽي ڏينهن ٿيا هئا جو هڪ ٻيو رولاڪ ڇوڪرو هوٽل تي اچي بيراگري جي ڪم سان لڳو هو. تنهن ڪري مون کي ٽيبل جي ڪم کان هٽائي هوٽل جي بيڪ يارڊ ۾ کير جي وڏن ٻاٽلن کي مانجڻ جي ڪم تي لڳايو ويو. اهڙي سخت ڪم جي ڪري مون کي هڪ ٻه ڏينهن بخار آيو. جيڪو ساريڊان ٽيبليٽ کائڻ سان ٺيڪ ٿي ويو. منهنجي وياڪل وياڪل حالت ڏسي لوهرن جي عورتن ۽ مردن منهنجي دوستن کي صلاح ڏني ته توهان پنهنجي دوست کي وڃي ڳوٺان گهمائي اچو. منهنجن دوستن به منهنجي غم کي محسوس ڪيو هو تنهن ڪري لوهر دوستن جي صلاح تي هنن لاڙڪاڻي موٽڻ جو فيصلو ڪيو. دوستن جو خيال هو ته گهر وارن جي لاءِ ڪا سوکڙي پاکڙي وٺي هلجي. ٻن ڏينهن ۾ اسان جي تياري مڪمل ٿي. گهر وارن لاءِ پنهنجي ڪمائي مان مون سير کن ساون بادامين جو ۽ سير خشڪ توتن جو خريد ڪيو. هڪ ڏينهن اسان خير سان اچي پنهنجي گهر پهتاسين. صبح ڪا بهولا شام ڪو گهر لوٽ آيا. سياڻا چوندا آهن ته هر انسان جي زندگي ۾ ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ٽرننگ پوائنٽ ايندي آ. سو اها ٽن سوا ٽن مهينن جي وطن کان دوري ۽ سخت پورهئي ۽ مشقت دماغ جا ڍلا پيچ ٽائٽ ڪري ڇڏيا، پاڙي جي پڙهاڪو دوستن جن کان اڳ آئون متاثر ٿي چڪو هوس. تن سان دوستي رکڻ پڙهڻ ۾ مدد وٺڻ جو ارادو ڪندي مون بشير احمد پٺاڻ سان ملاقات ڪئي ۽ کيس عرض ڪيم ته توهان مون کي پنهنجو دوست بڻايو ۽ مون کي ٽيوشن پڙهايو ته جيئن مان امتحان ۾ پاس ٿي سگهان. منهنجي اهڙي دليري ڏسي هن وراڻيو ته مان ٽيوشن پڙهائيدو ته ناهيان البته پڙهڻ ۾ مان تنهنجي مدد ضرور ڪندس ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ مان توکي جواب ڏيندس. بشير احمد پٺاڻ محنتي سليقي وارو ۽ پيارو ماڻهو. جنهن زماني ۾ رُلي ڌڪ کائي مشقت جي بٺي مان پچي مان ٻاهر نڪتس ته منهنجي دماغ جون بتيون به روشن ٿي ويون هيون بشير احمد به دل و جان سان محنت ڪرائي انگريزي ۽ ميٿميٽڪ ۾ مون کي ڀڙ ڪري ڇڏيو. مون نائين ۽ ڏهين جماعت جا پيپر گڏي ڏنا ۽ مڙني پيپرن ۾ نه رڳو پاس ٿيم بلڪ ميٽرڪ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيم ۽ جاگرافي جي پيپر ۾ ڊسٽنگشن پوزيشن پڻ آئي.